سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1980 (3 ۽ 4)

 

صفحو :5

شيخ عبدالرزاق”راز“

سيرت پاڪ ۽ هجري سن جو آغاز

 

دنيا جو ڪو به ملڪ اهڙو نه آهي جتي طاقتور انسانن ڪمزور انسانن تي ظلم ۽ جبر نه ڪيو هجي. پوري مشرق ۽ مغرب جي تاريخ مان ڪيترائي اهڙا واقعا ملن ٿا جن ۾ ضعيفن کي طاقتورن پنهنجي شرف انسانيت کان دستبردار نه ڪيو هجي. فرعون مصر جيڪڏهن خدائي جي دعويٰ ڪئي ۽ ان سان گڏ نمرود پڻ اهڙي دعويٰ ڪئي ۽ ماڻهن کي پنهنجي آڏو سجدي ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو هو، اهڙائي واقعا موجوده زماني ۾ به جاري آهن. جيڪڏهن ڪنهن وڏي ماڻهوءَ کي جهڪي سلام نه ڪيو وڃي ۽ سندس تعظيم ۽ عزت لاءِ اٿي نه بهجي اهو وڏو ماڻهو انهيءَ غريب ماڻهو لاءِ آزار بڻجي پوندو، ان  تي هر عذاب نازل ڪيو ويندو، دنيا ۾ طاقتور جي ظلم ۽ غرور جي جهڙي طرح عمر ڊگهي آهي، ساڳئي نموني غريب جي مظلوميت، ڪمزوري ۽ بزدلي جي به طويل العمر آهي. دنيا ۾ اهي ٻيئي مرض انسان جي تاريخ سان گڏ و گڏ هلندا رهيا آهن ۽ انساني شرف کي برباد ۽ نابود ڪيو ويو آهي. اهڙن موقعن تي خداوند ڪريم ماڻهن جي هدايت ۽ رهبري لاءِ وقتا فوقتا پيغمبر مبعوث ڪيا آهن جن گاهي به گاهي انسان جي شرف انسانيت کي روشني بخشي آهي ۽ انسان جي عزت ۽ احترام کي برقرار رکيو آهي. فرعون جي سرڪوبي لاءِ حضرت موسيٰ پيدا ٿيو ۽ نمرود جي بربادي لاءِ حضرت ابراهيم مبعوث ٿيو جن طاقتور انسانن جي ظلم ۽ ستم کي روڪيو ۽ انهن سان مقابلي لاءِ ڪمزورن ۽ ضعيفن جي حقن جي حفاظت ۽ حمايت ڪئي ۽ جيڪي استحصالي قوتون ڪمزور ۽ ضعيف سان برسر پيڪار هيون تن جو خاتمو آندو ۽ ماڻهن کي الله تعاليٰ جي وحدانيت کان آگاهه ڪيو ۽ انهن کي ان جي طرف رجوع ڪيو. اهو معبود حقيقي آهي جنهن جي عبادت ۽ اطاعت لاءِ ماڻهن کي تيار ۽ مستعد بڻايو ۽ انهي ڪري الله تعاليٰ پيغمبرن جي تعليمات جو سلسلو جاري رکيو. انهن نبين ۽ پيغمبرن سدائين انسان ۽ انسانيت جي بهتري ۽ بهبودي لاءِ ڪوشش ڪئي آهي. انسان جي باهمي تعلقات کي خوشگوار بڻائي معبود حقيقي جي عبادت ۽ اطاعت لاءِ آماده بڻايو. ڪڏهن هنن پند و نصيحت ۽ ڪڏهن وعظ ۽ ورد کان ڪم ورتو ۽ ڪڏهن صحيفا ماڻهن جي آڏو پيش ڪيا ۽ ڪڏهن ڪمزور ماڻهن کي بهادر بڻائي طاقتورن جي مقابلي لاءِ پيش ڪيو آهي. تاريخ ۾ اهڙا معرڪا تمام گهڻا ٿي گذريا آهن- سرڪش ۽ ڪج فهم ماڻهن جي غرور ۽ تڪبر کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو آهي. انهن پيغمبرن جي تعليم جو اهو نتيجو نڪتو ته دنيا ۾ هر ڀيري ظلم ۽ ستم جا طوفان کڙا ڪيا ويا ۽ ٻئي پيغمبر جي بعثت وقت اُهي طوفان برباد ۽ نابود ٿي ويا. سڀ کان وڏو طوفان ان وقت آيو جڏهن دنيا جي مٿان تاريڪي ڇائنجي ويئي ۽ هرڪو ماڻهو فرعون بڻجي ۽ نمرود بڻجي ويو. هو هر هڪ جهالت ۾ غرق هو، ان وقت انسانيت کي پنهنجو حق واپس ڏيارڻ لاءِ سرور ڪائنات محمد رسول الله ﷺ مبعوث ٿيو. پاڻ دنيا جو سڀ کان وڏو هادي ۽ رهبر ٿي آيو ۽ انسانن جي برتري لاءِ هن شريعت آندي جنهن دنيا کي سڀني کان بهتر نظام ڏنو ۽ ان نظام کي اڄ به پنهنجي فڪر ۽ تميز ۽ فهم و ادراڪ سان پرکي سگهجي ٿو. جنهن سڀني ماڻهن ۽ قومن جو امتياز مٽائي سڀني ماڻهن کي هڪ قطار ۾ بيهاري، امن، عدل ۽ مساوات جو سبق ڏنو ۽ مسلمانن ۾ هڪ ڀائيچارو قائم ڪيو ۽ مسلمان هڪ ٻئي جا ڀائر ٿي پيا. انصاف ۽ عدل جي ڳالهه ڪريو، امن ۽ امان جي پچار ڪريو. اهڙيون ڳالهيون تقويٰ جي ويجهو آهن. انصاف جي ڳالهه ڪريو توڙي ڪنهن سان قرابتداري به هجي. دوست،دشمن، قرابتدار ۽ غير قرابتدار سڀني سان هڪ جهڙو عدل ۽ انصاف ڪجي. سڀني سان هڪجهڙو عدل ۽ مساوات جو سلوڪ رکجي. ڪو به فاطمي يا ڪو به برهمڻ ڪنهن غلام يا شودر جو قتل ڪري ٿو ته انهيءَ فاطمي يا برهمڻ کان ضرور قصاص ورتو ويندو. قرآن حڪيم جو هڪ هڪ لفظ مسلمانن  جي لاءِ پنهنجي زندگي گذارڻ جو دستور العمل آهي. هڪ ڀيري حضور ﷺ جن هڪ سفر پنهنجي ساٿين سان گڏ ڪيو ۽ ماني کائڻ جو وقت ويجهو هو تنهن ڪري ماني پچائڻ جو ڪم تجويز ڪيو ويو ۽ حضور جن سڀني صحابين کي ڪم ورهائي ڏنو ۽ پنهنجي مٿان ڪاٺيون ڪپي ۽ انهن کي آڻڻ جو ڪم حوالي ڪيو ۽ پاڻ ڪاٺيون ڪري آيا ۽ اچي صحابين جي حوالي ڪيون. اهڙا ڪيترائي مثال تاريخ ۾ موجود آهن. پاڻ واري تي ٻين وانگر پهرو به ڏيندا هئا پاڻ وقت تي سرون ڍوئي مزدوري به ڪندا هئا.

سرور ڪائنات آخري پيغمبر بڻجي مبعوث ٿيا.سندن ولادت مڪه معظمه ۾ ٿي ۽ سندن رسالت جو آغاز غار حرا کان شروع ٿيو. حضور جن جي نبوت وقت سندن عمر چاليهه سال هئي تڏهن مٿانئن وحي نازل ٿي. پاڻ زندگي جا تيرهن سال مڪي جي ماڻهن جي اصلاح لاءِ گذاريائون. زندگي ستم و ظلم ۽ مصائب واَلام ۾ گذرندي رهي پر پاڻ خنده پيشاني سان انکي برداشت ڪندا رهيا. جڏهن قريش مڪه سندن جان جا دشمن بڻجي پيا تڏهن پاڻ مديني جي طرف هجرت فرمائي ۽ انهي هجرت کانپوءِ سن هجري جو آغاز ٿئي ٿو جيڪو مسلمانن لاءِ نهايت توقير ۽ اهميت جو حامل آهي.اهو نبوت جو چوڏهون سال هو جيڪو سن 622 عيسوي جي مطابق آهي. حضور جن باقي زندگي مديني ۾ گذاري ۽ وفات کانپوءِ به مديني منوره جي گنبذ خضرا ۾ مدفون آهن. مدينو اسلامي دنيا جو مرڪز بڻجي پيو ۽ انهي مقدس شهر ۾ سن هجري جو آغاز ٿيو. ان کانسواءِ مسلمانن جي سياسي ۽ معاشرتي زندگي به مدينه کان شروع ٿي مڪه ۾ مسلمانن جي حيثيت هڪ سياسي اقليت  جي مثال هئي جتي ڪفارن جو غلبو هو تنهن ڪري مسلمان پنهنجي دين حق جي نشرو اشاعت کان قاصر رهجي ويا ۽ هو نه وري آزادي سان اسلام جي حڪمن موجب زندگي گذاري سگهيا مڪي جي محڪوم اقليت مديني جي غالب ڪثرت بڻجي پيئي.

هجري سال جي ابتدا هجرت واقعي کان وٺي شمار ڪجي ٿي جيڪا قمري سال جي پهرئين ڏينهن کان عمل ۾ اچي ٿي. اها تاريخ 16 جولاءِ 622ع کان شروع ٿئي ٿي، پر هجري سن جو انعقاد تقريبا سترهن سالن کانپوءِ حضرت عمر جي دور خلافت ۾ ٿيو. اسلاميه ملت ان سن جو تاريخي استقبال ڪيو آهي.

ملت اسلاميه ۾ انصار به اچي وڃن ٿا جن حضور جن، مسلمانن ۽ دين جي خدمت ۽ مدد ڪئي آهي، مهاجرن کي هنن پنهنجي هر شيءَ ۾ شريڪ ڪيو. هر شيءَ کي هنن ٻه اڌ ڪيو ڇا گهرن جو، ڇا زمين ۽ جائداد جو، ڇا مال ۽ اموال جو ۽ ڇا دولت جو. اهڙي رابطي هڪ متحد ۽ منظم قوم بڻائي جيڪا پنهنجي مجموعي طاقت جي اعتبار سان اغيار جي حرڪتن کان محفوظ رهي جن پنهنجي شريعت ۽ اخلاق جي آزاديءَ سان نشرو اشاعت تبليغ ڪئي. معاشي ۽ معاشرتي اعتبار کان مهاجر ۽ انصار گڏجي هڪ متحده امت بڻجي پيئي ۽ انصارن پنهنجا اختلاف وساري مهاجرن سان گڏجي هڪ ملت جي صورت اختيار ڪئي. ۽ مسلمانن جي عملي زندگي ٻين منافقن ۽ ڪافرن کي به اسلام قبول ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو جنهنڪري ڪيترائي ماڻهو اسلام ۾ داخل ٿي ويا.

اڳين پراڻن مذهبن انساني نسل جي حقن جي حفاظت لاءِ نظام سلطنت قائم ڪيا ۽ هميشه بني نوع انسان جي فلاح ۽ بهبود جي ڪوشش ڪئي پر اهي بنيادي بيماريون وري وري ظاهر ٿيون تنهنڪري هر پيغمبر جو انتظام درهم برهم ٿي ويو ۽ وري نئين رهبر ۽ هادي جي اچڻ جي ضرورت پيش ايندي رهي. آنحضرت محمدﷺ جيڪا شريعت چوڏهن سو سال اڳي کڻي آيا اها اڄ ڪالهه به موجود آهي  جنهن ۾ ڪنهن جي تحريف ۽ تبديل جي ضرورت ڪانه آهي ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي واقع نه ٿيندي. ڇاڪاڻ  جو خداوند ڪريم دين اسلام کي مڪمل بڻائي ڇڏيو آهي انهي ڪري هر انساني مسئلي کي شريعت اسلام ڏانهن رجوع ڪرڻو پوندو ۽ پاڻ ۾ اصلاح آڻڻو پوندو ٻئي ڪنهن رهبر جي ضرورت ۽ انتظار نه آهي ڇاڪاڻ جو دين مڪمل آهي ۽ حضور ﷺ جن جي ذات پيغمبر آخرالزمان جي صورت ۾ پيدا ٿي ۽ هو ختم المرسلين آهن. انهيءَ شريعت جي اطاعت ڪرڻي  آهي جنهن ۾ انسان جي بهتري ۽ ڀلائي آهي ۽ انسان جي فلاح ۽ بهبود انهيءَ ۾ آهي . انسان کي قرآن جي واضح تعليم جي تعميل ڪرڻي آهي جيڪو انسان کي ذلالت ۽ خواري، غلامي ۽ خرابي کان بچائي کيس هڪ معزز شهري بڻائي ٿو منجهس هڪ حريت ۽ آزادي جو جذبو پيدا ڪري ٿو ۽ هر انسان شريعت اسلام جي فرمانبرداري ۽ پابندي ڪري ٿو. انسان جي زندگيءَ کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي جنهن مان پهريون حقوق الله ۽ ٻيو حقوق العباد چيو وڃي ٿو. هڪ طرف عبادت ۽ رياضت ۽ انساني معاملات جي برتري ۽ بهتري آهي.

سڀ انسان هڪ جهڙا حق رکن ٿا. ڪنهن به هڪ کي ٻئي تي ڪنهن به قسم جو امتياز حاصل نه آهي. سڀ مساوات ۽ برادريءَ جي لڙيءَ ۾ پوتل آهن. پيدائشي طور تي ڪنهن به هڪ انسان کي ٻئي تي فضيلت نه آهي. خاندان ۽ قوم جي ڪري ڪنهن کي به ٻئي تي برتري حاصل نه آهي. انسان جا نيڪ اعمال ۽ زهد و تقويٰ ئي انسان جي استحقاق ۾ وڏائي ۽ گهٽتائي  پيدا ڪري سگهن ٿا. سڀ انسان گڏجي پاڻ مان هڪ قابل ۽ زيرڪ امير منتخب ڪن ٿا جيڪو پنهنجي عملن جي لحاظ کان سڀني کان بهتر ۽ برتر آهي  ۽ هن کي شاهانه اختيار حاصل ٿين ٿا پر سندس سمورو نظام شريعت جي ماتحت آهي ۽ انجي قانون موجب آهي ۽ هو ان لاءِ ذمه دار آهي. هر هڪ شخص کي اهو حق حاصل آهي ته جيڪڏهن هو قانون جي خلاف ڪم ڪري ٿو ته انتي تنقيد ڪري. هو هر معاملي ۾ جواب وٺڻ جو حقدار آهي پوءِ سندس سامهون ڪهڙو به وڏو خليفو هجي ۽ جابر حاڪم ۽ شهنشاهه ڇو نه هجي. هو مظلومن کي پنهنجا حقوق ظالمن کان وٺي ڏيڻ جو ذمه دار آهي ۽ هو هر شرير انسان کي صحيح رستي تي آڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ سزائون ڏئي ٿو. رعايا جي جان ۽ مال، عزت ۽ ناموس جي نگراني ڪري ٿو ۽ اُن سان گڏ هر اقليت جي جان ۽ مال ۽ عزت آبرو جو ساڳئي نموني محافظ آهي. اسلامي نظام حڪومت جو ڪامل نمونو خلفاءِ راشدين جي حڪومت ۽ زندگي ۾ موجود آهي ۽ اهو ئي اسانجي لاءِ راهه هدايت آهي ۽ رهنمائي جو رستو. اسلام جي سيکاريل اخلاق مسلمانن کي حڪومت جو اندازسمجهايو ۽ ڪنهن به ٻئي مذهب تي هن ڪڏهن به بي اعتمادي نه ڪئي. جيڪڏهن ڪو به قابل ۽ زيرڪ ماڻهو دستياب ٿيو ته انکي حڪومت ۾ شامل ڪيو ويو پوءِ کڻي هو ڪهڙي به مذهب جو هجي. هڪ معزز ۽ موزون ۽ مناسب شخص جو انتخاب ڪرڻ، وقت جي امير کي حاصل آهي.

جڏهن مسلمانن تي قريش جو ظلم، زبردستي ۽ ايذا رساني نهايت شرير انداز ۾ جاري رهي ۽ هنن مسلمانن کي پنهنجي پياري وطن کي ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو تڏهن مسلمانن جي هڪ جماعت حضور جن جي مرضي مطابق مڪي مان حبشه جي طرف هجرت ڪئي. مسلمانن جي اهڙي صورتحال تي قريشن کي خار آيا جي سندن تعاقب ۾ حبشه وڃي پهتا. بادشاهه سان ڳالهيون ڪيون جنهن مسلمانن کي پنهنجي درٻار ۾ گهرايو ۽ انهن جون ڳالهيون ٻڌي انهن جي همت افزائي ڪئي ۽ مسلمانن کي حبشه ۾ رهڻ جي اجازت ڏني. آخر ۾ حضور ﷺ جن انهن جي ظلمن کان تنگ ٿي مسلمانن کي مديني وڃڻ جي اجازت ڏني ۽ مسلمان مديني جي طرف هجرت ڪري ويا. حضور جن حضرت علي ۽ حضرت ابوبڪر سان گڏ مڪي ۾ رهجي پيا، انهن کي هجرت جو حڪم ڪونه مليو هو. قريشن مسلمانن جي هجرت کي نظر ۾ رکي آنحضرت جن تي انيڪ آلام ۽ مصيبت جاري رکيا ۽ مٿن ظلم ۽ ستم جون ڪيتريون ئي وارداتون ٿيون. هو حضور ﷺ جن جي جان جا دشمن بنجي پيا. آنحضرت ﷺ جي خلاف ايذارساني جا ڪيترائي منصوبا تيار ٿيا ۽ پوءِ انهن ماڻهن هر قبيلي مان هڪ جوان منتخب ڪيو جيئن حضور جن جي قتل ۾ سڀ قبيلا شريڪ ۽ شامل رهن ۽ ڪنهن به هڪ کي قصاص ڏيڻو نه پوي. جوانن رات جو اچي حضور جن جي گهر جو گهيرو ڪيو، جيئن رات جي اونداهي ۾ سرڪار دو عالم جو خاتمو ڪري ڇڏن. ان رات الله تبارڪ و تعاليٰ جي طرفان حضور جن کي اهڙو اطلاع مليو ۽ کين حڪم ٿيو ته هو به هجرت ڪن، حضور جن فورن حضرت علي کي پنهنجي بستري تي سمهاريو ۽ کيس امانتن واپس ڏيڻ جو تفصيل سمجهايو ۽ ان کانپوءِ پاڻ سڳورا الله جو نالو وٺي دشمنن جي وچ مان لنگهي اچي حضرت ابوبڪر جي گهر پهتا ۽ انکي تياري جو حڪم ڪيائون.

حضرت ابوبڪر اهڙو حڪم ٻڌي سندن اکين مان خوشيءَ جا ڳوڙها وهي نڪتا ۽ مڪي کي پاڻ حضرت ابوبڪر سان گڏ پهرئين ربيع الاول تي ڇڏيائون ۽ مديني جي طرف وڃڻ جو قصد ڪيائون ۽ مديني ۾ ربيع الاول جي ٻارهين تاريخ مطابق 28 جون 622ع تي پهتا. مڪي مڪرمه مان نڪرندي حضور جن هي لفظ فرمايا"اي منهنجا الله! توکي خبر آهي ته مونکي منهنجي محبوب ترين شهر مان ڪڍيو ويو آهي، تنهنڪري هاڻي پنهنجي پسنديده شهر ۾ پناهه ڏي" حضور جن پنهنجي زندگيءَ جا 53 سال مڪي ۾ گذاريا هئا. مديني جا ٽي قبيلا ڏاڍو مشهور ۽ معروف هئا. اهي قبيلا مديني جا ڄڻ بنيادي پٿر هئا ۽ گهڻي زماني کان وٺي شهر ۾ آباد هئا. بنو اوس، بنوخزرج ۽ يهودي هئا. بنو اوس ۽  بنو خزرج جا ننڍڙا قبيلا ٻارهن تي مشتمل هئا ۽ يهودين جا وڏا قبيلا هئا جيڪي بني قينقاع، بني قريظه ۽ بني نظير جي نالن سان مشهور هئا. حضور ﷺ جن جي مديني ۾ وارد ٿيڻ کان پوءِ بنو اوس ۽ بنو خزرج پنهنجا اختلاف وساري هڪ لڙهي ۾ پوئجي ويا. انهن ٻنهي قبيلن جو نالو انصار رکيو ويو.مڪي مان لڏي آيل ماڻهن کي مهاجر ڪوٺيو ويندو هو. حضور جن انهن ٻنهي ٽولن جي  وچ ۾ هڪ ڀائيچارو ۽ برادري قائم ڪئي. حضور جن مهاجرن ۽ انصارن جي وچ ۾ مواخاه ڪرائي يعني هڪڙي مهاجر کي هڪڙي انصار سان گڏي فرمايائون ته"اوهان ٻيئي هڪ ٻئي جا ڀائر آهيو" اها ڀائپي ايتري قدر مضبوط ۽ مستحڪم ثابت ٿي جو ٻن سڳن ڀائرن ۾ به اهڙو اخلاص نظر ڪونه آيو. ان کان پوءِ حضور جن مديني جي مکيه قبيلن ۾ صلح ۽ امن جو پيغام پهچايو. سڀني ڌرين ڳالهين تي اتفاق ڪيو ۽ هڪ امن و امان جي تحريڪ شروع ٿي جنهن سان دنيا جي پهرئين معاهدي جو انعقاد ٿيو، جنهن کي تاريخ ۾ ميثاق مدينه ڪري سڏيو ويندو آهي.

خزرج ۽ اوس ٻه ڀائر هئا. اهي ٻئي عربي النسل ۽ عظيم الشان قبيلا هوندا هئا. خزرج وڌيڪ طاقتور قبيلو هو جنهن حضور ﷺ جن کي هجرت ڪرڻ ۽ مدينه ۾ رهڻ لاءِ آماده ڪيو ۽ حضور جن جي هر موقع تي وڏي مدد ڪئي. اهي ٻئي ڀائر اصل يمن جا رهندڙ هئا.ٻوڏ جي اچڻ کانپوءِ اهي قبيلا منتشر ٿي ويا، مختلف ڳوٺن ۽ شهرن مان گهمندي ڦرندي لڏ پلاڻ جي حالت ۾ هو آخر يثرب ۾ اچي سڪونت پذير ٿيا. مديني کي حضور ﷺ جن جي تشريف آوري کان اڳ يثرب ڪري سڏيو ويندو هو. جتي يهودين جو غلبو هو. شروع ۾ هنن عربي قبيلن کي يهودين جي غلبي کي تسليم ڪرڻو پيو ۽ ان کانپوءِ هنن پاڻ باهمي طاقت حاصل ڪري يهودين تي غلبو پاتو ۽ پنهنجي برتري قائم ڪئي. ان کان ٻنهي قبيلن جي وچ ۾ رقابت ۽ عداوت پيدا ٿي ۽ رقابت وڌندي وڌندي جنگين جي صورت اختيار ڪئي. انهن ٻنهي قبيلن جي وچ ۾ ڪيتريون خونخوار جنگيون لڳيون جن ۾ يوم ربيع، يوم البقيع، فجاراول فجارثاني ۽ يوم بعاث واريون جنگيون مشهور آهن. يوم بعاث انهن جي آخري لڙائي هئي جيڪا 616ع ۾ لڳي هئي ۽ بني خزرج کي شڪست نصيب ٿي هئي. ان کانپوءِ ٻئي قبيلا ٿڪجي پيا ۽ پاڻ ۾ مفاهمت پيدا ڪيائون. سبا ۾ ٻوڏ جي سبب اهل سبا منتشر ٿي يمن کان ٻاهر نڪتا ۽ مختلف شهرن ۾ پکڙجي ويا. اوس ۽ خزرج قبيلا آخر ۾ اچي يهودي قبيلن سان آباد ٿيا. سندن نصيب ۾ بنجر ۽ غير آباد زمين آئي جنهن کي هنن محنت ڪري پوک جي لائق بڻايو ۽ هو ماڻهو نهايت تنگدست گذارڻ لڳا ۽ انهن جي ڀيٽ ۾ اتان جا يهودي نهايت خوشحال ۽ متمول هئا تنهنڪري يهودين ۽ عربن جي وچ ۾ لڙائي ۽ جهڳڙا ٿيندا رهيا. اهي جهڳڙا ۽ تنازعه اهڙي قسم جا هئا جيئن هاڻي هارين ۽ زميندارن جي وچ م ٿيندا آهن. اوس ۽ خزرج جي جهڳڙن ۾ طرفين کي يهودي به مدد ڪندا رهيا. بني قريظه ۽ بني نضير بنو اوس جي مدد ڪندا رهيا ۽ بني قينقاع بنو خزرج جي مدد ۾ آيا ڄڻ اهي قبيلا عربن جا حليف بڻجي پيا. اهي سمورا جهڳڙا ۽ لڙايون شخصي رنجش ڪري ظهور پذير ٿيون. عربن ۾ بدلي وٺڻ جو جذبو سندن فطرت ۾ شامل هو. آخر ۾ ٻنهي قبيلن پاڻ ۾ صلح ڪري خزرج جي هڪ شخص عبدالله بن ابي کي مديني جي حاڪم بنائڻ جي تجويز بنائي. ساڳئي زماني ۾ يثرب جي خزرج قبيلي جا ڇهه ماڻهو حج جي موقعي تي مڪي آيا. حضور ﷺ جن کين اسلام جي دعوت ڏني ۽ حضور ﷺ جن جي   پندو نصيحت موجب انهن ڇهن ماڻهن اسلام قبول ڪيو ۽ هو يثرب موٽي اسلام جي تبليغ ڪرڻ لڳا. ٻئي سال  حج جي موقعي تي ٻارهن ماڻهو مڪي آيا جن اچي حضور جن جي هٿ تي اسلام قبول ڪيو ۽ حضور جن کانئن هيٺين ڳالهين جي بيعت ورتي ته شرڪ، چوري، زنا ۽ اولاد جي قتل جو ڏوهه نه ڪندا ۽ نيڪيءَ جي ڪمن ۾ الله ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪندا. پاڻ سڳورن پنهنجي هڪ اصحابيءَ کي انهن نون مسلمانن کي اسلام سيکارڻ ۽ مديني ۾ تبليغ ڪرڻ لاءِ انهن سان گڏ روانو ڪيو. جنهن يثرب پهچي ايتري اخلاص، محبت ۽ اخلاق سان تبليغ شروع ڪئي جو هر هڪ گهر ۾ اسلام جو سوجهرو ٿي ويو.

ٽئين سال يثرب کان ٻاهتر مسلمان مڪي ۾ آيا. پاڻ سڳورن جو چاچو حضرت عباس جيڪو اڃا مسلمان نه ٿيو هو انهن سان مليو ۽ انهن کي حضور ﷺ جن سان نيڪي ۽ همدردي جي سلوڪ قائم رکڻ لاءِ تلقين ڪئي. ۽ هو وري پاڻ حضور ﷺ جن سان مليا ۽ عرض ڪيو: "يا رسول الله ﷺ! اوهان کي جيڪي ڪجهه چوڻو هجي سو چئي ڏيو ۽ اسان کان جهڙو به وعدو وٺڻ چاهيو ٿا وٺي ڇڏيو، اسان اوهان جي مدد ڪرڻ ۽ ساٿ ڏيڻ لاءِ هر طرح تيار آهيون" انهي تي پاڻ سڳورن انهن کي قرآن جون آيتون پڙهي ٻڌايون ۽ کين الله تعاليٰ جي ذات سان رغبت رکڻ جي تلقين فرمائي. تنهن کانپوءِ فرمايائون ته"مان توهان کان انهيءَ ڳالهه جي بيعت وٺان ٿو ته توهان پنهنجي اولاد وانگر منهنجي حمايت ڪندا رهندا" اهو ٻڌنديئي انهن جي سردار حضور ﷺ جن جي هٿ مبارڪ کي جهليو ۽ عرض ڪيائين ته "انهي خدا جو قسم! جنهن اوهانکي حق جي دين جي اشاعت لاءِ موڪليو آهي. اسان توهان جي اهڙي نموني حمايت ڪنداسين جهڙي نموني پنهنجي اولاد جي ڪندا آهيون" هن جو اهو جواب ٻڌي حضور ﷺ جن ارشاد فرمايو" جنهن سان توهان وڙهندا تنهن سان مان به وڙهندس ۽ جنهن سان توهان صلح ڪندا تنهن سان مان به صلح ڪندس. توهان جي عزت منهنجي عزت هوندي ۽ توهانجي ذمه داري منهنجي ذمه داري هوندي. منهنجو جيئڻ ۽ مرڻ توهان سان ئي گڏ هوندو" انهي انجام ۽ وعدي کانپوءِ اهي ماڻهو ڏاڍو خوش ٿي يثرب ڏانهن واپس هليا ويا.

مڪي ۾ جڏهن قريشن ڏٺو ته حضور ﷺ جن پنهنجي جاءِ مان نڪري ويا آهن هنن ۾ ڏاڍو اضطراب پيدا ٿيو. هو ڏاڍو ششدر ٿيا. هنن ڏاڍي ڊڪ ڊوڙ ڪئي پر هر حالت ۾ کين ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻو پيو. تڏهن هنن مشورو ڪري حضور ﷺ جن جي گرفتاري لاءِ سؤ اُٺن جي انعام جو اعلان ڪيو. ڪيڏو نه وڏو انعام هو! هڪڙي عرب لاءِ انهيءَ کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي لالچ ٿي سگهي ٿي. هر ڪنهن اها ڪوشش ڪئي ته جيئن رسول الله  گرفتار ٿي وڃي تنهنڪري انهن مڪي جي ڪنڊ ڪڙڇ کي جاچي ڏٺو ۽ مڪي جي مختلف رستن جو به معائنو ڪيو، پر حضور ﷺ جن جو کين پتو پئجي نه سگهيو. حضورﷺ  جن ان وقت غارثور ۾ لڪل هئا. سراقه مڪي جو هڪ وڏو شهسوار هو. انعام جو اعلان ٻڌي هن يثرب طرف رخ رکيو ۽ حضور ﷺ جن جو تعاقب ڪيو. جڏهن هو حضور ﷺ جن جي ويجهو پهتو ته سندس گهوڙي ٿاٻو کاڌو ۽ هو زمين تي ڪري پيو. وري گهوڙي تي سوار ٿي حضور ﷺ جو پيڇو ڪرڻ لڳو. سندس گهوڙو تکي رفتار وارو هو ۽ گهوڙو هلندي هلندي ٻيو ڀيرو ٿاٻڙجي پيو ۽ سندس پير زمين اندر ڦاسي پيا، تڏهن مجبور ٿي حضور ﷺ جن جي سرڪار ۾ فرياد ڪيائين ته دعا ڪيو ته مان هن بلا کان آزاد ٿيان. حضور ﷺ جن سندس حق ۾ دعا فرمائي ۽ گهوڙي مصيبت کان نجات حاصل ڪئي ۽ هن وعدو ڪيو ته ڪنهن سان اهڙي ڳالهه نه ڪندو، چنانچه سراقه مڪي جي طرف واپس روانو ٿيو ۽ اتي پهچي هر شخص سان مايوسيءَ ۽ ناڪاميءَ جون ڳالهيون ڪندو رهيو ۽ ماڻهن کي حضور ﷺ جن جي جستجو کان باز رکيو ته حضور ﷺ جن جو ڪٿي به پتو پئجي نٿو سگهي. سڀ ماڻهو حضور ﷺ جن جي ڳولا کي ڇڏي چپ چپات ڪري ويهي رهيا.

حضور ﷺ جن يثرب کان ميل ٻه اوري قباجي ڳوٺ لهي پيا ۽ قبا ۾ بني اوس جي مهماني قبول ڪئي. انهن جي سردار ڪلثوم بن هدم حضور ﷺ جن جي وڏي خاطرداري ڪئي. پاڻ قبا ۾ سومر ڏينهن پهتا ۽ سومر ڏينهن جو حضور ﷺ جن جي زندگي ۾ وڏو دخل هو. ٽي ڏينهن قبا ۾ رهي قبا جي مسجد تيار ڪري پاڻ سڳورا مديني طرف روانا ٿيا. مديني جا ماڻهو سندن انتظار ۾ هئا ۽ سڀ استقبال لاءِ تيار هئا. جڏهن حضور ﷺ جن يثرب ۾ قدم رکيو ماڻهو فرط انبساط ۽ خوشي کان بيتاب ٿي پيا. ماڻهو رستي جي ٻنهي پاسن کان قطارون ٺاهي بيٺا هئا ڄڻ خوشيءَ ۽ مسرت کان هو رستي ۾ اکيون وڇائي بيٺل هئا. ننڍڙيون نينگريون دف وڄائي آجيان ۽ استقبال جا گيت ڳائي رهيون هيون. حضور ﷺ جن جڏهن يثرب ۾ داخل ٿيا. ان وقت اُس هئي ۽ حضرت ابوبڪر اس جي بچاءَ لاءِ سندن مٿي تي چادر سان ڇانو ڪري بيٺو هو. يثرب جي هر ماڻهو جي اها نيت هئي ته حضور ﷺ جن کيس پنهنجي مهماني جو شرف بخشي اهڙي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ يثرب جا رهاڪو بيتاب هئا. حضور ﷺ جن ماڻهن جو اهڙو شوق ڏسي فرمايو ته "منهنجي ڏاچي جي مهار ڇڏي ڏيو، هوءَ جتي وڃي ويهندي مان اتي ٽڪندس" اهڙي نموني ڏاچي هلندي رهي ۽ بني نجار جي پاڙي ۾ اچي پهتي ۽ ان هنڌ تي هينئر مسجد نبوي جو دروازو آهي. ڏاچي اتي ويهي رهي. اها جڳهه ٻن يتيم ڇوڪرن جي ملڪيت هئي جن کي ان زمين جي معاوضو ادا ڪيو ويو. هنن هديه طور اها زمين حضور ﷺ جن جي خدمت ۾ پيش ڪئي، جنهن تي حضور ﷺ جن پاڻ انڪار ڪيو ۽ رقم وٺڻ لاءِ انهن کي آماده ڪيو. انهيءَ زمين تي مسجد ۽ حضور ﷺ جن جي رهائش لاءِ حجرن تيار ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو. جيستائين حجرن جو ڪم مڪمل ٿئي حضور ﷺ جن ابو ايوب انصاري جي جاءِ تي رهائش اختيار ڪئي. مسجد جي تعمير جي ڪم ۾ پاڻ اصحابن سان گڏ مزدوري جو ڪم ڪيو ۽ چوندا رهيا"واقعي اصلي اجر ته آخرت جو آهي ۽ اي الله! تون انصارن ۽ مهاجر تي رحم ڪر" بني اوس ۽ بني خزرج پنهنجن پراڻن جهڳڙن کي وساري ڇڏيو ۽ پاڻ ۾ مفاهمت قائم ڪيائون.

حضور ﷺ جن ٻنهي قبيلن کي ڪٺو ڪيو کين انصار جي لقب سان ملقب ڪيو ۽ هو انصار بڻجي مهاجرن جي هر مدد لاءِ تيار ٿي بيٺا. پنهنجون جايون جڳهيون، پنهنجون ٻنيون ٻارا ۽ پئسي ڏوڪڙ ۾ سندن هڪ جهڙا ڀائيوار بڻجي پيا، حتاڪ ڪنهن انصار کي ٻه زالون هيون ته هن هڪ پنهنجي مهاجر ڀاءُ کي پيش ڪئي. هي قرباني جو هڪ نادر نمونه هو. اهڙي ڀائيچاري جو نمونو دنيا جي تاريخ ۾ نه ملندو. هجرت جو آغاز ڀائيندي محبت ۽ خلوص سان شروع ٿيو ۽ حضور ﷺ جن جي مڪي کان مديني هجرت فرمائڻ جي وقت اسلامي تاريخ ۽ سن جي ابتدا ٿي. حضور ﷺ جن جو الله تبارڪ و تعاليٰ معاون ۽ مددگار رهيو. سندن سفر نهايت اطمينان ۽ آرام سان گذريو.

 

 

جيتوڻيڪ سندن سفر جي ساٿي حضرت ابوبڪر کي انتظار ۽ فڪر هو تڏهن حضور ﷺ جن کين اطمينان ڏياريو ۽ فرمايو: ”اي ابوبڪر! دل ۾ خوف نه آڻ، يقيناً الله اسان سان گڏ آهي ۽ اهو اسان جو مددگار آهي. مشرڪين کي اسان جي خبر ملي نه سگهندي ۽ نه هو اسان تائين پهچي سگهندا.“

آنحضرت ﷺ جي تشريف آوري تي مديني جا ماڻهو بيحد خوش ۽ مسرور هئا. زالون ڪوٺن جي ڇتين تي چڙهي حضور ﷺ جن جو ديدار ڪري رهيون هيون. حضرت عائشه فرمايو آهي ته جڏهن حضور ﷺ جن مديني ۾ رونق افروز ٿيا ته اتان جي عورتن، ٻارن ۽ ڪنيزن خوشيءَ جون محفلون منعقد ڪيون، جنهن ۾ هوبا آواز بلند هي اشعار پڙهي رهيون هيون"اسان تي بدر ڪامل جو ظهور ٿيو آهي ۽ اسانکي الله جي طرف سڏڻ واري جي دعوت اسلامي جو شڪريو ادا ڪرڻ واجب آهي ۽ اي اسان  ۾ مبعوث ٿيڻ وارا پيغمبر! اوهان اسان لاءِ واجب الاطاعت شريعت کڻي آيا آهيون".

حضرت ابن عباس فرمايو ته آنحضرت ﷺ جي ولادت سومر تي ٿي ۽ سومر جي ڏينهن ئي پاڻ نبوت جو اعلان ڪيائون ۽ سومر جي ڏينهن تي حجراسود کڻي ڪعبه ۾ نصب فرمايو ۽ سومر جي ڏينهن تي دنيا مان رحلت فرمائي. آنحضرت ﷺ جي مڪي مان مديني جي هجرت فرمائڻ وقت اسلامي تاريخ ۽ سن جي ابتدا ٿي جيتوڻيڪ سڀ کان پهريائين جنهن شخص هجري تاريخ تجويز فرمائي اُهو حضرت عمر بن خطاب هو جنهن سترهن سالن کانپوءِ ان کي رواج ۾ آندو.

مديني ۾ حضور ﷺ جن جي تشريف فرمائڻ کان پوءِ خوشي ۽ انبساط، مسرت ۽ سرور جي روشني ٿي. ماڻهن ۾ افهام و تفهيم جو جذبو جاڳيو. انصار جا ٻئي قبيلا جيڪي صدين کان برسر پيڪار هئا، تن ۾ مفاهمت، خلوص ۽ محبت جو رنگ ڏسڻ ۾ آيو. اوس ۽ خزرج جا نالا ختم ٿي ويا ۽ انصارن جو قبيلو وجود ۾ آيو. حضور ﷺ جن سڀني مديني وارن کي پاڻ وٽ ڪوٺايو. هڪ معاهده مرتب ٿيو جيڪو يهودين سان صلح صفائي ۽ امن و امان سان رهڻ جو معاهدو هو. انهن کي پنهنجي مذهب موجب بندگي ۽ پنهنجي مال متاع ۽ عزت آبرو کي برقرار رکڻ جو حق ڏنو ويو. انهن تي ڪجهه پابنديون به عائد ڪيون ويون ۽ ڪجهه شرط به نافذ ڪيا ويا. انهي معاهده کي تاريخ عالم ۾ ميثاق مدينه ڪري سڏيو ويندو آهي، جنهن جا شرط هيٺين نموني هئا.

هي معاهدو محمد رسول الله جي طرفان تحرير ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ مديني جا مسلمان، مومن ۽ انهن جا متبعين ۽ لاحقين ۽ انهن سان گڏ جهاد ڪندڙن جي لاءِ آهي ته اهي سڀ افراد ۽ قبيلا هڪ قوم آهن، انهن ماڻهن کانسواءِ ٻيا ماڻهو هن قوميت ۾ شريڪ نه رهندا. مهاجرين پنهنجي سابقه حالات موجب باهمي ذمه دارين تي  قائم رهندا، هو هڪ ٻئي جو خون بها ادا ڪندا رهندا ۽ پنهنجي قيدين جو فديو مومنن ۾ باهم عدل انصاف ۽ ڀلائي سان ادا ڪندا رهندا. بنو عوف پنهنجي سابقه حالات ۽ ذمه دارين تي قائم رهندا. هر ڪوئي طبقو پنهجي قيدين جو فديو پنهنجي جذبه ڀلائي سان ادا ڪندو رهندو. بنو ساعده به بنو عوف وانگر پنهنجي ذمه دارين تي قائم رهندو. بنوالحارث، بنوالجثم، بنونجار، بنوعمرو بن اوس اهي سڀ قبيلا پنهنجي ذمه دارين جا پابند رهندا.

مومن پنهنجي مقتول جو فديو يا خون بها کانسواءِ رهي نٿو سگهي. جنهن قاتل جو پتو پئجي نه سگهي ته مومن ڪنهن ٻئي مومن جي موليٰ سان ڪوئي معاهدو نه ڪري.

متقي مومنن مان جيڪڏهن ڪنهن گناهه ڪيو هجي يا انهي ڪو ظلم، جرم، زيادتي يا مومنن جي وچ ۾ فساد ڦهلائڻ جو قصد ڪيو هجي ته ان کان سڀ گڏجي مواخده ڪن.

اڄ کانپوءِ ڪوئي مومن ڪنهن ڪافر جي بدران قتل نه ڪيو وڃي ۽ نه ڪنهن مومن جي مقابلي ۾ ڪنهن ڪافر جي مدد ۽ حمايت ڪئي وڃي، الله جي ذمه داري سڀني جي لاءِ هڪ جهڙي آهي، جنهن ۾ قوم جو هڪ ادنيٰ فرد به فرياد پيش ڪري سگهي ٿو. مومن پاڻ ۾ دوست ٿي رهندا. ڪفار کان سواءِ جيڪي به يهودي اسان سان رهندا اهي اسان جي تابع هوندا، انهن جي هر طرح مدد ڪئي ويندي ۽ انهن سان بهتر سلوڪ ڪيو ويندو. انهن تي نه ظلم روا رکيو ويندو ۽ نه وري انهن تي ڪنهن ٻئي کي غالب ٿيڻ ڏنو ويندو.

مومنن جو صلح هڪ اجتماعي هوندو. جهاد في سبيل الله جي موقعي تي ائين نه ٿيندو ته هڪ مومن ڪنهن سان صلح ڪري ۽ ٻيو نه ڪري، پر سڀ ماڻهو گڏجي امن ۽ صلح جي پيشڪش ۾ عدل ۽ انصاف ۽ مساوات جي طريقن جا پابند رهندا.

معاهدي جا سڀ شرط تفصيل سان سمجهايا ويا جن تي ڌرين اتفاق ڪيو. صلح ۽ صفائي ۽ امن و امان جو هڪ دنيا جو عظيم ۽ پهريون تاريخ ساز معاهدو عمل ۾ آيو. انهن شرطن جو اختصار هيٺين ريت آهي.

هر قبيلي جا مقدما ۽ فيصلا سندن قانون ۽ رواج موجب طئي ٿيندا رهندا.

جيڪڏهن مديني تي ڪو ٻاهريون دشمن حملو ڪندو ته مسلمان ۽ يهودي گڏجي سندس مقابلو ڪندا.

مديني جي ڪنهن به ڌر کي ڪنهن ٻاهرين قبيلي سان سنئين سڌي معاهدي ڪرڻ جو ڪو به اختيار نه هوندو.

مديني کان ٻاهر جيڪڏهن ڪا جنگ ٿئي ته ڪنهن کي به ان ۾ شامل ٿيڻ لاءِ مجبور نه ڪيو ويندو.

مديني جي سڀني جهڳڙن ۽ اختلافن جو آخري فيصلو حضور ﷺ جن پاڻ ڪرڻ فرمائيندا.

حضور جي تشريف آوريءَ کان اڳ مديني جو نالو يثرب هوندو هو. حضور جن جي تشريف آوري کانپوءِ اُن جو نالو مدينته النبي رکيو ويو، جنهن جي معنيٰ آهي نبيءَ جو شهر انکان پوءِ مخفف طور مدينو بڻجي پيو. انهي معاهدي سان هڪ شهري رياست وجود ۾ آئي، جنهن ۾ عصبيت ۽ قوميت جي بت کي پاش پاش ڪيو ويو. هڪ عالمگير برادري قائم ٿي ويئي. رنگ، نسل، خاندان، زبان ۽ وطن کان بالاتر ٿي ڪري هڪ امت ۽ ملت جو قيام عمل ۾ آيو. غير مسلمن ۽ مختلف جماعتن جي حقن ۽ فرضن جو تعين ڪيو ويو. خانداني قبائلي ۽ خوني رشتن تي اسلامي رشتي کي ترجيح ڏني. ڊاڪٽر حميدالله موجب اهو معاهده دنيا جو پهريون تحرير ڪيل دستور بڻجي پيو.

مٿيئن معاهدي موجب مديني جي سڀني باشندن کي هڪ امت بڻايو ويو:هر ڪنهن کي پنهنجي مذهب جا فرائض ادا ڪرڻ ۾ آزادي هئي ۽ هر قوم کي پنهنجي عقيدي موجب عبادت ڪرڻ جي اجازت هئي. هر ڪنهن جماعت جا معاملا پنهنجي مروج قانون ۽ رواج موجب ٿيندا رهيا. جيڪڏهن ڪنهن فرقي ۾ قانون موجود ڪو نه هو ته ان جي رواج موجب طئي ٿيندا رهيا. اهڙو معاهدو هر ماڻهو لاءِ پسنديده ۽ مستحسن هو. هر مقدمي جو فيصلو رائج قانون ۽ رواج موجب ٿيندو هو تنهن ڪري مديني جا سڀ قبيلا مطئمن ۽ خوش هئا ۽ هڪڙي مدني امت وجود ۾ آئي جنهن ڪري سڀني قبيلن ۽ جماعتن ۾ امن و امان ۽ افهام و تفهيم پيدا ٿيو. جيڪڏهن ڪو ٻاهريون قبيلو يا دشمن مديني جي مٿان حملو ڪندو ته مديني جا سڀ رهاڪو متحد ۽ يڪمشت ٿي ان جو مقابلو ڪندا. اهو اتفاق يڪجهتي ۽ اتحاد جو بهترين نمونو آهي. ڪنهن به ماڻهو کي ڪنهن ڌارئي ۽ ٻاهرين قبيلي سان معاهدي ڪرڻ جو ڪو حق نه آهي جنهن مان ثابت آهي ته اهڙن معاملن ۾ ڪنهن به هڪ فرد کي ڪو اختيار ڪو نه هو جو پنهنجي خودمختاري هلائي سگهي. فرد جي حيثيت اهڙن معاملن ۾ اجتماعي آهي ۽ اجتماعي حيثيت جو وڏو قدر ۽ قيمت آهي. جيڪڏهن مديني کان ٻاهر جنگ ٿئي ته ان جنگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪنهن به مديني جي رهاڪو تي اصرار نه ڪيو ويندو ته هو به ان ۾ شامل ٿئي. انسان تي ڪنهن قسم جو جور ۽ جبر ڪو نه هو. مديني جي سڀني اختلافن ۽ تنازعن جي فيصلي لاءِ حضور جن جو ارشاد آخري ڪري سمجهيو ويندو هو.

مٿئين اختصار مان معلوم ٿيندو ته حضور جن مديني جي عربي قبيلن ۾ امن و امان ۽ افهام و تفهيم جي فضا قائم ڪئي. جنهن ۾ اوس ۽ خزرج جيڪي ٻارهن قبيلن تي مشتمل هئا تن ۾ صلح آڻي کين انصار جي نالي سان سڏيو. جيتوڻيڪ يهودين جي ڪوشش هئي ته انهن ٻنهي قبيلن ۾ وري اشتعال پيدا ڪيو وڃي ۽ هنن جي وچ ۾ اختلاف رهندو اچي ڪي شرپسند يهودي. اهڙي باهه ڀڙڪائيندا رهيا،. ڪن جنگ بعاث جا واقعا بيان ڪيا، ڪن جنگين جا اشعار پڙهيا، پر سندن ڪوشش ناڪام رهي.

انصارن مهاجرن سان اهڙو سهڻو سلوڪ اختيار ڪيو جيڪو تاريخ ۾ هڪ سهڻو يادگار ٿي رهندو. ڀائپي ۽ ڀائيچاري جو هڪ مثالي ڪارنامو ڪري ليکيو ويندو انهي عهدنامي کانپوءِ مديني ۾ هڪ سهڻي فضا قائم ٿي. ماڻهن سڪون ۽ اطمينان حاصل ڪيو. سڀ کان وڌيڪ بهتر اهو ٿيو ته حضور جن جي ذات گرامي کي آخري فيصله ڪندڙ تسليم ڪيو ويو. هن معاهدي جي بدولت مديني جي شهري رياست جو آغاز ٿيو ۽ آنحضور ﷺ انهي رياست جو سربراهه تسليم ڪيو ويو. پاڻ هڪ رياست، هڪ ڪامن ويلٿ ۾ هڪ اهڙو معاشرو تشڪيل ڪيو جيڪو بين الاقواميت جي اصولن تي ٻڌل هو. انهي معاهدي جي بدولت سرڪار دو عالم، عدالتي، تشريعي، فوجي ۽ تنقيدي اختيار پنهنجي لاءِ محفوظ رکيا. سياست ۾ اخلاقي عناصر کي داخل فرمايو. شهريت، تنظيم، حڪومت، سياسي رواداري، فراست ۽ حڪمت عملي جو اظهار به انهي معاهدي سان ٿيو- مذهبي آزادي جا اصول مرتب ٿيا، جنهن ڪري غير مسلمن سان اتحاد ۽ تعاون جي صورت پيدا ٿي.

هن معاهدي موجب مديني جي سڀني افراد هڪڙي امت جي صورت اختيار ڪئي ۽ هو پاڻ ۾ امن و امان جي فضا ۾ هڪ ٻئي سان نهايت سهڻي سلوڪ سان پيش اچڻ لڳا- نه فقط مسلمانن ۾ صلح ۽ صفائي جي فضا قائم ٿي پر يهودين تي جيڪي ڏهن قبيلن تي مشتمل هئا انهن به سڏ کي لبيڪ ڪيو- اهو هجري سن جو پهريون سال هو، ساڳئي سال اسلامي تاريخ جو هڪ اهم واقعو عمل ۾ آيو.

ٻيو اهم واقعو انهي سال جو مسجد رسول الله جو ٿي گذريو آهي- مسجد عربي زبان جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ ٿيندي ”سجده واري جاءِ“. مسلمان ته هر جاءِ تي الله جي عبادت ڪري سگهي ٿو ۽ هن جي لاءِ سموري زمين مسجد آهي. رسول اڪرم ﷺ جن فرمايو آهي ته الله تعاليٰ منهنجي لاءِ پوري زمين کي مسجد بڻايو آهي، تنهنڪري مسجد جي معنيٰ عبادتگاهه آهي جيڪا ٻين عبادتگاهن ڪليسا، مندر وغيره کان الڳ آهي. حضور ﷺ جن جي هجرت ۽ مديني ۾ ورود کانپوءِ مسجد تعمير ڪئي ويئي، سادي پاڪ ۽ ديده زيب مسجد هئي جيڪا ابو ايوب انصاري جي گهر جي ڀر واري ايراضي جيڪا يتيم ٻارن جي ملڪيت هئي جنهن کي مربد ڪري سڏيو ويندو هو خريد ڪري مسجد جي تعمير شروع ڪئي ويئي جنهن جي ڇت کجيءَ جي پنن ۽ شاخن مان ٺهيل هئي ۽ ان جا ٿنڀا کجيءَ وڻ جي ٿڙ مان هئا- حضرت ابوبڪر رضه پنهنجي خلافت جي دور ۾ ڪا توسيع ۽ تبديلي نه آندي پر حضرت عمر رضه ضرورت جي مطابق ان ۾ توسيع ڪئي ۽ حضرت عثمان غني رضي الله عنه پنهنجي خلافت جي دور ۾ ان ۾ تبديلي پيدا ڪئي ۽ اڳئين تعمير کي بالڪل بدلائي ڇڏيو ۽ ان کي نقش وارن پٿرن ۽ چاندي جي پٿرن سان تعمير ڪرايو ۽ ان جا ٿنڀا نقش وارن پٿرن مان جڙيل هئا. مسجد جي ڇت کي ساڳوان  جي ڪاٺي سان تعمير ڪرايو.

صحيح بخاريءَ ۾ مسجد جي تعمير جي روايت منقول آهي- صحابه چوندا هئا ته اسان هڪ هڪ سر کڻي ايندا هئاسون ۽ حضرت عمار بن ياسر ٻه ٻه سرون کڻي ايندو هو- آنحضرت ﷺ جن جڏهن انهي کي ڏٺو ته انجي بدن تان مٽي ڇنڊيندا رهيا ۽ فرمايائون ته عمار تي حسرت آهي جنهن کي هڪ باغي ٽولو شهيد ڪندو"

امام طبيقي حضرت سفينه کان روايت ڪئي آهي ته مسجد جي تعمير وقت حضور ﷺ جن تعمير جي ڪم جو آغاز فرمايو ۽ پاڻ سنگ بنياد رکيائون. ان کان پوءِ حضرت ابوبڪر کي حڪم ڪيائون ته منهنجي پٿر جيترو پٿر رکو. ساڳئي نموني حضرت عمر رضه ۽ حضرت عثمان رضه کي فرمايائون ۽ چيائون مون کانپوءِ هي منهنجا خليفا ٿيندا.

مسجد نبوي جو بنياد سادگي ۽ طهارت تي ٻڌل هو، جنهن ۾ اصحاب سڳورن تعمير جو سامان جمع ڪري آندو هو ۽ مسجد جي تعمير جي ڪم ۾ سڀني حصو ورتو . حضورﷺ جن به انهن  سان گڏ سرون ڍوئڻ لڳا. مسجد جي تعمير کانپوءِ مسجد جي لڳ حضور ﷺ جن ازواج مطهرات لاءِ ٻه حجرا ٺهرايا، جيڪي حضرت عائشه ۽ حضرت سوده جي لاءِ هئا. ان کانپوءِ حضور ﷺ جن ٻيون شاديون به ڪيون جنهن ڪري حجرن جو تعداد وڌي نو ٿي ويو.

پهريائين حضور جن کجي جي وڻ کي ٽيڪ ڏيئي خطبو  پڙهندا هئا جنهن تي ڪنهن عرض ڪيو ته يا رسول الله ﷺ! توهان لاءِ ممبر نه بڻايو وڃي؟ حضور ﷺ جن جواب ڏنو ته جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته ڀلي ٺاهيو. ممبر تيار ٿي ويو ۽ حضور ﷺ جن وڻ جي سهاري کي ڇڏي ممبر تان خطبو پڙهڻ لڳا ته اهو وڻ روئڻ لڳو. آنحضرت ﷺ جن صحابن کي چيو ته توهان کي هن وڻ جي روئڻ تي تعجب نٿو لڳي- جڏهن ماڻهن وڻ ڏانهن ڌيان ڏنو ته روئڻ جو آواز چٽيءَ طرح ٻڌو ۽ انهن تي رقت طاري ٿي ۽ هو پاڻ به روئڻ لڳا. تنهن کان پوءِ حضور ﷺ جن ممبر تان لهي ان وڻ کي سيني سان لڳايو ۽ ان وڻ جو روئڻ بند ٿي ويو- خشڪ وڻ جو روئڻ به حضور ﷺ جن جي معجزن ۾ شامل آهي.

روايت آهي ته ممبر ۾ هڪ جاءِ ويهڻ لاءِ هئي ۽ ٻه ڏاڪا ٻيا هئا- مسلمان جا جهڳڙا ۽ تنازعا مسجد ۾ طئي ٿيندا هئا ۽ افهام و تفهيم جو بهترين ذريعو ٿيو. مسجد نبوي ۾ مجلس مشاورت جو قيام عمل ۾ آيو. تنظيمي معاملات، جنگين لاءِ اهم مشورا، تبليغي معاملن جا سڀ مشوره مسجد ۾ ئي ٿيندا هئا. مسجد ۾ ديني مذاڪرا ۽ رسول اڪرم ﷺ، حضرت حسان بن ثابت جو ڪلام به اتي ئي ٻڌندا هئا.

ٻاهرين قبيلن جي طرفان مهمان ايندا ويندا رهيا. سرڪاري وفد به هن شهري رياست ۾ ايندا رهيا. انهن سڀني ماڻهن کي مسجد نبوي ۾ ٽڪايو ويندو هو. حبشه جي ماڻهن مسجد ۾ ئي پنهنجا ڪرتب ڏيکاريا- تحرير ۽ ڪتابت جو ڪم به مسجد ۾ ٿيندو هو ۽ حضور ﷺ جن قرآن ڪريم جي لکڻ جو انتظام به اتي ڪرڻ فرمايو. ساڳئي نموني پوليس ۽ شهري منصوبه بندي جي لاءِ به مشوره اتي ٿيندا هئا- علمي ادبي بحث مباحثا به اتي ٿيندا هئا. شعر و شاعري جو شوق به ان جاءِ تي ڪيو ويندو هو. مبلغن جي تربيت جي ڪم جو انتظام به مسجد ۾ هوندو هو ۽ شاگردن جي تعليم ۽ تربيت جو عمل به ان جاءِ تي ٿيندو هو. مسجد هڪ وڏو ادارو بڻجي پيو- جنهن ۾ مشاورتي ڪورٽ، منصوبه بندي جو ادارو، تعليمي ادارا، مهمان خانه وغيره جو انتظام ڪيو ويو هو. درس و تدريس جون قنديلون روشن ٿيڻ لڳيون- ٻين ملڪن سان رابطي قائم رکڻ لاءِ ان جاءِ ۾ صلاح ۽ مشورو ڪيو ويندو هو ۽ ٻين ملڪن جي حاڪمن ڏي مراسلا لکرايا ويندا هئا.

مڪي مان هجرت کان پوءِ حضور نبي ڪريم ﷺ جن پهريون جمعه جو خطبو پهرين هجري سال ۾ مديني ۾ پڙهيو، جنهن جي تاريخي حيثيت آهي. حضور ﷺ جن انهي خطبي ۾ ڪنهن جي به شڪايت ڪانه ڪئي، نه ته مڪي جي قريشن ظلم ۽ ستم ۾ گهٽايو ڪو نه هو. پاڻ فقط الله جو پيغام ۽ اسلام جي تبليغ ڪرڻ فرمائي. پاڻ تيرهن سال مڪي جي قريشن وٽ رهيا جن کين هڪ موقعي تي انيڪ تڪليفون پهچايون. تڏهن به زبان مبارڪ مان هنن جي لاءِ بددعا جو ڪو لفظ نه نڪتو ۽ نڪو ڪفارن جا عيب کوليا جن کيس پنهنجي محبوب وطن ۾ رهڻ به نه ڏنو. اهو عظيم الشان اخلاق جو مظاهرو آهي تنهن ڪري الله تبارڪ و تعاليٰ فرمايو آهي" اي محمد ﷺ! يقيناً اوهان عظيم الشان اخلاق تي فائز آهيو" پهرين خطبي جو اختصار هيٺين نموني آهي.

"سڀ وڏائي الله کي جڳائي. مان ان الله جي تعريف ڪريان ٿو ۽ انهيءَ رب کان مدد جو خواستگار آهيان ۽ انهيءَ ذات اقدس کان مغفرت جو طلبگار آهيان ۽ انهي کان ئي هدايت جي طلب ڪريان ٿو ۽ ان تي ايمان آڻيان ٿو. ان جو انڪار نٿو ڪريان ۽ ان جي منڪر جو مخالف آهيان ۽ شاهدي ٿو ڏيان ته خدا کان سواءِ ٻيو ڪو خدا نه آهي. فقط اهو ئي هڪ خدا آهي جنهن جو ڪو شريڪ نه آهي.

محمد ﷺ ان جو خاص بندو ۽ رسول آهي جنهن کي خدا نصيحت، هدايت ۽ نور ڏيئي مبعوث ڪيو آهي. جيئن ته پيغمبرن جي اچڻ ۾ ڪافي وقفو پئجي چڪو آهي. گمراهي عام ٿي وئي آهي، وڏو زمانو جهل ۽ اونداهي ۾ گذريو آهي. قيامت ويجهي آهي ۽ آخرت جو زمانو اچي ويو آهي، پوءِ جنهن الله ۽ الله جي رسول جي اطاعت قبول ڪئي ان کي هدايت حاصل ٿي، جنهن انهن ٻنهي جي نافرماني ڪئي سو صحيح رستي کان گمراهه ٿي گمراهي ۾ مبتلا ٿي ويو. مان توهان کي زهد ۽ تقويٰ اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪريان ٿو ته هڪ مسلمان ٻئي مسلمان ڀاءُ جي لاءِ ان کان وڌيڪ نصيحت ڪري سگهندو. هن کان پوءِ هڪ ڀاءُ ٻئي ڀاءُ کي آخرت جي ترغيب ڏئي ۽ ان کي تقويٰ جي هدايت ڪري . پوءِ خدا توهان کي جنهن ڳالهه جي منع ڪئي آهي ان کان بچندا رهو ٻي ڪا به هن کان وڌيڪ بهتر نصيحت ڪا نه آهي ۽ نه وري ان کان وڌيڪ ڪو بهتر ۽ افضل ذڪر آهي. حقيقي تقويٰ ان جي آهي جنهن دل سان پنهنجي حقيقي رب جي خوف ۽ اُخروي امور جي جذبي سان ان تي عمل ڪيو هجي. جيڪو شخص پنهنجي ۽ الله جي وچ ۾ ڪنهن به معاملي جي ظاهر ۽ باطن کي ٺيڪ رکي ۽ انهي سان گڏ فقط الله جي خوشنودي جي نيت رکي ته اهو عمل دنيا ۾ سندس لاءِ ذڪر خير جو باعث بڻجي ۽ موت کان پوءِ به سندس لاءِ ذخيره آخرت بڻجندو. الله تعاليٰ توهان کي پنهنجي عذاب کان ڊيڄاري ٿو ۽ ان سان گڏ هو وڏو مهربان آهي. الله تعاليٰ پنهنجي قول ۾ صادق ۽ پنهنجي وعدي کي پوري ڪرڻ وارو آهي. خدا اوهان تي ڀلائي ڪئي آهي، اوهان به ڀلائي ڪريو. خدا جي دشمنن سان اوهان عداوت رکو. خدا کانسواءِ دنيا ۾ ٻي ڪا طاقت ڪا نه آهي تنهن ڪري اوهان الله جو ذڪر ڪثرت سان ڪندا رهو ۽ آخرت لاءِ نيڪ عمل ڪندا رهو. الله سڀ معاملي جو مالڪ ۽ مختيار آهي. ماڻهو ان جي معاملي جا مختيار نه آهن. الله وڏو آهي، ڪا به طاقت سواءِ الله جي عظيم طاقت نه آهي.

مٿئين خطبي ۾ الله جي وحدانيت جو ذڪر آهي، جيڪو سڀني ماڻهن جو مالڪ و مختيار آهي. سندس خوشنودي کي حاصل ڪرڻ لاءِ سندن حڪمن جي پيروي ڪرڻي آهي. زهد ۽ تقويٰ جي تلقين ڪئي ويئي آهي. الله ۽ الله جي رسول جي اطاعت ڪئي وڃي. براين کان بچندا رهو ۽ ڀلاين تي عمل ڪندا رهو- الله جو ذڪر ڪثرت سان ڪندا رهو انهي نقطه  کي واضح ڪرڻو هو ۽ ان کي ماڻهن تائين پهچائڻو هو- جيڪو رسول ڪريم ﷺ ماڻهن کي چٽي طرح سمجهايو آهي.

هجري سن برڪت وارو ۽ ڀلارو سن آهي، انهي سن جي هر تاريخ ۽ هر سال ڀلارو ۽ نيڪ آهي- نئين صدي جو هر سال مسلمانن جي مٿان رحمت ۽ برڪت وارو سال بڻجي ايندو. تنهن ڪري نئين صدي عالم اسلام لاءِ برڪت ڀريل ۽ رحمتن واري صدي ثابت ٿيندي. جنهن سن جو بنياد نيڪي ۽ ڀلائي جي جذبن سان رکيو ويو هجي، ان جو هر سال ڀلارو ٿيندو، بشرطيڪ مسلمان مٿئين خطبي جي مقصدن تي چڱي طرح عمل ڪن.

مسجد نبوي اڳيان هڪ ڇپرو ٺهرايو ويو جيڪو مسلمانن جي روحانيت جو ادارو بڻجي  مشهور ٿيو ان کي اهل صفه وارن آباد ڪيو. هن اداري ۾ عزم و استقلال، استقامت، رفعت ۽ معرفت جون خوبيون پوشيده آهن. اهل صفه جا سڀ اصحاب، مهاجر درويش هئا- سمجهان ٿو ته صوفيت جو طريقو اهل صفه کان شروع ٿيو آهي. انهن صوفي حضرات اهل صفه جي پيروي ڪئي آهي. هي تعداد ۾ چار سو مهاجر هئا جيڪي مڪي کان مديني آيا هئا- جاءِ جي تنگي سبب هنن ڇپري ۾ پناهه ورتي هئي- سندن ڪوئي مٽ مائٽ مديني ۾ موجود نه هو. هنن سڌو سنئون حضور ﷺ جن کان تعليم ۽ تربيت ورتي هئي ۽ انهن درس و تدريس جو سلسلو شروع ڪيو.

هو روزا رکندا هئا، نمازون پڙهندا هئا، قرآن کي ياد ڪندا هئا ۽ ذڪر و فڪر ۾ مشغول هوندا هئا. ان وقت مدرسن ۽ مڪتبن لاءِ الڳ جايون ڪو نه هونديون هيون، جنهن ڪري ماڻهو علم حاصل ڪرڻ لاءِ مسجد جي طرف ايندا هئا ۽ اصحاب صفه ان ڏس ۾ خاطر خواه ڪم ڪيو.

حضور ﷺ جن انهن جي کائڻ پيئڻ جو انتظام ڪندا هئا- صدقات ۽ خيرات مان انهن جي ماني جو انتظام ڪيو ويندو هو- مديني جا مسلمان به سندن هر طرح مدد ڪندا هئا. حضرت ابو هريره انهن اصحابن مان هڪ هو.

سندس روايت آهي ته حضور ﷺ جن وٽ ڪا شيءِ صدقي طور ايندي هئي ته پاڻ سڳورا اها شيءَ اهل صفه ڏانهن موڪلي ڇڏيندا هئا. هنن ڪيترن صحابين ۽ مسلمانن جي تعليم ۽ تربيت ڪئي. هنن تبليغ جو سلسلو به جاري رکيو ۽ مديني کان ٻاهر وڃي ماڻهن ۾ تبليغ  ڪندا رهيا. وٽن نه ڪوئي مال متاع هو نه وري ڪنهن هڪ تي سندن مصارف جي ذمه داري هئي. حضور ﷺ جن وٽ جڏهن هديه ايندو هو ته انهن کي پاڻ وٽ گهرائيندا هئا ۽ انهن سان گڏجي کائيندا هئا. هو پاڻ ڪنهن کان به ڪو سوال نه ڪندا هئا. عبادت ۽ تعليم ۾ مصروف رهندا هئا ۽ تو نگر ڏسڻ ۾ ايندا هئا.

حضرت ابن عباس کان روايت آهي ته هڪ ڏينهن حضور ﷺ جن اصحاب صفه وٽ موجود هئا ۽ انهن جي فقر ۽ فاقه، تنگي ۽ شفقت جو ملاحظه فرمايو ۽ کين فرمايو"اي اهل صفه! مان اوهان کي خوشخبري ٻڌايان ٿو ته منهنجي امت مان جيڪو شخص ان حال ۾ ملندو جنهن حال ۾ اوهان آهيو ۽ ان حال تي راضي برضا هوندو سو مون سان گڏ جنت ۾ هوندو. اصحاب صفه نه فقط علم تي عبور حاصل ڪيو هو پر هو دستڪاري ۾ به ماهر هئا ۽ مزدوري به ڪندا هئا ۽ جنگين ۾ به شامل ٿيندا رهيا. حضور ﷺ جن جو مٿن وڏو اعتماد هو- انهن ۾ ڪيترائي قرآن شريف جا حافظ هئا، جن تعليم ۽ تربيت ۾ چڱو حصو ورتو.

جيڪڏهن منجهائن ڪو بيمار ٿي پوندو هو ته پاڻ سڳورا سندس تيمارداري لاءِ وٽن ويندا هئا- جيڪڏهن ڪو مري ويندو هو، ته آنحضرت ﷺ جن سندس نماز جنازي لاءِ ويندا هئا. اتي ڪڏهن کين دير به ٿي ويندي هئي تنهن ڪري اصحاب صفه حضور ﷺ جن جي تڪليف ۽ زحمت کي محسوس ڪندي کين ڪنهن جي موت جو اطلاع اڳواٽ نه ڏيندا هئا، پر جنازه کڻي سندن جاءِ تي ويندا هئا ۽ حضور ﷺ جن پنهنجي سهولت ۽ آرام سان نماز پڙهائيندا هئا. پوءِ ان جاءِ کي موضع الجنائز(جنازن جي جاءِ) ڪري سڏيندا هئا ۽ اهو سلسلو اڄ تائين به جاري آهي، جنهن کي چوڏهن سو سال گذري ويا آهن.

الله تبارڪ و تعاليٰ اسان کي توفيق عطا فرمائي جيئن اسان رسول اڪرم ﷺ جي سيرت جي انهن واقعن تي عمل پيرا رهون، پاڻ ۾ اتحاد و اتفاق قائم ڪريون، امن و امان سان گذاريون، هڪ ملت جي صورت ۾ عدل ۽ انصاف سان هلون تبليغ جي ڪم ۾ موَثر ڪردار ادا ڪري سگهون.

*

جو شخص پنهنجو اقرار پورو ڪري ”(بدمعام لگي) کان بچي ته اهڙي بچڻ واري کي الله پنهنجو دوست بنائي ٿو. (القرآن)

بيشڪ الله خلوص دل سان اسلام جي خدمت ڪرڻ وارن جي اجر کي ضايع نٿو ڪري (القرآن)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com