سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1980 (3 ۽ 4)

 

صفحو :25

صفيه، ماريه ۽ ميمونه رضه  سان شاديون

 

سن ستين هجريءَ ۾ مسلمانن جي يهودين سان خيبر جي لڙائي لڳي هئي. ان ۾ هڪ يهودي سردار جي ڌيءَ حضرت صفيہ پڻ گرفتار ٿي آئي. يهودي مسلمانن خلاف دائمي طور لڙندا رهيا ۽ انهن لاءِ دردِ سر ثابت ٿيا. حضور ﷺ جن هن قبيلي سان رشته داري قائم ڪرڻ جي ارادي سان حضرت صفيہ رضه سان شادي ڪئي، جا به هڪ ڦلاوتڻ عورت هئي ڇو جو سندس مڙس خيبر جي لڙائيءَ ۾ مارجي ويو. ساڳي سال حضور ﷺ جن حضرت ماريہ قبطيءَ سان شادي ڪئي جا مقوقس مصر جي بادشاه کين سوکڙيءَ طور موڪلي هئي. حضور ﷺ جن جو فرزند حضرت ابراهيم بيبي ماريہ قبطيءَ جي بطن مان ڄائو هو ۽ ننڍي هوندي لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن جي وفات تي حضور ﷺ جن غمگين ٿيا. سندن اکين مبارڪن مان ڳوڙها ڪرندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ته:”العين تدمع و القلب يحزن و انا بفراقک يا ابراهيم لمحزونون“ (اکين مان ڳوڙها ڪرن ٿا، دل غمگين آهي. اي ابراهيم! تنهن جي وڇوڙي ڪري اسين غمزده آهيون.)

ساڳي سال هڪ ٻي ڦلاوتڻ عورت حضرت ميمونہ رضه حضور ﷺ جن سان شادي ڪرڻ چاهي. سندس هيءَ استدعا حضرت محمد ﷺ جن قبول ڪرڻ فرمائي ۽ ساڻيس شادي ڪيائون.

 

چار شاديون ۽ اسلام

اسلام ۾ هڪ ئي وقت چئن شادين ڪرڻ جي اجازت آهي، بشرطيڪ انهن جي وچ ۾ انصاف ڪيو وڃي ۽ زالن جي حقن جي حفاظت ڪئي وڃي. قرآن مجيد ۾ مسلمانن کي حڪم ٿيل آهي ته:”فانکحو اماطاب لکم من النساء مثنيٰ و ثلاث و ربٰع فَاِن خفتم الا تعدلو افواحدة اوما ملکت ايمانکم.“ هاڻي ڪو شخص مونجهاري ۾ پئجي سگهي ٿو ته اسلام ۾ مشروط طور هڪ ئي وقت چئن زالن جي پرڻجڻ جو حڪم آيل آهي، پر رسول ڪريم ﷺ چئن کان مٿي شاديون ڪيون هيون. ان سوال جو جواب هن طرح آهي ته چئن زالن رکڻ واري آيت هجرت کان پوءِ اٺين سال نازل ٿي هئي، جڏهن ته رسولﷺ جن سڀئي شاديون مٿينءَ آيت جي نزول کان اڳ ۾ ڪيون هيون. اهڙيءَ طرح معترضين جي ان سوال جو جواب به ملي وڃي ٿو ته عام مسلمانن کي ته چئن زالن پرڻجڻ جو حڪم ٿيل آهي، پر نبي ﷺ ان کان وڌيڪ شاديون ڪيون.

 

رسول الله ﷺ کان اڳ به پيغمبرن هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪيون

ڪيترن ئي ذهنن کي رسول ڪريمﷺ جي شادين بابت مونجهارو پيدا ٿيو آهي. سندن مخالف سوانح نگارن جهڙوڪ ميور ۽ ٻين هن عظيم انسان تي عياشي (Profilgacy) جو الزام مڙهيو. جنهن شخص ويهن سالن جي عرصي ۾ عرب ڏيهه ۾ هڪ وڏو انقلاب برپا ڪيو، ماڻهن کي تهذيب ۽ شائستگي سيکاري، ان لاءِ الزام مڙهڻ ته هو پاڻ اخلاق کان ڪريل هو، سخت تعصب ۽ جهالت تي مبني آهي. ڇا ڪو به اونده ۾ رهڻ وارو شخص ٻئي ڪنهن کي به روشني ڏيئي سگهي ٿو؟ ماڻهو ڇا به چون پر اها حقيقت آهي ته اڳين پيغمبرن به هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪيون ۽ سندن شريعت ۾ تعداد ازواج (Polygamy) جو رواج هو. حضرت ابراهيم عليہ السلام، حضرت يعقوب عليہ السلام، حضرت موسيٰ عليہ السلام توڙي دائود عليهم السلام هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪيون هيون. اها ئي رسم هندن جي وڏن رشين ۾ هلندي پئي آئي. حضرت عيسيٰ عليہ السلام جو مثال ته ڏيئي نٿو سگهجي، جيڪڏهن هن جي سنت تي هلجي ته دنيا جو خاتمو ٿي سگهي ٿو، ڇو ته مقدس انجيلن مطابق حضرت عيسيٰ عليہ السلام ڇڙو رهيو، سڄي عمر شادي ئي ڪونه ڪيائين.

رسول ڪريم ﷺ جي گهريلو زندگيءَ کي ٽن دؤرن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.

 

پهريون دور

نبيﷺ پنجويهن سالن جي عمر تائين ڇڙا رهيا ۽ هن ئي عمر م کيس مڪه جا رهاڪو الامين ڪوٺيندا هئا. سندن هيءَ ڇڙائپ واري زندگي نهايت پاڪيزه رهي. مٿي مون سندس تنقيد نگار سوانح لکندڙ سر وليم ميور جي شهادت نقل ڪئي، جنهن ۾ هن صاحب رسول ڪريم ﷺ جي جوانيءَ واري حياتيءَ جي بيحد تعريف ڪئي آهي ته اها عفت ۽ ايمانداريءَ واري هئي، جنهن ڪري ماڻهن کيس ”الامين“ جو لقب ڏنو هو.

ٻيو دور

جڏهن پيغمبر خدا ﷺ پنجويهن سالن جي عمر کي پهتو ته هن چاليهن ورهين جي هڪ ڦلاوتڻ عورت بيبي خديجه رضه سان شادي ڪئي. سندس پهرين شادي هڪ بيوهه عورت سان ٿي سا به هن کان پندرهن ورهيه وڏي هئي. رسول الله ﷺ پاڻ هڪ معزز قبيلي قريش سان تعلق رکندا هئا، هو سولائيءَ سان هڪ حسين ڪنواريءَ ڇوڪريءَ سان پرڻجي پئي سگهيا. بيبي خديجه سان رسول خدا ﷺ ستاويهه سال گڏ ازدواجي زندگي گذاري، تان جو بيبي سڳوريءَ جو انتقال ٿيو. ان عرصي دوران هن ٻي ڪا به شادي نه ڪئي. بيبي صاقّحبه جي وفات وقت حضور ﷺ جن جي عمر مبارڪ ٻاونجاهه سال هئي. حضرت خديجه رضه کان پوءِ حضور ﷺ جن حضرت سوده رضه سان شادي ڪئي جا به عمر ۾ وڏي هئي. هوءَ پنهنجي مڙس سان گڏ حبش ڏانهن هجرت ڪري وئي ۽ سندس مڙس جو انتقال اتي ٿيو هو.

ٽيون دور

هاڻي ٽيون دور ملاحظه ڪريو. هجرت جي ٻئي سال ۾ رسول خدا ﷺ قريش سان جنگيون لڙيون هيون، جنهن ۾ عرب جا ٻيا قبيلا به شامل هئا. هنن جنگين ۾ ڪيترائي مرد شهيد ٿيا هئا، جي ئي پنهنجن فئملين کي سپورٽ ڪندا هئا. هي جنگيون مسلسل اٺين هجري سنه تائين هلنديون رهيون. انهيءَ دور ۾ رسول خدا ﷺ سڀ شاديون ڪيون هيون، جن تي موجوده ذهن جا ماڻهو اعتراض واريندا آهن. لطف جي ڳالهه هي آهي ته ان وقت رسول خدا ﷺ جي دوستن توڙي مخالفن مٿس ڪو اعتراض نه ڪيو. هنن ڏٺو پئي ته نبي بيوه عورتن کي سهارو پئي ڏنو ۽ هنن جي سار سنڀال پئي لڌائين. جيئن مٿي عرض ڪيو ويو ته رسول الله ﷺ کي فقط ٻن گهر وارين حضرت خديجه ۽ حضرت ماريه قبطيءَ جي بطن مبارڪ مان ٻار ڄاوا هئا.

رسول الله ﷺ جون شاديون - هڪ عيسائي مصنف جي نظر ۾

جيتوڻيڪ سر وليم ميور، فشر ۽ ڪئٽانو جهڙا ٻيا مصنف رسول خدا ﷺ جي شادين تي اعتراض ڪن ٿا، پر مغرب ۾ ڪي حق پرست ليکڪ به ٿي گذريا آهن، جن رسول خدا ﷺ جو دفاع به ڪيو اهي. مسٽر باسورٿ سمٿ (Bosworth Smith) انهن مان هڪ هو. اسان جي پياري نبي ﷺ جي شادين تي تبصرو ڪندي هو پنهنجي ڪتاب (Mohammad and Mohammandism) ۾ لکي ٿو ته ”بهرحال هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته حضرت محمد ﷺ رحم جي ارادي سان ڪيتريون ئي شاديون محض ان ڪري ڪيون، جو اهي عورتون لاوارث ۽ نڌڻڪيون هيون. رسول خدا جون گهر واريون گهڻو ڪري سڀئي ڦلاوتڻ (بيوهه) هيون ۽ دولت توڙي سونهن سوڀيا جي لحاظ کان به نمايان ڪونه هيون. پر قصو مورڳو الٽو هو.“ (يعني نه سونهن واريون هيون ۽ نه دولتمند.)

“It should be remembered, however, that most of Muhammad's marriages may be explained, at least, as much by his pity for the forlon condition of the person's concerned, as by other motives. The were almost all of them widows who were not remarkable either for their beauty or their wealth, but quite the revers.” (Quoted in “Life of Mohammad” Page 245).

عياش رهڻي ڪهڻي ۾ سادا نه هوندا آهن

حضرت محمد ﷺ جي شادين جي روداد مٿي بيان ٿي. فقط متعصب ۽ دل جو ڪارو انسان ئي ان مان شهوت پرستي يا عياشي جو انومان ڪڍي سگهي ٿو. هونءَ به عياش انسانن جي رهڻي ڪهڻي ڪڏهن به سادي ڪانه هوندي آهي. رسول خدا ﷺ ايڏي وڏي پاور رکندي به ٺٺ ٺانگر کان پري رهندا هئا. هر ڪم پنهنجي هٿن سان ڪندا هئا. حضرت بيبي عائشه صديقه حضور ﷺ جن بابت ٻڌائي ٿي ته ”کان يحلب شاتہ و يخيط ثوبہ کان بشرامن البشر.“ يعني رسول خدا ﷺ جن پنهنجيءَ ٻڪريءَ کي پاڻ ڏُهندا هئا، پنهنجن ڪپڙن کي پاڻ ٽوپو ڏيندو هو ۽ انسانن مان هڪ انسان هو. ”سندن سادگيءَ کي مغربي مصنفن به نوٽ ڪيو آهي. مثال طور ارڙهين صديءَ جو نامور يورپي تاريخ دان گبن (gibbon) پنهنجي ڪتاب ”رومي سلطنت جو زوال“ (Decline and fall of Roman Empire) ۾ حضور ﷺ جن جي سادگي واريءَ حياتيءَ بابت لکي ٿو ته حضور ﷺ جن کي شاهاڻي شان شوڪت کان نفرت هوندي هئي. باهه پاڻ دکائيندو هو، گهر جي ايوان ۾ پاڻ ٻوهاري ڏيندو هو. هٿن سان کير ڏهندو هو. پنهنجي جتي توڙي اوني پوشاڪ کي پاڻ چتيون هڻندو هو.

راهبانه زندگي کان ڪناره ڪشي ڪري رسول خدا ﷺ عربن جو پرهيز وارو ۽ سادو کاڌو بغير تڪليف جي کائيندو هو. ان باري ۾ ڪا به وڏائي محسوس نه ڪندو هو. ڪنهن ڪنهن موقعي تي حضرت محمد ﷺ پنهنجي اصحاب سڳورن جي ميزبانيءَ جا فرائض بجا آڻيندو هو. پر هن جي گهريلو زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي هفتن تائين گهر جي چلهه تي باهه نه ٻرندي هئي.“

“The good sence of Muhammad, despised the pomp of royalty; the Apostle of god submitted to the menial offices of the family, he kindled the fire, swept the floor, milked the cows and mended with his own hands shoes and his woollen graments. Disdianing the penance and merit of a hermit, he observed without effort and vanity, the abstemious diet of an Arab and a soldier. On solemn occasions he feted his companions with hospitable plenty; but in domestic life, many weeks would elapse without a fire being kindled in the hearth of the prophet.” (Page -49).

مؤرخ گبن رسول خدا ﷺ جي سادگيءَ بابت مٿي جو ڪجهه لکيو ان کي پڙهي ڪو مخبوط الحواس ۽ پاڳل انسان ئي هن عظيم شخص تي عياشي جهڙو بيهوده الزام مڙهيندو. دل ٿي گهريم ته پنهنجي پياري پيغمبر ﷺ جي سادگيءَ بابت هڪ ٻئي نامور مغربي مؤرخ پروفيسر اسٽئنلي لين پول (Stanly Lane Pool) جي ڪتاب ”رسول خدا ﷺ جون تقريرون ۽ آمهون سامهون جي گفتگو“ (The speeches and table-talk of the Prophet Mohammad.) مان هڪ حوالو پيش ڪجي ٿو.

لکي ٿو ته ”رسول خدا ﷺ پنهنجن عادتن ۾ نهايت ئي سادو هو، جيتوڻيڪ هو پنهنجي شخصيت جو ڪافي لحاظ ڪندو هو. جڏهن هو پنهنجي اقتدار جي اوج تي رسيو، ان وقت به هن جو کائڻ پيئڻ، پوشاڪ ۽ گهر جو فرنيچر به قديم طرز جو رهيو. هو پنهنجين گهر وارين سان گڏ هڪ ساده ڪکائي گهرن جي قطار ۾ رهندو هو. اهي گهر هڪ ٻئي سان کجيءَ جي شاخن ذريعي جدا ٿيل ۽ مٽيءَ ۾ مضبوط ٿيل هئا. هو پاڻ باهه ٻاريندو هو، گهر کي ٻوهاري ڏيندو هو ۽ ٻڪرين کي پاڻ ڏهندو هو. تحقيق رسول خدا ﷺ جي گهر جي ٻاهران هڪ بينچ يا گئلري رکيل هئي، جتي ڪيترائي غريب ماڻهو ويٺل نظر ايندا هئا، جن کي ڪلي طور نبي ﷺ جي سخاوت جو آسرو هو ۽ ان تي ڀاڙيندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو اهڙن ماڻهن کي اصحاب بينچ ڪري ڪوٺيندا هئا. هن جو رواجي کاڌو ڪتل، پاڻي، جَوَن جي ماني هوندي هئي. کير ۽ ماکي کائڻ جو شوقين هو، پر اهو به اڪيلو ڪڏهن ڪڏهن کائيندو هو، ان ۾ به ٻيا ڀائيوار هوندا هئس. عرب جي بادشاه بڻجڻ کان پوءِ به صحرائي ماحول هن لاءِ سازگار رهندو هو ۽ ان کي پسند ڪندو هو.“

“In his habits he was extremely simple, although he besttowed great care on his person. His eating and drinking, his dress and his furniture retained, even when he reached the fullness of power, their almost primitive nature. He lived with his wives in a row of humble cottages seprated from one another by palm – branches, cemented together with mud. He would kindle the fire, sweep the floor, and milk the goats himself. The little food he had was always shared with those who dropped in to partake of it. Indeed outside the prophet's house was a bench or a gallery, on which were always found a number of poor who lived entirely upon his generosity, and were hence called the people of the bench. His ordinary food was dates and water, or barley bread: milk and honey were luxuries of which he was fond, but which he rarely allowed himslef. The desert atmosphere seemed most congenial to him even when he was sovereign of Arabia.” (Page 45-47).

اهڙيءَ رهڻي ڪهڻي واري ماڻهوءَ کي عياش ڪوٺڻ مغربي مصنفن جي ايتري زيادتي آهي، جنهن جي مذمت ۾ الفاظ ئي ڪونه ٿا ملن.

حضرت محمد ﷺ ۽ عورتن جا حق

رسول الله ﷺ جا مخالف ۽ دشمن طعنو ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته اسلام ۾ تعدد ازواج جي ڪري عورتن جي حقن کي ڪچلايو ويو آهي ۽ حضرت محمد ﷺ جي نزديڪ عورتن جي ڪا به سماجي حيثيت نه آهي. اسان جا ڪي مسلمان اديب دوست به هن فريب جا شڪار ٿيا ۽ افسانوي رنگ ۾ هو اسلام جي عائلي نظام تي جلهون ڪندا رهن ٿا. پر حقيقت ۾ اها اسان جي دوستن جي غلط فهمي ۽ ڪم علمي آهي. دنيا جي ڪنهن به رشي يا پيغمبر عورتن کي عاليشان مرتبو نبيءَ جي مقابلي ۾ ڪونه بخشيو آهي. اسان جو نبي ﷺ عورت ذات جو به وڏو محسن آهي. هن عورتن بابت جاهليت وارا سڀ تصورات ۽ وهم مٽائي ڇڏيا. رسول خدا ﷺ جي مٿان نازل ٿيل قرآن مجيد جي هڪ وڏي سورت ”النساءَ“ ۾ عورتن جا مسئلا بيان ٿيل آهن.

اسلام ۾ عورت کي ملڪيت جو حق ڏنو ويو آهي. قرآن ۾ عورتن جي ملڪيت جي وراثت لاءِ حڪم ٿيل آهي ته:”للرجال نصيب مما ترک الوالدان والاقربون مما قل منہ او کثر نصيبا مفروضا“ (سورة النساءِ) ”جو ڪجهه ٿورو گهڻو پيءُ ماءُ يا ويجها عزيز ڇڏي وڃن ان ۾ مردن جو به حصو آهي، عورتن جو به حصو آهي، هڪ مقرر ٿيل حصو“ اسلام جي ظهور کان اڳ جاهليت جي دور ۾ عرب پنهنجن نينگرين کي جيئرو پوري ڇڏيندا هئا. رسول خدا ﷺ هن لعنت کي اچي ختم ڪيو. قرآن ۾ هڪڙي هنڌ الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته ”واذالموؤدة سئلت باي ذنب قتلت“ جڏهن زنده پوريل ڇوڪرين کان پڇيو ويندو ته کين ڪهڙي ڏوهه سبب قتل ڪيو ويو هو. ايمان آڻڻ کان پوءِ هڪ صحابي رسول الله ﷺ کي اهو قصو ٻڌايو ته ڪيئن نه هن پنهنجيءَ نينگريءَ کي جيئرو پوريو. حديث ۾ اچي ٿو ته هيءَ دلخراش واقعو ٻڌي رحمة للعالمين ﷺ جي اکين مبارڪن مان ڳوڙها ڪري پيا هئا. صنف نازڪ جي حقن جي حفاظت لاءِ احاديث ۾ رسول ڪريم ﷺ جا ايترا ته فرمان نقل ڪيل آهن جن کي قلمبند ڪرڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي. پڙهندڙن کي گهرجي ته هن موضوع بابت مولانا ابوالڪلام آزاد مرحوم جو عربيءَ مان ترجمو ٿيل ڪتاب ”مسلمان عورت“ جو مطالع ڪن.

مان مڃان ٿو ته اڄوڪي مسلم معاشره ۾ عورتن سان سخت زيادتي ڪئي ٿي وڃي. پر ان لاءِ اسلام ۽ حضرت محمد ﷺ جي تعليم جوابدار نه آهن. خرابي ان ڪري پيدا ٿي آهي جو مسلمان ان تي عمل نه ٿا ڪن. اسان جي مصنفن کي گهرجي ته هن سلسلي ۾ اسلام تي تنقيد نه ڪن. ان ۾ ڏوهه اسلام کان غير واقف مسلمانن جو ئي آهي. مغرب جي ڪيترن ئي عالمن پنهنجن ڪتابن ۾ لکيو آهي ته اسلام عورتن کي حقيقي آزادي سان نوازيو آهي ۽ حضرت محمد ﷺ عورتن جي حقن جو وڏو چئمپين هو. هيٺ ڪن عالمن جا رايا نقل ڪجن ٿا. پڙهندرن کي گذارش آهي ته ان کي غور سان پڙهن.

مسز ايني بيسنت (Annies Besant) جي راءِ

مشهور انگريز خاتون مسز ايني بيسنت (وفات 1933ع) جي شخصيت ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي. هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ هن جو وڏو رول رهيو آهي. ٿياسفٽ هجڻ کان علاوه وڏي سياسي مفڪر به هئي. وڌيڪ ته عورتن جي حقن جي حفاظت لاءِ به سڄي عمر جدوجهد ڪيائين.

مسز بيسنت پنهنجي ڪتاب ”حضرت محمد ﷺ جي زندگي ۽ تعليمات“ (Life and Teachings of Mohammad) ۾ لکي ٿي ته:”مان هميشہ سوچيندي آهيان ته عيسائيت جي ڀيٽ ۾ اسلام ۾ عورت وڌيڪ آزاد آهي. جو مذهب فقط هڪ زال سان شادي ڪرڻ جي دعوت ڏئي ٿو (عيسائيت)، تنهن جي مقابلي ۾ اسلام ۾ عورت ذات وڌيڪ محفوظ آهي. القرآن ۾ عورت بابت قانون وڌيڪ انصاف ۽ لبرلزم تي مبني آهي. اسلام ۾ ته عورتن کي ملڪيت رکڻ جو حق هر وقت ۽ منڍ کان وٺي ڏنل آهي، پر عيسائي انگلئنڊ فقط گذريل ويهن سالن کان عورتن کي ملڪيت رکڻ جي حق سان مشرف ڪيو آهي. اسلام تي اهو الزام ته عورتن کي ڪو روح ئي ڪونه آهي، سراسر بهتان ۽ من گهڙت آهي.“

“I offen think that woman is more free in Islam that in Christianity. Woman is more protected by Islam than by the faith which preaches monogamy. In Al-Quran the law about woman is more just and liberal. It is in the last twenty years that chirstian England has recognized the right of woman to propert; while Islam has allowed this right from all time.... It is slanders to say that Islam preaches that woman have no souls.” (Page 45-47).

جارج برنارڊشا جي راءِ

اهو ڪهڙو پڙهيل شخص آهي جو جارج برنارڊشا جي شخصيت کان واقف نه هوندو. هن انگريز ڊراما نويس ۽ مفڪر 1952ع ۾ وفات ڪئي آهي. پنهنجيءَ ڦوهه جوانيءَ کان سوشلسٽ خيالات رکندو آيو. هو سوشلزم جي نظام جو وڏو ڄاڻو ۽ عالم ٿي گذريو آهي. ان جي ثابتي سندس هڪ لکيل ڪتاب (An intellegient woman's guide to Socalism...) مان ملي ٿو.

ٻي مهاڀاري لڳڻ وقت جڏهن سڄي دنيا جنگ جي شعلن ۾ وڪوڙجي وئي ته ان وقت جارج برنارڊشا بيان ڪڍيو هو ته ”ڪاش اڄ محمد ﷺ جيئرو هجي ها ته اسان جي وچ ۾ صلح ڪرائي جنگ جي تباه ڪارين کان دنيا کي بچائي وڃي ها.“

مسز ايني بيسنت پنهنجي ڪتاب ۾ اڳت هلي اسلام ۾ عورتن جي حقن بابت جارج برنارڊشا جي هڪ خط جو حوالو ڏي ٿي. مسٽر شاهي خط قبرص جي هڪ مسلمان مسٽر نجم ثاقب کي لکيو هو. مسٽر برنارڊشا چوي ٿو ته ”عورتن ۽ ٻارڙن جي حيثيت توڙي جانورن سان رحمدلي ڏيکارڻ وارن معاملن ۾ حضرت محمد ﷺ جي تعليمات مغربي عيسائي خواه جديد فڪر کان گهڻي مٿي ۽ آڳاٽي آهي.“

“The famoous British dramatist; george Bernard Shaw, in his letter to Mr. Najmi Saqib of Cyprus acknowledges that Prophet Muhammad's teachings on the status of woman, exposure of female children and kindness to animals were far ahead of western christian thought; even of modern thought.” (Page 25-26).

اهڙيءَ طرح مشور برطانوي مستشرق پروفيسر گب (h.A.R. gibb) به تسليم ٿو ڪري ته اسلام ۾ عورتن جي حقن کي محفوظ ڪيو ويو ۽ وڌيڪ ته ”حضرت محمد ﷺ جي اصلاحات عورتن جي حيثيت کي وڌايو ۽ بلند ڪيو.  اها اهڙي عام ڳالهه آهي جنهن کي سموري دنيا تسليم ڪري ٿي.“ ملاحظه ٿئي گب جو مشهور ڪتاب ”Mohammandism

“That his (Mohammad's reforms enhances the status of woman in general is universally admitted.” (Page 32).

اسان ڪيترن ئي مغربي عالمن ۽ دانشورن جا حوالا نقل ڪري سگهون ٿا، جن پنهنجن ڪتابن ۾ تسليم ڪيو آهي ته حضرت محمد ﷺ عورتن جي حقن جو وڏو علمبردار هو. هن جي تعليمات جي اثر ڪري معاشري ۾ عورت کي جوڳو مقام نصيب ٿيو آهي. عورتن کي علم جي سکيا ڏني وئي ۽ انهن تاريخ اسلام ۾ تفسير، حديث توڙي فقہ جي ميدان ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو.

حضرت محمد ﷺ مڙدن سان گڏ عورتن کي به علوم پرائڻ جي تلقين ڪئي، جيئن پاڻ فرمايو اٿن ته:”طلب العلم فريضة عليٰ کل مسلم و مسلمة“ طوالت جي خوف ڪري مون اختصار کان ڪم وٺي هن موضوع بابت فقط ٻن ٽن نامور مغربي عالمن جا حوالا نقل ڪيا آهن.

يورپي تهذيب ۾ عورت جو مقام

جيڪي ماڻهو ذهني غلامي ۾ مبتلا ٿي دعويٰ ڪن ٿا ته رسول ڪريم ﷺ ته عورتن کي ڪا به حيثيت نه ڏني، شريعت اسلام ۾ هڪ کان وڌيڪ زالن رکڻ (Polygamy) جي موڪل آهي، تن کي خبر ئي نه آهي ته خود يورپ ۾ عورتن سان ڪهڙي بڇڙي نموني جي هلت ڪندا هئا. ڪنهن سمي پوري يورپي تهذيب ۾ عورتن تي ڏانئڻ (Witch)هجڻ جي الزام ۾ کين جيئري جلائي ڇڏيندا هئا. ان ظلم جي مذمت ڪرڻ ۾ الفاظ ڪونه ٿا ملن. يورپ جو عظيم ترين فلسفي ۽ ناميارو دانشور آنجهاني براٽرانڊرسل (Bertrand Russel) پنهنجي هڪ ڪتاب ”اخلاقيات ۽ سياست ۾ انساني معاشره“ (Human Society in ethics and Politics) ۾ ڏانئڻ عورتن بابت انجيل مقدس جو هڪ فرمان نقل ڪري ٿو ته ”ڪنهن به ڏانئڻ عورت جي رهڻ کي اوهان برداشت ئي نه ڪيو.“ رسل لکي ٿو ته انجيل جي هن ئي حڪم تحت فقط جرمنيءَ ۾ سؤ سالن جي عرصي اندر يعني 1450ع کان 1550ع تائين هڪ لک ڏانئڻ عورتون موت جو شڪار ڪيون ويون هيون.

“As a result of this text in germany alone، some one lac withces were put to death during the century from 1450 to 1550.” (Page 32).

ڇا ان قسم جا ڀيانڪ مثال اسان وٽ ملن ٿا. يورپي لوڪن ۾ ته عورت کي ڪو درجو ڪونه هوندو هو. ان سلسلي ۾ ممتاز دانشور آنجهاني برٽرانڊرسل (وفات 1970ع) جو ڪتاب ”شاديون ۽ اخلاقيات“ (Marriages and Morales) جو مطالعو ڪرڻ نهايت ئي مفيد ۽ ڪارائتو آهي. اوهان کي خبر هئڻ گهرجي ته هن ڪتاب جي شايع ٿيڻ تي پادرين رسل جي خلاف مخالفت جو طوفان کڙو ڪيو هو. 1940ع ۾ نيو يارڪ ۾ رسل فلاسفي جو پروفيسر هو. پادرين احتجاج ڪري رسل کي نوڪريءَ مان ڪڍرائي ڇڏيو هو. برٽرانڊرسل جو هي ڪتاب مون نهايت ئي غور ۽ شوق سان پڙهيو. اختلافات جي باوجود تسليم ڪرڻو پوندو ته موضوع جي لحاظ کان رسل جو ڪتاب خاص مقام جو مالڪ آهي. هيٺ مٿئين ڪتاب جي ڪجهه بابن جو اختصار پيش ڪجي ٿو. اسلام ۽ حضرت محمد ﷺ جي تعليمات جا نقاد ان کي غور سان پڙهن.

برٽرانڊرسل پنهنجي ڪتاب ۾ عيسائين جي مذهبي ڪتاب ”انجيل“ ۾ حضرت عيسيٰ جو هڪ قول نقل ڪيو آهي ته ”اي عورت منهن جو توسان ڪهڙو واسطو“؟

“Woman! What have I to dee with thee.” (John II، 4).

عورت لاءِ عيسائيت ۾ شادي ڪرڻ به ايترو پسنديده فعل نه آهي، جيترو ڪنواري رهڻ ۽ جي شادي ٿي وڃي ته پوءِ ڪئٿالڪ فرقي ۾ طلاق ڏيڻ به ممنوع آهي. حيرت آهي ته ويهين صديءَ ۾ اٽليءَ جي پارليامينٽ ۾ وئٽيڪان جي مخالفت ڪري طلاق جو بل پاس ٿي نه سگهيو. مشهور عيسائي عالم ۽ درويش (سينٽ) پال (Paul) جنهن کي عيسوي سنه کان ستهٺ سال پوءِ رومي بادشاهه نيرو (Neru)مارايو هو، سو مٿئين دل سان شادي جي اجازت ڏي ٿو. شاديءَ کان پوءِ جنسي تعلقات بابت انهيءَ عيسائي عالم سينٽ پال جو قول آهي ته ”شاديءَ ۾ جنسي تعلقات قائم ڪرڻ نجات حاصل ڪرڻ جي راهه ۾ رڪاوٽ آهي.“

“Sextual intercourse even in marriage is some thing of a handicap in the a hempt to win salvation.”

سينٽ پال جو هڪ ٻيو قول نقل ڪندي برٽراڊ رسل لکي ٿو ته هو شاديءَ جي اجازت هيٺين الفاظ ۾ ڏي ٿو ته ”ساڙڻ کان شادي ڪرڻ بهتر آهي.“

“It is better to marry than to burn.”

ٻئي طرف اسان جي فطري دين اسلام ۾ نڪاح ڪرڻ سنت آهي. حضور ﷺ جن جو ارشاد آهي ته ”النکاح من سنتي فمن رغب عن سنتي فليس مني.“ (يعني ته نڪاه ڪرڻ منهنجي سنت آهي، جيڪو به ان کان منهن موڙي ٿو سو مون مان نه آهي.) حضرت محمد ﷺ عيسائي مذهب جي ”ڇڙي رهڻ واريءَ زندگيءَ کي ممنوع قرار ڏنو. سندن قول آهي ته ”توالد واوتنا سلوٰ“ پيدا ڪيو ۽ نسل وڌايو. يورپي معاشري ۾ عورت کي ”اُم الخبائث“ يعني براين جي جڙ تصور ڪيو ويندو هو.

پروفيسر برٽرانڊرسل پنهنجي مٿي مذڪور ٿيل ڪتاب ۾ هڪ ٻئي نامور عالم ليڪي (Lecky) جي ڪتاب ”يورپي اخلاقيات جي تاريخ“ (History of European Morales) مان هڪ حوالو ڪوري ٿو. ليڪي چوي ٿو ته ”عورت کي جهنم جو دروازو ۽ سڀني انساني بيمارين جي ماءُ قرار ڏنو ويو. عورت کي عورت سڏائڻ تي شرم محسوس ڪرڻ کپي، عورت ذات جي ڪري دنيا ۾ ڪيترائي عذاب ۽ قهر نازل ٿيا. ان ڪري عورت کي کپي ته هو سدائين توبهه ۽ استغفار ۾ رهي، عورت کي پنهنجي پوشاڪ تي شرم اچڻ کپي ڇو ته اها سندس زوال جي يادگيري آهي. خاص طور پنهنجي حسن تي عورت کي شرم اچڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اهو شيطان جو وڏي ۾ وڏو هٿيار آهي.“

“Woman was represented as the door of hell, as the mother of all human ills. She should be ashamed at the very thought that she is a woman. She should live in continual penance, on account of the curses she has brought upon the world. She should be ashamed of her dress, for it is the memorial of her fall. She should be especially ashamed of her beauty, for it is the most potent instruement of daemon.” (Marriage and Morales Page-35).

يورپ ۾ نسواني حقن جي تحريڪ سترهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ فرينچ انقلاب جي ڪاميابيءَ کان پوءِ شروع ٿي هئي. سول قانون ۾ ترميم ڪري ڌيئرن کي ورثي جو حق مليو. يورپ ۾ عورتن جي آزاديءَ بابت پهريون ڪتاب 1792ع ۾ شايع ٿيو هو، جو هڪ پرجوش عورت مئري وولس ٽونيڪرافٽ (Wolls Tonecraft) لکيو هو. سندس ڪتاب جو نالو آهي ”عورتن جي حقن جي حمايت“ (Vindication of the Rightst of Women) هن ڪتاب يورپي عورتن کي پنهنجي حقن کان آگاهه ڪيو. مٿئين مائي صاحبه جي ڪتاب ڇپجڻ کان پوءِ 1840ع ۾ برطانيا جي شهره آفاق اديب، مفڪر ۽ دانشور آنجهاني جان اسٽوئرٽ مل (Mill) جو ڪتاب (Subjection of Women) شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ عورت جي مظلوميت بيان ڪري، مل انهن کي معاشره ۾ صحيح مقام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. ردعمل جو شڪار ٿي يورپ ۾ عورتن کي ايتري ته آزادي ملي جو اها هاڻي خود انهن لاءِ مصيبت ثابت ٿي. عورت بالغ ٿي ته پنهنجي معاش جو فڪر پاڻ ڪري. هوءَ بالغ ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي پيءُ ماءُ جي گهر مسواڙ تي رهي سگهي ٿي. مشهور عرب اديب ڊاڪٽر يحيٰ خشب پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ هڪڙي هنڌ دل ڏاريندڙ واقعو بيان ڪيو. چوي ٿو ته هو فرانس ۾ پي ايڇ ڊي ڊگري وٺڻ لاءِ پئرس ويو هو، جتي هن هڪ فرينچ کان جاءِ مسواڙ تي ورتي. ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته ان فرينچ جي گهر هڪ ڇوڪري به ويٺل هئي. جاءِ جي ائگريمينٽ ڪرڻ وقت اها روئن لڳي. مون تنهن تي ڇوڪريءَ کان روئڻ جو سبب پڇيو، جنهن جي جواب ۾ چيو ته مان اوهان جي لئنڊ لارڊ جي ڌيءَ آهيان، اڃان ڪنواري آهيان، شادي به ڪانه ڪئي اٿم. منهنجو پيءُ اوهان واري جاءِ مون کي مسواڙ تي پيو ڏي، پر ڇاڪاڻ ته اوهان وڌيڪ مسواڙ ڀري ڏني آهي، ان ڪري جاءِ اوهان کي ملي. ٻڌايو ته مان ڪاڏي وڃان؟ ڇا ان جو نالو ترقي پسندي آهي؟

آمريڪا ۾ به ساڳيو حال آهي. اتي به عورتن جي ڇڙواڳيءَ وڏا مسئلاپيدا ڪيا آهن. سوزاڪ جي بيماري ننڍن توڙي وڏن ۾ عام آهي ۽ هن موذي مرض جي خاتمي لاءِ آمريڪي حڪومت ڪروڙين ڊالر خرچ ڪري ٿي. عائلي نظام درهم برهم آهي. حرامي ٻچا ايڏا ته پيدا ٿا ٿين جو انهن جي ڪفالت دردِ سر آهي. حرامي بچن جي تناسب جو هي حال آهي جو جرمني جو مشهور سوشلسٽ سياستدان ولي برانڊٽ، جيڪو جرمنيءَ جو چانسلير جي اعليٰ عهده تي فائز رهيو، تنهن پبلڪ تقرير ۾ چيو ته ”هو حرامي ٻار آهي. ماءُ جي خبر اٿم پر پيءُ الائي ڪيرآهي. خبر نه اٿم ته ڪنهن جي نطفي مان پيدا ٿيو آهيان!“

پروفيسر پٽرڪ سوروڪن (Sorokin) پنهنجي ڪتاب ”آمريڪا ۾ جنسي انقلاب“ (Sextual Revolution in America) ۾ امريڪي فئملي جو اهڙو ته نقشو چٽيو آهي جو ڀائنجي ٿو ته اڄ سڀان پوريءَ آمريڪي قوم جي ستيا ناس ٿي ويندي ڇا اهڙي زوال پذير معاشري جا علمبردار حضرت محمد ﷺ تي عورتن بابت الزام لڳائين ٿا؟ عورتن جي حقن جي علمبرداري فقط حضرت محمد ﷺ ڪئي اهي. اوهان ڪيترو وقت سج کي تريءَ هيٺ لڪائيندا؟

مشهور برطانوي سوشلست مفڪر ۽ ڊراما نويس جارج برنارڊشا آنحضرت ﷺ جي شخصيت کي پرزور خراج عقيدت پيش ڪندي لکي ٿو ته ”عيسائين توڙي سندن مشنرين اسلام جو خطرناڪ نقشو چٽيو آهي. نه فقط ايترو پر هنن نبي ڪريم حضرت محمد ﷺ ۽ هن جي مذهب خلاف منظم ۽ رٿيل پروپئگنڊا ڪئي آهي. مون اسلام توڙي رسول خدا ﷺ جي زندگيءَ جو مطالع خبرداريءَ سان ڪيو آهي. مون بحيثيت نقاد ۽ تاريخ جي شاگرد طور ائين ڪيو آهي. آخرڪار ان نتيجي تي پهتو آهيان ته حضرت محمد ﷺ في الحقيقت تمام وڏو ماڻهو هو. هو انسان ذات جو محسن ۽ نجات دهنده هو، جا ان وقت درد ۽ ڪرب ۾ لڇي ڦٿڪي رهي هئي.

“The christians and their missionaries have presented a horrible picture of Islam. Not only that they also carried out an organized and plannes propaganda against the personality of prophet Mohammad and the religion he preached. I have done so both as a student of history and as a critic. And I have come to the conclusion that Muhammad was indeed a great man and a deliverer and benefactor of mankind which was tillthen writhing under a most agonising pain.”

عيسائين جي مسلسل پروپئگنڊا جو اهو نتيجو نڪتو جو گذريل صديءَ کان وٺي مغرب ۾ حضور ﷺ جي ڪن سوانح نگارن هن عظيم انسان جي شادين تي اعتراض ڪندي هن کي عياش يا شهوت پرست (Profilgate) سڏيو. شادين بابت صحيح صورتحال مٿي بيان ڪيو ويو.

حضور ﷺ جن مهاتما گانڌيءَ جي نظر ۾

مهاتما گانڌي (قتل ٿيل 1948ع) ويهين صديءَ ۾ وڏي ۾ وڏو سياستدان ٿي گذريو. مشهور سائنسدان آئن اسٽائن چوندو هو ته ”مون کي گانڌيءَ جي همعصر هجڻ ۾ خوشي ۽ فخر آهي“ مولانا آزاد مرحوم هن کي ”موجوده هندستان جو عظيم ترين فرزند“ ڪوٺيو هو. مسٽر گانڌي اسان جي نبي سڳوري ﷺ کي نذرانه عقيدت پيش ڪندي چوي ٿو ته ”مون کي ان ڳالهه تي تعجب ايندو آهي جڏهن ڪاري ڪنبل پائڻ تي مون کان ڪو مسلمان سوال ڪندو آهي. مان انهن کي ٻڌائيندو آهيان ته ڪاري ڪنبل پائن جي مراد حضرت محمد ﷺ کي ذاتي خراج عقيدت پيش ڪرڻ آهي، جنهن جهڙو عظيم ترين انسان وري دنيا ۾ پيدا ئي ڪونه ٿيو. رسول خدا ﷺ پنهنجي روز مره جي حياتيءَ ۾ ايڏو ته سادو هو جو وهم ۾ ئي نه اچي سگهندو هو ته ڪو هو لکن انسانن جي دلين تي حڪمراني ڪري رهيو آهي. 1936ع جي اليڪشن کان پوءِ ڪانگريسي گورنمنٽون قائم ٿيون هيون ته مون کين حضرت عمر رضه جي نقش قدم تي هلڻ لاءِ تلقين ڪئي هئي، ڇو جو حضرت فاروق اڪبر رضه نبي ﷺ جي هر قول ۽ دعوت تي لبيڪ چئي ان جو مڪمل نفاذ ڪري عام ماڻهوءَ جي زندگي سڌاري ڇڏي هئي.“

“I am only surprised when some Muslim asks me as to why I always use black blankets; i tell them that I do so as a token of my personal homage to Prophet Muhammad who was the greatest man the world has over produced. He was so simple in his day to day life thatone could hardly imagine that he was the man who was ruling over the hearts of the millions all over the world. I instructed the congress governments، immediately after they assumed power after the elections of 1936 that they should follow the footsteps of Hazrat umer who thoroughly implemented every preaching of prophet Muhammad and thus bettered the lot of the common man.”

نبي ﷺ  جي تاريخي ڪردار، سادگي ۽ جمهوري ماحول پيدا ڪرڻ تي مشهور انگريز اديب ۽ مصنف ڊاڪٽر سئمل جانسن (Johnson) هن کي ايڏي وقت گذرڻ جي باوجود جديد دور جو انسان ڪوٺي ٿو.

“His purely historical character, his simple humanity. claiming to be a man among men, his intenserealism avolding all mystical remoteness; the throughly democratic and universal form under which his ideas of divine monrchy led him to conceive the relations of men, the force of ethical appeal all affiliate Muhammad with the modern world.”

حضور صلي الله عليہ وسلم جن فرمايو ته اوهان مان ڪو دعا گهري ته هن ريت نه گهري:ته الله تعاليٰ مون کي بخش ڪر جيڪڏهن تون چاهين يا رحم ڪر جيڪڏهن تون چاهين. پر هيئن چوي: مون کي بخش ڪر ڇو ته الله جل جلالہ تي ڪوئي جبر ڪرڻ وارو ڪونهي.

(موطا)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com