سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1980 (3 ۽ 4)

 

صفحو :3

مضمون

علامه غلام مصطفيٰ قاسمي

 

حُضُور اَڪرَم ﷺ جي  پَاڪ سِيَرت جِي جَهلَڪ

قرآن حڪيم جي روشني ۾

 

قرآن مجيد جي سورت آل عمران آيت 123 کان جنگ بدر جو بيان آهي، جنهن ۾ خدا پاڪ طرفان آنحضرت ﷺ ۽ مسلمانن کي ملائڪن سان مدد ڏيڻ جو به ذڪر آهي. قرآن پاڪ جي لفطن ۾- ملائڪن لاءِ ”منزلين“ (لٿل) جو لفظ آيل آهي، قصي جو تفصيل ته هر پڙهيل مسلمان کي معلوم آهي، اسان کي رڳو ان جي ڪن علمي نڪتن بابت عرض ڪرڻو آهي.

شاهه ولي الله صاحب جي اسلامي فلسفي مطابق اها الاهي مدد، عالم مثال کان لهندي آهي. اهو عالم، هن عناصر جي جهان کان مٿي آهي. ڪا به شيءَ جڏهن انهيءَ عالم کان ايندي آهي ته اتي عربيءَ ۾ ”نزل“ (لٿو) جو لفظ ڪتب ايندو آهي. صوفين جو "ملاء سافل" به انهيءَ عالم جي شيءَ آهي. تڏهن جيڪي ملائڪ حضور پر نور ۽ صحابين سڳورن جي مدد لاءِ لٿا هئا، سي به "ملاء سافل" جا ملائڪ هئا.

 آسماني دينن ۾ اهو دستور رهيو آهي ته جڏهن ڪا به قوم الله جي ڪتاب جي پيروي ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندي آهي ۽ ان تي عمل ڪرڻ لاءِ پورو عزم ۽ ارادو ڪندي آهي، تڏهن ملاء سافل يا ٻين لفظن ۾ عالم مثال جا ملائڪ اهڙن ماڻهن جي مدد لاءِ پنهنجي طبيعت  ڪري مجبور ٿيندا آهن، اها امداد تڏهن ايندي آهي، جڏهن مجاهدن کي ان جي ضرورت محسوس ٿيندي آهي. هن مدد جي ڪيفيت اها هوندي آهي ته ايماندارن جي دلين ۾ فتح جا خيال وڌا ويندا آهن ۽ ڪافرن جي دلين کي ڀاڄ ۽ شڪست جي خيالن ۽ خطرن سان ڀريو ويندو آهي ۽ اها به صورت پيش ايندي آهي ته اهڙي وقت ۾ امام پنهنجن ماڻهن کان ڪو مشورو ۽ صلاح وٺندو آهي ته صلاح ڏيندڙن جي دلين ۾ ملائڪن طرفان ڪنهن مناسب تدبير جو الهام ۽ القاء ٿيندو آهي ۽ حق جي خيالن جي انهن تي پالوٽ ٿيندي آهي. ملاء سافل  جي ملائڪ جي اها عام ڊيوٽي هوندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن اهي ملاء سافل جا ملائڪ انساني شڪل وٺي به ايندا آهن ۽ جهاد ۾ حصو وٺندا آهن. انهن کان قتل ۽ زخمي ڪرڻ وارا ڪارناما به صادر ٿيندا آهن.

ملائڪن جي اها تائيد تڏهن ئي ٿيندي آهي جڏهن مومن پڪو عزم ۽ ارادو ڪري ان تي عمل لاءِ تيار ٿي ويندا آهن. بدر جي موقعي تي به صحابين سڳورن اهڙي عزم جو اظهار ڪيو. سندن دليون الله جي نصرت سان معمور ۽ مستعد هيون احد واري لڙائي ۾ اها صورت نه رهي. ڪن مجاهدن جي افڪار ۾ ڀڄي جان بچائڻ جو خيال آيو ۽ ڪمزوريءَ جو کين يقين پيدا ٿيو. تڏهن الاهي مدد کان محروميءَ جو کين منهن ڏسڻو پيو. باقي قيادت جي تنظيم ۾ ڪو به نقص نه هو. پاڻ نبي ﷺ ان ڏينهن هڪ عظيم ڪارنامي کي سرانجام ڏنو ۽ مستقبل ۾ امت لاءِ هڪ مستقل سنت جو بنياد وڌو.

اها سنت هيءَ هئي ته پاڻ سڳورن جنگ احد ۾ پنهنجي اصحاب ۽ ساٿين کان مشورو ورتو ته حملي آور دشمن کي منهن ڏيڻ لاءِ مديني منوره کان ٻاهر نڪرڻ گهرجي يا مديني ۾ اندر رهي گهرن جي ڀتين کي پٺيون ڏئي لڙائي ڪجي؟ هن ۾ صحابي سڳورن جو اختلاف ٿي پيو. نوجوان ۽ ڪجهه اهي عمر رسيده جيڪي بدر جي لڙائي ۾ لا علمي ڪري حاضر نه ٿي سگهيا هئا، تن اها راءِ ڏني ته مديني کان ٻاهر نڪري دشمن کي منهن ڏجي ۽ شيوخ جي اڪثريت جي اها راءِ هئي ته مديني ۾ اندر رهي لڙائي ڪجي. ان وچ ۾ نبي ﷺ بنہ ايستائين ماٺ رهيا جيستائين آزاديءَ سان ٻنهي گروهن موافق يا مخالف پنهنجي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو. ان کان پوءِ پاڻ سڳورن عمر رسيده صحابين جي راءِ ڏانهن لاڙو ڏيکاريو، پر جڏهن ته اڪثريت نوجوانن جي هئي ان ڪري پاڻ پهرين خيال کي ڇڏي نوجوانن جي راءِ کي اختيار ڪيو ۽ پهرئين راءِ کي ڇڏي ڏنو.

شورائي قانون ۾ روءِ زمين تي اها سڀ کان چڱي راءِ آهي، ان کان وڌيڪ ڪو به سهڻو قانون نه ٿو ٿي سگهي. منهنجو استاد مولاناعبيدالله سنڌي اهو رايو بيان ڪندي افسوس مان فرمائيندو هو ته مسلمانن جو شوريٰ کان پاسيرو ٿيڻ هڪ عام ڳالهه ٿي پئي آهي، جو هڪ افسوسناڪ سانحو آهي. ان سان گڏ پاڻ اهو به فرمايائون ته مسلمانن شورائي قانون جي ايتري به سنڀال نه لڌي جيتري اهي استنجا جي پٿرن ۽ ڀترن جي ڪندا آهن. افسوس اهو آهي جو فقهي ڪتابن ۾ ان کي ڪا اهميت نه ڏني وئي آهي ان طرح حڪومت جي ستون کي به ڊاٺو ويو ۽ ان جي بنياد جي پاڙ پٽي وئي. اهو سڀ جهالت ڪري ٿيو آهي، ان طرح استبداد سرايت ڪئي ۽ اسلامي اجتماعيت بنهه ناس ٿي وئي.

احد جي لڙائي ۾ ٿيو ڇا جو جڏهن اڪثريت جي راءِ کي ڇڏيندي ڪي منافق ماڻهو واٽ کان موٽيا ۽ مشاورت سان جيڪي طئه ٿيو هو ان جي مخالفت ڪيائون ته لشڪر جي هڪ ڀاڱي ۾ ڪمزوريءَ جا جيوڙا سرايت ڪري ويا ۽ کين الاهي نصرت تي پورو ويساهه نه رهيو. لڙائيءَ لاءِ سندن عزم ۽ ارادي ۾ سستي پيدا ٿي تڏهن اهڙي حالت ۾ ڪيئن کين مدد پهچندي، سورت آل عمران جي آيت 126، 127 ۾ ان ڏانهن اشارو آهي، جن جو خلاصو هيءُ آهي ته الله جي اها مدد رڳو فتح ۽ نصر جي خوشخبريءَ لاءِ ايندي آهي ۽ هن ڪري ته دليون اطمينان ۽ قرار وٺن- جڏهن اوهان قرار جي مخالفت ڪئي ۽ ان تي اطمينان نه ورتو تڏهن جيڪي ٿيو سو اوهان کان ئي آهي. اڳتي هلي ظاهر ٿيو ته اهو به خدا جي امر ۽ حڪم ڪري ٿيو آهي ۽ ان ۾ به ڪا حڪمت هئي. اسان جي سمجهه مطابق اها حڪمت اها هئي ته جنهن ماڻهو شڪست ۽ فتح کي نه آزمايو آهي، ان جي قيادت ۽ اڳواڻيءَ ۾ مستقيم راءِ نه ٿيندي آهي ۽ نڪي اهو شڪست ۽ فتح جي اسبابن کي سمجهندو آهي. عربي ٻوليءَ جي مشهور چوڻي آهي:"لاحڪيم الا ذوتجربہ" حڪيم تجربه ڪار ئي  هوندو آهي. احد واري  واقعي مان به اهو مقصد هو ته نبي ﷺ جن لشڪر جي قيادت جو تجربو ڪري وٺن ۽ اهو به سمجهي وٺن ته ڪهڙي شيءِ مجاهدن کي شڪست ڏيندي  آهي ۽ ڪهڙي فتح ڏيندي آهي.

احد واري لڙائي ۾ حضور اڪرم ﷺ زخمي ٿي پيا، سندن ڏند مبارڪ ڀڄي پيو. پاڻ سڳورن ڪافرن کي بددعا ڪرڻ گهري، ليڪن قرآن حڪيم ۾ کين ان کان روڪيو ويو. شڪست جو اصلي تجربو تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن جنگ جي قائد ۽ اڳواڻ کي به ڪا تڪليف پهچي. تڏهن نبي صه کي بار بار جيڪي تڪليفون پهتيون انهن ۾ اها ئي حڪمت هئي ته تجربو پرائجي ۽ تڪليفن تي استقامت حاصل ٿئي. ايستائين جو غلطيءَ مان مجاهدن جي صفن ۾ سندن قائد ۽ اڳواڻ حضور اڪرم ﷺ جي قتل جي خبر پڻ ڦهلجي وئي، پر ان هوندي به اهي لڙائيءَ جي ميدان ۾ ثابت قدم رهيا ۽ منجهن ڪا به ڪمزوري پيدا نه ٿي- اهي ئي حقيقت ۾ ثابت قدم ۽ مستقيم هئا.

ڪن روايتن ۾ آيو آهي ته نبي ﷺ احد جي شهيدن تي بيهي فرمائڻ لڳا ته ايندڙ لڙائي ۾ اسين پنهنجي هڪ شهيد جي بدلي ڪافرن مان ٻن کي قتل ڪنداسون يا ان جهڙو ڪلام فرمايائون، تڏهن هڪ اخلاقي مسئلي جي ضمن ۾ ان کان قرآن ۾ روڪيو ويو ته اي ايمان وارؤ! اوهين وياج ٻيڻو چؤڻو نه کائو ۽ الله کان ڊڄو، من اوهين ڪامياب ٿيو.

نبي صلي الله عليہ وسلم جون ٻه حيثيتون

آنحضرت ﷺ جون ٻه حيثيتون هيون(1) پاڻ هڪ طرف جهاد لاءِ امير هئا(2) الله پاڪ طرفان سندن احڪامن جي تبليغ لاءِ رسول به هئا، انهن ٻن حيثيتن مان ڪنهن کي ٻي سان ملائڻ نه گهرجي. جنهن صورت ۾ جهاد جي امير پنهنجي سپاهين ۽ ساٿين کان مشورو ورتو ۽ صلاح ڪئي تڏهن لڙائي ۾ شڪست جي نسبت اڪيلي امير ڏانهن ڪرڻ کان الله پاڪ قرآن حڪيم ۾ منع فرمائي آهي، اهڙي حالت ۾ ضروري آهي ته فساد ۽ خرابيءَ جي اسبابن کي پاڻ ۾ جاچڻ گهرجي. ڇو ته قرآن فرمائي ٿو ته امير ڪڏهن اوهان جي افڪار جو لحاظ ڪندو آهي، اوهان جي صلاح ۽ مشوري تي هلندو آهي،اهو اوهان تي مهربان هوندو آهي. پوءِ جڏهن اوهان کي ان جي نتيجي جي ڄاڻ ٿي وڃي ۽ شڪست کان پوءِ اوهان ان جي نقصان کي ڄاڻي ورتو ته هاڻي اوهان جو فرض آهي ته وري ان غلطيءَ ڏانهن نه موٽندا. باقي جيڪڏهن رسول اڪرم ﷺ علم جي مرڪز حظيرة القدس مان ڄاڻي شڪست کان اڳ اوهان کي ان جي اسبابن بابت ڄاڻائي ها ته ڪڏهن به شڪست نه اچي ها ۽ اوهان کي فتح ئي فتح نصيب ٿئي ها. پر ان حالت ۾ اوهان ۾ پنهنجي سمجهه پيدا نه ٿئي ها ۽ نڪي ذاتي طرح ڪنهن مفيد تدبير کي ڄاڻو ها ۽ تعليم کان اڳ جيئن بي خبر هئا پوءِ به ائين رهجي وڃو ها. اها ڳالهه سڀ کان وڌيڪ اوهان لاءِ نقصان جو باعث هجي ها.(قرآن)

نبي ﷺ جي بعثت جو اولين مقصد هو  قريش کي هدايت ڪرڻ ۽ سندن اخلاق سنواري کين ڪامل بنائڻ ته جيئن اهي ٻين جي هدايت ۽ رهبريءَ لاءِ اڳتي وڌن ۽ اسلام جي پيغام کي ڦهلائين، ان ڪري قريش جي هلاڪت ۽ بيخ ڪني ڪنهن به طرح صحيح نه هئي، ڇو ته انهن کي حضور اڪرم ﷺ کان هدايت حاصل ڪري ٻين ماڻهن لاءِ امام ۽ اڳواڻ ٿيڻو هو. هن سلسلي ۾ قرآن مقدس جي سورت آل عمران جي آيت 134 ۽ 135 ۾ مسلمانن کي اها هدايت ۽ نصيحت ڪئي وئي ته اهي قريش مان  جيڪي ڪمزور ۽ مسڪين هجن انهن جي سک، ڏک ۾ مدد ڪن. انهن کان ڪاوڙ کي کائي وڃن ۽ انهن مان ڪو چڱو نه هلي ته ان کي معاف ڪن. اصلاح ۽ سڌاري جي خيال کان اهو انتقام ۽ وير وٺڻ کان ڀلو آهي. اڳتي هلي نبي ﷺ انهن اخلاق حسنه تي عمل ڪيو. صلح حديبيہ جي واقعي کي ڏسبو ته ان ۾ سراسر قريش کي رعايتون ڏنيون ويون. فتح مڪي ۾ ته پاڻ سڳورن معافي جو اهڙو عام اعلان ڪيو ته جيڪو به ابوسفيان جي گهر ايندو ته ان کي معاف ڪيو ويندو، سيرت پاڪ ۾ معافي جي اهڙن ڪيترن واقعن جو ذڪر آهي. اهي سڀ قرآن حڪيم جي هنن آيتن تي عمل ڪرڻ جو نمونو آهي.

ساڳي وقت قرآن حڪيم ۾ انهن اخلاق حسنہ جي تعليم ڏيندي اهو ٻڌايو  ويو ته جڏهن ڪو فاسد اخلاق کي سڌارڻ گهري ٿو ته اهو هڪ روحاني قوت ڏانهن محتاج ٿئي ٿو. اهڙي روحاني قوت الله جي توفيق ۽ عنايت سان هٿ ايندي آهي.

تنهن  ڪري فرمايو ويو ته الله ئي گناهه معاف ڪندو آهي، مطلب ته اهڙي توفيق اُن کان ئي ملندي آهي.

حضرت ابراهيم ۽ حضرت اسماعيل عليهما السلام جي دعا جو ذڪر قرآن حڪيم ۾ آيو آهي ته سندن اولاد مان هڪ رهبر ۽ نبي پيدا ٿيندو جيڪو سندن دعا جو نتيجو ۽ سندن ديني ڪم جي تڪميل ڪندو. حضور اڪرم ﷺ جو مقصد معين هو ته پاڻ اهڙي قوي ۽ وڏي حڪومت الاهي قائم ڪن، جنهن تي حنيفي امتن جو اتحاد ٿي سگهي ۽ ان دور ۾ ڪا به حڪومت ان جو مقابلو نه ڪري سگهي. پاڻ سڳورا ﷺ ان مقصد ۾ ڪامياب ٿيا، ڇو ته جڏهن سندن خليفن جي اعمال کي حضور جي اعمال سان گڏ ڪجي ٿو ته اهو واضح ٿي ويندو ته جنهن تحريڪ جي ابتدا پاڻ ڪريم ﷺ جن ڪئي هئي، ان جي تڪميل سندن خليفن ۽ نائبن ڪري ڏيکاري. خاص طرح پهرين ٽن بزرگن جي وقت ۾ اهي فتوحات ٿيون جو هڪ عظيم اسلامي ۽ الاهي سلطنت ۽ حڪومت قائم ٿي وئي. قرآن پاڪ اڳ ئي اسان جي نبي ﷺ کي هڪ مثال ڏئي ڪاميابيءَ جي خوشخبري ڏئي ڇڏي هئي. اها آهي آيت"محمد رسول الله والدين معہ..." (سوره الفتح، آيت 29)

اسانجي نبيﷺ جيڪي ڪم ڪري ڏيکاريا انهن ۾ ملت ابراهيمي جي روح کي واضح طور ڏسي سگهجي ٿو. قرآن مقدس انهن ڪارنامن کي مٿئين آيت ۾ رڳو حضور اڪرم ﷺ ڏانهن نسبت نه ٿو ڪري پر حضور ۽ سندن ساٿين ڏانهن ڪري رهيو آهي. هاڻي ڪو به ماڻهو ان کي الله يا ملڪ بنائي نٿو سگهي.

حضرت عيسيٰ عليہ السلام جڏهن يهودين جي حرڪتن کان تنگ اچي ويو ۽ کيس اها اميد نه رهي ته يهودي سندن چيو مڃيندا ۽ حضرت ابراهيم عليہ السلام جي دعوت کي کڻي اڳتي وڌندا تڏهن کين سڌ پئي ته حضرت ابراهيم، اها صلاحيت حضرت اسماعيل جي اولاد ۾ ڏٺي هئي ان ڪري حضرت عيسيٰ هڪ اهڙي رهبر جي پاڻ کان پوءِ اچڻ جي پنهنجي حوارين کي خوشخبري ڏني ۽ کين وصيت ڪئي ته اهو ئي دين جي تڪميل ڪندو پر جڏهن ته حواري پڻ يهودين مان هئا ان ڪري انهن کي جنهن چٽائي سان سمجهائڻو هو ائين سمجهائي نه سگهيا، پر مبهم لفظن ۾ فرمايائون:- آئون اوهان وٽ ايندس. وري ان جملي جو تفسير ڪندي چيائون ته آئون فارقليط کي اوهان ڏانهن موڪليندس، اهو فارقليط مون مان آهي- حضرت عيسيٰ  کي ڪا به ڳالهه الله جي طرفان چوڻي هوندي هئي ته اتي"هومني" مون کان آهي چوندو هو. حضرت مسيح اهو به پنهنجي ماڻهن کي ٻڌايو ته فارقليط اوهان وٽ ايندو، اهو اوهان کي اهڙيون ڳالهيون ٻڌائيندو جن جي ٻڌائڻ جي هاڻي آئون طاقت نه ٿو رکان. اهو الله جي حڪومت کي زمين تي قائم ڪندو.

هن ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته انجيل مقدس جي اها بشارت نبي ﷺ بابت هئي پر انهن ان کي بعيد تاويلن سان مسخ ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو توريت ۽ انجيل جو انصاف سان مطالعو ڪندو ته ان کي قرآن مقدس جي حضور بابت اڳين ڪتابن ۾ آيل بشارتن بابت پورو يقين اچي ويندو.

قرآن حڪيم جي مطالعي ۽ پڙهڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته ابراهيم عليہ السلام جي ملت جو روح اهو هو ته انساني معاشرن ۾ ماڻهن جي بادشاهيءَ کي ختم ڪيو وڃي ۽ مخلوق مان ڪنهن کي به خالق وارو درجو نه ڏنو وڃي. اهائي توحيد آهي. اهو هڪ اهڙو فڪر آهي جنهن کي هر هڪ سليم فطرت وارو انسان مڃي ٿو. انسان اهو ڪڏهن نه گهرندو ته هو ڪنهن به پاڻ جهڙي انسان جو خادم ٿي رهي-سڀڪو انسان هن کي دوست رکندو ته باهمي مشوري ۽ صلاح سان ڪم ڪيو وڃي ۽ ان کي شوريٰ ۾ دخل هجي. اها سڀ انساني فطرت آهي. ملت ابراهيمي جي هن روح توحيد جو وڏو مبلغ حضور اڪرم ﷺ هئا.

قرآن حڪيم جي سورت احزاب ۾ اچي ٿو: "ماجعل الله لرجل من قلبين في جوفہ" مطلب ته الله تعاليٰ ڪنهن به ماڻهوءَ جي سيني ۾ ٻه دليون نه رکايون آهن. هن سورت جي شروع ۾ نبي ﷺ کي خطاب ڪري فرمايو ويو آهي ته اي پيغمبر! الله کان ڊڄ ۽ ڪافرن جو چيو نه مڃ! تقويٰ جو عام ترجمو خوف ۽ ڊڄڻ ڪيو ويندو آهي. لفظي ترجمو ان لفظ جو بچڻ آهي. فارسيءَ ۾ پرهيزگاري ترجمو ڪيو ويندو آهي. ۽ متقي معنيٰ پرهيزگار، بڇڙائي کان بچڻ وارو، پاسي وارو وغيره. هڪ روايت ۾ تقويٰ جو مطلب ٻڌايو ويو آهي، نيڪيءَ جو حڪم ڪرڻ، برائيءَ کان روڪڻ ۽ عدل و انصاف قائم ڪرڻ. قرآن شريف جي منڍ ۾ ڪتاب الله کي متقين لاءِ هدايت ٻڌايو ويو آهي. يعني اهي ماڻهو جيڪي انساني معاشري ۾ نيڪيءَ جو حڪم ڪرڻ ۽ برائي کان روڪڻ گهرن ٿا ۽ دنيا ۾ عدل و انصاف جي حڪومت قائم ڪرڻ گهرن ٿا. قرآن مقدس انهن لاءِ اهڙو رستو ڏيکاري ٿو. ان حالت ۾"اتق الله" جو ترجمو ٿيندو ته اي پيغمبر! الله لاءِ عدل ۽ انصاف جو نظام قائم ڪر. ڪافر بادشاهه يا ٻيا ته پنهنجو حڪم هلائن ۽ مڃائن ٿا، اي پيغمبر! تون ائين نه ڪر، پر تون الله جو حڪم مڃاءِ. اهي ٻئي ڳالهيون انساني سماج لاءِ اعليٰ درجو رکن ٿيون: هڪ الله پاڪ جو حڪم مڃائڻ ۽ ٻيو عدل ۽ انصاف قائم ڪرڻ. منهنجو استاد امام عبيدالله سنڌي ان ڳالهه تي ڏاڍو افسوس ڪندا هئا ته اسان جي ڪتابن ۾ خيرات ڏيڻ، روزا رکڻ وغيره جهڙن احڪامن جو ته گهڻو ذڪر آهي،(جو پنهنجيءَ جاءِ تي چڱو آهي) باقي عدل ۽ انصاف بابت زور نه ڏنو ويو آهي. هوڏانهن عام انبياء جي بعثت جو مقصد اهو آهي ته ظلم جي پاڙ پٽي وڃي.

هاڻي اهڙي نظام جا مخالف ٻه گروهه آهن:- هڪ گروهه کليل مخالفت ڪندو آهي، انهن کي قرآن حڪيم جي اصطلاح ۾ ڪافر سڏيو ويندو آهي ۽ ٻيا اهي جيڪي لڪل مخالفت ڪندا آهن، انهن کي منافق سڏيو ويندو آهي. انهن ٻنهي گروهن لاءِ نبي ڪريم ﷺ کي هت فرمايو ويو ته انهن ٻنهي گروهن جو چيو نه مڃ، انهن سان بنيادي عقيدن بابت ڪو به صلح ٿي نه ٿو سگهي. ڇو ته صلح جو مطلب ته اهو آهي ته ڪجهه نبي ﷺ پنهنجي ڳالهه تان لهي وڃي ۽ ڪجهه مخالف به پنهنجي ضد ۽ هوڏ کان لهي وڃن. ٻيئي هڪ ٻئي جي ڳالهين کي ڪجهه نه ڪجهه مڃي وڃن. هوڏانهن نبي ڪريم ﷺ جو اصلي مقصد آهي ڪسريٰ ۽ قيصر  جهڙن بادشاهن کي شڪست ڏئي اتي عدل ۽ انصاف جو نظام قائم ڪرڻ. ان ڳالهه ۾ ڪافر ۽ منافق ڪڏهن به ساٿ نه ڏيندا، ڇو ته ان ڪم لاءِ پهريون حجاز ۾ عادلانه حڪومت قائم ڪئي ويندي. جيڪي ماڻهو ظاهر ۾ توسان گڏ آهن ۽ دل سان تنهن جي ڳالهه کي ناممڪن ڄاڻن ٿا انهن سان به صلح نه ڪر! بيشڪ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. هن حڪم جي حڪمت کي اهو ئي چڱو ڄاڻي ٿو.

هن کان پوءِ اچي ٿو:"واتبع مايوحيٰ اليڪ" جيڪي توڏي وحي ڪيو وڃي ٿو ان جي پيروي ڪر! اهو جملو"اتق الله" جو تفسير آهي. يوسف عليہ السلام غير حنيفي بادشاهه کان اختيار وٺي  عدل ۽ انصاف ڪيو. اهو به چڱو آهي، پر نبي اڪرم ﷺ کي قرآن حڪيم جي تعليم اها آهي ته پنهنجي حڪومت قائم ڪري انصاف ڪريو. اهو تمام ڏکيو ڪم آهي، جو تمام دنيا جي بادشاهن سان مقابلو ڪرڻو پئي ٿو، تڏهن وڃي انصاف ۽ عدل قائم ٿيندو. ان ڪري حڪم اچي ٿو:"وتو ڪل علي الله ۽ الله تي ڀروسو ڪر!.

الله تعاليٰ کي دنيا ۾ انقلاب آڻڻو هو ۽ مظلومن جي حمايت ڪرڻي هئي، ان لاءِ خدا پاڪ، نبي ڪريم کي واسطو منتخب فرمايو ۽ سندن ڪم کي پنهنجو ڪم سڏيو. اهو نبوت جو درجو آهي. اهڙي انسان جي مخالفت، معنيٰ  آهي الله جي مخالفت ڪرڻ. نبي ڪريم ﷺ دنيا ۾ آيا، پاڻ اهڙو ڪم ڪري ڏيکاريائون جو انسانيت لاءِ ضروري هو. ظاهر آهي ته اهڙو ڪم هڪ ماڻهوءَ کان نه ٿو ٿي سگهي. جماعتن جا ڪم جماعت کان ئي ٿيندا آهن. ان ڪري حضور اڪرم ﷺ جو اهو فرض هو ته جماعت تيار ڪن. نبي ڪريم ﷺ ائين ڪيو. جماعت تيار ٿي، ان جماعت جي ڪم کي حضور اڪرم ﷺ پنهنجو ڪم ڄاتو. هن جماعت جو نالو آهي:"السابقون الاولون من مهاجرين والانصار" اها ايندڙ جماعتن لاءِ اڳواڻ جي حيثيت رکي ٿي- "والذين اتبعوهم باحسان" ۽ ٻيا اهي جيڪي انهن جي ڪڍ لڳا، چڱي مقصد سان. اها جماعت قيامت تائين هلندي.

نبيﷺ جي سيرت جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته هڪ ڪم پاڻ کي ڪرڻو هين ٻيو ڪم جماعت کي. سندن ڪم هو نبوت ملڻ کان پوءِ جو اهو 23 سالن ۾ پورو ڪري پنهنجي رب پاڪ ڏانهن روانا ٿيا- مڪي ۾ وڏي مخالفت شروع ٿي وئي. پاڻ سڳورن ۽ سندن صحابين تڪليفون ۽ ڏک ڏاکڙا سٺا پر اسلام جي تبليغ ۽ اشاعت کان هٿ نه کنيائون- نيٺ هجرت ڪري مديني منوره پهتا- ٿوري ئي وقت اندر مخالفن کي بدر ۾ شڪست ڏنائون ۽ پاڻ جيڪا جماعت تيار ڪئي هئائون، انهن ڪسريٰ ۽ قيصر کي شڪست ڏئي اتي الاهي قانون ۽ عادلانه نظام جاري ڪيو. ابوجهل جيڪو هن امت جو فرعون هو، سو بدر ۾ مارجي ويو- ان جا پويان احزاب واري لڙائي ۽ آس پاس جي ڪافر قبيلن جو وڏو لشڪر وٺي آيا، پر ڪامياب نه ٿيا. نيٺ اڳتي هلي قريش جو مرڪز مڪو به فتح ٿي ويو- حضور اڪرمﷺ جي انهن ڪارنامن جو اصلي مطلب هو ته خدا جي قانون کان سواءِ ٻئي جي بادشاهي نه هلندي. 2- هي ڪتاب قرآن ان جو ڪتاب آهي، 3- بادشاهن، عام ماڻهن کي نهوڙي ناس ڪري ڇڏيو آهي ۽ کين غلام بنائي رکيو آهي، انهن سان مقابلو ڪري سندن حڪومتن کي ختم ڪري اتي الله جو قانون رائج ڪرڻ. نبي ڪريم ﷺ جي جماعت ان وڏي ڪم کي 25 ورهين جي ٿوري عرصي ۾ پورو ڪري ڏيکاريو.

هنن ديني انقلاب جهڙن ڪمن ۽ ڪارنامن ۾ ارادي ۽ عزم جي پختگي ضروري آهي، ان ڪري هن سورت ۾ اهو فرمايو ويو ته الله تعاليٰ ڪنهن به هڪ شخص جي سيني ۾ ٻه دليون نه ڪيون آهن. دل ارادي ۽ عزم جي جاءِ آهي- جڏهن دل ۾ اهڙو ارادو ۽ عزم پيدا ٿئي ٿو ته سمورو بدن ان جو تابع ٿيو پوي. هاڻي مطلب اهو آهي ته جيڪو ديني انقلاب جو فڪر کڻي اٿي ٿو ته اهو ٻه متضاد ۽ هڪ ٻئي جي مخالف ارادا هلائي نه ٿو سگهي- مطلب ته ائين ان کان نه ٿيندو جو هڪ ڳالهه کي سچو ڄاڻي ان جو به ارادو ڪري وري ان جي مخالف ڳالهه کي سچو ڄاڻي ان جو به ارادو ڪري ائين نه ٿيندو. هن کان اڳ شروع ۾ جو حضورﷺ کي حڪم ٿيو ته عدل ۽ انصاف جي نظام جي مخالفن ڪافرن ۽ منافقن سان صلح نه ڪر ۽ انهن جو چيو نه مڃ- هتي ان جي حڪمت بيان ڪئي وئي آهي ته هڪ انقلابي انسان پنهنجي اندر ۾ ٻه متضاد ۽ مخالف ارادا نه رکندو آهي- مطلب ته نبي ڪريم ﷺ کان ائين ڪڏهن نه ٿيندو جو هڪ پاسي قرآن جو قانون جاري ڪري ۽ ٻئي پاسي ان جي مخالفن سان صلح ڪري پنهنجي خيال کان ڪجهه لهي اچي ۽ انهن جو چيو مڃي. اهو ائين آهي جيئن هڪ سيني ۾ ٻن دلين جو هجڻ - اهو محال ۽ ناممڪن آهي- اهو ائين آهي جيئن سنڌيءَ ۾ چيو ويندو آهي ته هڪ مٺ ۾ ٻه گدرا نه ايندا آهن.

هن کان پوءِ سورت احزاب ۾ انهن عورتن جو بيان آهي جيڪي مرد تي حرام هونديون آهن، جيئن ماءُ،ڀيڻ،ڌيءُ ۽ ٻيون - اها ڳالهه به مثال ڏئي شروع واري حقيقت کي سمجهائڻ لاءِ آندي وئي  آهي- عام طرح صحيح انساني سماج ۾ ائين نه هوندو آهي ته ماءُ، ڌيءَ ۽ ڀيڻ سان نڪاح ڪيو وڃي- مطلب ته هڪ عورت ماءُ به هجي ۽ زال به هجي، اهڙيطرح عدل ۽ انصاف جي حڪومت به هجي ۽ مشرڪن سان ٺاهه  ڪري، پنهنجي انقلابي فڪر کان ڪجهه هٽي انهن جون ڪجهه ارتجاعي ڳالهيون به مڃيون وڃن، ائين  ٿي نه سگهندو- ڪامل ديني انقلاب جو حامي ٻه متضاد ارادا نه رکندو آهي.

عربن ۾ اهو دستور هوندو هو ته پرائي پٽ کي پنهنجو پٽ بڻائيندا هئا ۽ ان کي"دعي" پٽيلو سڏيندا هئا، ان لاءِ قرآن حڪيم جي هن سورت احزاب ۾ حڪم آيو"الله اوهان جي پٽيلن کي اوهان جو حقيقي پٽ نه بنايو آهي"- مطلب ته هڪ پٽ جا ٻه بابا نه ٿيندا- پيءُ هڪ ٿيندو آهي. اهو به هڪ مثال آهي ته خدا جي حڪم سان گڏ ٻئي جي حڪم کي گڏ نه ڪيو وڃي.

عيسائين جو مسيح عليہ السلام کي خدا جو پٽ سڏيو، اهو به اصل ۾ پٽيلو جي معنيٰ ۾ هو، حقيقي پٽ ڪو احمق به نه چوندو، پر اڳتي هلي انجيل جي عبارت جو غلط مطلب ڪڍيو ويو ۽ مسيح عليہ السلام کي حقيقي پٽ اعتقاد ڪيو ويو- هندن جو پراڻو مذهب به ائين آهي. ڪنهن خدا پرست انسان کي خدا جو پٽ سڏيندا هئا- تڏهن هندو، يهودي ۽ نصارا ان اعتقاد جا قائل ٿي ويا- اها ڳالهه شروع ۾ ان معنيٰ لاءِ نه هئي  نه ڪو عيب هو، پر اڳتي ان مان ڪفر پيدا ٿيو، پٽيلو ۽ پيارو مان حقيقي پٽ ڄاتو ويو جو ڪفر آهي. ان ڪري اسلام اهڙي اعتقاد کان منع فرمائي ۽ ان کي شرڪ سڏيو-

شهنشاهن جو وري دستور هوندو هو ته پنهنجي وفادارن کي القاب عطا ڪندا هئا، انهن ۾ پٽ جو لقب به هو- نبي ڪريمﷺ حضرت زيد کي پاليو ۽ ان جي تربيت ڪئي، ان ڪري زيد کي نبي سائين جو پٽ يا پٽيلو سڏيندا هئا. قرآن مقدس هتي سختيءَ سان ان کان روڪيو ۽ اهو فرمايو ته اهڙن پٽن کي سندن حقيقي پيئرن ڏانهن منسوب ڪريون. حضور اڪرم ﷺ جڏهن ته شهنشاهيت کي ڊاهڻ لاءِ آيا هئا، ان ڪري انهن جي سيرت ۽ عادتن کان پري رهڻ لاءِ سختي سان تاڪيد ڪيو ويو.

-------

سيد گل محمد شاهه رضوي

پَاڻ سَڳورا- قُرآن جِي نَظر ۾

 

اسان توکي سچي خوشخبري ڏيڻ وارو ۽ ڊيڄاريندڙ بنائي موڪليو(سوره فاطر، آيت 24)

هي اوهان سان رهڻ وارو نه(حق جي) راهه کان ڀٽڪيو آهي ۽ نه غلط رستي تي آهي ۽ نه پاڻ پنهنجي خواهش نفساني سان ڳالهيون ڪن ٿا، ان جو ارشاد فقط وحي آهي جو مٿس وحي موڪليو وڃي ٿو.(سوره النجم، آيت 2)

محمد(ﷺ) الله تعاليٰ جو پيغمبر آهي.(سوره الفتح، آيت 29)

ته توهين الله ۽ ان جي رسول ﷺ تي ايمان آڻيو ۽ ان جي رسول ﷺ جو ادب ڪريو ۽ ان جي تعظيم ڪريو ۽ صبح شام الله جي پاڪائي بيان ڪريو.(سوره النجم، آيت 9)

اهو ئي خدا(تعالي) آهي جنهن پنهنجي پيغمبر(محمد ﷺ) کي هدايت ۾ سچو دين ڏئي موڪليو. (سوره الصف، آيت 9)

غيب داني

(اي پيغمبر) چئو ته آءٌ توهان کي هي نٿو چوان ته مون وٽ الله(تعالي) جا خزانا آهن“ (هي به) چئو ته آءُ غيب نٿو ڄاڻان ۽ نه آءُ هي چوان ٿو ته ملائڪ آهيان آءُ ته ان تي هلان ٿو جو(الله جي طرف کان) مون کي حڪم ٿئي ٿو. (سوره انعام، آيت 50)

بشريت

اوهين چئو ته آءٌ به اوهان جهڙو ئي بشر آهيان. مون تي وحي نازل ٿي ٿئي اوهان جو معبود هڪ ئي معبود آهي سو ان(برحق معبود) ڏانهن سڌا متوجه ٿيو ۽ ان کان معافي گهرو(سوره حم السجده، آيت 6)

رسالت

اي نبي! بيشڪ تون رسولن مان آهين(سوره يٰس، آيت 3) ۽ محمد(ﷺ!) تون فقط هڪ رسول آهين ۽ بس بلڪ هو حق کڻي آيو آهي ۽ ان رسولن جي تصديق ڪئي آهي. (سوره صفٰت، آيت 37)

توهان ڊيڄاريندڙ آهيو

بيشڪ آءٌ ان جي طرف کان اوهان جي لاءِ کولي ڊيڄاريندڙ آهيان.

توهان پيغمبر آهيو

(اي نبي) توهان جي ذمه ته فقط پيغام پهچائڻو آهي ۽ اسان جي ذمه حساب وٺڻو آهي. (سوره رعد، آيت 40)

توهان روشن ڏيا آهيو

۽ (اي نبي ﷺ) اسان توهان کي پنهنجي حڪم سان الله جي طرف ڪوٺڻ وارو ۽ روشن ڏيو بنائي موڪليو آهي. (سوره الاحزاب، آيت 46)

توهان حق تي آهيو

(اي نبي) بيشڪ تون کليو حق تي آهين. (سوره النمل، آيت 79)

توهان اُمي آهيو

ته توهان الله ۽ ان جي رسول(ﷺ) اُمي تي ايمان آڻيو. (سوره الاعراف، آيت 158)

توهان نبي رحمت آهيو

۽ جن ماڻهن توهان مان ايمان آندو.(نبي) ان جي حق ۾ رحمت آهن.

توهان خاتم النبيين آهيو

محمد(ﷺ) توهان مردن مان ڪنهن جا پيءُ نه آهن. البت هو الله جا رسول ۽ نبين جا خاتم آهن. (سوره الاحزاب، آيت 40)

توهان جي ڪري عذاب الاهي جو روڪجڻ

۽ (اي نبي) الله اهڙو نه آهي جو توهين انهن ۾موجود هجو ۽ هو انهن کي عذاب ڏي. (سوره الانفال، آيت 33)

شاهد محشر

۽ هي (انهيءَ لاءِ آهي ته) رسول توهان تي شاهد هجي. (سوره البقره، آيت 143)

فضيلت

هي رسول آهن. اسان انهن مان ڪن کي ڪن تي فضيلت ڏني. انهن مان ڪن سان الله ڪلام ڪيو ۽ ڪن جا درجا بلند ڪيا.(سوره البقره، آيت 253)

توهان حضرت موسيٰ جي مثال آهيو

(انسانو) بيشڪ اسان توهان وٽ هڪ رسول موڪليو جو توهان تي شاهد آهي جئين اسان فرعون ڏانهن هڪ رسول موڪليو.(سوره المزمل، آيت 15)

توهان جي رسالت تي خدا جي شاهدي

منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾(الله) ڪافي شاهد آهي. (سوره العنکبوت، آيت 42)

توهان جي ۽ اڳوڻن نبين جي تعليم ساڳي هئي

(اي نبي) توکان فقط اها ئي ڳالهه چوائي وڃي ٿي جا توهان کان پهرين رسولن کان چوائي وئي.

پاڻ سڳورن جي تعريف

قسم آهي(مطلق)ستاري جو جڏهن لهڻ لڳي هي اوهان ۾ رهڻ وارو، نه (حق جي) راءِ کان ڀٽڪيو آهي ۽ نه غلط رستي تي  آهي(سوره النجم، آيت 1-2)

پاڻ سڳورا شاعر نه آهن

۽ اسان اُن کي شعر(چوڻ) نه سيکاريو ۽ هو ان جي لائق به نه آهي ۽ هو ته وڏي نصيحت ۽ کولي بيان ڪرڻ وارو قرآن آهي. (سوره يٰس، آيت 69)

پاڻ سڳورا پنهنجي خواهش سان نه. فقط"وحي" جي چوڻ تي ڳالهائين ٿا. ۽ هو پنهجي خواهشن سان نه ڳالهائين ٿا. اهو ته وحي آهي جو ان ڏانهن موڪليو وڃي ٿو. (سوره النجم، آيت 3-4)

سندن رسالت عام هئي

۽ (اي نبي) اسان توکي سڀني ماڻهن جي لاءِ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ بنائي موڪليو آهي. (سوره البقره، آيت 119)

پاڻ سڳورن جا منڪر نقصان ۾ رهندا

۽ جيڪو ان(نبي) جو انڪار ڪندو ته اهڙائي ماڻهو گهاٽي ۾ آهن. (سوره البقره، آيت 121)

حضور جن کي تڪليف پهچائڻ وارن کي عذاب ٿيندو

۽ جيڪي ماڻهو الله جي رسول  کي ايذاءُ ڏين ٿا، انهن جي لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (سوره توبه، آيت 61)

پاڻ سڳورن جو الله مددگار آهي

الله تنهنجي غالب اچڻ لاءِ مدد ڪري ٿو. (سوره الفتح، آيت 3)

پاڻ ڪريمن تي الله جو فضل آهي

مگر(هي قرآن) تنهنجي پالڻهار جي رحمت سان نازل ٿيو آهي. بيشڪ توتي ان جو وڏو فضل آهي.

پاڻ ڪريمن جو ذڪر بلند ڪيو ويو

تنهنجي لاءِ تنهنجي ذڪر کي بلند ڪيو ويو. (سوره الم نشرح، آيت 4)

عبديت

اي نبي! جيڪڏهن خدا توکي نقصان پهچائي ته خود خدا کان سواءِ ان جو ڪو دور ڪرڻ وارو نه آهي ۽ جيڪڏهن هو توکي فائدو پهچائي ته هو هر حال تي قادر آهي. (سوره الانعام، آيت 17)

بس اي محمد ﷺ! چئو ته آءٌ پنهنجي لاءِ به نفعي يا نقصان جي قدرت نٿو رکان، سواءِ ان جي جو خدا گهري. (سوره الاعراف، آيت 188)

توهان تي انهن جي حساب مان ڪنهن شيءَ جي ذمه داري آهي ۽ نه انهن تي توهان جي حساب مان ڪنهن شيءَ جي، ڇو ته توهان جو ڪم پيغام پهچائڻو آهي ۽ حساب ڪرڻ اسان جو ڪم آهي.

جيڪڏهن توهين انهن جي خواهشن جي پيروي ڪندو، ان علم جي باوجود جو توهان تي لاٿو ويو آهي ته ان وقت توهين ظالم ٿيندا.

عبادت

اي چادر ڍڪيندڙ، اٿ! ماڻهن کي ڊيڄار ۽ پنهنجي پروردگار جي وڏائي بيان ڪر. (سوره مدثر، آيت 1-2-3)

پيغمبر ان تي ايمان آندو جو ان تي لٿو ۽ اي چادر ڍڪي سمهندڙ رات جو ٿوري دير کان سواءِ ساري رات اٿي ڪري نماز پڙهندا ڪريو، آڌي رات تائين يا ان کان به ڪجهه گهٽ يا ان کان به ڪجهه وڌائي.

اي محمد (ﷺ) جڏهن توکي فرصت ملي عبادت جي لاءِ کڙو ٿي وڃ ۽ پنهنجي رب سان دل لڳاءِ.

اخلاقي خصوصيت

اي محمد(ﷺ)توهين اخلاق جي وڏي درجي تي آهيو. (سوره القلم، آيت 4)

خدا جي عنايت سان توهين انهن سان به نرمي سان پيش اچو ٿا. جيڪڏهن توهين ڪج خلق ۽ سخت دل هجو ها ته ِاهي ماڻهو توهان جي آس پاس کان هٽي وڃن ها.

توهان وٽ توهان مان به هڪ پيغمبر آيو، ان تي توهان جي تڪليف گهڻي ڏکي گذري ٿي. توهان جي ڀلائيءَ جو هو بکيو آهي. اهل ايمان تي نهايت نرم ۽ مهربان آهي. (سوره التوبه، آيت 168)

اسوه حسنه

توهان جي سيرت رسول(ﷺ) جي ذات ۾ هڪ نمونو آهي. (سوره الاحزاب، آيت 21)

جنهن رسول الله جو چيو مڃيو ان الله جو چيو مڃيو. (سوره النساء، آيت 80)

سنت

توهان(پاڻ سڳورا) ماڻهن کي فرمايو ته جيڪڏهن توهان خدا (تعاليٰ) سان محبت ڪريون ٿا ته توهين منهنجي پيروي ڪريو(ته) خدا تعاليٰ توهان سان محبت ڪرڻ لڳندو ۽ توهان جي سمورن گناهن کي معاف ڪرڻ وارو ۽ رحم ڪندڙ آهي. (سوره آل عمران، آيت 31)

الله تعاليٰ ۽ ان جا ملائڪ محمد رسول الله(ﷺ) تي درود موڪلين ٿا. مسلمانو! توهان پيغمبر تي درود موڪليو ۽ سلام موڪليو. (سوره الاحزاب، آيت 56)

--------------------

 

جيڪڏهن پيءُ ماءُ مان ڪو هڪ يا ٻيئي تنهنجي سامهون ٻڍاپڻ کي پهچن ته انهن جي اڳيان هون به نه ڪجو ۽ نه انهن کي جهڻڪ ڏجو ۽ انهن سان ڪجهه ڳالهايو ته ادب سان ڳالهايو ۽ (ٻڌو) (القرآن)   (سوره الاسراءِ، آيت 23)

*

۽ اگر اوهان(سچا) مسلمان آهيو ته الله  ان جي رسول جو حڪم مڃو. (القرآن)

 --------

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com