سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1980 (3 ۽ 4)

 

صفحو :23

ڊاڪٽر گل حسن لغاري

سيرت پاڪ تي لکيل سنڌي ڪتابن جي فهرست

 

”سنڌ ۾ سيرت پاڪ جي ارتقا ۽ اوسر“ متعلق جناب علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جن جو مقالو ٽماهي”مهراڻ“ جي نمبر 1- سال 1979ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ سيرت پاڪ جي فن بابت ۽ سنڌي ۾ لکيل سيرت پاڪ جي ڪتابن متعلق، عالمانه ۽ محققانه تفصيل بيان ڪيل آهي. هتي جيڪا سيرت پاڪ جي لکيل سنڌي ڪتابن جي فهرست پيش ڪجي ٿي سا دراصل مون بهاءُ الدين ذڪريا ملتان يونيورسٽي وارن جي گذارش تي تيار ڪئي آهي. ملتان يونيورسٽي جي طرفان اهو فيصلو ڪيو ويو ته اردو، سنڌي انگريزي، پشتو، عربي ۽ فارسي زبانن ۾ سيرت پاڪ جي موضوع  تي لکيل ڪتابن جي ”فهرست“ تيار ڪري، شايع ڪئي وڃي. انهيءَ ڪم جي ترتيب ۽ تدوين لاءِ هڪ خاص”سيرت پراجيڪٽ“ جي نالي سان شعبو قائم ڪيو ويو. هن شعبي جي طرفان، سنڌ جي تقريباً سڀني برک ادارن، اديبن ۽ محققن کي خط لکي، گذارش ڪئي ويئي ته سيرت پاڪ تي لکيل سنڌي ڪتابن جي فهرست ٺاهي موڪلي وڃي، جيئن ان کي به شايع ڪري سگهجي. هن قسم جي فهرست کي ترتيب ڏيڻ لاءِ هڪ مخصوص ڪارڊ جو نمونو به موڪليو ويو هو، ان ڪري انهي ڪارڊ موجب فهرست تيار ڪري، ملتان يونيورسٽيءَ کي پيش ڪئي ويئي آهي. جيڪي به ڪتاب، جنهن لائبريري، اداره يا ذاتي ڪتبخاني مان مليا آهن ته انهن جو نالو به لکيو ويو آهي (جيتوڻيڪ اهو هن سنڌي فهرست ۾ ڄاڻايل نه آهي).

مون پنهنجي وس آهر، ڪتابن جي تلاش ڪئي آهي. تنهن هوندي به ممڪن آهي ته سيرت پاڪ تي لکيل ڪتاب اڃا به موجود هجن ۽ منهنجي نظر مان نه گذريا هجن، تن کي اڳتي هلي شامل ڪري سگهجي ٿو. جتان ۽ جن ادارن مان مونکي مدد ملي آهي، سي هن ريت آهن:-

1- انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي.

2- سنڌ يونيورسٽي لائبريري ڄامشورو.

3- سنڌ پراونشل لائبريري حيدرآباد.

4- شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد.

5- قاضي غلام محمد قريشي(ذاتي ڪتبخانه)هالا پراڻا.

6- سنڌي ادبي بورڊ لائبريري ڄامشورو.

انهيءَ جي علاوه، جن دوستن ۽ بزرگن، هن سلسلي ۾ منهنجي مدد ڪئي، تن جو به ٿورائتو آهيان، جيئن ته: متحرم علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب، جناب ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب، جناب ڪريم بخش خالد صاحب ۽ جناب احمد خان آصف صاحب.

فهرست

1- مخدوم محمد هاشم ٺٽوي:”قوت العاشقين“(منظوم).(تاليف 1127 هه) صفحا 350، پهريون ڇاپو، 1950ع قيمت.....  ..... مسلم ادبي پريس حيدرآباد سنڌ.

2- .... .... ...”وسيلة الغريب اليٰ جناب الحبيب“ صفحا 65، ڇاپو پهريون، سال 1972ع، قيمت .... شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد سنڌ.

3- مخدوم عبدالله نريسي وارو:- ”قمر المنير“(منظوم)(تاليف 1182 هه) صفحا 234، ڇاپو پهريون، سال 1952ع، قيمت 50-2 رپيا. ڇپائيندڙ: حاجي عبدالله لغاري، الهلال پريس ٽنڊوالهيار.

4-............”بدرالمنير“ صفحا55، ڇاپو پهريون، سال..... قيمت.....الهلال پريس ٽنڊوالهيار.

5-.... ....... ..”ڪنزالعبرت“ (ڪتاب دستياب ٿي نه سگهيو).

6- مخدوم عبدالسلام،”شمائل نبوي “(منظوم).(تاليف 1197 هه)صفحا 300، ڇاپو پهريون، سال.... .... ڪريمي پريس بمبئي، ليٿو ڇاپو.

7- حڪيم فتح محمد صغير سيوهاڻي: ”فتح محمدي“ صفحا 100، ڇاپو پهريون، سال 1911ع قيمت 31-0 پئسا، ڇپائيندڙ:شيخ عبدالعزيز، وڪٽوريه پريس سکر ۾ ڇپيو.

8-.... ...  .... ”اخلاق محمدي“ صفها 78، ڇاپو پهريون، سال 1912ع،قيمت ..........وڪٽوريا سکر ۾ ڇپيو.

9- لالچند امر ڏنومل جڳتياڻي:”محمد رسول الله عرف حضرت محمد جي حياتي جو احوال“ صفحا 138، ڇاپو پهريون، سال 1911ع قيمت ..... ...... پريميئر اسٽيم پرنٽنگ پريس حيدرآباد سنڌ.

10- هوتچند ڏيئل مل جڳتياڻي: ”اسلام جو پيغمبر“ صفحا 64، ڇاپو پهريون، سال 1931ع قيمت.... .....ڪوڙو مل سنڌي ساهت منڊل، نيشنل پرنٽنگ پريس حيدرآباد سنڌ.

11- امر لعل وسڻمل هنڱورائي:”مير محمد عربي“ صفحا 64، ڇاپو پهريون، سال 1947ع ، قيمت..... ........ لائين پرنٽنگ پريس ڪراچي سنڌ.

12- ڄيٺ مل پرسرام گلراجاڻي:”پيغمبر اسلام“ ( هي ڪتاب دستياب ٿي نه سگهيو).

13- علي خان ابڙو:”احاديث نبوي“ صفحا 54، ڇاپو پهريون، سال 1917ع، ٻيا ڇاپا 1919-1938ع پوڪرداس اينڊ سنز حيدرآباد سنڌ. قيمت ........

14-..........”حالات يا سوانح عمري رسول  ڪريم“ صفحا 94، ڇاپو پهريون، سال 1919ع قيمت  50-0 پئسا، ڇپائيندڙ: سيد مٺن شاهه فقير جو پڙ حيدرآباد سنڌ. ڪرائون سائيز، اسٽينڊرڊ پريس حيدرآباد سنڌ.

15- .........”حالات نبوي عرف حيات النبي “ صفحا، 94، ڇاپو پهريون، سال 1928ع قيمت...... ..... ڇپائيندڙ: ميشرس ويڙهو مل کٽڻ مل لاڙڪاڻو سنڌ. شيواجي پريس لاڙڪاڻو.

(قاضي سليمان مرحوم منصور پوري پٽياله جي مشهور ڪتاب”رحمت للعالمين“ جو مختصر سنڌي ترجمون آهي).

16-ميان امام بخش هيڊ ماستر وزيرآباد، ”مداح“، اهل اسلام جون(منظوم) صفحا 33، ڇاپو چوٿون، سال 1909غ قيمت 15-0 پئسا، ڇپائيندڙ:منشي پوڪرداس شڪارپور سنڌ وڪٽوريا پريس سکر.

17-فقير عبدالحڪيم حاجي غلام محمد سومرو، والس آباد تعلقه ڳڙهي ياسين:”سيرت نبوي عرف معراج نامون“ صفحا 112، ڇاپو پهريون، سال مئي 1927ع، قيمت 1 روپيه پنجاهه پئسا، ڇپائيندڙ:هيمنداس تاجر ڪتب نئون سکر سنڌ(ابوالعلائي اسٽيم پريس آگره ۾ ڇپيو)

18- مولوي حڪيم محمد عبدالڪريم چشتي:”اُمهات المؤمنين عرف ازواج النبي“ صفحا80، ڇاپو پهريون، سال 1928ع قيمت 0-1 روپيو، ڇپائيندڙ:حڪيم محمد عبدالحق، اسلاميه بوڪ ايجنسي سکر سنڌ. رفيق عام پريس لاهور ۾ ڇپيو. ٻيو ڇاپو سال 1964ع صفحا 124، قيمت 1 روپيه پنجاهه پئسا، همدرد پريس سکر سنڌ.

19- ....... ”حالات محمدي“ صفحا 16، ڇاپو پهريون، سال 1936ع قيمت 15-0 پئسا، ديا سنگهه بجلي پريس شڪارپور سنڌ.

20- ...... ”احسانات محمدي“ صفحا 34، ڇاپو پهريون، سال 1937ع قيمت 15-0 پئسا، ڇپائيندڙ:غوث احمد طيباڻي شڪارپور سنڌ. مسلم پريس شڪارپور.

21- ......... ”ڪمالات محمدي“ صفحا 14، ڇاپو پهريون، سال 1936ع قيمت 15-0 پئسا، ڪرائون سائيز، شري ڪرشن ليٿو پريس سکر سنڌ.

22-..........”هدايات محمدي“ صفحا 56، ڇاپو پهريون، سال جنوري 1947ع قيمت .......ڇپائيندڙ: شهباب الدين چشتي، بلوچ ليٿو پريس، جهونا مارڪيٽ ڪراچي سنڌ.

23-......... ”جواهرات“ صفحا 52، ڇاپو پهريون سال 1928ع قيمت ......... ڇپائيندڙ ويڙهو مل کٽڻ مل لاڙڪاڻو سنڌ. ٻيو ڇاپو 1942ع صفحا 42، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد سنڌ.

24- ........ ”اقوال  محمد ﷺ“ صفحا 47، ڇاپو پهريون، سال 1936ع ڪرائون سائيز، شڪارپور ۾ ڇپيو.

25- ........ ”سردار دوجهان“ صفحا 30، ڇاپو پهريون، سال 1933ع قيمت ..........شري ڪرشن ليٿو پريس سکر سنڌ.

26- سيد حسين علي شاهه:”انيس العاشقين في معجزات حضرت سيد المرسلين عليہ الصلواة والسلام“ صفحا 174، ڇاپو پهريون، سال آگسٽ 1927ع قيمت 75-0 پئسا، ڇپائيندڙ: هريسنگ ڪتبخانه سکر سنڌ. رفاه عام پريس لاهور ۾ ڇپيو.

27- ........”معراج محمدي“، صفحا 226، ڇاپو پهريون، سال 1928ع قيمت 2 رپيه 25 پئسا، ڇپائيندڙ:هريسنگ ڪتبخانه سکر سنڌ. اليڪٽرڪ ابوالعلائي پريس آگره.

28- مخدوم محمد صالح ڀٽي هالائي: ”سيرت النساءِ“،صفحا 104، ڇاپو پهريون، سال 1929ع، قيمت..... ..... ڇپائيندڙ: قاضي محمد هاشم”مخلص“ حيدرآباد سنڌ. ٽيون ڇاپو، 1955ع محمد يوسف ائنڊ برادرس حيدرآباد سنڌ. فردوس پريس حيدرآباد ۾ ڇپيو.

29- ...........”اسان جو پيارو آقا“، صفحا 99، ڇاپو پهريون، سال .........ڊيمي سائيز، ڇپائيندڙ:محمد يوسف ائنڊ برادرس حيدرآباد سنڌ. فردوس پريس حيدرآباد.

30- (مترجم) مخدوم محمد روشن صديقي پاٽائي:”القانتات“ ترجمہ ”الصالحات“ از مولانا اصغر حسين ديوبندي، صفحا 72، ڇاپو پهريون، سال جون 1937ع، قيمت ..........ڪرائون سائيز، ليٿو ٽائيپ، ڇپائيندڙ: ڀائي عباس پريس فريئر روڊ ڪراچي سنڌ.

31- حڪيم عبدالخالق”خليق“ مورائي سنڌ: ”آخري رسول ﷺ“ صفحا 28، ڇاپو پهريون، سال سيپٽمبر 1925ع - 1344هه، قيمت 50-0 پئسا، ڪريمي پريس لاهور.

ڇاپو ٻيو، سال 1975ع، صفحا 149، قيمت ..........ڇپائيندڙ: محمد بن قاسم سنڌي ادبي سوسائٽي حيدرآباد سنڌ. نيو هلال پرنٽنگ پريس رساله روڊ حيدرآباد.

32- محمد بخش واصف:”اسان جو پيارو رسول ﷺ“ صفحا 200، ڇاپو پهريون، سال 1931ع- 1349 هه، قيمت 0-1 روپيو، ڇپائيندڙ: سنڌي مسلم سوسائٽي ڪتاب نمبر 1 حيدرآباد سنڌ. سٽينڊرڊ پرنٽنگ ورڪس حيدرآباد. ڇاپو ٻيو سال 1935ع.

33- جڳت گرو- مولانا صديق ديندار چن بسويشور:(مترجم محمد حسن صديقي نصيرآباد، ضلع لاڙڪاڻو سنڌ) ”سرور عالمﷺ“ صفحا 162 ڇاپو پهريون، سال ڊسمبر1927ع قيمت 0-4روپيا، ڇاپو يارهون، 1929ع ليٿو ڪاپي، ڇپائيندڙ: اراڪين مجلس ديندار انجمن ڪراچي.سنڌ ضيا پريس ڪراچي.

34- قاضي عبدالرزاق: ”اسان جي پياري رسول جي عملي زندگي جا مثال، عرف اُسوه حسنه“ صفحا 40، ڇاپو پهريون، سال مئي 1938ع قيمت ......،....... سنڌ نيشنل پريس ڪراچي.

35- ............”پياري نبي جي حڪمت ڀري تعليم“(حصه اول) صفحا 110، ڇاپو پهريون، سال 1951ع قيمت .......4 روپيا، ڇپائيندڙ: مولوي عبدالعزيز حيدرآباد سنڌ، ڇاپو ٻيو، صفحا 110، سال 1973ع قيمت .........ڇپائيندڙ: محمد انور مورو خان بلوچ، ڪرائون سائيز، پاڪستان پريس ڪراچي.

36- ............”اسان جو پيارو نبي “ صفحا 184، ڇاپو پهريون، سال 1959ع قيمت .......... ڇپائيندڙ: مدينه دارلاشاعت، آئوٽ رام روڊ ڪراچي سنڌ. ڪرائون سائيز، شمشير پرنٽنگ پريس ميمن سوسائٽي ڪراچي.

37-(مترجم) علي حيدر(حيدري) ملڪاڻي دادو سنڌ:(مؤلف احمد علي دروازه خيران والا لاهور) ”تحفه معراج النبي ﷺ“، صفحا 20، ڇاپو پهريون، سال نومبر 1930ع ڊيمي سائيز، رفاة عام پريس لاهور.

38- مخدوم مولوي غلام حيدر صديقي هالائي: ”اُسوهء محمدي ﷺ“، صفحا 90، ڇاپو پهريون،. سال 1935ع - 1354 هه، قيمت ........... ڊيمي سائيز، ڇپائيندڙ : مخدوم مولوي غلام حيدر صديقي. مسلم ادبي پرنٽنگ پريس حيدرآباد سنڌ.

39- ممتاز علي طيباڻي: ”سيرة الرسول“ صفحا 18، ڇاپو پهريون، سال مارچ 1935ع قيمت ........ ڇپائيندڙ شيخ عبدالرحمان وڪيل، ڊيمي سائيز، مسلم پرنٽنگ پريس شڪارپور.

40- مولوي محمد هاشم:”بنات الرسول“ صفحا 16، ڇاپو پهريون، سال 1945ع قيمت ......... ڇپائيندڙ: حڪيم مولابخش نئون ڳوٺ، متصل رڪ ريلوي اسٽيشن، مسلم پرنٽنگ پريس شڪارپور سنڌ.

41- ............ ”معراج نامون سنڌي“ (منظوم) صفحا 163، ڇاپو پهريون، سال 1913ع -1332 هه، ڇپائيندڙ: قاضي عبدالڪريم ابن مرحوم قاضي نور محمد، مالڪ مطبع ڪريمي بمبئي.

ٻيو ڇاپو 1926ع - 1345 هه، ڇپائيندڙ: هيمنداس تاجر ڪتب نئون سکر. ابوالعلائي اسٽيم پريس آگره.

42- مولوي نثار احمد: ”سيرت رسول ﷺ “ صفحا 55، ڇاپو پهريون، سال جون 1938ع قيمت 50-0 پئسا، ڇپائيندڙ: مڪتبهء شمسيه بئراج روڊ سکر سنڌ. اُردو- سنڌي پريس سکر.

43- ميان محمد صاحب:”ديدار رسول ﷺ“ صفحا 15، ڇاپو پهريون، سال 1922ع 1341 هه قيمت ......... ڇپائيندڙ: مولوي عبدالڪريم، ڳوٺ رضا محمد ڏيرا ضلعي لاڙڪاڻه سنڌ، قادريه پرنٽنگ پريس لاڙڪاڻو.

44- مولانا محمد علي، ترجمه از مولانا دين محمد ”وفائي“: ”حيات محمدﷺ“ صفحا 92، ڇاپو پهريون، سال جون 1930ع ڪرائون سائيز، چار هزار ڪاپيون، مفت تقسيم ڪيون ويون. ”الوحيد“ برقي پريس، بيلاسس اسٽريٽ ڪراچي سنڌ.

45- غلام محمد شهواڻي: ”رسول پاڪ يعني حضرت محمد عربي ﷺ“ صفحا 45- ڇاپو پهريون، سال 1940ع قيمت ........... ڇپائيندڙ: سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد سنڌ. مسلم ادبي پرنٽنگ پريس ميمڻ محله حيدرآباد. ٻيو ڇاپو، صفحا 39، ديش متر پريس حيدرآباد سنڌ. ٽيون ڇاپو، صفحا 32، سال 61-1960ع آر- ايڇ- احمد ائنڊ برادرس حيدرآباد سنڌ.

46- مولوي عبدالرزاق نوشهرائي: ”نبوي اخلاق“ صفحا 41، ڇاپو پهريون، سال 1945ع قيمت ...... ڇپائيندڙ: آزاد بوڪ ڊيپو صدر حيدرآباد سنڌ. آفتاب پرنٽنگ پريس حيدرآباد.

47- قربان علي زنگيجو ”دليل“ رتوديرو: ”شان محمد ﷺ“(منظوم) صفحا 17، ڇاپو پهريون، سال 1951ع قيمت......... ڊيمي سائيز. ڇپائيندڙ: نور محمد عثمان ڪاٺياواڙ اسٽور لاڙڪاڻه سنڌ. ڪلهوڙا پرنٽنگ پريس لاڙڪاڻو.

48- مولي خير محمد نظاماڻي:” اسان جو پيارو نبي ﷺ“ صفحا 44، ڇاپو پهريون، سال 1931ع - 1350هه، قيمت ...... ”الوحيد“ اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس، بيلاسس اسٽريٽ ڪراچي سنڌ.

49-حڪيم مولوي فتح محمد سيوهاڻي: ”حيات النبي ﷺ“ صفحا 280، ڇاپو پهريون، سال 1914ع قيمت....... ٻيا ڇاپا سال 1926- 1953- 1955- 1959- 1966ع ڊيمي سائيز، ڇپائيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ(ڄامشورو).

50- حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ”اخلاق محمدي“ صفحا 132، ڇاپو پهريون، سال 1916ع، ٻيو ڇاپو، سال 1978، قيمت 0-7 روپيا، (ڊيمي سائيز)، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ(ڄامشورو).

51- مولوي فضل احمد غزنوي:”سيرت النبي“ﷺ،(جلد اول) صفحا 486، ڇاپو پهريون، سال 1944ع- 1364 هه، قيمت ...... ڇپائيندڙ ادارهء تبليغ اسلام حيدرآباد سنڌ.

52-.......... ”سيرت النبي “(جلد دوم) صفحا 454، ڇاپو پهريون، سال جون 1946ع، قيمت ...... ڪرائون سائيز، ڇپائيندڙ اداره تبليغ اسلام حيدرآباد سنڌ.

53- حافظ عبدالله”بسمل ٽکڙائي “: ”مثنويء محمدي “ (منظوم) صفحا 53، ڇاپو پهريون، سال 1950- 1951ع، قيمت 0-1 روپيو، ڪرائون سائيز، اسلامڪ پريس حيدرآباد سنڌ. ٻيو ڇاپو، سال 1963ع، صفحا 112، ڪرائون سائيز، اردو اڪيڊمي ڪراچي سنڌ.

54- محمد عثمان ڏيپلائي: ”سيرت محمدي“ ﷺ، صفحا 118، ڇاپو پهريون، سال 1947- 1948ع ، قيمت 1 روپيو پنجاهه پئسا، ڊيمي سائيز، اسلاميه داراالاشاعت حيدرآباد.

55-.........”سيرت الرسول ﷺ“ صفحا 68، ڇاپو پهريون، سال فيبروري 1947ع، قيمت 62 پئسا ڇپائيندڙ: محمد خان غني، هاشمي پرنٽنگ پريس حيدرآباد سنڌ.

56- در محمد اُستو:”نور محمدي ﷺ“ صفحا 29، ڇاپو پهريون، سال 1951ع، قيمت ...... ڇپائيندڙ: مولوي محمد عظيم شڪارپور سنڌ.

57- الحاج محمد صديق ميمڻ:”ڪامل رهنما“ صفحا 74، ڇاپو پهريون، سال 1949ع، قيمت 75-0 پئسا، ڇپائيندڙ: مسلم ادبي پرنٽنگ پريس ميمڻ محله حيدرآباد سنڌ. ٻيو ڇاپو صفحا 86، آر - ايڇ احمد ائنڊ برادرس حيدرآباد سنڌ.

58- حافظ محمد احسن چنا: ”بنات الرسول ﷺ“ صفحا 44، ڇاپو چوٿون، سال مئي 1952ع، قيمت 62-0 پئسا، ڇپائيندڙ: آر- ايڇ احمد ائنڊ برادرس حيدرآباد سنڌ. مدينه پرنٽنگ پريس حيدرآباد.

59-(مترجم) حافظ ...... ...... ”سراپا رسول ﷺ“ صفحا 44، ڇاپو پهريون، سال 1963ع- 1383 هه، قيمت 75-0 پئسا، ڊيمي سائيز، ڇپائيندڙ: حڪيم عبدالحق تاجران ڪتب سکر سنڌ.

60- ......... ”مظاهر مصطفوي عرف عنايات حضرت حبيب ﷺ“ صفحا 112، قيمت 1 روپيو پنجاهه پئسا، ڇاپو پهريون، سال 1962ع، ڪرائون سائيز، ڇپائيندڙ: انجمن آفتاب ادب دادو سنڌ.

61-.......”افضل الاذڪار احسن الاشعار“(منظوم) نعتيه ڪلام، صفحا 50، ڇاپو پهريون، سال 1966ع، قيمت 75-0 پئسا، ڪرائون سائيز، ڇپائيندڙ: حڪيم عبدالحق تاجر ڪتب سکر، حيدري پريس حيدرآباد.

62-.........”گلدسته اَحسن“(منظوم) صفحا 44، ڇاپو پهريون، سال 1964ع، قيمت 75-0 پئسا، ڪرائون سائيز، ڇپائيندڙ: حڪيم عبدالحق تاجر ڪتب سکر.

63- حاجي محمد حسن چانڊيو ”گلزار مدينه “(منظوم) صفحا 34، ڇاپو ٻيو سال ...... قيمت....... ڪرائون سائيز، فيض عالم پريس لاڙڪاڻو.

64- حڪيم محمد صادق ”طالب“ خيرپور ناٿن شاهه:”محمد صادق الامين“ صفحا 40،ڇاپو پهريون، سال 1948ع، قيمت ......... ڪرائون سائيز، مسلم ادبي پرنٽنگ پريس حيدرآباد.

65- حبيب الله پنهور:”خلاصهء رحمت“ صفحا 16، ڇاپو پهريون، سال 1954ع، 1374 هه، قيمت ....... هاشمي پريس حيدرآباد.

66- رفيق احمد ”رفيق“: ”پيغمبر اسلام“ صفحا 48، ڇاپو پهريون، سال 1954ع قيمت  50-0 پئسا، ڪرائون سائيز، سنڌ پرنٽنگ پريس حيدرآباد.

67- محمد شاهه ايم لطيفي: ”محمد رسول الله “ﷺ، صفحا 43، ڇاپو پهريون، سال 1954ع، قيمت 50-0 پئسا، ڪرائون سائيز، ڇپائيندڙ:محمد شاهه ايم لطيفي ڀاڻوٺ، نوان هالا.

68- رشيد احمد لاشاري:(تاريخ اسلام) ”محمد“ ﷺ، صفحا 251، ڇاپو پهريون، سال جنوري 1954ع، قيمت ........ ڇپائيندڙ: ايجوڪيشنل بوڪ ڊيپو حيدرآباد. تاج محل پريس شاهي بازار حيدرآباد.

69- مولانا دين محمد اديب فيروز شاهي:”نور عليٰ نور “ صفحا 198، ڇاپو پهريون، سال 1955ع، قيمت 1 روپيه 87 پئسا، ڪرائون سائيز، ڇپائيندڙ: آر- ايڇ احمد ائنڊ برادرس حيدرآباد، ڇاپو ٻيو، صفحا 200، سال 1956ع، قيمت 0-2 روپيا.

70- ......... ”زادالاديب في الصلواة علي النبي الحبيب “ صفها 65، ڇاپو پهريون، سال 60- 1959ع، قيمت 75-0 پئسا، ديمي سائيز، ڇپائيندڙ: آر- ايڇ احمد ائنڊ برادرس حيدرآباد.

71- مولانا ابوالاعليٰ مودودي:”حقيقت معراج“ صفحا 52، ڇاپو پهريون، سال 1955ع، قيمت ......  ڇپائيندڙ: پرنسپال اورنٽيل ڪاليج حيدرآباد. چندن اليڪٽرڪ پريس حيدرآباد.

72- ........ ”نبوت محمدي ﷺ“(حصو ٻيو) صفحا 32، ڇاپو پهريون، سال ........ قيمت ......... ڇپائيندڙ: جماعت اسلامي حيدرآباد. ڊيمي سائيز، آفتاب اليڪٽرڪ پريس حيدرآباد.

73- (مترجم) حبيب الله مولابخش ڀٽو:”رسول مقبول ﷺ“ ترجمون اردو ڪتاب ”الله ڪَي پياري نبي“ از مولوي امير حسن نوراني. صفحا 64، ڇاپو پهريون، سال 1956ع، قيمت 50-0 پئسا، ڪرائون سائيز، ڇپائيندڙ:انوار بوڪ ڊيپو ڪراچي.

74- غلام نبي مهيسر:”ثنايء سرور ڪائنات “ صفحا 20، ڇاپو پهريون، سال 1940ع، قيمت ......... ڪرائون سائيز، ڇپائيندڙ: مولوي محمد عظيم شڪارپور.

75- ........ ”عشاق النبي ﷺ“ صفحا 18، ڇاپو پهريون، سال 1956ع، قيمت .......... ڪرائون سائيز ڇپائيندڙ: مولوي محمد عظيم شڪارپور.

76- لطيف، عبدالڪريم، ثنائي ۽ صاحبڏنو:”عشق محمدي“ صفحا 36، ڇاپو پهريون، سال 1956ع قيمت ......... ڪرائون سائيز، ڇپائيندڙ: حڪيم عبدالحق، مالڪ اسماعليه بوڪ ڊيپو سکر.

77- عبدالغفور هالائي: ”گنبذ خضرا“ صفحا 14، ڇاپو پهريون، سال 1934ع قيمت .......... ڪرائون سائيز ڇپائيندڙ: عبدالغفور هالائي.

78- ابوبڪر شبلي: ”مجموعه مولود شريف “ (منظوم صفحا 32، ڇاپو پهريون قيمت........ ڪرائون سائيز، ڇپائيندڙ: ڪتب خانه مقبول عام سکر.

79- منظور احمد صديقي: ”الوحي الوفي “ صفحا 86، ڇاپو پهريون، سال 1956ع قيمت 0-2 روپيا، ڪرائون سائيز حيدري پريس حيدرآباد.

80- حاجي حقير ابن مڱڻ ٽنڊو قيصر: ”شاهه عرب “ صفحا 104، ڇاپو پهريون، سال 1956ع قيمت50-1، (ڪرائون سائيز) ڇپائيندڙ: آر- ايڇ- احمد ائنڊ برادرس حيدرآباد. مدينه پريس حيدرآباد. ٻيو ڇاپو، سال 1966ع، ٽيون ڇاپو 1969ع.

81- مير گل حسن مقيم علي آباد: ”سوانح عمري رسول ڪريم ﷺ“ صفحا 172، ڇاپو پهريون، سال..... قيمت ...... (ڊيمي سائيز) ڇپائيندڙ: ميان محمد جعفر ميرپور بٺورو. فيض رحماني پريس ڪراچي.

82-(مترجم) ڪريم ڏنو راڄپر:”اقوال رسول ﷺ“ صفحا 77، ڇاپو پهريون، سال 1957ع قيمت 0-1 روپيو. ٻيو ڇاپو 1975ع (ڊيمي سائيز) ڇپائيندڙ: محمد ابراهيم راڄپر حيدرآباد. سنڌ يونيورسٽي پريس حيدرآباد.

83- فقير محمد قاسم: ”هدايت الابرار في تحقيق ان المصطفيٰ نورالانوار“ ﷺ صفحا 18، ڇاپو پهريون، سال 1954ع - 1374 هه، قيمت ........(ڊيمي سائيز) فيض عام پريس ڪراچي.

84- مولانا محمد عبدالله کڏهري:”القوال الاظهر في ثبوت بشريته الرسول الانوار “ صفحا 34، ڇاپو پهريون، سال 1959ع قيمت 0-1 روپيو(ڪرائون سائيز) لطيف پرنٽنگ پريس نوابشاهه.

85- ڊاڪٽر محمد عمر شيخ(هوميوپيٿڪ): ”اقوال محمد “ ﷺ، صفحا 38، ڇاپو پهريون، سال جنوري 1958ع قيمت 37-0 پئسا، ڇپائيندڙ: شيخ حاجي محمد ائنڊ سنز لاڙڪاڻو(ڪرائون سائيز) پاڪستان پرنٽنگ پريس لاڙڪاڻو.

86- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ:”مداحون ۽ مناجاتون “(منظوم) صفحا 510، ڇاپو پهريون، سال 1959ع قيمت 50-6 روپيا(ڊيمي سائيز) ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد. سنڌ يونيورسٽي پريس حيدرآباد.

87- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ:”مناقبا“(منظوم) صفحا 387، ڇاپو پهريون، سال 1960ع قيمت 0-5 روپيا، (ڊيمي سائيز) ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد. اسلاميه پرنٽنگ پريس حيدرآباد.

88- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ:”معجزا “(منظوم) صفحا 290، ڇاپو پهريون، سال اپريل 1960ع قيمت 3 روپيا پنجاهه پئسا، ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد. محمد پرنٽنگ پريس حيدرآباد.

89- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”ٽيهه اَکريون “(منظوم)( حصه اول) صفحا 509، ڇاپو پهريون، سال 1960ع قيمت 0-6 روپيا، ڇپائيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد. سنڌ يونيورسٽي پريس حيدرآباد.

90- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ:”ٽيهه اَکريون“ (منظوم)(حصه دوم) صفحا477، ڇاپو پهريون سال 1961ع قيمت 0-6 روپيا،(ڊيمي سائيز) ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد. سنڌ پرنٽنگ پريس حيدرآباد.

91- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،”مولود“ (منظوم) صفحا 458، ڇاپو پهريون، سال 1961ع قيمت 5 روپيا پنجاهه پئسا،(ڊيمي سائيز) ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد. اسلاميه پرنٽنگ پريس حيدرآباد.

92- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”نڙ جا بيت“ (منظوم) صفحا 418، ڇاپو پهريون، سال آگسٽ 1970ع قيمت 0-8 رپيا،(ڊيمي سائيز) ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد. اسلاميه پرنٽنگ پريس حيدرآباد.

93-ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،”ڏور بيت “(منظوم)صفحا 738، ڇاپو پهريون، سال 1970ع قيمت 0-14 روپيا،(ڊيمي سائيز) ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد. جمالي پرنٽنگ پريس حيدرآباد.

94- محمد عاقل شيخ: ”ثناءِ محمدي“ (منظوم) صفحا 40، ڇاپو پهريون، سال 1936ع قيمت ........ (ڪرائون سائيز) ڇپائيندڙ: هريسنگهه سنس بوڪ ڊيپو سکر.

95- سرور علي ”سرور“ حيدرآباد: ”ڪارڻي “ شاهه جو فلسفو. صفحا 325،  ڇاپو پهريون، سال 60-1959ع قيمت ....... (ڊيمي سائيز) ڇپائيندڙ: آر- ايڇ- احمد ائنڊ برادرس تلڪ چاڙهي حيدرآباد. مسلم ادبي پرنٽنگ پريس حيدرآباد.

96- سيد جيئل شاهه: ”سيرت آنحضرت ﷺ“ ماهانه ”پيغام“ ڪراچي، سال فيبروري 1979ع صفحي 13 کان 63 تائين، ڇاپو پهريون، ڇپائيندڙ: اطلاعات کاتو، سنڌ سرڪار ڪراچي.

97- آخوند مير محمد: ”مولود شريف“ (منظوم) صفحا، 48، ڇاپو پهريون، سال 1960ع قيمت ...... (ڪرائون سائيز) ڇپائيندڙ: محمد يوسف ائنڊ برادرس حيدرآباد.

98- محمدي متوالو: ”حب رسول ﷺ“ صفحا 40، ڇاپو پهريون، سال 1959ع قيمت ....... .....(ڪرائون سائيز) ڇپائيندڙ: آر- ايڇ- احمد ائنڊ برادرس حيدرآباد.

99- مولوي عبدالهادي:”مولود شريف“ (منظوم) صفحا 64، ڇاپو چوٿون، سال 1968ع قيمت 2 روپيه 50 پئسا،(ڪرائون سائيز) ڇپائيندڙ: آر- ايڇ - احمد ائنڊ برادرس تلڪ چاڙهي حيدرآباد. (ڇاپو ٽيون، سال 1966ع فردوس پريس مکي گهٽي حيدرآباد).

100- مجذوب لاشاري: ”مثنوي عشق محمدي ﷺ“ (منظوم) صفحا 151، ڇاپو پهريون، سال 1966ع، قيمت ......( ڪرائون سائيز) ڇپائيندڙ: آر ايم- فتح برادرس حيدرآباد.

101- مولوي عبدالرحمان ڀٽو:”ميلادشريف“ (منظوم) صفحا 40، ڇاپو پهريون، سال 1966ع قيمت ..... (ڪرائون سائيز) ڇپائيندڙ: باغبان پبليڪيشنس حيدرآباد.

102- مخدوم عبدالرؤف ڀٽي: ”مولود شريف“ (منظوم) صفحا 128، ڇاپو پهريون، سال 1961ع قيمت 1 روپيه 50 پئسا (ڪرائون سائيز)

103- نور احمد ٻيلوي: ”مجاز محمد ﷺ“ صفحا 24، ڇاپو پهريون، سال ........قيمت......... (ڪرائون سائيز) ڇپائيندڙ: نور احمد ٻيلوي حيدرآباد.

104- مولوي جان محمد ”جوهر“ ڪنڊيارو: ”سيدالڪونين“ صفحا 54، ڇاپو پهريون، سال ......... قيمت 75-0 پئسا، ڇپائيندر مولوي جان محمد، مدرسه عربيه انوار العلوم  ڪنڊيارو.

105- غلام صديق ڀٽو: ”معراج محمدي ﷺ“ صفحا 21، ڇاپو پهرين، سال ........ قيمت ........ ڇپائيندڙ: مرتضيٰ بوڪ ڊيپو لاڙڪاڻو.

106- مفتي عبدالرحيم سڪندري ”ذڪر عيد ميلادالنبي ﷺ“ صفحا 80، ڇاپو پهريون، سال 1968- 1388هه قيمت .......... ڇپائيندڙ: سني دارالاشاعت قادريه سڪندريه شاهپورچاڪر، ضلع سانگهڙ.

107- آر- ايم سرهيو: ”رسول الله ﷺ جي زندگي جا مختصر حالات“، صفحا 8، ڇاپو پهريون، سال 1956ع قيمت..........تاج محل پريس حيدرآباد.

108- مولانا رحيم بخش ”قمر“ لاکو: ”جمال مصطفيٰ في ثبوت امام الانبياءِ“ صفحا 60، ڇاپو پهريون، سال 1961ع قيمت 75-0 پئسا، (ڊيمي سائيز) فردوس پرنٽنگ پريس حيدرآباد.

109- ............ ”دربار مدينه عرف موتين جهڙا مولود“ (منظوم) صفحا 20، ڇاپو ٻيو، سال 1967ع قيمت 25-0 پئسا،(ڪرائون سائيز) ڇپائيندڙ: مولوي محمد عظيم ائنڊ سنز تاجر ڪتب شڪارپور، محمدي پريس شڪارپور.

110- .......... ”سڄڻ آيو سهنج ٿيا“ (منظوم) صفحا 12، ڇاپو پهريون، سال 1969ع ، قيمت 37-0 پئسا،(ڪرائون سائيز) حيدري پريس حيدرآباد سنڌ.

111- مولوي عبدالرحمان ڀٽو:”عشق رسول ﷺ“ صفحا 32، ڇاپو پهريون، سال 60-1959ع قيمت 50-0 پئسا، (ڪرائون سائيز) ڇپائيندڙ: آر- ايڇ- احمد ائنڊ برادرس تلڪ چاڙهي حيدرآباد. مدينه پرنٽنگ پريس حيدرآباد.

112- ..........:”رهبر اعظم ﷺ“ صفحا 88، ڇاپو پهريون، سال 1966ع - قيمت .........(ڪرائون سائيز) ڇپائيندڙ امين پيپر مارٽ حيدرآباد، مدينه پرنٽنگ پريس حيدرآباد.

113- گل محمد ”آزاد “ صوفي:”دربار نبوي جا فرمان ۽ فيصلا “ صفحا 152، ڇاپو پهريون، سال 1964ع قيمت 2 رووپيه 50 پئسا ڇپائيندڙ: آر- ايڇ- احمد ائنڊ برادرس تلڪ چاڙهي حيدرآباد. مدينه پرنٽنگ پريس حيدرآباد.

114- سيد زوار حسين شاهه رضوي ڪربلائي: ”حقيقت بنت رسول ﷺ“(حصه دوم) صفحا 54، ڇاپو پهريون، سال مارچ 1966ع قيمت 62--0 پئسا، ڇپائيندڙ: پنجتني اماميه پريس اسٽيشن روڊ حيدرآباد.(ڊيمي سائيز)

115- شير محمد حاجي محمد صالح: ”صداقت رسول ﷺ“ صفحا  28، ڇاپو پهريون، سال 1968ع، قيمت.... ....(ڪرائون سائيز) چندن پريس شڪارپور.

116- فقير سيد وحيدالدين (مترجم) رشيد احمد لاشاري:” محسن اعظم ۽ محسنين“ صفحا 214، ڇاپو پهريون، سال 1964ع، قيمت 0-5 روپيا، ڇپائيندڙ: فقير اسپننگ ملز لميٽيڊ گمبٽ، خيرپور ميرس. لائين آرٽ پريس لاهور.

117-  مولانا قاضي محمد عثمان ٿريچاڻي، پنوعاقل: ”شمائل ترمذي شريف عرف صفات ٰ النبي“ صفحا 125، ڇاپو پهريون، سال 1963ع، قيمت 0-2 روپيا، ڇپائيندڙ: حڪيم عبدالحق تاجران ڪتاب سکر.

118- سيد ساجد علي”ساجد“ حيدآباد: ”غزوات النبي ﷺ“ صفحا 118، ڇاپو پهريون، سال 1968ع، قيمت... ..... (ڪرائون سائيز) ڇپائيندڙ: حبيب الله محمد اسحاق ميمڻ، احباب پبليڪيشن لجپت روڊ حيدرآباد.

119- منصور احمد: ”سرور ڪائنات “ صفحا 26، ڇاپو پهريون، سال 1965ع، قيمت 25-0 پئسا،(ڪرائون سائيز) ڇپائيندڙ: برڪت علي ائنڊ سنز ڪراچي. حيدري پرنٽنگ پريس حيدرآباد.

120- سيد حبيب الله شاهه: ”سرور ڪائنات “(حصه اول ) صفحا 170، ڇاپو پهريون، سال 1969ع، قيمت 0-4 روپيا،(ڊيمي سائيز) ڇپائيندڙ: نسيم بوڪ ڊيپو فوجداري روڊ حيدرآباد.

121- ....... ”سرورڪائنات“(حصه دوم).

122- قاضي علي اڪبر درازي روهڙي: ”عشق حبيب ﷺ“ صفحا 154، ڇاپو پهريون، سال 1969ع، قيمت 0-2 روپيا، ڇپائيندڙ: قاضي علي اڪبر درازي، قاضي محله روهڙي، ڇاپو ٻيو جولاءِ 1977ع.

123- غلام محمد ايس پنهور: ”ميلاد النبي“ ﷺ صفحا 156، ڇاپو پهريون، سال 1966ع- -1386 هه،  قيمت 50-1 روپيو،(ڊيمي سائيز) ڇپائيندڙ: غلام محمد ايس پنهور، عامل ڪالوني نمبر 6 حيدرآباد. سنڌ پرنٽنگ پريس حيدرآباد.

124- ......   ........  ...... ”اسماءُ النبي“ﷺ صفحا 404، ڇاپو پهريون، سال ..... .... .... قيمت 0-4 روپيا، فردوس پريس حيدرآباد.

125- حافظ شمس الدين عباسي: ”عشق رسول ﷺ“ صفحا 103، ڇاپو پهريون، سال 1969ع،-1389 هه قيمت 1 روپيه پنجويهه پئسه، ڇپائيندڙ حافظ شمس الدين عباسي، براج ڪالوني سکر.(ڊيمي سائيز) مدينه پرنٽنگ پريس حيدرآباد.

126- مولوي عبدالحي: ”معجزات محمدي ﷺ“ صفحا 110، ڇاپو پهريون، سال 1965ع، قيمت 2 روپيه 50 پئسه (ڪرائون سائيز) ڇپائيندڙ: مولوي محمد عظيم ائنڊ سنز شڪارپور. محمد اليڪٽرڪ پريس شڪارپور.

127- ........”معراج محمدي“ صفحا 72، ڇاپو ٽيون، سال 1970ع، قيمت 0-1 روپيو، (ڪرائون سائيز) محمدي پريس شڪارپور.

128- ....... ”نور محمدي“ صفحا 47، ڇاپو پهريون، سال 1964ع، قيمت 0-1 روپيو، ڇپائيندڙ: مقبول احمد ائنڊ برادرس شڪارپور. محمدي اليڪٽرڪ پريس، شڪارپور سنڌ.

129- مخدوم امير احمد:”ٻنهي جهانن جو سردار ﷺ“ صفحا 359، ڇاپو پهريون،  سال 1962ع، قيمت 0-2 روپيا،(ڊيمي سائيز) ڇپائيندڙ:آر - ايڇ- احمد ائنڊ برادرس تلڪ چاڙهي حيدرآباد.

130- .......... ”حقيقت معراج “ صفحا 24، ڇاپو پهريون، سال 56-1955ع، قيمت 37-0 پئسا،(ڊيمي سائيز) ڇپائيندڙ: باغبان پبليڪيشن حيدرآباد.

131- ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي: پارس ”رحمة للعالمين“ (ڪتاب نمبر 2) صفحا 120، ڇاپو پهريون، سال 1927ع، قيمت .........(ڪرائون سائيز) ڇپائيندڙ: سيڪريٽري، لطيف اڪيڊمي سکر. سنڌ زميندار پريس سکر.

132- ....... اسلاميات ”ٻنهي جهانن جي سردار جي سونهاري سيرت “ صفحا 72، ڇاپو اٺون، سال 1978ع، قيمت 3 روپيه 50 پئسا، ٻيا ڇاپا، ترتيب وارن هن ريت آهن : 1976- 1974- 1972- 1970- 1968- 1966- 1964ع  ڇپائيندڙ:عجائب اسٽورس، فريئر روڊ سکر.

133- شاهه نواز”شائق “ بدينوي: ”درٻار محمدي ﷺ“ (منظوم) صفحا 32، ڇاپو پهريون، سال 1972ع، قيمت .......(ڊيمي سائيز) ڇپائيندڙ: لاڙ ادبي سوسائٽي بدين. بدين پريس بدين.

134- ......... ”مٺو نالو محمد ﷺ جو“ منظوم (حصه اول) صفحا 19، ڇاپو پهريون، سال 1978ع، قيمت 0-1 روپيو، (ڊيمي سائيز) اسٽار پرنٽرس، ڀائي خان جي چاڙهي حيدرآباد.

135- سنڌ يونيورسٽي طرفان ڪيل سيرت پاڪ جو جلسو: ”جلسه سيرت النبي “ ﷺ صفحا سنڌي 10، اردو 9، انگريزي  8. ڇاپو پهريون، سال 1971ع -1391 هه. سنڌ يونيورسٽي پريس حيدرآباد.

136- پروفيسر ملڪ عنايت الله: ”مديني جو مير ختم المرسلين حضرت محمد مصطفيٰ“ ﷺ ”سرڪار مدينه“ اردو جو ترجمو. ترتيب ڏيندڙ: مولوي دين محمد ”وفائي“ صفحا 54، ڇاپو پهريون، سال 1973ع، قيمت...... (ڊيمي سائيز) ”وفائي“ پبلشنگ هائوس ڪراچي.

137- مولانا محمد خان لاکو سرهاڙي:”معراج النبي ﷺ“ صفحا 210، ڇاپو پهريون، سال 1974ع هديه 0-10 روپيا، (ڊيمي سائيز) ڇپائيندڙ سني دارالاشاعت قادريه سڪندريه نيو ڪالوني شاهپورچاڪر ضلع سانگهڙ.

138- مولانا محمد عبدالحي:”خدا جي پياري پيغمبر جي پاڪ زندگي“ صفحا 206، ڇاپو پهريون، سال نومبر 1975ع، قيمت 0-12 روپيا، (ڪرائون سائيز) ڇپائيندڙ: فرقان پبليڪيشنس 266-7 سي لطيف آباد حيدرآباد.

139- ڊاڪٽر عبدالحي: ”اُسوهء رسول اڪرم ﷺ“ صفحا 694، ڇاپو پهريون،سال 1975ع قيمت ....... (ڪرائون سائيز) ڇپائيندڙ: ادارهء اشاعت اسلام ڪراچي. زير نگراني:عبدالعزيز شيخ، 13 عامل ڪالوني حيدرآباد. نفيس پرنٽنگ پريس لجپت روڊ حيدرآباد.

140- مولوي محمد عظيم”شيدا“: ”سيرت مصطفيٰ“ ﷺ صفحا 521، ڇاپو پهريون، سال 1976ع - 1396 هه، قيمت -12 روپيا،(ڊيمي سائيز) ڇپائيندڙ: سيڪريٽري، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد. مصنف کي هن سيرت پاڪ جي ڪتاب تي، حڪومت پاڪستان جي طرفان، فيبروري 1980ع تي، ڏهه هزار روپيا بطور انعام مليا.

141- فقير محمد اسماعيل ڪنڀار(خاطي) ٺٽوي: ”برڪات الصلواة“ صفحا 132، ڇاپو پهريون، سال 1976ع،(ڪرائون سائيز) ڇاپو ٽيون، سال 1978ع. ڇپائيندڙ: ۽ مفت تقسيم ڪندڙ: حاجي عبدالحسين وينجهر ٺٽوي ايف 68، ايس- آءِ - ٽي - اي، ڪراچي 28 پاپولر پرنٽرس ”عبرت “ حيدرآباد.

142- ......... ”جمال حبيب “ صفحا 259، ڇاپو پهريون، سال 1976ع، (ڪرائون سائيز) ڇپائيندڙ ۽ مفت تقسيم ڪندڙ: حاجي عبدالحسين وينجهر ٺٽوي.

143- قمرالدين سهتو: ”النبي الامين و القرآن المبين “ صفحا 70، ڇاپو پهريون، سال جنوري 1977ع، قيمت .......... (ڊيمي سائيز) ڇپائيندڙ: قمرالدين سهتو، بنگلو نمبر 6 براج ٽائون  سکر. مڪلي پرنٽرس ناظم آباد ڪراچي.

144-مولانا ابوالعطا غلام رسول:”اخلاق محمدي“ صفحا 44، ڇاپو پهريون، سال 1978ع، قيمت ...... ڇپائيندڙ: شعبئه نشر و اشاعت مدرسه اسلاميه، دارالعلوم مدينه، ڀريا روڊ ضلع نواب شاهه.

145- پروفيسر ڪريم بخش نظاماڻي:”سيرت طيبه“ صفحا 270، ڇاپو پهريون، سال 1978ع، قيمت..... (ڪرائون سائيز).

146-(مترجم) عبدالڪريم قريشي ڳوٺ ٻير تعلقو قنبر علي خان:”فضائل النبي  ترجمه شمائل الترمذي“ صفحا  256، ڇاپو پهريون، سال 1963ع، قيمت .........(ڪرائون سائيز) ڇپائيندڙ: حاجي نظام الدين سکر. آفسٽ ليٿو پريس ڪراچي.

147- حمل خان لغاري:” معجزو هرڻيءَ جو “ صفحا 7، ڇاپو ٽيون سال .......... قيمت 25-0 پئسا، ڇپائيندڙ: مولوي محمد عظيم ائنڊ سنز شڪارپور. محمدي پرنٽنگ پريس شڪارپور.

148- مولوي حافظ حڪيم گل محمد صديقي: ”القول المعقول في بيان معراج الرسول ﷺ“ صفحا 39، ڇاپو پهريون، سال .........(ڊيمي سائيز) انقلاب اليڪٽرڪ پريس سکر.

149- ماستر علي محمد لاڙڪاڻو:”وفات نامون“ (معجزات حضرت رسول ڪريم ﷺ حضرت علي ۽ حضرت امام حسين)، صفحا 78، ڇاپو ٻيو، سال 1914ع، قيمت 37-0 پئسا،(ڪرائون سائيز) نولڪشور لميٽيڊ پريس لاهور.

150- سيد محمد رشد الله جهنڊو شريف:-”سمر آخرت ترجمه سفر سعادت “(حصه اول) صفحا 194، ڇاپو پهريون، سال ........ ڇپائيندڙ: حاجي محمد امام الدين شاهه صاحب ٺل شريف. محمدي پريس لاڙڪاڻو.

151- مسرور ڪيفي:”مدني محبوب“(منظوم) صفحا 96، ڇاپو پهريون، 1962ع، قيمت 0-2 روپيا،(ڪرائون سائيز) ڇپائيندڙ: مڪتبهء فروغ ادب ڪراچي 2.

152- (مترجم) عبدالله ”اثر“ مرحوم: ”جام ڪوثر“ ترجمه قصيده برده(منظوم)  صفحا 26، ڇاپو پهريون، سال 1947ع - 1366 هه، ڇپائيندڙ: بشير احمد ائنڊ سنز جهونا مارڪيٽ ڪراچي.(ڊيمي سائيز) آزاد پريس  ڪچهري روڊ ڪراچي.

153- پير ڀاون علي شاهه ”ساقي“: ”مناجات ساقي بدرگاه رسالت“ (منظوم) صفحا 15، ڇاپو پهريون، سال 1956ع، (ڪرائون سائيز) ڇپائيندڙ: جيلاني پبليڪيشن بدين. قرآن پرنٽنگ پريس حيدرآباد.

154- محمد رمضان ميمڻ ”آزاد“: ”دربار مدينه عرف ڪلام آزاد“(منظوم) صفحا 26، ڇاپو پهريون، سال ....... قيمت 0-1 روپيو، (ڪرائون سائيز) ڇپائيندڙ عليڳڙهه بوڪ اسٽور نيم جي چاڙهي سکر.

155- مخدوم آفتاب احمد خان صديقي:”نور سرور ﷺ“ (منظوم) صفحا 8، ڇاپو پهريون، سال 1976ع، قيمت 75-0 پئسا، (ڊيمي سائيز) سنڌ پرنٽنگ پريس حيدرآباد.

156- محمد نوح پنهور ”ناقص“ :” نعت حبيب ﷺ“(منظوم) صفحا 26، ڇاپو پهريون، سال 1961ع، قيمت 25-0 پئسا، سنڌ پرنٽنگ پريس حيدرآباد.

157- عبدالواحد  سنڌي ۽ سليم هالائي:”رسول پاڪ ﷺ جن ڪير هئا ۽ ڪيئن هئا“صفحا 95، ڇاپو پهريون، سال 1949ع، قيمت 1 روپيه 50 پئسا، ماڊرن سنڌ پبلشنگ هائوس ڪراچي.

158- قادر بخش چنا:”حالات سرور ڪائنات ﷺ“ صفحا 48، ڇاپو پهريون، سال 1963ع، قيمت 75-0 پئسا،(ڪرائون سائيز) ڇاپو ٻيو، سال 1964ع. محمدي پريس لکيدر شڪارپور.

159- ........... ”نبوت محمدي جو عقلي ثبوت “ صفحا 32، ڇاپو پهريون، سال 1964ع، قيمت 25- پئسا، (ڪرائون سائيز) محمد پريس لکيدر شڪارپور.

160- ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي: ”سنڌي نعتيه شاعري “(منظوم) صفحا 300، ڇاپو پهريون، سال 1980ع، قيمت ..... .....(ڪرائون سائيز) ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي اڪيڊمي لاڙڪاڻو.

161-(مترجم) مولوي علي محمد مهيري:”قصيده برده“(منظوم سنڌي ترجمون) صفحا 32، ڇاپو پهريون، سال ....... ليٿو- بمبئي.

162- علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب:”مٺو مرسل “ تاليف 1978ع، (خطي)، صفحا تقريباً 100، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو لائبرري ۾ موجود آهي.

163- قاضي غلام محمد قريشي هالا پراڻا:”سيدالمرسلين “ تاليف 1952ع،(خطي)، صفحا 88، ذاتي لائبرري، قاضي غلام محمد قريشي هالا پراڻا ۾ موجود آهي.

164- مولوي عبدالرحيم مگسي: ”سيرت النبي ﷺ“(هي ڪتاب دستياب ٿي نه سگهيو.)

165- محمد اسحاق هالائي: ”رهبر اعظم ﷺ“ (هي ڪتاب دستياب ٿي نه سگهيو.)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com