سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1980 (3 ۽ 4)

 

صفحو :4

مولانا وصي مظهر ندوي

 مترجم:انور هالائي

قرَآن ۽ سِيرَت رَسُولُ الله ﷺ

 

حضور اڪرم ﷺ جن جي نقش قدم تي هر مسلمان کي هلڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ان ڪري قدرتي طور تي هر مسلمان جي دل ۾ حضور اڪرم ﷺ جن جي سيرت طيبہ کي معلوم ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيندو آهي ۽ پيدا ٿيڻ به گهرجي.

ان ڪري اهو سوال اڀري ٿو ته حضور اڪرم ﷺ جن جي اخلاق مبارڪ کي معلوم ڪرڻ جو سڀ کان اهم ذريعو ڪهڙو آهي؟

هن سوال جو انتهائي حقيقت پسندانه جواب اُهو آهي جيڪو اُم المؤمنين حضرت عائشہ رضه الله تعالي عنها جن ڏنو هو.

اُن کان ڪنهن شخص حضور اڪرم ﷺ جن جي اخلاق ۽ سيرت جي باري ۾ پڇيو ته پاڻ نهايت حيرانيءَ سان خود ان پڇندڙ کان پڇيو...... اَما تقرء القرآن؟ وري پاڻ فرمايائون ته "کان خلقہ القرآن" يعني سندن سيرت مبارڪ جي مڪمل تصوير قرآن پاڪ آهي.

اُم المؤمنين رضه جي هن ارشاد جي روشنيءَ ۾ اڄ نبوت کان اڳ ۽ نبوت جي شروعاتي وقت ۾ آنحضرت ﷺ جن جي سيرت جي باري ۾ قرآن شريف جي صرف ٻن ننڍين آيتن جو مطالعو ڪرڻ گهرنداسين، جي آنحضرت ﷺ جن جي نبوت جي صداقت تي هڪ ناقابل فراموش حجت جي حيثيت رکن ٿيون."سورة المدثر" جي پهرين ٻن آيتن ۾ ارشاد ٿئي ٿو ته "يا اَيهاالمدثر قم فانذر" يعني اي چادر ۾ ويڙهيل انسان! اٿ ۽ انسانيت کي گمراهي جي نتيجي کان با خبر ڪر".

انهن آيتن متعلق هڪ روايت هيءَ آهي ته حضور اڪرم ﷺ جن تي آغاز وحي ۾ هيءَ آيتون نازل ٿيون هيون- پر هڪ مشهور روايت جي مطابق .... .... اقراء باسم ربک الذي خلق0 خلق الانسان من علق 0 اقرء و ربک الاکرم0 الذي علم بالقلم0 علم الانسان مالم يعلم0 کي سڀ کان پهرين آيت تسليم ڪيو وڃي ٿو ته تڏهن سورة العلق جي هيءَ آيت محض شروعاتي آهي. نبوت جي شروعات دراصل ان آيت کان آهي جيڪا سورة المدثرجي شروع ۾ آهي ۽ جيڪو فترة الوحي(وحي جي وقفه)کان پوءِ نازل ٿيڻ واري آيت آهي. انهن آيتن مان پهرين آيت ۾ حضور اڪرم ﷺ جن جي تصوير"المدثر" جي لفظ سان ڪڍيل آهي، جيڪو لفظ"دثار" مان ٺهيل آهي.

"دثار" هڪ وڏي چادر کي چوندا آهن جنهن کي انسان موسم جي سختي يا ڪنهن ٻي تڪليف جي ڪري پنهنجي اصل لباس جي مٿان اوڍيندو آهي.

چادر اوڍڻ جو مطلب آهي ته اها ٻين جي نگاهن، خوف يا موسم ۽ ماحول جي سختيءَ کان انسان کي بچائي ٿي ۽ انسان جي اصل شخصيت ته هن جي قوت ۽ طاقت، هن جي ذهانت يا فطرت، هن جي عمر و صحت سڀ ڪجهه هن جي اندر محفوظ رهن ٿا.

عرب جي قاعدن مطابق"مدثر" ان شخص کي چيو ويندو آهي، جيڪو دثار ٻاهرين پڙدي ۾ چڱيءَ طرح ويڙهيل هجي. هاڻ ٿورو هن ڳالهه تي غور ڪجي ته حضور اڪرم ﷺ جن نبوت جي آغاز ۾ ماڻهن جي ميڙ کي ڇو مخاطب ڪيو هو- ته هن سوال جو جواب معلوم ڪرڻ لاءِ اسان کي جاهليت واري معاشري جي ان حالت جو جائزو وٺڻو پوندو جنهن ۾ آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جن ساهه کڻي رهيا آهن.

توهان کي خبر آهي ته اُهو معاشرو فسق و فجور، فتنه و فساد، ظلم، ڪمزور آزاري، بي حيائي وبد اخلاقي، شراب نوشي ۽ قتل و غارت گري ۽ فڪر و نظر جي هر گمراهيءَ ۾ مبتلا هو- اهڙي بگڙيل معاشري ۾ هڪ صالح فطرت انسان پنهنجو پاڻ کي ڪيڏو اجنبي محسوس ڪندو هوندو، ننڍپڻ ۾ ئي انهن کي آواره ٻارن جون ڪنيون رانديون نه وڻنديون هجن ۽ نوجوانيءَ ۾ هن کي نوجوانن جي دلچسپين سان ڪا به دلچسپي نه هجي. وڏن جو ادب نه رکڻ ۽ لالچ جي هوس ۾ انڌا ٿي هڪ ٻئي جي خلاف سازشون ۽ طاقتن جو استعمال پوءِ انجي عياشانه زندگي- غرض ته هنن جي ڪنهن به عيش واري ڳالهه ۾ سندن دلچسپي نه هجي. بالڪل اهڙيءَ طرح جهڙيءَ طرح اڄ ڪلهه اسانجي ملڪ جو ڪو شخص جيڪو ٻهراڙيءَ جو رهاڪو هجي ۽ اهو صالح ۽ متقي هجي- اهو جيڪڏهن پئرس يا آمريڪا جهڙن ملڪن جي تفريح گاهن ۾ يڪدم پهچي وڃي ته هو پهريائين ته پنهنجي گوشئه عافيت کان ٻاهر نڪرڻ پسند نه ڪندو. اڪيلائي ۽ عزت سان هنجي دوستي هوندي ۽ جيڪڏهن گهر کان ٻاهر نڪرڻ تي مجبور به ٿي وڃي ته هنجي اها ئي خواهش هوندي ته نه ڪنهن کي هو ڏسي ۽ نه ئي ڪير هنکي ڏسي- اکين کي هيٺ ڪري پنهجي شخصيت کي لڪائيندي ماڻهن کان پاڻ لهرائيندي ڏاڍي مشڪل سان پنهنجي گهر اچي اطمينان جو ساهه کڻندو.

حضور اڪرم ﷺ جن جي نبوت کان اڳ جي چاليهن سالن واري زندگي معاشري ۾ بلڪل اهڙيءَ طرح گذاري.

جڏهن پاڻ ننڍڙا ٻار هوندا هئا ته ٻين عام ٻارن کان سندن عادتون سٺيون هونديون هيون. ۽ جڏهن جوانيءَ جي هنگامه خيز زندگيءَ ۾ پير پاتائون تڏهن به پاڻ ان معاشري جي ٻين نوجوانن کان بلڪل مختلف هئا.

جڏهن پاڻ وڏا ٿيا ته نه قبيلن جي جهڳڙن ۾ حصو ورتائون ۽ نه ئي قريش جي ٻين محبوب مشغلن سان ڪا دلچسپي رکيائون- پاڻ نه ڪڏهن راڳ ورنگ جي محفلن ۾شرڪت ڪيائون ۽ نه ئي ماڻهن ڪڏهن کين ڪنهن ميلي وغيره ۾ ڏٺو. پاڻ ڪڏهن به ڪنهن به قسم جي محفل ۾ شرڪت نه ڪندا هئا.“ نه ئي اگهاڙو ٿي طواف ڪرڻ کي گوارا ڪيائون- ۽ نه شرڪ و بت پرستيءَ جي رسمن ۾ ڪا دلچسپي رکيائون.

هن معاشري ۾ چاليهه سال حياتي گذارڻ کان پوءِ به صرف چند ماڻهو سندن غمگسار هئا.

نبوت کان اڳ آنحضرت ﷺ، جن جي زندگيءَ جو اهو ئي نقشو ڪتابن ۾ ملي ٿو- ۽ جڏهن وحيءَ جو آغاز ٿيڻ وارو هو تڏهن ته پاڻ بلڪل ئي سڀني کان الڳ ٿلڳ ٿي تمام گهڻي مدت تائين غار حرا ۾ وڃي ويهندا هئا ۽ کاڌي پيتي جو سامان ختم ٿي وڃڻ تي مڪي جو رخ ڪندا هئا.

حضور اڪرم ﷺ جن جي زندگي جي مشابهت جيڪڏهن صرف هڪ لفظ سان ڪجي ته اهو لفظ آهي "المدثر". هن لفظ کان بهتر ۽ جامع ڪنهن ٻئي لفظ سان ڪري نٿي سگهجي.

هيءُ ته ان لفظ "مدثر" جو پهريون حصو آهي- انهيءَ لفظ ۾ هڪ ٻي به شخصيت لڪل آهي ۽ اها هيءَ ته چادر ۾ ويڙهيل شخص جي شخصيت ان جي اندر لڪل رهندي آهي- انجي صلاحيتن، توانائين ۽ قوتن مان ڪنهن به شيءَ جو اندازو لڳائڻ ڏاڍو ڏکيو ٿيندو آهي. جيئن ته لفظ مدثر ان ڳالهه جي طرف به اشارو ڪري رهيو آهي ته محمد رسول الله ﷺ جن جيڪي پنهنجي معاشري ۾ الڳ زندگي گذاري رهيا هئا ته انهن جي اندر قوتن ۽ صلاحيتن جو اهو خزانو محفوظ آهي جنهنجو اندازو هن جاهل معاشري کي نه آهي- جنهن ۾ پاڻ حياتي به گذاري رهيا آهن- جيئن ته تاريخ  شاهد آهي ته حضور جن جيڪي چاليهن سالن جي عمر تائين قبائلي سردار جي حيثيت سان رهيا ۽ نه قريش جي صاحب دولت و اقتدار فرد جي حيثيت سان مشهور و معروف رهيا.

جڏهن حضور اڪرم ﷺ جن نبوت کان پوءِ دعوت اسلام جو ڪم شروع ڪيو تڏهن دنيا وارن ڏٺو ته پاڻ بهترين مبلغ ۽ اعليٰ درجي جا معلم هئڻ سان گڏو گڏ پنهنجي چؤگرد جي حالات تي گهري نظر رکڻ وارا سياستدان ۽ فوجن جي بهترين رهنمائي ڪرڻ وارا ليڊر ۽ هڪ نظرياتي حڪومت جا بهترين سربراهه به هئا.

ڏسو ته هيءَ ننڍڙي آيت جيڪا صرف ٻن لفظن تي مشتمل آهي- ڪهڙي طريقي سان حضور اڪرم ﷺ جن جي سڄي ماضيءَ کي صرف هڪ لفظ ۾ بيان ڪري ڇڏيو اٿس- صرف ائين نه پر مستقبل ۾ ٿيندڙ امڪانن جي طرف به اشارو ڪري ٿي. ٻيءَ آيت ۾ جيڪا الڳ ٿلڳ رهڻ واري هستيءَ کي اچانڪ حڪم ٿي ڪري ته هو اٿي ۽ هن معاشري ۾ جيڪو اعتقادي گمراهين، اخلاقي طور تي پٺتي پيل ۽ ظلم زيادتين ۾ ٻڏل آهي- انهن کي سندن برن نتيجن کان واقف ڪري.

اها ڪا معمولي ڳالهه ڪانهي ته جنهن شخص کي شروعات کان وٺي پنهنجي معاشري سان ڪا به دلچسپي نه هجي ۽ جنهن جي روشن طبيعت، جنهن جي ذات، جنهن جو ڪردار، جنهن جو اخلاق، معاشري سان ڪا به مناسبت نه رکندو هجي ۽ جيڪو چاليهن سالن تائين عزت پسند ۽ خاموش طبيعت انسان جي حيثيت ۾ سڃاتو ويندو هجي ۽ جنهن معاشري جي سڀني گمراهين کي پنهنجي پوري جوانيءَ جي وقت ۾ خاموشيءَ سان ڏٺو ۽ جنهن پنهنجي معاشري خلاف چپ به نه چوريا هجن، اهو شخص ڀلا چاليهن سالن جي پختي عمر هئڻ جي باوجود، ڪيئن يڪدم پنهنجي ذات ۽ سيرت کي بدلائي سگهي ٿو.

پر الله تعاليٰ جي لفظ "قم" (اُٿ) ۾ ڪيڏي نه معجزانه طاقت هئي جو جيئن ئي حضور اڪرم ﷺ جن کي حڪم مليو ته: "قم فانذر" يعني: اُٿ غافلن کي سندن برن نتيجن کان واقف ڪر، تڏهن پاڻ حضور اڪرم ﷺ جن خاموشيءَ جي چادر لاهي ڇڏي ۽ دعوت و تبليغ جي ڪم ۾ ايتري حد تائين دلچسپي ورتائون جو دعوت و تبليغ جي تاريخ ۾ ان جو ڪو مثال ملڻ به محال آهي.

جيئن ته خود الله تعاليٰ بار بار حضور اڪرم ﷺ جن کي اعتدال کان زياده مشقت برداشت ڪرڻ کان منع فرمائي:

"فلعلڪ با خع نفسڪ عليٰ آثارهم ِان لم يومنوا بهذا الحديث اسفاط"

ته شايد پاڻ گهڻي ڏک جي ڪري انهن جي پٺيان پنهنجي جان به ڏيئي ڇڏين. جيڪڏهن هو هن پيغام تي ايمان نه آڻين!.

اسان کي دنيا جي تاريخ ۾ ڪيترائي اهڙا مثال ملن ٿا ته هڪ شخص شروعات کان وٺي معاشري جي اصلاح جو ڪم ڪري ٿو، ۽ ننڍين وڏين اصلاحي تحريڪن ۾ حصو وٺي ٿو ۽ هو اڳتي هلي ڪو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏئي ٿو. پر ان ڳالهه جو ته ڪو به مثال ڪو نه ٿو ملي ته ڪو شخص پنهنجي جواني خاموشيءَ ۾ گذاري پر ڪرڙوڍ ٿيڻ تي هو پنهنجي معاشري سان بغاوت ڪرڻ جو اعلان ڪري ۽ انهن سان جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ۽ آخرڪار انهن کي پنهنجي اڳيان جهڪائي ڇڏي. ان مان اها ڳالهه به ظاهر ٿئي ٿي ته حضور اڪرم ﷺ جن جي چاليهه سال عمر گذرڻ کانپوءِ جنهن جنگ جو آغاز ٿيو اها سندن ايجاد ڪيل نه هئي، پر اها الله رب العالمين جن جي ئي دعوت هئي، جنهن کي پاڻ حضورﷺ جن انهيءَ حڪم سان جاري رکڻ فرمايو. لفظ"قم" جي ذريعي آنحضرت ﷺ جن کي جيڪو حڪم ڏنل هو ان کان اڳ سندن حياتي ڪجهه ٻي نموني جي هئي. پر ان لفظ جي طاقت حاصل ٿيڻ کانپوءِ سندن حياتي بلڪل ئي بدلجي ويئي.

معاملي کي جيڪڏهن هن نظريي سان ڏسجي ته خبر پوندي ته هي ٻئي آيتون نبوت جي صداقت جي ان  دليل ڏانهن به اشارو ڪن ٿيون، جن جو ذڪر نسبتاً گهڻو تفصيل سان ٻين آيتن ۾ ڪيو ويو آهي.

فقد لبثت فيڪم عمرا من قبلہ افلا تعقلون0 (سورة يونس: 16) ٻي جاءِ تي ارشاد آهي ته: ما ڪنت تدري ما الڪتب ولا الايمان ولڪن جعلناه نورا نهدي بہ من نشاءُ(سورة شوريٰ 52)" اي نبي - توهان کي ڄاڻ ئي نه هئي ته ڪتاب ڇا ٿيندو آهي ۽ ايمان ڇاکي چوندا آهن. پر اهو ته اسين (الله تعاليٰ ) آهيون جو اسان هن کي نور بنايو جنهن جي ذريعي اسين(الله تعاليٰ) جنهن کي چاهيون ٿا هدايت ڏيون ٿا!" انهن ٻنهي آيتن جي روشنيءَ ۾ اسان جو لائحه عمل ڇا هئڻ گهرجي؟.

"سورة مدثر" جي پهرين ٻن آيتن جي روشنيءَ ۾ اسان حضور اڪرم ﷺ جن جي سيرت جي ڪجهه حصن جو مطالعو ڪيو. ان مطالعي مان اها ڳالهه واضح ٿي ته آنحضرت صه جن پنهنجي معاشري کان بلڪل بيزار ۽ ان جي انفرادي و اجتماعي يا مفسدانه، ظالمانه يا گهمراهين جهڙين سرگرمين کان بلڪل لاتعلق هئا.

هن مطالعي مان اها به ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته حضور اڪرم ﷺ جن نبوت کان اڳ بيشڪ عزت ۽ اڪيلائيءَ واري زندگي گذارڻ پسند فرمائيندا هئا، پر جيئن ئي حضور اڪرم ﷺ جن تي "قم فانذر" جو حڪم مليو ته پاڻ معاشري جي هر گمراهي ۽ بدڪرداريءَ جي خلاف آڱر کنيائون.

هنن آيتن جي پڙهڻ سان اسان تي اها به حقيقت واضح ٿي چڪي آهي ته حضور اڪرم ﷺ جن جي نبوت کان اڳ جي چاليهن سالن جي زندگيءَ ۾ اهي طاقتون ۽ صلاحيتون لڪل رهيون جن جو ظهور نبوت کانپوءِ ٿيڻو هو. ۽ ان سان گڏ اها به ڳالهه ظاهر ٿي ويئي ته حضور اڪرم ﷺ کي نبوت کان اڳ جي زندگي ۽ نبوت کان پوءِ واري زندگيءَ ۾ جيڪو عظيم الشان فرق آهي ان جي مشابهت ان ڳالهه کان سواءِ ممڪن ڪانهي ته نبوت کان پوءِ حضور اڪرم ﷺ جن کي اها روشني ۽ قوت ملي ويئي هئي جنهن کي اسان"وحيءَ الاهي" جي لفظ سان تعبير ڪيو آهي.

اڄ اسان پنهنجي هدايت و رهنمائيءَ جي سلسلي ۾ فقط اها ڳالهه معلوم ڪرڻ ٿا چاهيون ته اهڙي بگڙيل سوسائٽي ۽ اهڙي نجاست واري معاشري ۾ حضور اڪرم ﷺ جن ڪهڙي ڳالهه کان شروعات ڪئي. ان سلسلي ۾ اها ڳالهه چڱيءَ طرح واضح ٿي چڪي آهي ته ڪنهن صحيح تعمير جو تصور به ان وقت تائين نٿو ڪري سگهجي جيستائين موجوده وقت جي غلط تعمير جي بنيادن کي ڊاٺو نٿو وڃي. تنهن ڪري حضور اڪرم ﷺ جن جو پهريون لفظ انداز هو. يعني: ماڻهن کي انهن خطرن کان واقف ڪري جن سان هو پنهنجي غلط عقيدن ۽ غلط عملن جي ڪري منهن مقابل ٿيڻ وارا هوا.

اِن لاءِ ته هو اُنَ غلط بنياد تي تعمير ٿيڻ واري نظام اجتماعي جي عمارت کي ڊاهڻ لاءِ آماده ٿي وڃن.

ان ڪري نبي ڪريم ﷺ جن پنهنجي هر ويجهي ۾ ويجهي اهل خاندان کي گڏ ڪري انهن کي مستقبل ۾ ٿيڻ واري خطري کان آگاهه ڪندي فرمايائون ته"والله لتمو تن کما تنامون ولتبعثن کما تستيقظون و لتحا بسن بما تعملون و تجزون بِالاحسان احساناً و ِبالسؤسؤاً و انها للجنتة ابدا اوالنار ابدا و انکم لاول من انذر بين يدي عذاب شديد".

ترجمو:

"خدا جو قسم، توهان هڪ ڏينهن ضرور مري ويندؤ جهڙيءَ طرح سمهو ٿا ۽ وري توهان کي اٿاريو ويندو جهڙيءَ طرح توهان جاڳو ٿا- ۽ پوءِ توهان کان توهان جي عملن جو حساب ڪتاب ضرور ورتو ويندو، ۽ توهان کي بدلو ڏنو ويندو، برائيءَ جو برائيءَ سان ۽ چڱائيءَ جو چڱائيءَ سان-  ۽ پوءِ يا هميشہ جو دوزخ اٿو يا هميشہ بهشت ۽ توهان اهي پهريان ماڻهو آهيو جنکي اهڙي سخت عذاب اچڻ کان اڳ خبردار ڪيو ويو آهي".

اهڙيءَ طرح پاڻ ﷺ پنهنجي قبيلي کي نه پرمڪي جي سڀني ماڻهن کي ڪوه صفا جي ماٿري ۾ گڏ ڪيائون ۽ پنهنجي گفتگو جو آغاز فرمايائون ته:

انا النذير العريان (مان ظاهر ظهور ڊيڄارڻ وارو آهيان) پاڻ ﷺ انهن کي ٻڌايائون ته انجام کان بي خبر، حساب کان بي خبر، دنيا پرستي ۽ خدا فراموشيءَ جي جنهن زندگي ۾ توهين مبتلا آهيو اهو سراسر فريب آهي. ۽ جڏهن هيءَ اڌاري حياتي توهان کان واپس ورتي ويندي تڏهن توهان کي هڪ هڪ شيءَ جو حساب ڪتاب ڏيڻو پوندو. اهو چوڻ ته منفي ڪم هو- پر حقيقت ۾ اهو به معاشري جي تعليم لاءِ هڪ مثبت بنياد فراهم ڪري ٿو. ۽ اُهو هي آهي ته انسان غير مسئول نه آهي پر مسئول آهي- آزاد ڪونهي پر ٻانهو آهي. هن جي لاءِ فنا نه پر بقا آهي.

پوءِ "انذار" جي ان ڪم سان گڏ ئي حضور اڪرم ﷺ جن جي ذمي جيڪو مثبت  ڪم سپرد ڪيو ويو هو، اهو ان ئي سورة جي ٽئين آيت ۾ بيان ڪيو ويو آهي. ”و ربڪ فڪبر“ (۽ صرف پنهنجي  رب جي ذات جي وڏائي بيان ڪر!)

هن ننڍڙي آيت ۾ معافيءَ جي لاءِ گهڻو ڪجهه لڪل آهي، پر اسان ته اهو سمجهيو آهي ته"سبح" جي معنيٰ محض زبان سان سبحان الله چوڻو آهي- ۽ "ڪبر" جي معنيٰ محض زبان سان الله اڪبر چوڻو آهي. حالانڪ انهن لفظن جو مفهوم صرف اهو نه آهي جو اسان سمجهيو آهي. ٻين لفظن کي ته کڻي ڇڏيو، هن  وقت صرف لفظ "ڪبر" کي ڏسو- هن جي حقيقي معنيٰ آهي ته انسان زبان سان به الله تعاليٰ جي وڏائيءَ جو اعلان ڪري دل ۾ صرف الله جي وڏائيءَ جو يقين رکي ۽ دماغ مان به غير الله جي برائي ڪڍي ڇڏي ۽ اهي سڀ قوتون ۽ طاقتون، بت ۽ موهوم انسان باوجود جيڪي وڏائيءَ ۾ الله تعاليٰ جي برابري ڪرڻ جي دعويٰ رکندڙ هجن.(نعوذ بالله).

يا جن جي باري ۾ اهڙي قسم جي دعويٰ ڪئي پيئي ويئي هجي ته، انهن سڀني جي مقابلي ۾ ڪلمو"الله اڪبر" هڪ اعلان جنگ آهي- ۽ عقل سان جيڪو انسان هيءَ اعلان ڪري ٿو ته اهو ان وقت تائين آرام سان نه ويهندو جيستائين زمين تي به الله جي وڏائي اهڙيءَ طرح قائم ڪري نه ڏيکاريندو، جهڙي آسمان تي اُن جي وڏائي قائم آهي. ٻين لفظن ۾ جيستائين انسان لاءِ ممڪن ان تفصيل مان اها ڳالهه واضح ٿي چڪي آهي ته"ربڪ فڪبر"  جو حقيقي مفهوم آهي ته الله تعاليٰ جي حاڪميت، بالادستي، اقتدار اعليٰ عظمت کي قائم ڪيو وڃي ۽ وڏي جا اهي وڏا مدعي چاهي اهو ماڻهوءَ جو پنهنجو نفس هجي، چاهي شيطان هجي، چاهي جن هجي، چاهي بشر، جي چاهي مرئي مخلوق يا غيبي مرئي هجي، مطلب ته انهن سڀني جي ڪوڙي وڏائيءَ جي قلعن کي ڊاٺو وڃي.

هيءُ اهو عظيم الشان ڪم هو جو هن جاهل معاشري ۾ بلڪل اڪيلي بنان ڪنهن ساز و سامان ۽ مادي سهاري  جي حضور اڪرم"ﷺ" جن سر انجام ڏنو هو. ۽ پاڻ 23 سالن جي مختصر عرصي ۾ جزيره نما عرب جي اندر الله جي وڏائي عملاً قائم ڪري ڏيکاريائون ۽ ان کان سواءِ الله جي سپاهين جي اهڙي جانباز فوج تيار ڪيائون جا صرف ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ سڄيءَ دنيا ۾ پکڙجي ويندي هئي ۽ انهن تي فاتح ٿيڻ جي صلاحيت رکندي هئي.

قرآن پاڪ جي روشنيءَ ۾ سيرت پاڪ جي هن مطالعي مان جيڪو سبق اسان کي حاصل ٿئي ٿو اهو آهي ته هر مومن جي ڪرڻ جو ڪم صرف اهو آهي يعني دلين ۾ فڪر آخرت پيدا ڪئي وڃي-  دنيا کي هڪ ڪوڙو خواب سمجهيو وڃي ۽ آخرت جي ڪاميابيءَ کي پنهنجو جدوجهد جو اصل مقصد سمجهي ۽ الله جي اڳيان جواب ڏيڻ جي يقين رکڻ وارن جي بهترين ڪوشش جي ذريعي الله جي ڪلمي کي سڀ کان وڌيڪ بلند رکڻ ۽ الله جي اڳيان حساب و ڪتاب ڏيڻ جو جيئرو جاڳندو شعور پيدا ڪرڻ ۽ غير الله جي عظمت کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏي.

اڄوڪي دور ۾ اهو انهن سڀني ماڻهن کي ڪرڻو آهي، جيڪي مسلمان هئڻ جي دعويٰ ٿا ڪن. حضور اڪرم ﷺ جن جي زماني جي مقابلي ۾ اسان لاءِ اهو ڪم ڪرڻ هن لحاظ کان ته تمام گهڻو آسان آهي ته اڄ خدا جي فضل سان دنيا ۾ ڪروڙين مسلمان رهن ٿا.

جن وٽ حياتي گذارڻ لاءِ هر قسم جا ذريعا ۽ ساز و سامان موجود آهن جيڪڏهن هي سڀ مسلمان هڪ ٿي الله جي وڏائيءَ کي قائم ڪرڻ جو پختو ارادو ڪن ته باطل هڪ منٽ جي لاءِ به سندن اڳيان نه بيهي سگهندو پر سڀ ملسمان ته وڏي ڳالهه آهي، رڳو ڏهه سيڪڙو مسلمان به همت و قوت ۽ اخلاص سان گڏ هن مقصد جي لاءِ اٿي بيهن ته وڏائيءَ جي تمام ڪوڙن قصن کي آخرڪار خدا جي وڏائيءَ اڳيان ڪنڌ جهڪائڻو پوندو. پر هڪ لحاظ کان هيءُ ڪم اڄ جي زماني ۾ ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ڇو ته هن زماني ۾ هن ڪم جي رستي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ ماڻهو آهن. پراوا نه  پر پنهنجا ”دشمن ڪو نه آهن پر دوست آهن“ جيڪڏهن اوهان برو نه ڀانيو ته! اڄ خود مسلمان الله جي وڏائي قائم ڪرڻ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بنيل آهي.

اسان جي هن دعويٰ تي حيرت نه کائو ۽ نه ڪاوڙ ڪريو، پر ٿورو ٿڌي دماغ سان سوچيو ته ڇا اڄ:

1-ڇا مسلمانن جي وڏي اڪثريت هن قول کي فراموش نه ڪري چڪي آهي؟

2- ڇا مسلمانن جي وڏي اڪثريت هن مقصد کي تسليم ڪرڻ جي بجاءِ ٻين ننڍين يا وڏين رسمن کي پورو ڪرڻ کي پنهنجو اصلي دين نه سمجهيو آهي ڇا؟

3- ڇا، مسلمانن جي وڏي اڪثريت اڄ دنيا پرستيءَ ۾ مبتلا ٿي آخرت کي فراموش نه ڪيو آهي؟

4-ڇا اسان مان هر شخص عملي طور تي يا نفسياتي طرح خاندان کي قبيلي کي يا قوم ۽ وطن کي وڏائيءَ جو اهو مقام نه ڏنو آهي جيڪو صرف الله"رب العالمين" جي لاءِ خاص آهي؟

هنن حالتن ۾ جيڪڏهن ڪو رب جو بندو ان مقصد لاءِ اٿي ۽ دنيا جي سڀني ماڻهن کي غفلت کان جاڳائي دنيا پرستيءَ کان هٽائي، صرف رب جي بندگي ڪرڻ لاءِ سڏي ۽ الله جي وڏائيءَ جي اڳيان پنهنجو ڪنڌ  جهڪائڻ تي  آماده  ڪري. ته اڪثرخود مسلمان  ئي  ان جي خلاف ٿي ويندا ۽ جيستائين  هن جو آواز  ختم نه ٿيندو  تيستائين ويچارن  مسلمانن کي سک نه ايندو، هن صورتحال  جو علاج ڪهڙو آهي؟

 حضور  اڪرم  ﷺ جن کي جيڪو ڪم  سونپيو  ويو هو ۽ حضور اڪرم  ﷺ  جن  جي امتي  هجڻ جي لحاظ کان جنهن  ڪم جي ذميداري  هاڻ اسان  تي آهي( ڇو ته  هاڻي ڪو به نبي پيدا  نه  ٿيندو)

 هن ڪم کي ڪيئن سرانجام ڏجي؟

 هن سوال جو  جواب به "سورة المدثر"  جي شروعات  ۾ ئي موجود آهي  ۽  الله تبارڪ و تعاليٰ  اسان  جي لاءِ ڪم  ڪرڻ جو  واضح  طريقو  رٿيو آهي.

 "سورة  المدثر" جي شروعاتي آيتن  ۾  ستن  آيتن ۾  الله تعاليٰ  هن مهم  جو بيان فرمايو آهي ته  نبي ڪريم ﷺ اوهان جي وسيلي اوهان  جي امت  جي حوالي ڪئي وئي هئي يعني آخرت  جي حساب ڪتاب  جي بنياد  تي  الله تعاليٰ  جي وڏائيءَ  جي نظام  کي قائم ڪرڻ.

 پوءِ هن مهم کي پوري ڪرڻ لاءِ ”گهڻائي“ عمل ۽ طريقا به بيان فرمايا:

نبوت کان  پوءِ حضور  اڪرم ﷺ  جي سڄي زندگي  انهن لاتعداد  عملن ۽  طريقن  جو تفسير  ۽ تفصيل  آهي.

 ۽ انهن لاتعداد  عملن جو پهريون اکر  وثيابک  فطهر آهي، جنهن  جي معنيٰ  آهي ۽ پنهنجي ڪپڙن  کي  پاڪ رک) هن جي تفسير ڪندڙن  ڪيترائي ّ قول چيا آهن ۽ انهن  قولن جي وچ  ۾ ڪو به اختلاف  ڪونهي، ان ڪري  اهي سڀئي مفهوم  هڪ ئي وقت  هڪ ئي مراد رکن ٿا.

(ثياب) معنيٰ ڪپڙا- ڪپڙن  جي باري  ۾  هڪ قول  هيءُ آهي ته ان  مان  مراد نفس يا دل  آهي  يعني پنهنجي  دل کي پاڪ رک.  دل کي پاڪ رکڻ جو مطلب هيءُ  آهي ته  جنهن مهم کي تون  فتح  ڪرڻ  وڃي رهيو آهين، ان  ۾ آخرت طلب  ۽ الله  جي رضا  کان سواءِ  ٻيو ڪو به مقصد  نه هجي. نه شهرت و ناموريءَ  جي خواهش  نه  ستائش  جي  تمنا، نه اقتدار  جي طلب ۽  نه  ٻيو ڪجهه صرف، ۽ صرف خدا  جو راضپو  حاصل ڪرڻ جو مقصد  هئڻ  گهرجي، ثياب  جي باري ۾ ٻيو قول  آهي ته ان مان مراد  عمل و اخلاق آهي ، يعني تنهنجو اخلاق  پاڪيزه هئڻ   گهرجي  نه تنهنجي قول  ۽ عمل ۾اختلاف  هجي ۽ نه  تنهنجي، زبان ۽ هٿ  سان ڪنهن مسلمان  کي  تڪليف پهچي ۽ نه تنهنجي سيرت و ڪردار  ۾ ڪا به شيءَ  ڪريل هجي.

ثياب  جي باري ۾  ٽيون قول هيءُ آهي ته  ان مان مراد  ڪپڙا ئي آهن  پر انهن کي پاڪ رکڻ مان مراد   اها آهي   ته  اهي  حلال  جي  روزيءَ مان  ورتل هجن.

 ظاهر آهي ته جيڪي  ڪپڙا  رڳو بدن تي پيل هجن   ته انهن جي لاءِ ته ضروري  آهي ته  اهي  حق ۽ حلال  جا هجن،  ته پوءِ کاڌو  پيتو جيڪو  اسان  جي جسم  جي روح جي  غذا آهي، ان کي لازماً حلال  ۽  پاڪ هئڻ گهرجي.

 انهن سڀني قولن ۾ مشترڪ  ڳالهه  اها  آهي ته انسان سان  گڏ  جيڪي به شيون  ڪپڙن  وانگر  چهٽيل رهن ٿيون، انهن  کي ثياب  چيو ويو آهي، اهڙيءَ  مناسبت  لاءِ الله تعاليٰ  زال کي مڙس  جي لاءِ. مڙس کي زال جي لاءِ لباس  قرار ڏنو آهي.

 هن مفهوم  مان اها به ڳالهه  ظاهر  ڪري سگهجي  ٿي ته  جيڪڏهن تنهنجا ساٿي  ۽ رفيق  پاڪيزه  اخلاق  جا مالڪ هجن ۽  انهن  مان جيڪو  تنهنجي گهڻو  ويجهو  هجي ته ان جو اخلاق  ايترو  ئي زياده  پاڪيزه  هئڻ گهرجي.

 "وثيابک فطهر" جي  ان وضاحت مان معلوم  ٿئي ٿو ته آخرت  جي ڏينهن  حساب  و ڪتاب جي لاءِ ۽ الله  جي وڏائيءَ  جي طرف سڏ  ڪرڻ وارن  جو نفس گندي  جذبات  ۽ دل  برين  نيتن  کان  ۽ اخلاق  ناپاڪ  جي  عادتن کان  پاڪ هئڻ گهرجن، صرف اهو  نه پر انهيءَ  ڪم سان گڏو  گڏ  سندس ساٿي  به  اعليٰ اخلاق  ۽ پاڪيزه  سيرت  جا هجن جن جو هيءَ  عملي  حياتيءَ  جو پهريون حصو آهي. ان کانپوءِ ارشاد آهي ته  "والرجز فاهجر" ۽ گندگيءَ  کان پرهيز  ڪريو، هن آيت  ۾ گندگي  جي باري  ۾ تفسير  ڪندڙن   جو هيءُ قول آهي ته ان مان مراد شرڪ آهي.

يعني شرڪ کان پرهيز ڪريو. ان سان توهان جو ڪو به تعلق نه هئڻ گهرجي. هيءَ آيت دراصل پهرين آيت جي تڪميل ٿي ڪري. يعني هن آيت ۾ طهارت جو مثبت حڪم ڪيو ويو آهي. هن آيت ۾ ان اصل گندگيءَ کان بچڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جيڪا عقيدن ۽ عملن ۾ جت به هوندي اتي نجاست پکيڙي ڇڏي ٿي، يعني شرڪ هن جو مطلب هيءُ آهي ته جيڪو شخص الله جي وڏائي قائم ڪرڻ چاهي ٿو اهو شرڪ کان بلڪل دور رهي ۽ ان سان ڪنهن به صورت ۾ ٺاهه نه ڪري. چاهي ظاهر ظهور سوسائٽي مشرڪانه هجي يا مسلمانن جو اهو معاشرو جنهن ۾ جهالت جي باعث اهي شرڪ پکڙيل هجن.

اهو شخص جيڪو الله جي وڏائي قائم ڪرڻ چاهي ته ڪهڙي به مصلحت جي خاطر شرڪ سان ادنيٰ تعلق ۽ واسطو نه رکي. هي عملي حياتيءَ جو ٻيو حصو آهي يا پهرين حصي جي تڪميل آهي. ان کانپوءِ ارشاد رباني آهي ته: ولاتمنن تستکثر. هن آيت جي باري ۾ تفسير ڪندڙن جا ڪيترائي قول چيل آهن، پر مشهور قول آهي ته"ماڻهن سان سهڻي اخلاق سان پيش اچ پر ان عيوض ۾ زياده وٺڻ جي نيت سان نه".

هن قول جي روشنيءَ ۾ ائين چئجي ته جيڪو الله جي وڏائي قائم ڪرڻ جي مهم لاءِ اٿيو آهي ته ان کي خدمت خلق ۾ تمام گهڻي دلچسپيءَ سان حصو وٺڻ گهرجي، پر ان جو مقصد صرف الله جي رضا ۽ خوشنودگي حاصل ڪرڻ جو هجي.

شهرت يا ناموري، مقبوليت يا عوام جي تائيد حاصل ڪرڻ يا ٻيو ڪو به مادي مقصد اڳيان نه هجڻ گهرجي. مشهور مفسر مجاهد، هن آيت جي تفسير ۾ چيو آهي ته هن جي معنيٰ هيءَ آهي ته " ڀلائي جو ڪم چاهي ڪيترو ئي ڪريو پر ان کي زياده نه سمجهو ۽ زياده سمجهي ڀلائي ڪرڻ کان رڪجي نه وڃو".

مطلب هيءُ آهي ته الله جي وڏائيءَ جي علمبردار کي زياده کان زياده ڀلائي ڪرڻ کانپوءِ به ان کي گهڻو نه سمجهڻ گهرجي ۽ نه اتي ئي ختم ڪرڻ گهرجي پر الله جي راه ۾ پنهنجي جان ۽ مال وغيره سڀ ڪجهه ختم ڪري ڇڏڻ کانپوءِ به سمجهڻ گهرجي ته حق ته هيءُ آهي جو حق به پورو نه ٿيو. هيءُ عملي حياتيءَ جو ٽيون حصو آهي.

آخر ۾ عملي حياتيءَ جي چوٿين حصي ڏانهن به اشارو ڪندي هدايت ڪئي وئي آهي:"ولربڪ فاصبر" يعني پنهنجي رب جي لاءِ ئي صبر ڪريو.

صبر جي اصل معنيٰ آهي: روڪي رکڻ، پر هتي صبر جو مطلب آهي ته عملي حياتيءَ ۾ ڪم ڪندي، نه ته جلد بازي ڏيکار. نه ته جئن تڪڙن نتيجن جي حصول جي توقع تي عملن جي ٻين ڪن حصن تي عمل ڪريو يا ته انهن تي عمل ڪرڻ ۾ ڪا به گهٽتائي نه ڪريو ۽ نه مشڪلاتن کان گهٻرائجي هن مقصد کي يا عملي حياتيءَ جي ڪنهن حصي کي ڇڏي ڪنهن لالچ جي باعث پنهنجي مقصد کان هٽي وڃو پر هر حال ۾ ثابت قدم رهه ۽ هيءُ ثابت قدمي رڳو پنهنجي رب جي لاءِ هئڻ گهرجي. صرف اهو نه پر ان رستي ۾ جيڪو صبر ڪرڻو هجي، اهو محض الله تعاليٰ تي ايمان ئي جي ذريعي حاصل ٿي سگهي ٿو. جيئن ته ارشاد آهي ته ”وا صبر و ما صبرڪ الابالله“ ”۽ صبر ڪر تنهنجو صبر ڪرڻ مگر الله جي ذريعي“.

خدا جي بندن کي دنيا پرستيءَ کان ٻاهر ڪڍي آخرت جي راه ڏسڻ ۽ غير الله جي وڏائي ختم ڪري الله جي وڏائيءَ کي قائم ڪرڻ جي لاءِ ”نصب العين“ جي اصول تي عمل ڪرڻ ئي احسن آهي. ان جا چار جزا آهن.

(1) تطهير قلب و نفس ۽ تطهير رفقاء و انصار.

 (2)شرڪ کان مڪمل پرهيز.(هيءَ اگرچه پهرين جزي جو حصو آهي پر پنهنجي اهميت جي لحاظ کان هن جو الڳ ذڪر ڪيو ويو آهي.)

(3) ڪنهن مادي عيوض توقع بنا خدمت خلق يا مسلسل جدوجهد.

(4)رڳو الله تعاليٰ جي خاطر صبر و رضامندي. حضور اڪرم ﷺ جن جي سيرت طيبه جو هاڻ جيڪڏهن تفيصلي مطالعو ڪنداسين ته عملي حياتيءَ جي انهن چئن جزن تي آنحضرت جي عمل پيرا هجڻ جي تفصيلي ڪيفيت معلوم ٿيندي، اسان مان هر شخص پنهنجي پنهنجي ماحول ۾ پنهنجي نصب العين کي حاصل ڪرڻ لاءِ الله تعاليٰ جي مقرر ڪيل انهن مکيه عملي اصولن کي اختيار ڪرڻ جون صورتون معلوم ڪري سگهندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com