سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1980 (3 ۽ 4)

 

صفحو :24

قربان علي بگٽي

رسول خدا جون شاديون ۽ سندس مغربي نقاد

 

جناب محمد ﷺ جن جي عظيم ترين شخصيت کان سندن ڪٽر مخالفن به انڪار ڪونه ڪيو آهي. پوري انساني تاريخ ۾ هن جهڙو لعل ڪنهن ماءُ نه ڄڻيو:

بقول مشهور صحابي شاعر حضرت حسان بن ثابت جي ته:

”واجمل منک لم تلد النساءَ“

رسول خدا جو آندل اسلامي انقلاب ايڏو ته وسيع ۽ جامع آهي جو سڀ دنيوي انقلاب ان جي آڏو خاڪ برابر به نه آهن.

1789ع جي انقلاب فرانس بابت ڪارلائل جو ڪتاب ”Past and Present“ يا 1917ع جي ڪميونسٽ انقلاب بنسبت مسٽر اي-ايڇ-ڪار جو ڪتاب ”Bolshevik Revolution“ پڙهي ڏسو.

معلوم ٿيندو ته حضرت محمد ﷺ جي اسلامي انقلاب جي ڀيٽ ۾ مٿين انقلابن جي ڪوڏيءَ جي حيثيت به ڪانه آهي.

ارڙهين صديءَ جي مشهور يورپي مؤرخ گبن (gibbon) کي جيتوڻيڪ رسول خدا سان ڪا همدردي ڪانه هئي پر ان هوندي به هو پنهنجي ڪتاب ”رومي سلطنت جو زوال“ (Decline and fall of Roman Empire) ۾ پيغمبر انسانيت جي آندل انقلاب کي ”هڪ يادگار انقلاب“ جي نالي سان موسوم ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته:

”هن انقلاب اقوام عالم تي نوان ۽ دائمي طور گهرا نقوش ڇڏي ڏنا آهن.“ (صفحه 1649 لنڊن).

”حسن يوسف دم عيسيٰ يد بيضاداري

آنچ خوبان همهه دارند تو تنها داري“

پر افسوس جو اهڙي انقلابي ۽ عالمگير شخصيت جي سيرت لکڻ وقت مغربي عالمن انصاف ۽ ديانتداريءَ جو خون ڪيو آهي. هن عظيم انسان جي خلاف نهايت ئي غير مهذب ۽ اخلاق کان ڪريل الفاظ به ڪتب آندا اٿن. عيسائي عالمن جي انهيءَ شرمناڪ رويي جي مذمت ڪندي حضور ﷺ جن جو مشهور مصري سير نگار ڊاڪٽر محمد حسين هيڪل مرحوم (وفات 1957ع) پنهنجي ڪتاب ”حيات محمد ﷺ“، ۾ لکي ٿو ته ”مسيحي اڪثريت جي زبانن ۾ حضرت محمد ﷺ جي باري ۾ جيڪي الفاظ چيا وڃن ٿا اُهي لفظ هڪ ادنيٰ انسان لاءِ به هوند برداشت نه ڪجن. ان مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سندن سينن ۾ اسان جي پيغمبر سڳوري خلاف ڪيڏو نه زهر ڀريل آهي.“ (صفحه 5) عيسائي عالمن هڪ سوچيل سمجهيل پلان جي ماتحت رسول خدا جي خلاف ڪوڙي پروپيگنڊا ڪري، پنهنجي عوام کي نفرت ڏياري. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو مغرب جا ڪيترائي پڙهيل دانشور شخص به متاثر ٿي ويا. خود مسلمان قوم جو هڪ طبقو مذڪوره ڪتاب پڙهي مذبذب ٿي وڃي ٿو. سر وليم ميور (Muir) جو ڪتاب ”حيات محمد“ (Life of Mohammed) توڙي پروفيسر مرگيو لوٿ (Margoliouth) جو ڪتاب ”محمد“ (Mohammad) کُليل شهادت جي حيثيت رکن ٿا.

مخالفت جو سبب احساس ڪمتري

عيسائي عالمن ۽ پادرين ڏٺو ته مسلمانن پنهنجي نبيءَ سڳوري ﷺ جي هر چيل لفظ کي رڪارڊ ڪيو آهي. دنيا ۾ ٻئي ڪنهن به پيغمبر يا رشيءَ جي سوانح عمري ان نموني سان قلمبند ٿيل ئي نه آهي. حضور ﷺ جي سوانح نگارن جو هڪ اهڙو سلسلو آهي جو ڪڏهن به ختم ڪونه ٿو ٿئي. رسول ڪريم ﷺ جي سوانح لاءِ جيتوڻيڪ پروفيسر مرگيو لوٿ جو ڪتاب سخت زهر آلوده ۽ تعصب سان ڀريل آهي، ان جي باوجود هو پنهنجي ڪتاب ”محمدﷺ“ (Mohammad) ۾ اعتراف ڪرڻ تي مجبور ٿيو ته ”محمد (ﷺ) جي سوانح نگارن جو هڪ طويل سلسلو آهي جنهن جو ختم ٿيڻ ناممڪن آهي، پر ان ۾ جڳهه وٺڻ قابل عزت آهي.“

“The biographers of the prophet Mohammad form a long series it is impossible to end but in which would be honourable to find a place.”

جان ڊيون پورٽ (Daven Port) 1870ع ۾ پنهنجي ڪتاب Apology for Mohammad and Koran” ۾ لکي ٿو ته ”ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سڀني قانون دانن ۽ فاتحين مان هڪڙو به اهو نه آهي، جنهن جي سوانح عمري محمد ﷺ  جي سوانح عمري کان وڌيڪ مفصل ۽ سچ هجي.“ ان جي برعڪس خود عيسائين جي پيغمبر حضرت عيسيٰ جي زندگي بابت احوال افسانن کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به نه آهي. ايتري قدر جو ويهين صدي يورپ جو ممتاز مفڪر ۽ فلسفي آنجهاني برٽرانڊ رسل پنهنجي ڪتاب ”Why I am not a christian“ ۾ ٿو لکي ته ”تاريخي طور تي هيءَ ڳالهه نهايت ئي مشڪوڪ آهي ته عيسيٰ نالي شخص به ڪڏهن پئدا ٿيو هو، جي وري پيدا ٿيو ته اسان کي هن بابت ڪا خبر نه آهي.“

“Historically it is quite doutful whether Christ ever existed at all, if he did, we do not know any thing about him.” (p. 11)

اسان جي قرآن مجيد ۾ رتيءَ ڀر به ڦيرو ڪونه آهي. هيءَ ڪاتب اڄ به اسان وٽ ساڳيءَ شڪل ۾ موجود آهي، جنهن نموني رسول خدا تي نازل ٿيو هو. قرآن جي زبان ڳالهائڻ وارا ڪروڙن جي تعداد ۾ دنيا ۾ موجود آهن. هن ئي ڪتاب کي اهو شرف حاصل آهي جو ان جا حافظ هزارن جي تعداد ۾ پوريءَ دنيا ۾ موجود آهن. انگريز عالم پروفيسر نڪلسن (Nichalson) به قرآن شريف جي محفوظيت کي تسليم ڪندي پنهنجي ڪتاب ”عربن جي تاريخ“ "Alterary History of the Arabs" ۾ قرآن بابت لکي ٿو ته ”(قرآن جو) متن جنهن نموني اسان وٽ پهتو، ان ۾ مختلف قرائتون گهٽ ۽ غير ضروري آهن، پر قرآني متن جي صحت شڪ و شبهه کان بالاتر آهي.“

“In text as it has come down to us the various readings are few and un important, and its genuineness is above suspicion.” (P-143)

ان جي برعڪس موجوده انجيل مقدس جي متن بابت خود عيسائي عالم سخت الجهن ۾ مبتلا آهن. انجيل اصلوڪي زبان ۾ قرآن مجيد وانگر دستياب نه آهي، ۽ نڪي ان جا حافظ آهن، ۽ نه قاري. اپريل 1965ع ۾ مشهور رساله لائيف (Life) جو بائبل نمبر شايع ٿيو هو. ان جو بيان آهي ته ”هي انجيل انسانن جو لکيل ڪتاب آهي...... ان جا اڪثر الفاظ ماڻهن جا تصنيف ٿيل آهن، جن جا نالا به اسان کي معلوم نه آهن ۽ عيسائيت جي ڦهلجڻ کان پوءِ غلطيون وڌنديون رهيون، تان جو عهد نامه جديد ۾ عهدنامه قديم کان به زياده تبديلويون ٿيون آهن.“

ٻيو مکيه سبب صليبي لڙايون

اسلام ۽ پيغمبر اسلام تي مغربي ليکڪن جي حملي جو ٻيو مکيه سبب يارهين صديءَ ۾ لڙيل ”صليبي جنگيون“ (War of Crusades) آهن جن ۾ مشهور مسلمان ۽ ڪرد ليڊر سلطان صلاح الدين ايوبي کانئس بيت المقدس واپس ورتو هو. مسلمانن جي خلاف انهن لڙاين ۾ سڀئي يورپي قومون پوپ جي اپيل تي متحده رهيون. جنگين جي تفصيل لاءِ ملاحظه ٿئي پروفيسر لين پول جو ڪتاب  Saladin and fall of jeruslam” .

صليبي لڙاين کان پوءِ يورپي لوڪن جي ذهن ۾ پيغمبر خدا ﷺ جي شخصيت بابت سخت تعصب ويهي ويو ۽ انهن نهايت ئي ڪريل لفظن ۾ اسان جي رسول پاڪ ﷺ تي حملا شروع ڪري ڏنا. اهو سلسلو اڃان تائين جاري آهي. سابق جرمن نو مسلم مسٽر ليؤپولڊ اسد پنهنجي ڪتاب ”شاهراه مڪه“ (The Road to Mecca) ۾ صليبي لڙاين جي اثرات بابت نهايت ئي فڪر انگيز بحث ڪيو آهي جو پڙهڻ وٽان آهي.

هو پاڻ مغرب ۾ پيدا ٿيو، بعد ۾ اسلام قبول ڪيائين، ان ڪري سندس راءِ مستند ۽ وزني آهي. هو به چوي ٿو ته اسلام ۽ پيغمبر اسلام خلاف مغربي عيسائي قومن جي تعصب ۽ ڪيني لاءِ صليبي جنگيون جوابدار آهن. ناظرين جي مطالع ۽ معلومات لاءِ مسٽر اسد جي ڪتاب مان حوالو عرض رکجي ٿو.

“The damage caused by the crusades was not restricted to a clash of weapons: it was, first and foremost, an intellectual damage the poisoining of the weastern mind against the Muslim word through a deliberate misrepresentation of the teaching and ideals of Islam. For, if the call for a crusade was to maintain its validity, the prophet of the Mulims had, of necessity, to be stamped as the Ani-Christ and his religion depicted. In the most lurid terms as a fount of immorality and perversion. It was at the time of the crusadesualism and brutal violence, of an observance of ritual instead of a purification of the heart, entered the western mind and remained there, and it was then that the name of the prophet Muhammad the same Muhammad who had insisted that his own followeres respect the prophets of other religions - was contemptuously transformed by Europeans in to “Mahound” (P-6 and 7)

(ترجمو:”صليبي جنگين جيڪا تباهي مچائي، اها هٿيارن جي ويڙهه تائين محدود نه هئي. اها پهرين ۽ اولين زهني تباهي هئي جنهن مغربي ذهنن کي اسلامي دنيا جي خلاف اسلام جي تعليم ۽ آدرش جي سوچيل سمجهيل غلط بياني وسيلي، زهر آلوده ڪيو. ڇو جو، جيڪڏهين صليبي جنگ جي ڪوٺ کي جائز قائم رکڻو هو ته مسلمانن جي پيغمبر ﷺ کي ضروري طور تي، عيسيٰ دشمن ڪوٺي، سندس مذهب کي بداخلاقي ۽ عياشيءَ جي بنياد جي ڀوائتن لفظن ۾ پيش ڪرڻو هو. اهو کل جهڙو خيال صليبي جنگين دوران مغربي ذهن ۾ داخل ٿيو ۽ اتي ئي بيهي رهيو ته اسلام اڍنگي عياشي ۽ وحشيانه تشدد وارو ۽ روح جي پاڪائي جي بدران رسمن جي پابنديءَ جو مذهب هو. ۽ انهيءَ کان پوءِ يورپي لوڪ حضرت محمد ﷺ جن کي ڌڪار وچان ”ماهونڊ“ ڪوٺڻ لڳا، جنهن پنهنجن پوئلڳن کي هدايت ڪئي هئي ته ٻين مذهبن جي پيغمبرن عليهم السلام جو به احترام ڪريو.“)

اسد صاحب جي بقول صليبي لڙاين جي ئي ڪري يورپي لوڪن جا ذهن اسلام خلاف زهر آلوده ٿيا. هنن اسلام کي جبر ۽ تشدد وارو مذهب سمجهيو ۽ محمد ﷺ کي نعوذ بالله ”ماهونڊ“ ڪوٺڻ لڳا. هي هٿيارن جو جهيڙو نه هو، پر اها لڙائي يورپين جي ذهني نقصان ۽ شڪست جي صورت ۾ ظاهر ٿي هئي. اسد صاحب اڳتي هلي پنهنجي ڪتاب ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته شعوري چاهي غير شعوري طرح يورپي ذهنن تي اڃان تائين مذڪوره جنگين جو ڀوت سوار آهي.

هڪ مغربي ليکڪ منٽگمري واٽ (Mantgomery Watt) پنهنجي ڪتاب ”مڪي محمدﷺ“ (Mohammad at Mecca) ۾ لکي ٿو ته ”محمدﷺ کي دغاباز سمجهڻ سان مسئلا حل ڪونه ٿيندا پر وڌيڪ پيدا ٿيندا. مغرب ۾ تاريخ جي ڪنهن به هستيءَ خلاف ايتري ڌڪار نه آهي جيتري محمد ﷺ خلاف. هن جو قدر ٻين سڀني جي مقابلي ۾ گهٽ ڪيو وڃي ٿو.“

“To suppose Muhammad as imposter raises more problems than it solves. Moreover, none of the great figures of history is so poorly appreciated in the west as Muhammad.”

اهو ئي سبب آهي جو مغربي مصنفن حضرت محمد ﷺ خلاف طرحين طرحين جا بيهودا الزام مڙهيا، خاص طور تي انهن رسول خدا ﷺ جي شادين تي به اعتراض ڪيا.

مهراڻ جي سيرت نمبر لاءِ جڏهن مون کي مضمون لکڻ لاءِ دعوت ڏني وئي ته ان موقعي کي غنيمت سمجهي مون سيرت بابت هي مضمون لکيو. مهراڻ هڪ علمي ۽ ادبي پرچو آهي، سنڌ جا اڪثر پڙهيل ۽ دانشور ان جو مطالع ڪندا رهندا آهن. اميد اٿم ته قارئين حضرات هي مقالو غور سان پڙهندا.

رسول ڪريم ﷺ جون شاديون

رسول ڪريم ﷺ جي مغربي سيرت نگارن خاص طور سر وليم ميور (Muir) صاحب پنهنجي ڪتاب ”حيات محمد (Life of Mohammad) ۾ حضور ﷺ جن جي مڙني شادين تي اعتراض ڪندي هن عظيم ترين شخصيت تي ”شهوت پرستي“ (Profilgacy) جو نعوذ باالله الزام مڙهي ٿو. ميور جيتوڻيڪ عربي دان به هو، پر ان اسان جي پياري پيغمبر ﷺ جي سوانح حيات تعصب جي عينڪ چاڙهي لکي آهي. ”ڪٽر جنين اکين ۾ سي ڪيئن پرين پسن.“ جنهن شخص پنهنجيءَ حياتيءَ ۾ عربستان ڏيهه ۾ عظيم ترين اسلامي انقلاب برپا ڪري جاهل بدو عربن کي اخلاق، تهذيب ۽ شائستگي سيکاري، تنهن تي شهوت پرستيءَ جو بيهوده ۽ واهيات الزام مڙهڻ سخت تعصب، جهالت ۽ شرارت آهي.

هڪ مغربي مصنف وليم ڊريپر (Draper) پنهنجي مشهور ڪتاب ”يورپ جي ذهني ارتقا جي تاريخ“ (A History of the intellectual Development of Europe) ۾ رسول خدا جي عظمت ۽ سندس تاريخ ساز شخصيت کي تسليم ڪندي لکي ٿو ته ”569ع ۾ (رومي بادشاه) جسٽينين جي وفات کان چار سال پوءِ عربستان جي شهر مڪه معظم ۾ هڪ اهڙو شخص پيدا ٿيو جنهن سڀني ماڻهن جي ڀيٽ ۾ انساني نسل کي وڌ ۾ وڌ متاثر ڪيو هو.“

“Four years after the death of Justinia (569 A. D) was born at Mecca, in Arabia, the man who, of all men, has exercised the greatest influence upon the human race.”

ڇا اهڙي پاڪ دامن انسان تي ڪو به بيهوده الزام مڙهي سگهجي ٿو جو هڪ مغربي عالم باسورٿ سمٿ (Smith) جي لفظن ۾ ”سڀني مصلحن جي ڀيٽ ۾ هو (محمد ﷺ) عظيم ترين.“ He is the greatest of all the Reformers.”

اهڙيءَ بلند هستيءَ جي ڪردار بابت ميور جي الزامن جي ڪهڙي حيثيت چئبي؟ ان هوندي به اسان جو فرض آهي ته رسول خدا ﷺ جي مغربي سوانح نگارن جي طرفان اٿاريل اعتراضن جا جواب ڏيون. رسول ڪريم ﷺ جي شخصيت بابت اسان جا نوجوان مغربي سيرت نگارن جا ڪتاب پڙهي گمراهه ٿي سگهن ٿا، ڇو جو کين ديني تعليم ميسر نه آهي. هي ڪم وڏن ديني عالمن کي ڪرڻ کپندو هو، پر افسوس جو انهن پنهجنجن سيرت جي ڪتابن ۾ ڪا خاص ڪوشش نه ڪئي آهي. برصغير هند و پاڪ ۾ مرحوم سر سيد احمد خان پنهنجن تصنيف ”خطبات احمديه“ ۾ ميور جي ڪن اعتراضن جا جواب ڏنا آهن، جي اڻپورا ۽ غير تسلي بخش آهن، ڇو جو اخلاص جي باوجود سر سيد مرحوم ڪتاب و سنت جي علم سان مزين نه هو ۽ ٻيو ته هن جو پنهنجو رجحان به تجدد پسندي جو هو، انهن سببن ڪري پنهنجين ڪوششن ۾ ناڪامياب ٿيو.

هن مختصر گذارش ڪرڻ بعد هينئر اسين پياري پيغمبرﷺ جي شادين ۽ سندن ازواج مطهرات بابت ذڪر ڪنداسين.

بيبي خديجة الڪبريٰ رضه سان شادي

نبي ﷺ جن جي پهرين شادي حضرت خديجة الڪبريٰ رضي الله تعاليٰ عنها سان ٿي هئي. ان وقت حضور ﷺ جن جي عمر اٽڪل 25 سال هئي ۽ بيبي صاحبه چاليهن سالن جي عورت هئي. سندن فرزند حضرت ابراهيم کان سواءِ باقي سڀ ٻار حضرت خديجہ مان ڄاوا هئا. پاڻ ڪريم ﷺ جن اٺاويهه سال حضرت خديجة الڪبريٰ سان گذاريا ۽ نيڪ سيرت خاتون جي وفات وقت سرورِ ڪائنات عليہ الصلوات و السلام جن جي عمر مبارڪ پنجاه کان به مٿي ٿي وئي هئي. ان وقت عرب ۾ هڪ کان وڌيڪ شادي ڪرڻ جو رواج پڻ عام هو، پر ان هوندي به پاڻ ڪريم ﷺ جن فقط هڪ شاديءَ تي اڪتفا ڪئي. بيبي صاحبه جي بطن مبارڪ مان ڪيئي پٽ ڄاوا پر اهي سڀ صغر سني ۾ وفات ڪري ويا. فقط چار نياڻيون هيون جي خدا جي فضل سان زنده رهيون. نرينه اولاد نه هجڻ ڪري به ماڻهو ٻي شادي ڪندا آهن پر حضور ﷺ جن ائين ڪرڻ کان گريز ڪيو، تان جو حضرت خديجہ  انتقال ڪري وئي هئي. محمد ﷺ جن نبوت کان اڳ بيبي صاحبه جي معيت ۾ سترهن سال گذاريا ۽ نبوت عطا ٿيڻ کان بعد ۾ يارهن سال، ڪل رفاقت اٺاويهه سال ٿي هئي. اولاد جي نڪته نگاه سان به حضور ﷺ جن جي حياتي لائق توجهه آهي. سندن عمر مبارڪ پنجاهه سالن کان قريب پهتي هئي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن کي پهرين گهر واريءَ جي بطن مان ٻار ڄاوا هئا. حضور ﷺ جن جو فرزند حضرت ابراهيم، جنهن جي وفات ننڍپڻ ۾ ٿي هئي، سو بيبي ماريہ قبطي مان ڄائو هو. هن ٻالڪ جي ولادت وقت حضور ﷺ جن جي عمر سٺ سال هئي. مطلب ته انهن ٻنهي گهر وارين يعني حضرت خديجہ ۽ بيبي ماريه قبطي کان علاوه حضور ﷺ جن کي باقي ازواج مطهرات مان ڪو به ٻار تولد نه ٿيو، حالانڪه اهي بيبيون سڳوريون ٽيهن کان وٺي چاليهن سالن جي عمر جون هيون.

حضور ﷺ جن جواني ۾ پاڪ دامن هئا - ميور جي شهادت

مٿي عرض ڪيو ويو ته حضور ﷺ جن جو پهريون نڪاح بيبي خديجہ سان اٽڪل پنجويهن ورهين ۾ ٿيو، جڏهن بيبي صاحبه چاليهن ورهين جي هڪ ڦلاوتڻ عورت هئي. حضور ﷺ تي شهوت پرستيءَ  جو الزام لڳائڻ تي مغربي عالمن کي شرم اچڻ گهرجي. هڪ شهوت پرست انسان نوجوان ٿي ڪري پاڻ کان پندرهن سال وڏيءَ عمر واريءَ عورت سان ڪيئن شادي ڪندو ۽ پنهنجي سڄي عمر ان هڪڙيءَ جي رفاقت تي صرف ڪندو؟ خدارا ذرا سوچيو ۽ عقل کان ڪم وٺو. ڇو تعصب ۾ انڌا ٿيا آهيو، چوندا آهن ته جواني ديواني آهي، انهيءَ عمر ۾ انسان جي ڪردار ۽ پاڪ دامنيءَ کي پرکيو وڃي ٿو. حضور ﷺ جن جي جوانيءَ واري عمر لاءِ سندن ڪٽر مغربي نقاد به شاهدي ڏين ٿا ته اها عفت ۽ پرهيزگاري ۾ گذري هئي. مثال طور خود سر وليم ميور صاحب پنهنجي ڪتاب ”حيات محمدﷺ“ (Life of Muhammed) ۾ هڪڙي هنڌ حضور ﷺ جي جوانيءَ واريءَ عمر ۾ سندس اخلاق، خصلتن، توڙي عادات و اطوار جي بيحد تعريف ڪري ٿو، جن اسباب ڪري حضور ﷺ جن کي ”الامين“ جو خطاب عرب ۾ مليو هو. ميور لکي ٿو ته:

“Our authorities, all agree in ascribing to the youth of Mohammad a modesty of deportment and purity of manners are among the people of Mecca... Endowed with a refined mind and delicate taste, reserved and melitative. he live much within himself, and the ponderings of his heart no doubt supplied occupation for leisure hours spent by others of a lower stamp in rude sports and profgacy. The fair character and honourable bearing of the unobtrusive youth won the approbation of his fellow-citizens; and he recieved the title, by common consent, of Al—Ameen, the Trust worthy.” (-38-39)

(ترجمو:اسان جا مصنف جيڪي محمد (ﷺ) جن جي جواني واري عمر کي حياءُ واري ورتاءُ ۽ سليقه مند سچائي سان نسبت ڏيکارڻ ۾ متفق آهن، اهي سڀئي مڪي وارن منجهان آهن... پاڻ سڌريل ذهن ۽ نازڪ ذوق جا مالڪ ۽ نويڪلائي پسند هئا، ۽ پنهنجو پاڻ پروڙڻ جي سوچ فڪر ۾ گذاريندا هئا ۽ انهيءَ ۾ شڪ ناهي ته هيٺين ذهن رکندڙن جي وحشيانه وندر ۽ عياشيءَ ۾ گذرندڙ فرصت جي گهڙين بابت دل ۾ ڳڻ ڳوت ڪندا هئا. سٺي ڪردار ۽ معزز ورتاءُ واري هن حيادار نوجوان پنهنجي شهر واسين جون دليون جيتي ورتيون ۽ عام منظوريءَ سان کيس ”الامين“ جو خطاب مليو جنهن جي معنيٰ آهي ”سچو“ يا ڀروسي جوڳو.)

حضرت عائشه رضه سان شادي

بيبي خديجہ رضه جي وفات تي سرڪار مدينه کي صدمو رسيو. صحابين سڳورن مان ڪنهن صلاح ڏني ته هو حضرت ابوبڪر جي نياڻي حضرت عائشہ سان نڪاح ڪري. هن نڪاح ڪرڻ جو مطلب اهو به هو ته حضرت ابوبڪر رضي الله عنہ سان رشته داري جا تعلقات قائم ٿيڻ جو حضور ﷺ جن جي وزيرن مان هڪ وزير هو. احاديث ۾ نبي ڪريم ﷺ حضرت ابوبڪر جي عظمت ۽ فضيلتن جي بي حد تعريف ڪئي هئي. حضرت عائشہ نڪاح جي وقت صغير هئي ۽ نون ورهين جي عمر ۾ هن جي رخصتي ٿي هئي. ان ڪري حضور ﷺ جن جي ساڻس دلي رغبت جو سوال ئي پيدا نه پيو ٿئي.

بيبي سوده رضه سان نڪاح

مٿي عرض ڪيو ويو ته حضرت عائشہ رضه نڪاح جي وقت صغير هئي، ان ڪري رسول خدا صه حضرت سوده رضه سان شادي ڪئي. ان کان اڳ ۾ حضرت سوده پنهنجي مڙس سان گڏ قريش جي ظلمن کان عاجز ٿي حبش ڏانهن هجرت ڪري وئي هئي. اتان واپسيءَ بعد واٽ تي سندس مڙس جو انتقال ٿيو ۽ هيءَ ويچاري ڦلاوٽن (بيوهه) ٿي وئي. ان وقت مسلم امت ٿوري تعداد ۾ هئي. ٻڌايو ته هيءَ نيڪ سيرت خاتون ڪاڏي وڃي. حضرت سوده رضه پنهنجيءَ رضا خوشيءَ سان نبي ﷺ سان شادي ڪرڻ ٿي گهري جا حضور ﷺ جن قبول ڪرڻ فرمائي.

حضرت حفصه رضه سان شادي

بيبي حفصه رسول ڪريم ﷺ جي هڪ ٻئي وزير حضرت عمر رضه جي نياڻي هئي. هن رشته ڪرڻ جو مقصد اهو به هو ته پاڻ ڪريم ﷺ جن حضرت عمر جي ويجهو ٿين. حضرت حفصه جو مڙس خنيس بدر جي لڙائيءَ ۾ شهيد ٿيو. جيئن مٿي عرض ڪيو ويو، ان وقت اسلامي امت ۾ مڙدن جي ٿورائي هئي، ان ڪري حضرت عمر رضه  پنهنجي بيوه ڌيءَ حفصه جي شاديءَ لاءِ پهريائين حضرت ابوبڪر ۽ پوءِ حضرت عثمان کي چيو، پر ٻنهي جي نابري وارڻ تي آخرڪار سال ٽئين هجريءَ ۾ رسول الله ﷺ حضرت حفصه هڪ ڦلاوتڻ عورت سان شادي ڪئي. ساڳي سال هڪ صحابي حضرت عبدالله ابن جحش اسد جي لڙائيءَ ۾ مارجي ويو ۽ هن جي ڦلاوتڻ زال حضرت زينب رضه سان حضور ﷺ جن شادي ڪئي. هڪ سال بعد ابو سلمہ جي موت کان پوءِ سندس ڦلاوتڻ زال ام سلمه حضور جن جي نڪاح ۾ آئي.

حضرت زيد جي مطلقه زال زينب رضه سان شادي

حضرت زينب بنت جحش رسول ڪريم ﷺ جي پڦاٽ هئي. حضور ﷺ جن پاڻ هن جو نڪاح پنهنجي آزاد ڪيل غلام حضرت زيد رضه سان ڪرڻ پئي چاهيو، پر عرب ۾ ان وقت نسلي غرور اوج تي هو. حضرت زينب رضه جي مائٽن پنهنجي وقار جي منافي سمجهيو ته قريش جي هڪ عورت جي شادي هڪ غلام سان ڪرائجي، پر حضور ﷺ جن هن نسلي غرور جي لعنت مٽائڻ لاءِ حضرت زينب رضه جي شادي زيد سان ڪرائي پر بعد ۾ ٻنهي جي وچ ۾ اڻ بڻت پئدا ٿي هئي، ان ڪري حضرت زيد رضه زينب کي طلاق ڏني، ان کانپوءِ سندس مائٽن زينب جو نڪاح خود حضور ﷺ جن سان ڪرايو هو.

ام المساڪين حضرت زينب رضه  سان شادي

ام المؤمنين حضرت زينب بنت خزيمہ اڳ ۾ حضرت عبيده بن حارث سان پرڻيل هئي. هن جو مڙس بدر جي لڙائيءَ ۾ شهيد ٿي ويو. پاڻ ڏاڍي سخي عورت هئي، ان ڪري ام المساڪين يعني مسڪينن جي ماءُ جي لقب سان مشهور ٿي وئي. حضور ﷺ جن هن نيڪ ڦلاوتڻ عورت سان شادي ڪئي. پاڻ ڪريم ﷺ جن جي حرم ۾ هڪ يا ٻه سال رهڻ بعد وفات ڪري وئي. حضرت خديجه کان پوءِ ٻئي نمبر تي حضرت زينب انتقال ڪري وئي هئي.

بيبي جويره رضه سان شادي

بني مصطلق جي لڙائيءَ ۾ مسلمانن جي هٿ ڪيترائي جنگي قيدي چڙهيا، انهن ۾ مردن سان گڏ عورتون پڻ هيون. انهن عورتن مان عرب سردار حارث جي ڌيءَ حضرت جويريه رضه پڻ هئي. حارث پاڻ حضور ﷺ جن وٽ ڪهي آيو ۽ پنهنجن ٻن پٽن سان گڏ اسلام قبول ڪيائين. جويريه جو مڙس اڳ ۾ ئي گذاري ويو هو ان ڪري حارث پنهنجيءَ هن ڦلاوتڻ ڌيءَ جو سڱ حضور ﷺ جن کي ڏنو. شاديءَ بعد مسلمانن بني مصطلق جي سڀني گرفتار ڪيل ماڻهن کي انهيءَ بهاني سان ازاد ڪيو ته جنهن قبيلي مان نبيءَ ﷺ جي شادي ٿي آهي ان کي گرفتاريءَ ۾ رکڻ روا نه آهي.

حضرت ام حبيبه رضه سان شادي

هيءَ خاتون ابو سفيان جي ڌيءَ ۽ حضرت معاويہ رضه جي ڀيڻ هئي. حضرت ام حبيبہ به حبش ڏانهن هجرت ڪري وئي هئي. اتي سندس مڙس عبيدالله عيسائي مذهب اختيار ڪيو. هن جو مڙس اتي ئي گذاري ويو ۽ اهڙيءَ طرح حضرت ام حبيبہ ڦلاوتڻ ٿي وئي. ابو سفيان احد جي لڙائيءَ ۾ حضور ﷺ جن خلاف لڙيو ۽ بعد ۾ مسلمان ٿيو. پاڻ ڪريم ﷺ  جن هڪ هنڌ ابو سفيان جي تعريف ڪندي فرمايو ته:”من دخل دار ابي سفيان کان آمنا“ (جو ابو سفيان جي گهر ۾ گهڙندو امن وارو آهي.) بيبي ام حبيبہ سان شادي ڪرڻ جو مقصد بني اميه سان رشته داري پڻ قائم ڪرڻي هئي، ان ڪري رسول خدا ﷺ ابوسفيان جي ڌيءَ بيبي ام حبيبہ  سان شادي ڪئي هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com