سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1980 (3 ۽ 4)

 

صفحو :21

سيد اظهر گيلاني

امام الانبياء ﷺ جو اخلاق 

 

اخلاق لغوي حيثيت سان خلق جو جمع آهي، خلق ان راسخه نفسايه جو نالو آهي، جنهن جي طفيل خلق جي صاحب جا افعال و اعمال سهولت سان صادر ٿيندا آهن. هي ڪلي منزل جي هڪ جنس آهي، ان جا ٻه نمايان قسم آهن.(1)خلق حسن(2) خلق سيء. انهن مان هر هڪ بڪثرت انواع تي مشتمل آهي. هر خلق حسن جي مقابله ۾ خلق بد به  ٿئي ٿو، مثلاً سخاوت جي مقابلي ۾ بخل، شجاعت جي مقابلي ۾ بزدلي، نيڪي جي مقابلي ۾ بدي وغيره.

صداقت تي شاهد، صداقت نبي جي.

فضيلت تي مهر آه، فضيلت نبي جي.

اخلاق حسنه جو تذڪرو

محمد ﷺ جن اخلاق حسن جا سر چشمه ۽ جمله ستوده فعال جا مصدر ۽ مرجع هئا. هن ڏس ۾ علم جي دامن ناقص، وسعت قلم قاصر، ڪلڪ انهن جي اخلاق حميده جي قرطاس تي، تصوير ڪشي ڪيئن ٿي ڪري سگهي؟

سبحان زماني کي، ارواح جي عالم ۾،

تصوير ٿي تڙپائي ۽ طرز سخن ان جي،

آنحضرت ﷺ جن محبوب خدا، ختم الانبيا، شافع روز جزا، باعث دنيا و عقبيٰ، مالڪ ارض و سما:- رشڪ عيسيٰ، رشڪ موسيٰ، باعث دنيا، وارث عقبيٰ، آهي يڪتا، شافع محشر ﷺ.

امڪان جي عالم ۾ هر حڪيم کان حڪيم تر، هر دانا کان دانا تر، هر عدالت شعار کان زياده عادل، هر رحيم ۽ مهربان کان وڌيڪ رحيم، بلڪه مجسمه حڪمت و دانش، عادل و سراپا رحمت هئا:-

نور مجسم، رحمت يزدان،

دهر جو سرور شافع محشر.

دنيا کان نفرت

صحيح مسلم ۾ لکيل آهي، هڪ ماڻهو حضور ﷺ جن جي ڪچهري ۾ داخل ٿي ڏٺو ته آنحضرت ﷺ جن تڏي تي، سر جي هيٺيان کجي جو وهاڻو رکي سمهيا پيا هئا. سندن چهره انور ۽ جسم اطهر تي تڏي ۽ وهاڻي جا نشان موجود هئا. هٿ جوڙي عرض ڪيائين. حضرت، عجم ۽ روم جا بادشاهه ريشم ۽ اطلس جي سينگاريل سيجن تي سمهندا آهن، اوهان ٻن جهانن جا سردار اهڙيءَ حالت ۾ ڇو سمهيا پيا آهيون؟

پاڻ فرمايائون:”حالانڪ هو ريشمي سيجن تي سمهندا آهن، مگر رب العزت جي دربار ۾ آءٌ باعزت ۽ گرامي تر آهيان. رهي دنيا، دنيا سان منهنجو ڪهڙو ڪم؟“

دراصل انسان جو مثال ائين آهي، جيئن ڪو سوار سفر جي عالم ۾ هڪ وڻ وٽان گذر ڪري، ۽ ان وڻ جي پاڇي ۾ جهٽ سوا آرام ڪرڻ لاءِ لهي، جئن پاڇو لڙي هڪدم اُٿي سامان ٻڌي، وڻ کي خيرباد چئي روانو ٿي وڃي.

امام باقر کان روايت آهي ته آنحضرت ﷺ جن مهد کان لحد تائين سانده ٽي ڏينهن پيٽ ڀري ڪڻڪ جي ماني نه کاڌي هئي، جيڪڏهن چاهين ها ته اعليٰ قسم جو کاڌو به کائي ٿي سگهيا، مگر ڪوشش ڪري لذيذ طعام نه واپرائيندا هئا. ٽي ڀيرا جبريل امين ”گنج هائي زمين“ جون ڪنجون کڻي سندن خدمت با برڪت ۾ پيش ٿيو، حق جي طرفان اهو پيغام به ڏنائين،”جيڪڏهن اوهان جو ارادو هجي ته روئي زمين جي ظاهري بادشاهي به اوهان جي حوالي ڪئي وڃي، ۽ آخرت جي ثواب ۾ به ڪمي ڪا نه ايندي.“ ليڪن حضرت ﷺ جن ”گنج هائي زمين“ جون چاٻيون قبول نه ڪيون.

زمانه منهنجي اڳيان مال و رز کي پيش ڪيو”اظهر“

مگر مون فائدو پنهنجو ڏٺو انڪار و نفرت ۾

خنده روي

آنحضرت جن جي کل جو اُچو آواز نه ٻڌو ويو هو، صرف مشڪندا هئا، جيڪڏهن ڪو انسان اڍنگي روش اختيار ڪندو هو ته ان جو مقابلو حسن سلوڪ ۽ خنده پيشاني سان ڪندا هئا. امام جعفر صادق رضه کان روايت آهي ته ”هڪ سائل دربار رسالت ۾ حاضر ٿي، بخشش جو عرض ڪيو.“ پاڻ فرمايائون ”اڄ ڪو ماڻهو مون کي قرض ڏيندو.“ هڪ انصاري جهڪي عرض ڪيو بنده حاضر آهي، پاڻ فرمايائون ته”سائل کي چار وسق خرمو ڏي“.

ڪجهه وقت کانپوءِ انصاري خدمت ۾ حاضر ٿي، فرض جي تقاضا ڪئي.

حضور ﷺ جن فرمايو”انشاءَ الله ملڻ تي اوهان کي ملي ويندو.“ اهڙي طرح هو ٽي دفعا آيو ۽ ساڳيو جواب مليس، پوئين ڀيري انصاري عرض ڪيو ته يا رسول الله اوهان هر ڀيري ساڳيو الفاظ دهرائيندا آهيو، ڇا سبب آهي؟

پاڻ مشڪندي فرمايائون ته اڄ ڪهڙو شخص مون کي قرض ڏيندو؟ هڪ ماڻهو ڪچهري مان اٿي بيٺو. حضور ﷺ جن حڪم ڏنس ته ”هن کي اٺ وسق خرمو ڏي“ انصاري عرض ڪيو”آقا، اوهان جي حڪم تي مون چار وسق خرمو ڏٺو هو.“ حضور ﷺ جن فرمايو”مون چار اوهان کي انعام طور ڏنو.“

نيڪي ڪرڻ جڳائي، ان جي بدي جي بدلي،

قتل عدو جي قابل، شمشير آه احسان.

تواضع ۽ انڪساري

آنحضرت ﷺ جن معصومين ڪريمين جا سرتاج ۽ هر گناه کان پاڪ هئا:-

ٺهي ٿو واه جو سر تنهنجي تي اي سرور تاج

سڏن ٿا توکي حسينان دهر سڀ سرتاج

انهيءَ هوندي به هر روز ستر دفعا توبه ڪندا ۽ اتوب الي الله فرمائيندا هئا. سلام ڏيڻ ۽ هٿ ملائڻ ۾ به تڪڙ ڪندا هئا، يتيمن سان پيار، غريبن سان همدردي ۽ مسڪينن جي مدد ڪندا رهندا هئا.

هڪ ماڻهو دربار رسالت ۾ حاضر ٿي ڏهه درهم هديه پيش ڪرڻ جو شرف حاصل ڪيو، ان وقت حضور ﷺ جن جو پهراڻ ڦاٽل هو. حضرت علي ڏانهن نهاري فرمايائون”اي علي، منهنجي لاءِ بازار مان پهراڻ خريد ڪري اچ.“ اميرالمومنين فرمائن ٿا ته ”آءٌ بازار مان ڏهين درهمين پهراڻ خريد ڪري آيس، حضور ﷺ جن ڏسي فرمايو“ مون کي انهيءَ کان سادو ۽ گهٽ قيمت وارو پهراڻ گهرجي. دڪاندار واپس نه وٺندو ڇا؟ ”مون عرض ڪيو ته شايد هو واپس ڪرڻ تي راضي ٿئي. آءٌ دڪاندار وٽ ويس هن اها رقم واپس ڪئي. آنحضرت ﷺ جن مون سان بازار ڏانهن گڏجي هليا. رستي ۾ هڪ امير جي نوڪرياڻي روئي رهي هئي. حضور ﷺ جن شفقت سان پڇيس ته تنهنجي رئڻ جو ڇا سبب آهي؟ ڪنيز عرض ڪيو مون کي گهر جي مالڪن سودي جي لاءِ چار درهم ڏنا هئا، اهي رستي ۾ گم ٿي ويا آهن. آنحضرت جن ڪنيز کي چار درهم ڏئي، هدايت ڪئي ته بازار مان سودو وٺي فوراً گهر وڃ.

حضرت ﷺ جن چار درهم ڏئي، بازار مان پهراڻ خريد ڪيو، واپس ورڻ تي هڪ انگ اگهاڙو انسان بلند آواز سان چئي رهيو هو ته اڄ جيڪو ماڻهو مون کي پهراڻ پارائيندو، خدا پاڪ ان کي بهشتي وڳي سان نوازيندو.“

حضور ﷺ جن پهراڻ ان جي حوالي ڪيو. دوباره بازار پهچي چئن درهمن ۾ ٻيو پهراڻ خريد ڪيو. جيئن جو واپس ورياسو، رستي ۾ ساڳي نوڪرياڻي نظر آئي. آنحضرت جن پڇيس ته”تون اڃا تائين اتي ڇو ويٺي آهين؟“هن عرض ڪيو، دير ٿي وئي آهي، مار جي ڊپ کان گهر نه ٿي وڃان.

آنحضرت ﷺ جن ان سان گڏجي سندس گهر جي دروازي تي پهچي ٻه دفعه فرمايو”السلام عليڪم يا اهل البيت“ اندران ڪو به جواب نه آيو. آخرڪار ٽين دفعه آواز ٻڌڻ ۾ آيو. عليڪم السلام يا رسول الله و رحمة الله وبرڪاتہ، حضرت جن فرمايو”پهريون ڀيرو اوهان سلام جو جواب ڇو نه ڏٺو هو؟“ گهر جي مالڪن نهايت عجز سان عرض ڪيو اسان جي دل ٿي گهريو ته اوهان ڪثرت سان سلام ڏيو، جيئن ڪثرت سان اسانجي مٿان مهر ۽ برڪت جي برسات وسندي رهي. آنحضرت ﷺ جن ڪنيز جي دير سان اچڻ جي معافي گهري. انهن دست بسته ٿي عرض ڪيو ”يا رسول الله ﷺ اوهان جي تشريف وٺي اچڻ تي هن ڪنيز کي هميشہ لاءِ آزاد ڪيو ويو. حضور ﷺ جن فرمايو“ الحمد لله مون پنهنجي زندگي ۾ اهڙا برڪت ڀريا 12 درهم نه ڏٺا آهن، جن جي وسيلي ٻه اگهاڙا ڍڪجن، ۽ هڪ بندو آزاد ٿي وڃي.“

ڇڏ تعلي کي اي انسان ڪر تواضع اختيار،

رتبه مسجد جو مناري جو آ گهٽ، محراب کان.

آهين رسول حق جو، تاثير آ دعا ۾،

لله مونکي قبله هر دم دعا ڪندو رهه.

سخاوت:

آنحضرت ﷺ جن جي سخاوت جا هزارها مثال موجود آهن. پاڻ ﷺ هر ضرورت مند جي ضرورت پوري ڪندا، انيڪ مال ڏيندا، سوالين کي سوين اُٺ بخشي ڇڏيندا هئا. الغرض در حضور ﷺ تي جيڪو به آيو، مرادن جون جهوليون ڀري روانو ٿيو. سندن سخاوت جو معيار ايترو بلند ۽ بالا هو ڪڏهن به وٽن زر و مال نه رهيو. جيڪڏهن هديه وغيره جي ذريعي گهڻو مال ملي ويندو هو، ايتري تائين چين سان نه وهندا هئا، جيتري تائين اهو ضرورت مندن ۾ تقسيم نه ٿي وڃي. پاڻ صدقات وٺڻ ۽ ذخيره گڏ ڪرڻ جي سخت خلاف هئا، سوالي جي سوال پوري ڪرڻ ۾ ڍر ۽ سستي کان ڪم وٺڻ، اڄ سڀاڻي ڪرڻ، دلاسو ڏيڻ، بي پرواهه ٿي هلڻ پسند نه ڪندا هئا. نه هجڻ جي حالت ۾ فرمائيندا هئا ته ميسر ٿيڻ تي ڏيندس.

سخي وٽ زر هجي ۽ ڪين ڏي، هي غير ممڪن آ،

ڪٿي مٺ کي رکي ٿو بند، جيتر هٿ کليل آهي؟

رهڻي ڪهڻي ۽ حسن سلوڪ

آنحضرت ﷺ جن زمين تي وهندا، سمهندا ۽ طعام تناول فرمائيندا هئا. فقيرن، مسڪينن سان گڏ ويهڻ ۾ فخر محسوس ڪندا هئا. خرمو کير يا پاڻي سان واپرائيندا هئا. ڪدو ۽ گدرو پسند ڪندا هئا. خود شڪار نه ڪندا هئا، مگر شڪار جو گوشت کائيندا هئا پنهنجي مبارڪ هٿن سان ڪپڙن کي پيوند لڳائيندا ۽ نعلين کي چتيون هڻندا هئا. خانئه اقدس جو در هٿ سان کوليندا ۽ بند ڪندا هئا. ٻڪرين ۽ اُٺڙين جو کير ڏهڻ، اُٺن کي هٿ سان نيل هڻڻ، گهرو ڪم ۾ حصو وٺڻ، نوڪر سان گڏ برابر ڪم ڪرڻ ضروري سمجهندا هئا. نماز جو وضو پنهنجي مبارڪ هٿن سان ڪندا هئا. ڪچهري ۾ بغير وهاڻي ۽ ٽيڪ جي وهندا هئا. کاڌو ايترو ڪڍندا هئا جيتري ضرورت سمجهندا هئا. ڪڏهن به اوڳرائي نه ڏنائون. جيڪو به ماڻهو دعوت ڏيندو هو وقت جي پابندي سان ان وقت پهچي ويندا هئا. جيڪا به چيز اڳيان ايندي هين بسم الله ڪري کائيندا هئا. ان تي ڪا به ٽيڪا ٽپڻي ڪا نه ٿيندي هئي، بک جي شدت سبب ڪڏهن پيٽ سان پٿر به ٻڌڻا پوندا هين. اڇا ۽ ٿلها ڪپڙا پائيندا هئا، يمني چادر ۽ نازڪ ۽ نفيس هوندي هئي، هرگز استعمال نه ڪيائون. ڪلهن تي سفيد چادر يا ڪاري ڪملي هوندي هين.

خدا ۽ محمد جو آ نور واحد،

ڪٿي تون خدا کان جدا ڪملي وارا؟

سر تي دستار مبارڪ، جسم تي پهراڻ، هيٺ پاجامه پائيندا هئا. پاجامو پائڻ وقت سڄي پاسي کان ابتدا ڪندا هئا. هڪ قيمتي لباس به هوندو هين. اهو جمع جي ڏينهن پائيندا هئا ۽ نماز پڙهائيندا هئا. سفر يا گهر ۾ هڪ سفيد چادر هوندي هين، ان کي ٻيڻو ڪري، مٿان تشريف رکندا هئا. اها آئي وئي لاءِ به ڪتب آڻيندا هئا. بدبو کان نفرت، خوشبو کي پسند فرمائيندا هئا. آنحضرت جن اُٺ، گهوڙي ۽ گڏهه جي سواري ڪئي آهي. بغير زين يا پلاڻ جي به سواري فرمائيندا هئا. سواري تي خادم کي به ٻيلهه کڻندا هئا. پيادل، پيرين اگهاڙي هلڻ ۾ به ن ڪيٻائيندا هئا.

عالمن، اديبن ۽ شاعرن کي عزت ڏيندا هئا. مهمان جي خدمت ڪندا ۽ ان کي سيرانڌي جي پاسي کان وهارڻ جي ڪوشش  ڪندا هئا. حق چوڻ ۾ ڪڏهن به دريغ نه ڪيائون. ڀلي ٻڌڻ وارو راضي رهي  يا ناراض، ان جي پرواهه نه ڪندا هئا.

حق چوڻ کان ڪين هٽبو، حق پرستي آ اصول

راة حق ۾ سر ڏيڻ واري کي چئبو آ شهيد.

حاصل ڪلام

آنحضرت ﷺ جن جي مثالي ۽ سبق آموز زندگي اسان جي لاءِ مشعل راه آهي. سندن رهڻي ۽ ڪهڻي، ادب ۽ اخلاق، لطف ۽ ڪرم، معافي ۽ مروت، صبر ۽ تحمل، اراده جي پختگي ۽ توڪل بر خدا، سادگي ۽ صداقت، فقر ۽ فاقه، فرض شناسي ۽ ديانتداري، وقت جو قدر ۽ وعده وفائي، عنايت ۽ سخاوت، ايثار ۽ قرباني، مساوات ۽ محبت، عبادت ۽ رياضت، صرفه ۽ قناعت، حق گوئي ۽ حق پرستي، دليري ۽ شجاعت، همت ۽ بي باڪي، بردباري ۽ حيا وغيره.

بَرن سان به جيڪو ڪري ٿو ڀلائي،

مونکي فخر آهي، انهيءَ مهربان تي.

آنحضرت ﷺ جي سيرت ۽ عملي زندگي جي ڪهڙي تعريف ڪجي؟ اسان کي اُنهن جي اخلاق جي وسعت ۽ آثار جي نمايان نقش تي هلڻ گهرجي، ان جي تقليد ڪرڻ ۾ فخر سان گڏ دنيا ۽ عقبيٰ جي بهتري ۽ ڀلائي آهي.

رهبرِ عالمين، مرسل آ،

خضر پارن  جو انتظار نه ڪر.

*

۽ فضول خرچي نه ڪريو، ڇو ته فضول خرچي ڪرڻ وارن کي الله پسند نه ٿو ڪري(القرآن)

*

ماءُ ۽ پيءُ سان (سٺو)سلوڪ ڪندا رهو ۽ رشته دارن يتيمن ۽ محتاجن سان(به) ۽ ماڻهن سان سهڻي نموني(نرمي سان) ڳالهايو ۽ نماز پڙهندا ۽ زڪوات ڏيندا رهو(القرآن)

 

 

محمد جي ابڙو

رسول ﷺ جي محبت ايمان جو لازمي حصو

 

اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته عام طور دنيا ۾ ٻه شيون آهن، جي محبت جي جذبي کي اڀارينديون آهن، جن مان هڪ احسان ۽ ٻيو صفتن جو ڪمال آهي. جيڪو شخص اسان تي احسان ڪندو رهي ته ان سان محبت ڪرڻ تي اسين مجبور هوندا آهيون ۽ اسان جي دل ۾ ان لاءِ شڪر جو جذبو پڻ موجود هوندو آهي. اهڙي طرح جنهن شخص ۾ ظاهري ۽ باطني خوبيون هجن ۽ ان سان گڏو گڏ سهڻي صورت ۽ سيرت رکندڙ هجي ته ان جي طرف اسان جي دل جولاڙو ٿيندو. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته ان سان به محبت ڪرڻ لڳندا آهيون. ان نقطئه نظر کان مومن جي حقيقي محبت جو مرڪز الله تعاليٰ آهي ۽ اسان کي سڀ کان وڌيڪ محبت ان سان هئڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته انسان وٽ جيڪي ڪجهه آهي سو الله پاڪ جي فضل ۽ ڪرم جو نتيجو ۽ رب العالمين سڀني سهڻين صفتن، هر قسم جي ڪمال ۽ هر طرح جي حسن و جمال جو اصل بنياد آهي.

اهو ئي سبب آهي جو هڪ مومن جيڪو الله پاڪ جي احسانن کي ڄاڻي ٿو ۽ ان جي”اسمائي حسنيٰ“ جو علم رکي ٿو، سو سڀ کان وڌيڪ الله سان محبت ڪري ٿو. جيئن قرآن ڪريم ۾ ارشاد آهي ته،

”ايمان وارا الله سان ئي محبت ڪن ٿا.“

اهڙي طرح هڪ مومن الله پاڪ کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ محبت رسول الله سان ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته هو ڄاڻي ٿو. ته دنيا جي سڀني نعمتن کان وڏي نعمت اها آهي ته انسان کي دنيا جي نعمتن ۽ دنيا جي زندگي جو صحيح  استعمال معلوم ٿئي ۽ ان سان گڏو گڏ آخرت جي دائمي ۽ بي پايان نعمتن جي حاصل ڪرڻ جو طريقو معلوم ٿئي، اها نعمت جنهن عظيم هستي جي ذريعي سڀني انسانن کي حاصل ٿئي ٿي، سو الله جو رسول آهي، ان ڪري الله جو پيارو رسول، الله کان پوءِ انسان لاءِ محسن اعظم  ٿئي ٿو. سچ پچ ته هڪ مومن جي دل هميشہ رسول جي محبت ۾ سرشار رهي ٿي ڇاڪاڻ ته کيس اها پروڙ آهي ته ڪيئن نه الله جي رسول ان عظيم ترين رحمت ۽ نعمت کي نادان انسانن تائين پهچائڻ لاءِ تڪليفون سٺيون ۽ جن انسانن کي الله جو رسول نعمتن سان مالا مال ڪرڻ ۽ الله جي رحمت ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ لاءِ چوي ٿو سي انسان ان جا ازلي دشمن ٿي وڃن ٿا- مگر الله جو پيارو رسول جيڪو رحمت للعالمين آهي سو انهن دشمنين ۽ مخالفتن جي باوجود پنهنجي دشمنن کي ان عظيم نعمتن حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳو رهي ٿو ۽ پنهنجي سموري عمر ان ۾ صرف ڪري ٿو ۽ الله کانسواءِ ٻي ڪنهن کان ان جي اجوري جو طلبگار نه آهي. اهڙو محسن اسين ڪٿان حاصل ڪري سگهون ٿا ۽ اهڙي پاڪ هستي سان محبت ڪرڻ کانسواءِ اسين ڪيئن جيئرا رهي سگهون ٿا؟

ساڳي طرح هڪ مومن جڏهن اهو خيال ڪري ٿو ته الله جي آخري رسول ﷺ  جي ذريعي اسان کي جيڪا شريعت ملي آهي، آخري، مڪمل، دائم  ۽ محفوظ آهي ۽ اسان سان ان جي محفوظ رهڻ جو وعدو ڪيو ويو آهي ۽ سندس عملي تشريح لاءِ حضور اڪرم ﷺ جي سيرت پاڪ محفوظ شڪل ۾ موجود آهي. هونءَ به جڏهن الله جي رسول جي سيرت کي ڏسجي ٿو ته ان جو هر گوشو ۽ هر پهلو ڪمال جي آخري درجي تي آهي ۽ رسول جي زندگي هر رخ حسن و جمال ۽ خوبيءَ جي ڪمال سان اهڙي نموني سان سامهون اچي ٿو جو رسول جي حياتيءَ کي انسانيت جي ڪمال جو آخري ۽ مڪمل نمونو تسليم ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي.

هڪ مومن يقين رکي ٿو ته الله سندس حقيقي محسن ۽ پالڻهار آهي، رحمان ۽ رحيم آهي، رئوف ۽ ودود آهي ۽ سمورين صفتن جو سرچشمو آهي- اهڙيءَ ريت الله جو آخري رسول جناب محمد مصطفيٰﷺ پڻ الله کان پوءِ سندس وڏو محسن آهي ۽ اهو پڻ رئوف و رحيم سان گڏوگڏ انسانيت جو اعليٰ ترين نمونو ۽ ڪمال و جمال جي صفتن جو بهترين روپ آهي. ان سلسلي ۾ سورة احزاب ۾ ارشاد ربانيءَ جو مطلب آهي ته:

”نبي سڳورو ايمان وارن سان پنهنجي جي هستيءَ کان به وڌيڪ قريبي تعلق رکي ٿو“ ساڳي طرح سورة التوبة ۾ خداوند قدوس جي فرمان جو مطلب آهي ته:

”بيشڪ اوهان وٽ اوهان مان هڪ اهڙو رسول آيو آهي جنهن کي اوهان جو تڪليف ۾ ڦاسڻ ڏکوئيندڙ آهي، اوهان جي ڀلائي جي خواهش، اٿس ايمان وارن تي گهڻي شفقت ڪندڙ نهايت ٻاجهارو آهي.“

انهيءَ مان اسان ڏٺو ته هڪ مومن کي سڀ کان وڌيڪ الله سان ۽ ان کان پوءِ رسول ڪريم ﷺ سان محبت ڪرڻ گهرجي ۽ سڀني محبتن کي رسول الله ﷺ جي محبت مٿان قربان ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي.

بخاري ۽ مسلم ۾ حضور اڪرم ﷺ جن جي فرمان جو مطلب آهي ته ”توهان مان ڪو به قرآن ڪريم ۽ حديث شريف جي انهن ارشادن مان جتي اها ڳاله واضح ٿئي ته رسول ﷺ جي محبت ايمان جي بنيادي تقاضا آهي اتي اها به خبر پوي ٿي ته ان محبت جو نتيجو ڪهڙو آهي- ان سلسلي ۾ اها مڃيل حقيقت ته محبت جو مرڪز دل آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن جي دل ۾ محبت گهر ڪري وڃي ٿي ته ان جي سڄي زندگي ان رنگ ۾ رنگجي وڃي ٿي. ان طرح سان رسول ﷺ جي محبت جو لازمي نتيجو اهو آهي ته انسان پنهنجي سمورين محبوب ۽ دل پسند شين کي رسول جي خوشيءَ تي نثار ڪري ڇڏي ٿو ۽ رسول ﷺ جي حڪمن جي پيروي فقط فرض سمجهي نه ٿو ڪري مگر محبت جي مستيءَ ۽ جنون وچان ڪري ٿو. اهڙي حالت ۾ سندس سينو سنت جي تابعداري سان ڀرپور رهي ٿو ۽ ان جي دل رسول ﷺ جي اطاعت سان ٽمٽار رهي ٿي. کيس فقط هڪ ڌن هوندي آهي ته کانئس محبوب رسول راضي هجي  ۽ اهو ئي فڪر تڙپائيندو رهندو ته پياري رسول ﷺ جي هڪ اشاري تي پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏي. اهائي خدا ۽ رسول ﷺ سان سچي محبت آهي، جيڪڏهن محبت جو اهو اثر ظاهري نه ٿئي ته محبت جي دعويٰ غلط آهي. ان جي تائيد ۾ سورة آل عمران ۾ ارشاد رباني ته:

”(اي رسول چئو ته جيڪڏهن اوهين الله سان محبت رکو ٿا ته منهن جي تابعداري ڪريو ته الله اوهان سان محبت ڪندو ۽ اوهان کي اوهان جا گناهه معاف ڪندو- ۽ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي-(اي رسول!) چئو ته الله ۽ رسول ﷺ جي تابعداري ڪريو.“

رسول ﷺ جي محبت جو ٻيو روپ اهو آهي ته مومن کي سيرت پاڪ جو هر گوشو محبوب هجي ۽ کيس هر وقت اها جستجو هجي ته رسول ﷺ ڪهڙو پيغام آندو هو ۽ سندس زندگي پاڪ جا مختلف پهلو ڪيئن گذريا- ان جي نظر ۾ رسول جي شخصيت بهترين هستي هجي، رسول ﷺ جي هر قول ۽ فعل لاءِ سندس دل ۾ جاءِ هجي، هر ننڍي توڙي وڏي ڪم ۾ رسول پاڪ ﷺ جي سهڻي طريقي جي تلاش ۾ هجي جڏهن کيس اسوه حسنه ملي وڃي ته بنا چون چرا جي ان جي آڏو سر تسليم خم ڪري ۽ ان جي تقليد يا اتباع جي ڪري کيس وقتي طور ڪن تڪليفن يا پريشانين کي منهن ڏيڻو پوي ته اهي خنده پيشانيءَ سان سهي ۽ محبت جي اصل تقاضا پوري ڪري جيئن سورة احزاب جي هڪ آيت جو مطلب آهي ته،

”(اي مسلمانو!) بيشڪ اوهان لاءِ (يعني) جيڪو الله(جي ثواب) ۽ قيامت جي ڏينهن جي اميد رکي ٿو ۽ الله کي گهڻو ياد ڪري ٿو تنهن لاءِ الله جي رسول(جي طريقي) ۾ علمي پيروي آهي.)“

اها سورة خندق جي جنگ جهڙي صبر آزما معرڪي کان پوءِ نازل ٿي هئي ۽ ان ۾ وڏي تفصيل سان ٻڌايو ويو آهي ته ڪهڙي طرح سان هڪ مومن انتهائي نازڪ حالت ۾ به رسول ﷺ جي محبت جو حق ادا ڪري ٿو ۽ جان کي جوکي ۾ وجهي رسول ﷺ سان محبت جو ثبوت ڏي ٿو.

رسول ﷺ جي محبت جي هڪ اها به تقاضا آهي ته الله جو رسول ﷺ جنهن مقصد لاءِ آيو هو ۽ جنهن  مشن کي تڪميل تي پهچائڻ لاءِ سموري زندگي پوري ڪيائين، مومن ان مقصد کي پنهنجي زندگيءَ جو نصب العين بنائي ۽ اهڙي طرح تڪليفن سهڻ ۽ قربانين ڏيڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪري، جهڙي طرح حضور اڪرم ﷺ پنهنجي زندگي کي وقف ڪيو هو.

محبت جو اهو مڃيل دستور آهي ته جنهن جاءِ تي محبوب جو پگهر وهي اتي عاشق پنهنجو رت ڏي ۽ جتي محبوب جي اک جو اشارو ٿئي اتي سر ڏيڻ کان نه گسي. جيڪڏهن محبت جو اهو دستور آهي ته پوءِ اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته هڪ مومن رسول ﷺ سان محبت جي دعويٰ به ڪري ۽ ان جي مشن ۾ ڀاڱي ڀائيوار نه ٿئي- رسول الله ﷺ جي مشن جون مختصر جهلڪون هن ريت هيون، مڪمل طرح الله پاڪ جي بندگي ڪرڻ ۽ شرڪ و بدعت جي پاڙ پٽڻ: اڻ ڄاڻ ۽ نادان انسانن تي پنهن جي قول ۽ عمل سان حق جي شهادت پهچائڻ ۽ ان دعوت تي لبيڪ چوندڙن کي گڏ ڪري انهن جي تعليم ۽ تربيت جو بندوبست ڪرڻ ۽ انهن کي گڏ ڪري دنيا ۾ دين پکيڙڻ، حق کي غالب ڪرڻ ۽ باطل کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهن جي سموري طاقت لڳائڻ- انهيءَ مقدس مشن لاءِ رسول ﷺ پنهنجو سڀ ڪجهه لٽايو، راتين جي ننڊ ۽ ڏينهن جو آرام قربان ڪيو، وک وک تي نازيبا لفظ ٻڌا ۽ پٿر کائڻا پيا وطن کان بي وطن ٿيڻو پيو ۽ ان واسطي فقر وفاقي جي زندگي بسر ڪئي.

سوچڻ جو مقام آهي ته پوءِ رسول ﷺ جي محبت جي دعويٰ ڪرڻ وارن مومنن کي ان سلسلي ۾ ڇاڪرڻ گهرجي؟ ان جو جواب هر محبت رکندڙ دل وارو سولائيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو. جيڪڏهن اڄ اسان جي سامهون حق پامال ٿي رهيو آهي، رسول ﷺ جون نشانيون هڪ هڪ ڪري ختم ڪيون پيون وڃن، اسان سان بغاوت جي وبا عام پکڙجي رهي آهي ۽ اها وبا عام انسانن کان وڌيڪ رسول ﷺ جي نالي وٺندڙن ۾ تيزيءَ مان وڌي رهي آهي ۽ باطل نظرين جا حامي پنهنجي نظرين جي قيام ۽ بقا لاءِ ميدان تي نڪري آيا آهن، مگر اسين غفلت جي ننڊ ۾ ستا پيا آهيون ته ان جو مطلب فقط اهو آهي ته اسان جي دل عشق جي درد کان محروم آهي ۽ اسان جا سينا محبت جي گرميءَ کان خالي آهن.

 

*

۽ سڀيئي(گڏجي)الله(جي دين) جي رسي کي پڪڙي رکو ۽ هڪ ٻئي کان الڳ نه ٿجو ۽ الله جو اهو احسان ياد ڪريو جڏهن اوهان (هڪ ٻئي جا) دشمن هئا ۽ پوءِ الله اوهان جي دلين ۾ محبت پيدا ڪئي ۽ اوهان ان جي فضل سان ڀائر بڻجي ويا      (القران)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com