سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1980 (3 ۽ 4)

 

صفحو :16

واڌارو

(ضميمو)

خزاعن:

(بنو خزاعه) صلح حديبيه جي عهدنامي موجب مسلمانن ۽ مڪي جي مشرڪن جي وچ ۾ ڏهن سالن تائين جنگ نه ڪرڻ جو عهدنامو ٿيو هو. ان صلح نامي جو هڪ شرط هي به هو، ته مسلمان، قريش جي حليفن ۽ قريش، مسلمانن جي حليفن سان جهيڙو جنگ نه ڪندا. اهو شرط تمام اهم هو، انهيءَ ڪري ڪيترائي قبيلا جيڪي ان وقت تائين فقط قريشن جي دٻاءَ جي ڪري مسلمانن جا مخالف هئا، اهي هينئر کلم کلا مسلمانن جا طرفدار  بنجي ويا. اهڙن قبيلن مان هڪ قبيلو”بنو خزاعه“ هو، جنهن مسلمانن جي پاڇي ۾ پناهه ورتي هئي.

بني بڪر هڪ ٻيو قبيلو هو، جيڪو بنو خزاعه جو دشمن هو. پاڻ سڳورن جي بعثت کان اڳ انهن جي وچ ۾ جنگيون ٿينديون رهنديون هيون. بنو خزاعه جو لاڙو اسلام طرف هو، انهيءَ ڪري هو مسلمانن جي طرف ٿي ويا. بنوبڪر، مڪي جي قريشن جو پاسو ورتو. صلح حديبيه موجب بنوخزاعه ۽ بنوبڪر کي به پاڻ ۾ امن امان سان رهڻو هو، ۽ هڪ ٻئي تي حملو ڪرڻو ڪونه هو بنوبڪر طاقت ۽ دولت وارا هئا ۽ کين پنهنجي طاقت تي گهمنڊ هو ۽ هنن جي نيت ۾ فساد پيدا ٿيو ۽ قريشين جي ڀروسي تي هروڀرو بنو خزاعه سان ڇيڙ ڇاڙ شروع ڪيائون. مڪي جي قريشين به صلح حديبيه جو خيال ڪو نه ڪيو ۽ ظاهر ظهور پنهنجي حليف بنوبڪر جو ساٿ ڏنائون. نه فقط اسلح وغيره سان انهن جي مدد ڪيائون، پر هڪ رات اونداهيءَ ۾ بنو خزاعه تي حملو ڪيائون قريشين جي رئيسن مان صفوان بن اميه، عڪرمه بن ابوجهل، سهيل بن عمرو و غيره ويس بدلائي بنو بڪر سان راتاهي ۾ شريڪ ٿيا. بنوخزاعه جي وهم گمان ۾ به اهو ڪو نه هو. هو مقابلو ڪري نه سگهيا ۽ پنهنجون جانيون بچائي وڃي حرم ۾ پناهه ورتائون. پر بنوبڪر ڪعبي ۾ گهڙي کين قتل ڪيو. ان کان سواءِ بديل بن ورقا جو گهر لٽيائون. انهيءَ خوني حملي ۾ بنوخزاعه جا ويهه ماڻهو مارجي ويا.

جنهن رات اهو خوني واقعو ٿي رهيو هو، بنوخزاعه جي ڪن ماڻهن پاڻ سڳورن جو نالو وٺي فرياد ڪئي ته ”اي خدا- محمد(صه) کي اهو وعدو ياد ڏيارينداسون جيڪو اسان جي ۽ انهن جي خاندان جي وچ ۾ ٿيو آهي. اي خدا جا پيغمبر، اسان جي مدد ڪر“.(2)ان وقت پاڻ سڳورا حضرت ام المومنين ميمونه جي حجري ۾ وضو ڪري رهيا هئا. بنوخزاعه جو فرياد ٻڌائون ۽ هڪدم چيائون:”لبيڪ، لبيڪ“. وڌيڪ عجيب ڳالهه اها آهي، ته بنوخزاعه به مڪي ۾ پاڻ سڳورن جو آواز ٻڌو.

انهيءَ ظالمانه ڪاروائيءَ کان ڪيترائي ڏينهن پوءِ عمرو بن سالم خزاعي چاليهن اٺ سوارن سان گڌجي ٻنهي جهانن جي سردار جي خدمت ۾  آيو. هن اهو ظالمانه واقعو بيان ڪيو ۽ هڪ پردرد نظم ۾ پنهنجي مظلومي جو داستان بيان ڪيائين.اهو واقعو ٻڌي کين ڏک ٿيو. فرياد ٻڌي فرمايائون:”عمرو بن سالم، تنهنجي مدد ڪئي ويندي“.

ان کان پوءِ بديل بن ورقا، خزاعن جي ٽولي وٺي پاڻ سڳورن جي خدمت ۾ آيو. واقعي جا تفصيل ٻڌائيندي، اهو به ٻڌايائين، ته قريشين ڪهڙيءَ طرح بنو بڪر جي مدد ڪئي. اهي ڳالهيون ٻڌي کين سخت رنج پهتو. قريشين ڏانهن قاصد موڪلي کين چيائون، ته هنن ٽن ڳالهين مان جيڪا وڻيو پسند ڪيو:

1- مقتولن جو خون بها ادا ڪيو وڃي،

2- قريشي بنوبڪر جي حمايت ڇڏي ڏين،

3- اعلان ڪن ته صلح حديبيه جو عهدنامو ٽٽي ويو آهي.

قريشين کي اڃا تائين پنهنجي طاقت تي گهمنڊ هو. انهيءَ ڪري سوچ ويچار کانسواءِ قرط بن عمر جي زبان تي اعلان ڪيائون، ته اسان کي ٽيون شرط منظور آهي ۽ اسين اعلان ٿا ڪريون ته حديبيه جو عهدنامو ٽٽي ويو آهي.(3)

قريشين جڏهن معاملي تي ٿڌي سيني سان سوچيو ته کين پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو. انهيءَ ڪري پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪري، هڪدم پنهنجي اڳواڻ ابوسفيان کي آماده ڪري، حديبيه جي عهدنامي جي تجديد لاءِ مديني منور موڪليائون. هو مديني منوره آيو ۽ پاڻ سڳورن، حضرت ابوبڪر صديق رضه، حضرت عمر فاروق رضه ۽ حضرت علي رضه سان جدا جدا ملاقات ڪرڻ گهريائين، پر ڪنهن به کيس جواب نه ڏنو. هو پنهنجي ڌيءُ ام حبيبه جي گهر ويو. ام حبيبه ٻنهي جهانن جي سردار جي گهر واري هئي. ابو سفيان پاڻ سڳورن جي بستري تي ويهڻ جو ارادو ڪيو ته ام حبيبه بسترو ويڙهي، پري ڪري رکيو ۽ کيس ان بستري تي ويهڻ نه ڏنو. هن پنهنجي ڌيءَ جي ان روش تي کيس ميار ڏني. جنهن تي هن کيس چيو:”هي رسول الله ﷺ جو بسترو آهي ۽ توهان مشرڪ آهيو. مشرڪ نجس هوندو آهي. انهيءَ ڪري مون پسند نه ڪيو، ته اوهان رسول الله ﷺ جي بستري تي ويهو.“

آخر جتان ڪٿان مايوس ٿي حضرت علي رضه جي چوڻ تي مسجد نبوي ۾ وڃي پنهنجي طرفان اعلان ڪيائين ته مان حديبيه جي عهدنامي جي تجديد ڪيان ٿو.(4) ان کان پوءِ هڪدم مو ٽي هليو ويو. جڏهن مڪي ۾ وڃي پنهنجي ساٿين کي سمورو احوال ڪيائين، ته انهن کانئس پڇيو، ته تنهنجي اعلان کان پوءِ محمد ﷺ ان جي تصديق ڪئي يا نه؟ ان تي هن چيو ته: نه. اهو ٻڌي ماڻهن کيس ننديو ۽ کيس چيو ته، ان مان ڪو به نتيجو نه نڪتو. هي ته نه صلح آهي جو اطمينان سان ويهي رهون، ۽ نه جنگ جي خبر آهي، جو لڙائي جو بندوبست ڪريون.

ابو سفيان جي وڃڻ کان پوءِ آنحضرت ﷺ مسلمانن کي تياري جو حڪم ڏنو. حليف قبيلن ڏانهن قاصد موڪليائين. ته هو به تيار ٿي شريڪ ٿين- انهيءَ ڪاروائيءَ ۾ اهو احتياط رکيو ويو ته جيئن ڪنهن کي به خبر نه پوي ته پاڻ سڳورن جو ڪهڙو ارادو آهي ۽ ڪيڏانهن جو قصد آهي. ان جو مطلب اهو هو ته جيئن قريشين کي خبر نه پوي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ائين ٿيو، ته پوءِ وڏي جنگ لڳندي ۽ خونريزي جا امڪان وڌي ويندا. پاڻ ڪريمن ان خونريزيءَ کي روڪڻ ٿي گهريو، انهيءَ ڪري ڪارواين کي ڳجهو رکيائون.

روانگي جو ڏينهن:

مخدوم صاحب ڄاڻايو آهي ته، ڏهين رمضان تي اسهيا، پر ڪن 2- رمضان ڄاڻائي آهي. سيرت ابن هشام ۾ ڏهين تاريخ آئي آهي.(5)

ابوسفيان:

ابوسفيان جي نالي وارا ٻه ماڻهو هئا. هڪ ابوسفيان بن حارث بن عبدالمطلب، جيڪو پاڻ سڳورن جو سوٽ هو. ٻيو ابواميه قبيلي جو ابو سفيان بن حرب.”ابواءِ“ جي منزل تي جنهن ايمان آندو، اهو ابوسفيان بن حارث هو.

مرالظهران:

مڪي شريف کان هڪ منزل تي هڪ ڳوٺ هو، جنهن کي واديءَ فاطمہ چوندا هئا.(ان جي نسبت حضرت بيبي فاطمة الزهراء رضي الله تعاليٰ عنها ڏانهن نه آهي، پر انهيءَ نالي واري ڪنهن ٻي عرب عورت ڏانهن آهي.)(6) مرالظهران ۾ پهچي منزل انداز ٿيا، ته فوجون پري پري تائين ڦهلجي ويون.

پاڻ سڳورن جي حڪم تي جدا جدا باهيون ٻاريون ويون، جنهن ڪري سمورو ريگستان روشن ٿي ويو. فوج جي اچڻ جي ڪا کڙڪ ته اڳ ۾ ئي قريشين کي پئجي چڪي هئي، ان هوندي به جانچ لاءِ هنن حضرت بيبي خديجه جي ڀائيٽي حڪيم بن حزام، ابوسفيان ۽ بديل بن ورقه کي موڪليو. ٻنهي جهانن جي سردار جي خيمي تي جيڪو ٽولو پهرو ڏئي رهيو هو، ان ابوسفيان کي ڏسي ورتو.(7) حضرت عمر جوش ۾ اچي بارگاه رسالت ۾ آيو ۽ قريشين جي آيل ماڻهن کي قتل ڪرڻ جي اجازت گهريائين حضرت عباس جان بخشيءَ جي درخواست ڪئي.

ابوسفيان اهو ماڻهو هو، جنهن اسلام دشمني ۾ ڪين گهٽايو هو. مسلمانن کي تڪليف ڏيڻ لاءِ وڏا وس ڪيا هئائين. عرب قبيلن کي جوش ڏياري، مديني منوره تي بار بار حملا ڪرايا هئائين. نه فقط ايترو پر پاڻ ڪريمن کي قتل ڪرائڻ لاءِ ڳجهي رٿ رٿي هئائين. هيڏانهن هن جا ِاهي ڪرتوت هئا، ۽ هوڏانهن رحمة للعالمين جي رحمت جو درياهه موج زن هو. ابوسفيان کي ڪن ۾ چيائون:”ڊڄ نه.“ بهرحال ابوسفيان اسلام قبول ڪيو.

اهي ماڻهو، جن لاءِ قتل جو حڪم صادر ٿيو:

مخدوم صاحب اهڙن ماڻهن جو انگ 15 ڏيکاريو آهي. اهو پندرهن جو تعداد حافظ مغلطائي ، مختلف حوالن تان گڏ ڪري ڏنو آهي(8) مخدوم محمد هاشم ٺٽوي به 15 جو عدد ڏنو آهي. ڪن سيرت جي ڪتابن ۾ ڏهن جو عدد آيو آهي.(10) ابن اسحاق اٺ نالا ڏنا آهن(11) ابو دائود ۽ دارقطني جي روايت ۾ فقط ڇهه آهن. (12) بخاري ۾ فقط ابن خطل جو واقعو بيان ڪيل آهي،(13) ان تي مولانا شبلي لکيو آهي ته تحقيق جو دائرو جيتري قدر وسيع ٿيندو وڃي ٿو، اوتري قدر تعداد گهٽبو وڃي ٿو.(14)

اهي ماڻهو جن لاءِ قتل جو حڪم صادر ٿيو، سخت قسم جا ڏوهاري هئا. ان هوندي به انهن مان ستن ماڻهن ايمان آندو ۽ انهن کي معاف ڪيو ويو. باقي چار ماڻهو قتل ٿيا: هڪ عورت ۽ ٽي مرد: عبدالله بن خطل، مقيس بن صباب، حويرث بن نقيد ۽ ابن خطل جي ٻانهي قريبه.(15)

فتح جو خطبو:

مڪي شريف جي فتح کان پوءِ ٻئي ڏينهن جيڪو خطبو ارشاد فرمايائون، ان ۾ انسانن کي خطاب ڪندي فرمايائون:

”هڪ خدا کان سواءِ ڪو به خدا نه آهي. اهو هڪ آهي ۽ ان سان ڪو به شريڪ ڪونهي. هن پنهنجو وعدو سچو ڪري ڏيکاريو. هن پنهنجي ٻانهي جي مدد ڪئي ۽ سڀني جماعتن کي اڪيلو ٽوڙي ڇڏيائين. خبردار. هر قسم جو مطالبو، پوءِ اهو خون جو مطالبو هجي، توڙي دولت جو منهنجي پيرن جي هيٺان آهي(يعني منسوخ ۽ ممنوع آهي.) البته حرم ڪعبه جي متوليت ۽ حاجين کي پاڻي جا منصب ان کان مستثنيٰ آهن، يعني جيئن جو تيئن قائم آهن.

اي قريش قبيلي جا انسانو! اڄوڪي ڏينهن جاهليت جو غرور ۽ نسب تي فخر ۽ وڏائي، خدا ختم ڪري ڇڏيو. سڀ ماڻهو آدم جي اولاد آهن، ۽ آدم مٽيءَ مان پيدا ٿيو هو.

پوءِ قرآن مجيد جي هيءَ آيت پڙهيائون: يا اَيها الناس ِانا َخلقنا ڪم مِن ذَڪَر و اَنثيٰ و جعلنا ڪم شعوباَ و قبائلَ ِلتعارفوا اِن اَڪرمڪم عندالله اَتقاڪم ِان الله عليم خبير0 (13:99)

(انسانو! مون توهان کي مرد ۽ عورت مان پيدا ڪيو، ۽ توهان جا قبيلا ۽ خاندان بنايم، ته جيئن هڪ ٻئي کي سڃاڻو. بي شڪ الله جي آڏو توهان مان وڌيڪ عزت وارو اُهو آهي، جيڪو متقي آهي. بيشڪ الله سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ، سڀ خبر رکڻ وارو آهي.)

پوءِ فرمايائون: الله تعاليٰ شراب جي خريد و فروخت حرام قرار ڏني(16)

خطبو جيترو مختصر آهي، اوترو جامع آهي. هن خطبي ۾ انسانيت جا صحيح اصول ذهن نشين ڪرايائون. عرب، پيڙهي به پيڙهي، هڪ ٻئي کان پلؤ وٺندي ، ڪيئي خون ڪندا رهندا هئا. پاڻ سڳورن اهڙي جاهلانه ۽ وحشيانه رسم جي خاتمي جو اعلان ڪيو.

عربن کي حسب نسب تي هٺ ۽ وڏائي هوندي هئي. پاڻ ڪريمن رنگ ۽ نسل جي فرق ۽ امتياز کي ميساري ۽ مٽائي ڇڏيو. حقيقي مساوات جو درس ڏيندي، سيکاريائون ته سڀ انسان هڪ جهڙا آهن- انهن ۾ ڪو به ويڇو، وچاندر ڪونهي.

خدا جي وحدانيت جو اعلان ڪيائون، ۽ الله تعاليٰ جي ذات کان سواءِ سمورن معبودن جي نفي ڪيائون. خطبي جي ابتدا ئي انهيءَ اعلان سان ڪيائون، ته الله تعاليٰ کان سواءِ ٻيو ڪو به معبود ڪونهي. اهڙي طرح انسانيت جي ڳچيءَ مان گهڻن خدائن جي غلاميءَ جو ڳٽ، ٽٽي ڪري پيو، ۽ ڀڄي ڀور ٿي ويو. انهيءَ ڪري انسان کي، فڪري ۽ عملي آزادي ملي، ۽ سڀني انسانن کي هڪ جهڙو حق مليو.

انهيءَ اعلان انساني ذهن، فڪر ۽ عمل ۾ عظيم انقلاب پيدا ڪيو. انسان کي نيون راهون نصيب ٿيون، صالح ۽ صحتمند معاشري جو پايو پيو، انساني غلاميءَ جو ڳٽ ڳچيءَ مان نڪتو، بتن جي آڏو انساني قربانين جو خاتمو ٿيو، رحم، قياس ۽ درگذر ڪرڻ جا قدر انسان ۾ پيدا ٿيا، جنهن ڪري و حشانيت کي ڌڪ لڳو، نئين تهذيب وجود ۾ آئي، ۽ علم، فن ۽ سائنس جي صحيح معنيٰ ۾ ترقي شروع ٿي. ان کان سواءِ شهنشاهيت، آمريت ۽ فرعونيت جي نفي جو اعلان ٿيو. ٻڌايو ويو ته حقيقي حاڪم قادر مطلق آهي. انهيءَ جا احڪام ئي قانون جو ماخذ آهن. ڪنهن به انسان کي حق ڪونهي، ته پنهنجي زبان مان نڪتل لفظن کي قانون جي صورت ڏئي.

پاڻ سڳورا جيئن ته رحمت للعالمين، بني نوع انسان جا معلم اخلاق ۽ مصلح اعظم هئا، انهيءَ ڪري عصبيت، انتقام، غرور، نخوت ۽ رنگ ۽ نسل جي ويڇي ۽ وچاندر کي حرام قرار ڏنائون. انسانن کي ڀائپي برادري ۽ هڪجهڙائيءَ جو درس ڏنائون، نه فقط ايترو، پر اعلان کي عملي صورت ڏيندي، مڪي جي ماڻهن کي معاف ڪيائون. اهي ماڻهو جن مسلمانن کي هر قسم جون تڪليفون ڏنيون هيون. عفو ۽ در گذار ڪرڻ جو اهڙو مثال دنيا پيش ڪرڻ کان قاصر آهي.

حوالا

(1)

تاريخ طبري اردو ترجمه، جلد اول، ص 387 کان 389، طبقات ابن سعد، اردو ترجمه، ص 474.

(2)

سيرة النبي: شبلي نعماني، ج 1، ص 525

(3)

سيرة النبي: شبلي نعماني، ج 1، ص 526، بحواله زرقاني، ج 2، ص 326.

(4)

سيرة النبي: ج 1، ص 526، بحواله زرقاني: عليٰ المواهب ج 2، ص 337.

(5)

سيرة ابن هشام، حصه دوم، ترجمه، ص 473. سيرة النبي، ج 1، ص 527.

(6)

بذل القوة: مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، اردو ترجمه، لاهور، 1976ع ص 274.

(7)

سيرة النبي، ج 1، ص 528، بحواله صحيح بخاري، شرح صحيح بخاري: حافظ ابن حجر ۽ تاريخ طبري.

(8)

بحواله سيرة النبي، ج 1، ص 528.

(9)

بذل القوة، اردو ترجمه،

(10)

طبقات ابن سعد، حصه اول، اردو ترجم، ص 476، سيرة ابن هشام، اردو ترجمه، ص 485 کان 487 ۽ سيرة النبي ج 1، ص 528،

(11)

بحواله سيرة النبي، ج 1، ص 528.

(12)

ايضا

(13)

صحيح بخاري،

(14)

سيرة النبي، ج 1، ص 528.

(15)

طبقات ابن سعد، اردو ترجم، ص 476.

(16)

سيرة ابن هشام، حصه دوم، اردو ترجمه، ص 489.

 

۽ جڏهن (يتيمن) جو مال انهن جي حوالي ڪرڻ لڳو ته (ماڻهن کي) انهيءَ مال جو شاهد بڻايو ورنه حساب وٺڻ لاءِ ته بس الله ئي ڪافي آهي. (القرآن)

*

جيڪي ماڻهو يتيمن جي مال کي خرد برد ڪن ٿا اهي پنهنجي پيٽ ۾ ڄڻ ته ٽانڊا وجهن ٿا ۽ اهي عنقريب دوزخ ۾ پوندا. (القرآن).


 

محمد عثمان ڏيپلائي

اسلام جا ڏنل بنيادي انساني حق خطبه حجته الوداع

 

حج جي ڏينهن حضور ﷺ عرفات جي اوڀر پاسي ”نمره“ نالي هڪ وسنديءَ ۾، جتي سندن مرضيءَ موجب اڳيئي هڪ خيمو نصب ٿيل هو، اتي آرام فرمايو. سج لهڻ کان پوءِ پاڻ پنهنجي اُٺ تي جنهن کي ”قصوي“ سڏيندا هئا. ان تي سوار ٿي ميدان عرفات جي وچ تي آيا ۽ سواريءَ جي حالت ۾ ئي بلند آواز ۾ خطبو ارشاد فرمايو، جنهن ۾ دين جي متعلق اهم ڳالهيون ٻڌائڻ فرمايائون. پاڻ سڳورا هر جملي کان پوءِ ڪجهه وقت ترسيا ٿي ۽ انهيءَ مهل ئي جناب ربيعه بن اميه (بن خلف) ساڳيا الفاظ ٻيهر ورجايا ٿي.

(1) الله تعاليٰ جي الوهيت، ذات، صفات ۽ اسما ء جي وحدت ۽ ان جي ڪامل ۽ مطلق قدرت

پاڻ سڳورن الله تعاليٰ جي حمد ۽ ثنا ڪندي خطبي جي شروعات هن ريت فرمائي.

”لا الہ الا الله وحده لاشريک لہ، لہ الملک ولہ الحمد يحي ويميت و هو عليٰ ڪل شيءِ قدير. لا الہ اِلا الله وحده، انجر وعده و نصر عبده وهزم الا حزاب وحده“.

الله تعاليٰ جي ذات کانسواءِ ڪو ٻيو رب ناهي، ان جو ڪوبه شريڪ نه آهي ان جي ئي بادشاهي آهي ۽ سڀ ڪا تعريف ان کي ئي جڳائي. اهو جياري ٿو ۽ اهو ئي ماري ٿو ۽ ان کي ئي هر شيءِ تي قدرت حاصل آهي. الله تعاليٰ جي ذات کان سواءِ ڪو ٻيو رب نه آهي. هو يڪتا آهي. هن پنهنجو وعدو پورو ڪيو ۽ پنهنجي بندي (حضرت محمد ﷺ) جي مدد فرمائي ۽ اڪيلي ان جي ذات ئي باطل جي سمورين قوتن کي شڪست ڏني.

(2) انساني وحدت _ برابري _ برادري ۽ آزادي

اي انسانو! جيڪي ڪجهه آءٌ چوان ان کي ڌيان سان ٻڌو، شايد ايندڙ سال يا ان کان پوءِ وري ڪڏهين به توهان سان هتي ملاقات نه ٿئي.

اي ماڻهوؤ! الله تعاليٰ جو ارشاد آهي ته:-

”اسان توهان سڀني کي هڪ ئي مرد ۽ عورت مان پيدا ڪيو آهي ۽ پوءِ توهان کي جماعتن ۽ قبيلن ۾ ورهائي ڇڏيو ته جيئن اوهان جي سڃاڻپ ٿي سگهي. اوهان مان الله وٽ وڌيڪ عزت ڪرامت وارو اُهو آهي جيڪو وڌيڪ متقي آهي.“ (يعني الله تعاليٰ جو وڌيڪ خوف رکندڙ ۽ وڌيڪ راست و راست ڪردار).

”اي انسانو! غور سان ٻڌو ته:

”توهان جو رب به هڪ آهي ۽ توهان جو ابو (پيءُ) پڻ هڪ آهي. ياد رکو ته نه ڪنهن عجميءَ کي ڪنهن عرب تي برتري حاصل آهي نه ڪنهن عرب کي عجميءَ تي. نڪو ڪارو اڇي کان افضل آهي نه ڪو اڇو ڪاري کان!“

(3) فضيلت جو معيار صرف تقويٰ آهي

ها! بيشڪ فضيلت ۽ بزرگي جو ڪو معيار آهي ته اُهو آهي تقويٰ (يعني خوف الاهي، راست بازي و راست ڪرداري) سمورا انسان آدم جو اولاد آهن ۽ آدم جي حقيقت ان کان وڌيڪ ڪهڙي آهي ته هو مٽيءَ مان پيدا (ٺاهيو) ڪيو ويو. هاڻ فضيلت و برتري جا سمورا دعويٰ، خون و مال جا سمورا مطالبا، سمورو انتقام منهنجي قدمن هيٺان لتاڙيا ويا آهن. بس بيت الله جي توليت ۽ حاجين کي پاڻي پيارڻ واريون خدمتون باقي رهنديون.

(4) ابن ڏاڏن جي ڪارنامن تي فخر ڪنهن کي به ڪم نه ايندو

ان کان پوءِ پاڻ سڳورن ارشاد فرمايو ته:-

”اي قريش جا ماڻهوؤ!“

ائين نه ٿئي ته الله تعاليٰ جي اڳيان توهان اهڙيءَ ريت اچو جو توهان جي ڪنڌ تي ته دنياوي بار هجي ۽ آخرت جو سامان وري ٻيا ماڻهو کڻي اچن.

جيڪڏهين ائين ٿيو ته آءٌ الله تعاليٰ جي اڳيان اوهان جي ڪنهن به ڪم نه اچي سگهندس.

قريش جا رهواسيو!

الله تعاليٰ توهان جي ڪوڙي غرور کي ختم ڪري ڇڏيو. پنهنجن ابن ڏاڏن جي ڪارنامن تي فخر ڪرڻ ۽ اجايا ڊاڙ هڻڻ جي ڪا به گنجائش ناهي.

(5) انساني جان مال ۽ عزت جي حفاظت

ماڻهوؤ! توهان جو خون، اموال ۽ عزت آبرو اهڙيءَ طرح باحرمت آهن، جهڙي طرح اڄوڪو ڏينهن ۽ هي مهينو (ذوالحج) توهان لاءِ باحرمت آهي.

(6) دور جهالت جا سمورا انتقام ختم

ماڻهوؤ! دور جهالت جي هر ڳالهه (خراب) آءٌ پنهنجن قدمن جي هيٺ پائمال ڪريان ٿو. جاهليت جي مقتولين جو قصاص وديت ٻئي ڪالعدم قرار ڏنا وڃن ٿا. سڀ کان اڳ پاڻ بنو هاشم ربيعه بن حارث بن عبدالمطلب جي فرزند جو بدلو ۽ ديت معاف ڪرڻ جو اعلان ڪريان ٿو.

(7) سمورا وياج ۽ ربا ختم

اڄ کان هر قسم جو وياج ختم ڪيو وڃي ٿو. راءس المال کان سواءِ نه توهان هڪ ٻئي تي ظلم ڪريو. نه ڪو قيامت جي ڏيهن اوهان سان ظلم ڪيو ويندو. الله تعاليٰ پاڻ وياج ڏيڻ ۽ وٺڻ کي ممنوع فرمايو آهي.

عباس بن عبدالمطلب جو جيترو وياج ٻين ڏي واجب الادا آهي، ان کي موقوف ڪجي ٿو. اڄ کان سندس وياج جي سلسلي ۾ ڪيل مطالبا ختم ڪجن ٿا.

(8) الله تعاليٰ هر ڪنهن جي اعمال جو محاسبو ڪندو.

۽ بيشڪ جلد ئي سڀ الله تعاليٰ جي روبرو ويندا ۽ اهو سڀني جي اعمال جو محاسبو ڪندو. مون (سندس) پيغام سڀن تائين پهچائي ڇڏيو آهي.

(9) خانه جنگي گمراهي آهي

ڏسو! مون کان پوءِ گمراهه نه ٿجو، متان پاڻ ۾ ئي خون خرابو ڪرڻ شروع ڪريو!

(10) اسلامي ڀائيچارو

اي ماڻهوؤ! هر مسلمان ٻئي مسلمان جو ڀاءُ آهي. ۽ سڀ مسلمان پاڻ ۾ ڀائر آهن.

(11) ديانت

ڪنهن به شخص لاءِ پنهنجي ڀاءُ جي به ڪا شيءِ حلال ناهي، جيستائين هو پاڻ پنهنجي مرضيءَ سان ڏي. ان ڪري نڪي پاڻ تي ظلم ڪريو نڪي هڪ ٻئي تي!

عورت لاءِ اهو جائز ناهي ته پنهنجي مڙس جو مال ان جي اجازت کانسواءِ ڪنهن ٻئي کي ڏي.

(12) امانت جي واپسي

جيڪڏهن ڪنهن وٽ امانت رکجي ته هو ان ڳالهه جو پابند آهي ته امانت رکندڙ کي امانت واپس پهچائي.

(13) غلامن سان مساوي سلوڪ

پنهنجي غلامن جو خيال رکو. انهن سان سٺو سلوڪ ڪريو، انهن کي پڻ اهو ئي کارايو جيڪي پاڻ کائو ٿا، ۽ انهن کي به اهڙو ئي لباس پهرايو، جهڙو پاڻ پايو ٿا. جيڪڏهن انهن کان ڪا غلطي ٿي وڃي ۽ اوهين معاف نه ڪري سگهو ته انهن خدا جي بندن کي وڪڻي ڇڏيو. ۽ مٿن سختي نه ڪريو.

(14) پنهنجي ڪئي جو هر شخص پاڻ ذمه دار ٿيندو

هاڻ مجرم پنهنجي جرم جو پاڻ ذمه دار ٿيندو. نڪو پيءُ جي بدران پٽ پڪڙيو ويندو ۽ نڪو پٽ جو بدلو پيءُ کان ورتو ويندو.

(15) الله تعاليٰ وارثن جو حق پاڻ مقرر ڪري ڇڏيو آهي

اي ماڻهوؤ! الله پاڪ هر حقدار کي ان جو حق پاڻ ڏئي ڇڏيو آهي، هاڻ ڪو به وارث جي حق لاءِ وصيت نه ڪري.

(16) قرض جي ادائگي ۽ تاوان

قرض قابل ادائگي آهي. ورتل شيءِ واپس ڪرڻ گهرجي. تحفي جو بدلو ڏيڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪو ڪنهن جو ضامن ٿئي ته اهو تاوان ادا ڪري.

(17) حرام ڪاري جي سزا پٿر

ٻار ان ڏانهن ئي منسوب ڪيو ويندو جنهن جي بستري تي پيدا ٿيو هجي. جنهن تي حرامڪاري ثابت ٿي وڃي ان جي سزا پٿر آهي. حساب و ڪتاب الله تعاليٰ جي روبرو ٿيندو.

(18) نسب بدلائڻ واري تي الله جي لعنت

جيڪو پنهنجو نسب بدلائيندو ان تي الله جي لعنت آهي.

(19) عورتن جا حق

اوهان جي زالن جا اوهان تي ڪجهه حق آهن ۽ ساڳي طرح توهان جا حق عورتن تي آهن. مطلب هي ته هو اوهان سان وفاداري ڪن. ڪنهن به عورت کي اهو حق ناهي ته هوءَ ڪنهن غير مرد کي ويجهو ڪري. عورتن کي حياء اندر رهڻو آهي. جيڪڏهن انهن کان اهڙي طرح جو گناهه سرزد ٿي وڃي ته کين سندن مرد اهڙي جسماني سزا ڏيئي سگهن ٿا، جيڪا انتهائي حد کي نه اورانگهي. عورتن جو اوهان تي اهو حق آهي ته توهان انهن کي چڱي طرح کارايو، سٺو پهرايو. آءُ توهان کي هدايت ٿو ڪريان ته زالن سان بهتر سلوڪ ڪريو، ڇو ته اوهان جي نڪاح ۾ اچڻ کان پوءِ هو اوهان جون پابند ٿي وڃن ٿيون. انهن جي باري ۾ خدا جي خوف کان ڊڄندا رهو، ڇو ته اوهان کين الله جي نالي تي حاصل ڪيو آهي ۽ ان جي نالي تي هو اوهان لاءِ حلال ٿيون. (يعني ايجاب و قبول سان)

(20) اطاعت امير

اي ماڻهوؤ! توهان نڪ ڪٽيل غلام جي پڻ اطاعت ڪريو. جيڪڏهن ان کي توهان جو امير بنايو ويو هجي.  ۽ ان شرط سان ته هو الله جي ڪتاب مطابق فيصلا ڪري.

(21) قرآن شريف هميشه گمراهيءَ کان بچائيندو

اي ماڻهوؤ! منهنجي ڳالهه کي ڳنڍ ۾ ٻڌو! مون الله تعاليٰ جو پيغام اوهان تائين پهچائي ڇڏيو آهي. اوهان وٽ آءٌ اهڙي شيءِ ڇڏيو ٿو وڃان، جنهن تي جيڪڏهن اوهين قائم رهيا ۽ ان جي رهنمائي ۾ هليا ته ڪڏهن گمراهه نه ٿيندا. هي سرچشمہ هدايت الله جو ڪتاب آهي ۽ ها! ڏسو - ديني معاملات ۾ بحث کان بچو، ڇو ته توهان کان اڳ ماڻهو انهن ئي ڳالهين جي ڪري ماريا ويا.

شيطان کي هاڻ ان ڳالهه جي ڪا به توقع ڪونهي ته هاڻ هن شهر ۾ سندس عبادت ڪئي ويندي. پر ان ڳالهه جو امڪان ته اهڙن معاملن ۾ جن کي اوهين گهٽ اهميت ڏيو ٿا، سندس ڳالهه مڃي وڃي ۽ هو ان ۾ ئي راضي رهي. ان ڪري اوهين شيطان کان پنهنجي دين ۽ ايمان کي بچائجو.

(22) آخري نبي ۽ آخري امت

ماڻهوؤ! مون کان پوءِ نڪو نبي ايندو ۽ نڪا جديد امت ٿيڻ واري آهي. چڱي طرح ٻڌو ۽ پنهنجي رب جي عبادت ڪريو.

(23) پنج ڪم جنت ۾ داخل ٿيڻ جي ضمانت آهن

1 - پنج وقت نماز ادا ڪريو

2 - رمضان جو سڄو مهينو روزا رکو

3 - پنهنجي مال جي زڪوات خوش دليءَ سان ڏيو.

4 - حج ڪريو!

5- پنهنجي اهل امر جي اطاعت ڪريو ته پنهنجي رب جي جنت ۾ داخل ٿي ويندا.

(24) تبليغ هر مسلمان تي فرض آهي

ٻڌو! جيڪي ماڻهو هتي موجود آهن انهن کي گهرجي ته هي احڪام ۽ هي ڳالهيون انهن کي ٻڌائين جيڪي هتي ناهن. ٿي سگهي ٿو ته جيڪي غير موجود آهن انهن مان ڪي توهان کان وڌيڪ سمجهڻ ۽ محفوظ رکڻ وارا هجن!

(25) حق رسالت جي ادائگي

ماڻهوؤ! قيامت جي ڏينهن توهان کان منهنجي باري ۾ سوال پڇيو ويندو. توهان تڏهن ڪهڙو جواب ڏيندا؟

ماڻهن جواب ڏنو ته:اسين ان ڳالهه جي شهادت ٿا ڏيون ته اوهان امانت (يعني الله جا حڪم) پهچايا ۽ رسالت جو حق ادا ڪيو. اسان کي کري ۽ کوٽي بابت ٺيڪ طرح ٻڌايو.

اهو ٻڌي حضور جن پنهنجي شهادت جي آڱر آسمان ڏي ڪري ٽي دفعا چيو:

يا الله گواهه رهج - يا الله گواهه رهج - يا الله گواهه رهج!


 

سيد شاهه محمد شاهه شاد

حضورﷺ جن جي ازدواجي زندگي

حضور رسالت مآب ﷺ جن جي عسڪري، سياسي، سماجي، معاشي ۽ معاشرتي زندگي جهڙيءَ طرح مثالي آهي، تهڙيءَ طرح ازدواجي زندگي پڻ، درس ۽ نصيحت جي آئينه دار آهي. پاڻ سڳورا الله تعاليٰ طرفان آخري نبي هئڻ سان گڏ، امت مسلمه جا هادي ۽ رهبر ۽ عالم انسانيت جا معلم حقيقي هئا. زندگيءَ جو اهو ڪهڙو شعبو آهي جنهن ۾ سندن رهنمائي، امت لاءِ خصوصاً ۽ انسان ذات لاءِ عموماً، ذريعه نجات و فلاح نه هجي!

حضور جن جي بعثت کان اڳ، معاشري ۾ عورت کي عزت ڀريو مقام حاصل ڪونه هو. اهو حضور جن جي تعليمات جو ئي فيضان آهي، جو ان جي انفرادي حيثيت کي تسليم ڪيو ويو ۽ ان کي پنهنجي پيءُ ۽ مڙس جي ميراث ۾ حصي دار بڻايو ويو، حالانڪ ظهور اسلام کان اڳ، عورت مظلوم ۽ مجبور هئي.

اسلام دنيا جو پهريون مذهب آهي، جنهن صنف ضعيف يعني عورت جي حق رسي ڪئي ۽ کين مردن جي برابر عزت جو مقام عطا ڪيو.

حضور جن جي ازدواجي زندگيءَ تي نظر ڪبي ته معلوم ٿيندو ته پاڻ سڳورن سڀ کان پهرين شادي حضرت خديجه رضي الله عنها سان ڪئي هئي، جا خاتون بيوهه هئن سان گڏ، چاليهن سالن جي عمر کي پهچي چڪي هئي. ان وقت حضور جن جي عمر عزيز 25 سال ۽ سندن جوانيءَ ۽ شباب جو دؤر هو، ته ٻئي طرف حضرت خديجه جي پيريءَ جو آغاز هو. تاهم پاڻ سڳورا، انهيءَ نيڪ سيرت خاتون سان، جنهن کي ڪتب سيرت ۾ ”طاهره“ جي لقب سان ياد ڪيو وڃي ٿو ۽ جنهن جي بطن مبارڪ مان حضرت خاتون جنت فاطمہ الزهراء رضي الله تعاليٰ عنها جي ولادت باسعادت ٿي هئي، تنهن پاڪيزه صفت عورت سان 25 سال نهايت ئي خوشگوار ازدواجي زندگي بسر ڪندا رهيا ۽ سندس حياتيءَ ۾ ٻي ڪا به شادي ڪانه ڪيائون. حضور جن کي حضرت خديجة الڪبريٰ سان زندگي خواه زندگيءَ بعد بي انتها محبت رهي. وفات کان پوءِ جڏهن به سندس ذڪر خير نڪرندو هو، ته پاڻ سڳورا جوش محبت سبب بي چين ٿي فرمائيندا هئا ته:”جڏهين عام ماڻهن منهنجي تڪذيب ڪئي ته حضرت خديجہ منهن جي تصديق ڪئي، جڏهين عام ماڻهو، اسلام قبول ڪرڻ ۾ پس و پيش ڪري رهيا هئا ته هن اسلام قبول ڪيو، ۽ جڏهين منهنجو ڪو به معاون ڪونه هو، تڏهين هن منهنجي مدد ۽ معاونت ڪئي.“

حضرت خديجہ جي انتقال بعد، حضرت سؤده بنت زمعه کي حضور جن جي نڪاح ۾ اچڻ جي سعادت حاصل ٿي. اها خاتون مطلقه هئڻ سان گڏ عمر رسيده پڻ هئي. تاهم پورا چار سال، اها ام المومنين، پاڻ سڳورن جي تنها زوجہ ٿي رهي. انهيءَ دوران ۾ حضرت عائشه بنت ابوبڪر صديق پڻ حضور ﷺ جن جي نڪاح ۾ آئي، مگر چونڪه بيبيءَ جي عمر اڃا 9 سال هئي، تنهنڪري سندس رخصتي چار سال گذرڻ بعد، يعني سنه 1 هجريءَ ۾ ٿي.

هن وقت حضور جن جي عمر عزيز 53 سالن تي پهتي هئي ۽ سندن نبوت کي 13 سال گذريا هئا. دراصل حضور جن جو واسطو انهيءَ قوم سان هو، جا اڇا اسلامي نقطئه نگاهه کان ته خير، مگر تهذيب و تمدن جي لحاظ کان به ناتراشيده هئي. ازانسواءِ حضور جن جي ذمه هيءُ خاص ۽ اهم ڪم پڻ هو، ته پاڻ سڳورا، انهيءَ پسمانده قوم کي، تعليم و تربيت ذريعي، زندگيءَ جي هر شعبي ۾، اعليٰ درجه جي مهذب، شائسته ۽ پاڪيزه قوم بڻائين. انهيءَ مقصد لاءِ، مردن جي تربيت سان گڏ، عورتن جي تربيت جي پڻ اشد ضرورت هئي. جنهن تهذيب و تمدن جا پاڻ سڳورا باني ۽ داعي هئا، تنهن موجب مردن ۽ عورتن جو آزادانه ميل جول غير پسنديده ۽ ممنوع هو، تنهن ڪري عورت کي براه راست تربيت ڏيڻ، حضور جن لاءِ ممڪن نه هو. البته عورتن جي اصلاح لاءِ رڳو هڪ ئي صورت ممڪن هئي، ته پاڻ سڳورا، مختلف عمر، مختلف ذهن، مختلف صلاحيت ۽ مختلف قبيلن جي خواتين سان نڪاح ڪري، کين سڌيءَ طرح تعليم و تربيت ڏين ۽ پوءِ انهن مان هر هڪ کي، شهريءَ، بدوي، جوان ۽ عمر رسيده عورتن کي، دين، اخلاق ۽ تهذيب جا اصول سيکارڻ تي مامور ڪن.

انهيءَ غرض و غايت جي پيش نظر ۽ مسلم معاشري جي تعليم خاطر، الله تعاليٰ طرفان نبي ڪريمﷺ لاءِ، نڪاح ۽ شاديءَ جي سلسلي ۾ خاص ضابطو ۽ قانون رائج ڪيو ويو، جنهن موجب، حضور جن کي حسب ذيل پائبندين کان مستثنيٰ ڪيو ويو، جيڪي رواجي طرح عام مسلمانن، تي سندن ازادواجي زندگيءَ ۾ عائد ٿيل آهن:-

(1) چئن کان زياده نڪاح ڪرڻ جي رعايت.

(2) ازواج مطهرات کي ”امهات المؤمنين“ جو درجو ڏنو ويو ۽ سندن متعلق هيءُ حڪم ته اهي مسلمانن لاءِ ماءُ وانگر، حرام آهن ۽ حضور جن کان بعد انهن مان ڪنهن سان به نڪاح ٿي نه سگهندو.

قرآن حڪيم جي ”سورة احزاب“ ۾ انهيءَ خصوصي رعايت جو ذڪر، هن آيت ڪريمه ذريعي زياده وضاحت سان ڪيو ويو آهي. ارشاد باري تعاليٰ آهي ته ”خالصة لک من دون المومنين“ (يعني اي رسول الله، هيءَ رعايت خاص اوهان لاءِ آهي ۽ نه عام مسلمانن لاءِ.)

امت مسلمه جي تعمير لاءِ جيڪا اصلاح، پاڻ سڳورن الله تعاليٰ جي حڪم سان عملاً رائج ڪئي، تنهن جي صداقت متعلق، امت جي دل ۾ ڪو به شڪ و شبه، ۽ ان جي جائز هئڻ ۾، سندن ذهن ۾ ڪا به ڪراهت باقي نه رهي، تنهن لاءِ حضور جن پنهنجي ازدواجي زندگيءَ ۾ هڪ طرف بيوه ۽ طلاق مليل عورتن سان نڪاح ڪيو، ته ٻئي طرف پنهنجي آزاد ڪيل غلام ۽ گود ۾ ورتل حضرت زيد بن حارث رضي الله تعاليٰ عنہ جي طلاق ڏنل زال، حضرت زينب، جا رشتي جي لحاظ کان حضور جن جي پڦي زاد همشيره پڻ هئي، سان شادي ڪئي. اهڙيءَ طرح، انهيءَ مصنوعي بندش ۽ رسمي تقدس کي، حضور جن پنهنجي عملي ازدواجي زندگيءَ سان ختم ڪري، دؤر جاهليت جي باطل تصور ۽ بي جا رسم و رواج کي، هميشہ هميشہ لاءِ مٽائي ڇڏيو. حضرت زينب سان نڪاح ڪرڻ وقت، حضور جن جون چار بيبيون اڳ ئي موجود هيون:- (1) حضرت سؤده (2) حضرت عائشه (3) حضرت حفصه (4) حضرت ام سلمه رضي الله عنهن، حضرت زينب، حضور جن جي پنجين بيبي هئي. ان بعد آنحضرت جن جي حرم پاڪ ۾، ازدواج مطهرات جو تعداد به يڪ وقت نَو ۽ ڪن ڪتب سيرت موجب، يارنهن تائين پهتو هو. ظاهر آهي ته اصول فطرت مطابق، اهي پاڪ طينت خواتين، مختلف مزاج ۽ طبيعت جون حامل هونديون، مگر حضور جن جي فيض صحبت جو مٿن هيءُ اثر هو، جو سڀئي پاڻ ۾ شير و شڪر هيون ۽ باوجود فقر و فاقه جي، ازواج مطهرات مان ڪنهن به، حالات جي ستم ظريفيءَ جي ڪڏهن به شڪايت ڪانه ڪئي.

چونڪه حضور جن الله جا رسول مقبول ۽ خاتم النبيين هئا ۽ بحڪم آية ڪريمه ”ولکن رسول الله و خاتم النبيين“ (يعني آنحضرت جن کان پوءِ ڪو به رسول ته درڪنار، پر نبي به اچڻ وارو ڪونه آهي“) تنهن ڪري ضروري هو، ته قانون ۽ معاشري جي تمام تر اصلاح ۽ رسم جاهليت جو سدباب حضور جن خود پنهنجي زندگيءَ ۾ سرانجام ڏين ۽ پاڻ سڳورا، مختلف خاندانن مان شاديون ڪري، پراڻين دشمنين ۽ عداوتن کي هميشہ لاءِ ختم ڪري ڇڏين. چنانچه حضور جن، جن خواتين سان نڪاح ڪرڻ فرمايو، تن جي ذاتي صلاحيتن ۽ اوصاف کان علاوه، انهن جي انتخاب ۾، هيءَ مصلحت پڻ ڪار فرما هئي. حضرت عائشه ۽ حضرت حفصه سان نڪاح ڪري، حضور جن حضرت ابو بڪر ۽ حضرت عمر سان پنهنجي ذاتي تعلقات کي زياده مستحڪم ۽ مضبوط ڪري ڇڏيو. حضرت اُم سلمه جو تعلق، خالد بن وليد جي خاندان سان ۽ حضرت ام حبيبه، ابو سفيان جي نياڻي هئي. انهن ٻنهي شادين، دشمني ۽ عداوت جو زور گهڻي حد تائين ٽوڙي ڇڏيو، بلڪ ام حبيبه جي نڪاح بعد ابو سفيان ڪڏهين به حضور جن جي مقابلي لاءِ پيش پيش نه رهيو.

حضرت صفيه ۽ حضرت جويريه يهودي خاندان مان هيون، جن کي آزاد ڪري حضور جن پنهنجي نڪاح ۾ آندو هو. انهن شادين بعد، يهودين طرفان مزيد سازشون سرد پئجي ويون، ڇاڪاڻ ته انهيءَ زماني جي عرب روايات موجب، جنهن شخص جي ڪنهن قبيلي مان شادي ٿيندي هئي ته اهو شخص، نه صرف انهيءَ عورت جي خاندان جو، بلڪ پوري قبيلي جو داماد سمجهيو ويندو هو ۽ داماد سان مقابلو يا جنگ، عرب تهذيب موجب، عار سمجهي ويندي هئي. معاشري جي عملي اصلاح ۽ جاهلانه رسوم کي ٽوڙڻ پڻ، حضور جن جي فرائض منصبي ۾ داخل هو.

غرض ته حضور جن جي ازدواجي زندگي، تمام تر عدل و انصاف تي مبني هوندي هئي. پاڻ سڳورا، سڀني ازواج مطهرات کي، بلا امتياز شرف صحبت سان نوازيندا هئا ۽ ڪنهن به هڪ کي، ٻئي تي ترجيح ڪانه هوندي هئي. سڀئي ازواج مطهرات حضور جن جي خلوت خواه جلوت ۾ شريڪ صحبت رهي، مذهبي احڪام کان سڌيءَ طرح بازياب ۽ فيض ياب ٿينديون هيون. ابو دائود جي روايت آهي ته آنحضرت جن جي زندگيءَ جو هيءُ معمول هوندو هو ته پاڻ ازواج مطهرات جي حجرن ۾، جي هڪ ٻئي سان قريب هوندا هئا، روزانو تشريف فرما ٿي، کين ديني و اخلاقي تعليمات سان سرفراز فرمائيندا هئا. اهڙي طرح سڀئي ازواج مطهرات، امت جي دعوت و اصلاح جي عظيم مقصد ۾، حضور جن سان رفيق ڪار ثابت ٿيون.

دنيا جي مذهبي تاريخ ۾ صرف آنحضرت جن جي ازدواجي زندگي، هر لحاظ کان مثالي آهي. پاڻ سڳورن جون ازواج مطهرات اڪثر معزز گهراڻن سان تعلق رکندڙ هيون، جنهن ڪري سندن طبعي ميلان، خوش لباسي ۽ خوش خوراڪي طرف هئڻ کپندو هو. کين هر خوش ذائقه غذا ۽ هر ديده زيب لباس، پنهنجي طرف راغب ڪري سگهيو ٿي، مگر حضور جن جيئن پاڻ کي غذاهائي لطيف ۽ لباسهاي فاخره کان پري رکيو، تيئن پنهنجي ازواج مطهرات کي به انهيءَ دنيوي ڏيک ويک کان ڪوهين ڏُور رکيو. صحيح بخاريءَ ۾، حضرت عائشہ کان روايت آهي ته ”ما کانت لاحدنا الاثوب واحدة“ يعني: ”اسان مڙني وٽ صرف هڪ هڪ وڳو ڪپڙن جو هوندو هو.“ حضور جن کي پنهنجي ازواج ۽ اولاد سان، بي انتها محبت هئي، مگر اها محبت رنگين ۽ قيمتي لباس، يا سون جي زيورن جي صورت ۾ ڪڏهن ظاهر ڪانه ٿي. اهو ئي سبب آهي، جو آنحضرت جن جي ازواج مطهرات، اولاد ۽ خاندان جي ساري زندگي، سندن اُسوهء حسنه جو اعليٰ ترين مظهر پڻ هئي.

ازواج مطهرات جو سوانحي خاڪو:

(1) حضرت خديجه بنت خويلد بن اسد: عام طرح ”طاهره“ جي لقب سان ئي مشهور هئي. سندس پهرين شادي، ابو هاله بن زراده تميمي سان ٿي، جنهن مان کيس ٻه پٽ پيدا ٿيا. سندس ٻي شادي عتيق بن عايد محزومي سان ٿي، جنهن مان کيس هڪ نياڻي ڄائي.

عتيق جي وفات بعد، حضرت خديجہ حضور جن جي عقد نڪاح ۾ آئي. ان وقت سندس عمر 40 سال ۽ آنحضرت جن جي 25 سال هئي. نڪاح بعد حضرت خديجه 25 سال زنده رهي. سندس زندگي تائين، حضور جن ٻي شادي ڪانه ڪئي.

حضور جن بي بي خديجة الڪبريٰ کي زندگي خواه سندس زندگي بعد، نهايت پيارو گهرندا هئا. سندن متعلق پڻ فرمائيندا هئا:

”جڏهن عام ماڻهن منهنجي تڪذيب ڪئي ته هن منهجي تصديق ڪئي، جڏهن عام ماڻهو اسلام قبول ڪرڻ ۾ پس و پيش ڪري رهيا هئا ته هن اسلام قبول ڪيو ۽ جڏهن منهنجو ڪو به معاون ڪونه هو تڏهن هن منهنجي مدد ۽ معاونت ڪئي.“

(2) حضرت خديجہ رضه جي انتقال بعد، سڀ کان اول حضور جن جي نڪاح ۾ اچڻ جي فضيلت حضرت سؤده بنت زمعه بن قيس کي حاصل ٿي. اها ابتداءِ اسلام ۾ مشرف باسلام ٿي هئي، جنهن ڪري کيس قديم الاسلام هئڻ جو شرف حاصل آهي. سندس پهرين شادي سڪران بن عمرو سان ٿي هئي، جنهن جي وفات بعد حضرت سوده سن رسيده حالت ۾ حضور جن جي نڪاح ۾ آئي.

آنحضرت ﷺ جن جي اخلاق و عادات ۾، فياضي ۽ سخاوت جو نمايان وصف هوندو هو. اصحاب سڳورن مان جن کي ساڻن زياده تقرب حاصل هو، تن تي انهيءَ وصف خاص جو زياده اثر ٿيندو هو. چونڪه ازواج مطهرات کي، حضور ﷺ جن جي اخلاق و عادات ۽ فيض صحبت کان فيضياب ٿيڻ جو سڀ کان زياده موقعو حاصل ٿيندو هو، تنهن ڪري اهي وصفون انهن ۾ عام طرح نظر اينديون هيون. حضرت سؤده ۾ به اها وصف يعني فياضي ۽ سخاوت جي وصف تمام گهڻي قدر هئي. سندس وفات، حضرت عمر رضه جي خلافت جي آخري دؤر ۾ ٿي.

(3) حضرت عائشه بنت ابوبڪر صديق: سنه 10 نبويءَ ۾، جڏهن سندس عمر اڃا 9 سال هئي، ته سندن حضور جن سان نڪاح ٿيو. نڪاح بعد حضور ﷺ جن جو مڪي ۾ قيام صرف 3 سال رهيو ۽ سنه 13 نبويءَ ۾ پاڻ مديني ڏانهن هجرت ڪري ويا. سندس حضور ﷺ جن سان رفاقت 9 سال رهي ۽ جڏهن حضور ﷺ جن انتقال فرمايو ته سندس عمر 18 سال هئي، حضور ﷺ جن کان پوءِ 48 سال زنده رهي ۽ 66 ورهين جي ڄمار ۾ سال 57 هجريءَ ۾ وفات ڪيائين.

حضور ﷺ جن کي حضرت عائشه رضه سان بي حد محبت هئي. انهيءَ محبت سبب ئي آنحضرت ﷺ جن، ٻين ازواج مطهرات کان اجازت وٺي، پنهنجي زندگيءَ جا باقي ڏينهن حضرت عائشه رضه جي حجري ۾ گذاريا.

(4) حضرت حفصه بنت عمر: سندس پهرين شادي خنيس بن حذاقه سان ٿي. جنگ بدر ۾، خنيس جي شهادت بعد حضرت حفصه جو نڪاح، حضور جن سان ٿيو. سندس وفات سال 45 هجريءَ ۾ ٿي، جڏهن سندس عمر 63 سال هئي.

(5) حضرت ام المساڪين زينب بن خزيمه بن حارث: فقيرن ۽ مسڪينن کي نهايت فياضيءَ سان کارائيندي هئي، جنهن ڪري کيس ”اُم المساڪين“ جي لقب سان ياد ڪيو ويندو آهي. سندس پهرين شادي عبدالله بن جحش سان ٿي هئي، مگر جنگ احد ۾ ان جي شهادت بعد حضور جن جي نڪاح ۾ آئي. سندس زندگي وفا نه ڪئي، ڇو ته شاديءَ بعد صرف ٻه ٽي مهينا زنده رهي، جنهن بعد سندس انتقال ٿيو. حضور جن جي زندگيءَ ۾ حضرت خديجہ کان پوءِ بيبي زينب ئي هئي، جنهن وفات فرمائي. وفات وقت سندس عمر 30 سال هئي. حضور جن پاڻ جنازه پڙهائي ۽ سندس تدفين جنة البقيع ۾ ٿي.

(6)حضرت اُم سلمه بنت سهيل (ابي اميه)، سندس پهرين شادي عبدالله بن عبدالاسد سان ٿي هئي، جنهن جي جنگ احد ۾ شهادت ٿي. شوهر جي وفات وقت، حضرت ام سلمه حامله هئي. وضع حمل  ۽ مدت عدت بعد سندس شادي، حضور جن سان ٿي. ازواج مطهرات مان، حضرت ام سلمه سڀني کان پوءِ 63 هجري ۾ وفات ڪئي، جڏهن سندس عمر 84 سال هئي.

(7) حضرت زينب بنت جحش: سندس پهريون نڪاح حضور جن جي آزاد ڪيل غلام زيد بن حارث سان ٿيو. طلاق بعد سندس نڪاح آنحضرت جن سان ٿيو. اُن وقت سندس عمر 35 سال هئي. رشتي ۾ حضور جن  جي پڦاٽ هئي. حضور جن جي رحلت بعد، ازواج مطهرات مان اها پهرين بيبي هئي، جنهن جو سنه 20 هجريءَ ۾ 53 سالن جي عمر ۾ انتقال ٿيو.

(8) حضرت جويريه بنت حارث بن ضرار: سندس پهرين شادي مسافع بن صفوان سان ٿي جو غزوهء مريسيع ۾ مسلمانن هٿان قتل ٿي ويو ۽ جويريه گرفتار ٿي. حضورﷺ جن کين آزاد ڪرائي ساڻس نڪاح ڪيو. سندس وفات سال 50 هجريءَ ۾ ٿي اُن وقت سندس عمر 65 سال هئي.

(9) حضرت اُم حبيبه بنت ابو سفيان بن حرب: سندسن پهرين شادي عبيدالله بن جحش سان ٿي، عبيدالله جي مرتد يعني عيسائي ٿيڻ بعد، پاڻ اسلام تي قائم رهندي انهيءَ کان علحدگي اختيار ڪيائين، جنهن بعد سندس نڪاح حضور جن سان ٿيو،. سال 44 هجري ۾ وفات ڪيائين.

(10) حضرت ميمونه بنت حارث: پهرين شادي مسعود بن عمرو سان ڪيائين.  طلاق بعد ٻي شادي ابورهم بن عبدالعزيٰ سان ٿي، جنهن جي انتقال بعد، حضور جن جي نڪاح ۾ آئي. سال 51 هجريءَ ۾ سندس وفات ٿي.

(11) حضرت صفيه بنت حي بن اخطب: جنگ خيبر ۾ يهودين جي قبيلي بنو نضير مان حضور جن جي حصي ۾ آئي. سندس پهرين شادي سلام بن مشڪم يهودي سان ۽ ٻي شادي ڪنانه يهودي سان ٿي. جنگ خيبر ۾ ان جي قتل ٿي وڃڻ بعد گرفتار ٿي. حضور جن کين آزاد ڪري ساڻس نڪاح ڪيو. سال 50 هجريءَ ۾ وفات ڪيائين.

حضور جن جي حرم پاڪ ۾ ازواج مطهرات جو تعداد به يڪ وقت تائين پهتو هو. اصول  فطرت مطابق انهن ۾ هر مزاج ۽ هر طبيعت جون عورتون هيون. انهن ۾ جيڪڏهن باهمي رشڪ ۽ رقابت هئي ته محبت ۽ چاهه جي ڪمي به ڪا نه هئي، حضور جن جي صحبت جو مٿن هيءُ اثر هو، جو باوجود فقر و فاقه جي ۽ باوجود خورش و پوشش جي خاطر خواه انتظام نه هئڻ جي، ازواج مطهرات مان ڪنهن به حالات جي ستم ظريفي جي شڪايت ڪانه  ڪئي.

حضرت خديجه کان پوءِ ازواج مطهرات مان، حضور ﷺ جن کي حضرت عائشه سان محبت هئي، مگر محبت جو سبب، عام انسانن وانگر نه هو. حُسن صورت خواه ظاهري محاسن ۾ ٻيون بيبيون به گهٽ ڪو نه هيون، خصوصاً حضرت صفيا، ڪم سن هئڻ سان گڏ، حسن صورت ۾ سڀني کان سرس هئي. ليڪن حضرت عائشه جي قابليت، ذهانت، فراست ۽ معلومات وغيره جا اوصاف، سندس ترجيح جا اصلي ڪارڻ هئا. حضور ﷺ جن کي سڀ کان پسنديده شيءِ ”دين“ هئي، انهيءَ ڪري ازواج مان کين اها بيبي زياده محبوب ۽ منظور نظر هئي، جنهن کان دين جي خدمت زياده ادا ٿي سگهي.ازواج مطهرات، حضورﷺ جن جي خلوت خواه جلوت ۾ شريڪ صحبت ۽ مذهبي احڪام و مسائل جي علم و اصلاح کان، سڌيءَ طرح بازياب ۽ فيضياب ٿينديون هيون. چونڪ حضرت عائشه زياده ذهين هئي، تنهن ڪري ديني مسائل ۾ کيس زياده درڪ حاصل هو.

ابو دائود جي روايت آهي ته آنحضرت ﷺ جن جي روزمره جو معمول هيءُ هوندو هو ته پاڻ ازواج مطهرات جي حجرن ۾، جي هڪ ٻئي سان ملحق هوندا هئا، تشريف فرما ٿي، هر هڪ وٽ ڪجهه وقفه لاءِ ترسندا هئا ۽ جڏهن انهي اُم المومنين جي گهر پهچندا هئا، جتي کين ترتيب موجب رات لاءِ ترسڻو هوندو هو، ته پاڻ سڳورا اتي قيام فرمائيندا هئا.

بعض روايتن ۾ هن طرح آيو  آهي ته جنهن بيبيءَ جي گهر ۾ رات جو قيام هوندو هو، اُتي سڀيئي ازواج مطهرات گڏ ٿي، آنحضرت جن جي صحبت کان مستفيض ٿينديون هيون ۽ ڪافي رات گذرڻ بعد، سڀيئي پنهنجي پنهنجي حجرن ڏانهن هليون وينديون هيون. انهيءَ مان ظاهر آهي ته ازواج مطهرات جون دليون، هڪ ٻئي ڏانهن صاف  هيون ۽ اُهي باهمي طور پڻ آنحضرت ﷺ جن جو شرف صحبت حاصل ڪنديون هيون.

انسان بذات خود ته فاقه ڪشي اختيار ڪري سگهي ٿو ۽ سخت کان سخت تڪليفون پڻ برداشت ڪري سگهي ٿو، مگر هو پنهنجي عيال ۽ اولاد جي آسائش ۽ آرام پهچائڻ ۾ ڪڏهن پوئتي پئجي نه ٿو سگهي. دنيا جي مذهبي تاريخ ۾ صرف آنحضرت جن جي زندگي، انهيءَ لحاظ کان مثالي آهي. پاڻ سڳورن جي ازواج جو تعداد هڪ وقت تي 9 يا 11 تائين پهتل هو، جن مان اڪثر معزز گهراڻن سان تعلق رکندڙ هيون، جنهن ڪري سندن قدرتي ميلان، خوش خوري ۽ خوش لباسي طرف هئڻ کپندو هو. کين هر خوش گوار غذا ۽ هر خوش نما لباس، پنهنجي طرف مائل ڪري سگهيو ٿي، مگر پاڻ سڳورن جيئن پاڻ کي غذاهاي لطيف ۽ لباسهاي فاخره کان پري رکيو تئن پنهنجي ازواج مطهرات کي پڻ انهيءَ دنيوي ڏيک ويک جو خوگر ٿيڻ کان ڪوهين دور رکيو. اهو ئي سبب آهي جو آنحضرت جن جي ازواج، اولاد ۽ خاندان جي ساري زندگي، سندن اسوهء حسنه جو اعليٰ ترين مظهر هئي.

 

*

 

 

 

جيڪي ماڻهو پنهنجو مال خدا جي راه ۾ خرچ ڪن ٿا، انهن جو مثال انهيءَ داڻي جو آهي جيڪو پوکيو وڃي ته ان مان ست لڙهيون پيدا ٿين ۽ هر لڙهي ۾ هڪ سو داڻا. ۽ الله برڪت وجهندڙ آهي، جنهن کي چاهيندو آهي ۽ الله وڏي گنجائش وارو ۽ واقف آهي.(القرآن)

*

سوالي کي نه جهڻڪيو. کيس نرمي سان جواب ڏيو ۽ سائل جي(اصرار کي) درگذر ڪري ڇڏيو. درگذر ڪرڻ انهيءَ خيرات کان گهڻو بهتر آهي جنهن جي ڏيڻ سان سائل کي ايذاءُ پهچي ۽ الله بي نياز ۽ بردبار آهي(القرآن)

 


 

ڊاڪٽر محمد ايوب قادري

مترجم: عبدالرحمان جوڻيجو

حضُور پَاڪ جَي حَرمَن جَو ديني ڪردَارَ

عورت جي فطري خصوصيتن کي سامهون رکي حضرت خديجہ الڪبريٰ کي ڏسو ته ان جي اڳيان سندس مڙس غار حرا جو واقعو بيان ڪري ٿو يا ائين چئجي ته هڪ دعويٰ ڪري ٿو. دعويٰ به ڪا معمولي نه. نبوت جي دعويٰ، وحي خداوندي جي دعويٰ، جبرئيل سان هم ڪلامي جي دعويٰ، هڪ اهڙي دعويٰ، جنهن جو اڳ ڪڏهن اشارو به نه ڪيو هو.

وري رفيقه حيات ڪا معمولي عورت ناهي- واپارين جي بادشاهه آهي، جهان ديده آهي- زماني جي لاهن چاڙهن کان چڱي طرح واقف- هن کي ڪو به فريب ڏئي نٿو سگهي- وڏي ڳالهه ته ننڍي عمر جي به ناهي جو مڙس جي ڳالهين ۾ اچي وڃي بلڪه مڙس کان عمر ۾ پندرهن سال وڏي آهي. ان تي لطف اهو آهي ته معاشيات ۾ خود ڪفيل آهي بلڪه مڙس جي ڪفالت به ڪري ٿي. زال آهي- مڙس جي ڪا ڳالهه يا  ڪا ادا هن جي اکين کان پري ناهي- هوءَ مڙس جي جلوت کان به واقف آهي ۽ خلوت جي داناءِ راز آهي- مڙس جي زندگي جي ڪا به ڪنڊ هن کان لڪل ناهي- هوءِ جهان ديده، صاحب فراست آهي- هوءِ دوربين نگاهه رکي ٿي- هنکي خبر آهي ته مڙس جي پيغام کي قبول ڪرڻ زمين ۽ آسمان کي دشمن بنائڻ آهي- خاندان ۽ سڄي قوم جي دشمني کڻڻي آهي- آفتن جو مقابلو ڪرڻو آهي- مسلسل آزمائشن جي بٺين ۾ سڙڻو آهي. جان مال ۽ آبرو، مطلب ته زندگي کي خطري ۾ وجهڻو آهي.

ٻيو ته پيغام ڏيڻ وارو هن پوري ڪائنات ۾ اڪيلو آهي. هن جو ڪو به حامي ۽ مددگار ناهي- هن سان ڪا به قوم يا جماعت ناهي- دولت ۽ اقتدار ناهي-

پر ملاحظه هجي- هوءِ پيغام  ٻڌي سڄي ڪائنات ۾ سڀني کان پهريان ايمان آڻي ٿي ۽ ايمان آڻيندڙ جي صف ۾ سر فهرست هن جو نالو لکيو وڃي ٿو. آزمائش شروع ٿي وڃي ٿي. هوءِ تن من ڌن ۽ هر مال متاع عزيز مڙس جي پيغام تي قربان ڪرڻ شروع ڪري ڏئي ٿي. اهو سلسلو ڏهن سالن تائين قائم رهي ٿو. دنيا جون ساريون تڪليفون سهي ٿي پر ڪو به شڪايت جو لفظ زبان تي نٿي آڻي. ڪڏهن  اُف نه ڪئي. ڪڏهن به هن جي عزم ۾ ڪو لوڏو نه آيو بلڪه اسان ته اهو ڏسون ٿا ته جيڪا به آزمائش ٿئي ٿي، اها سندس ايمان کي وڌيڪ پختو ڪري ڇڏي ٿي. هر تڪليف هن ۾ نئون عزم پيدا ڪري ڇڏي ٿي. هوءِ پنهنجي مڙس کي سهارو ڏئي ٿي. حوصله افزائي ۽ پشت پناهي ڪري ٿي. هن جي ملم ۽ ان جي زخمن جو پهو بنجي وڃي ٿي.

حضرت محمد(ﷺ) جو سڀ کان وڏو معجزو هيءُ آهي ته سندن پيغام کي سڀ کان پهريائين سندس رفيقه حيات حضرت خديجة  الڪبريٰ قبول ڪيو.

ازواج مطهرات حضور جن کي ڪيتري قدر چاهينديون هيون، ان جو روشن ثبوت قرآن ڪريم آهي. سوره احزاب ۾ آهي ته:

۽ اي نبي، پنهنجن زالن کي فرمائي ڇڏيو ته جيڪڏهن توهان دنيوي زندگي ۽ ان جي آرائش چاهيون ٿيون ته اچو ته مان توهان کي ڪجهه مال ۽ متاع ڏئي رخصت ڪري ڇڏيان خوشيءَ سان ۽ جيڪڏهن توهان الله کي ۽ ان جي رسول کي ۽ عالم آخرت کي مقصد رکو ٿيون ته پوءِ الله توهان مان نيڪ ڪردارن جي لاءِ اجر عظيم تيار رکيو آهي“.

انهيءَ اعلان کانپوءِ ازواج مطهرات ڪهڙو رستو اختيار ڪيو. سڀني الله، ان جي رسول ۽ عالم آخرت جو رستو پسند ڪيو. اهي آهن زال ۽ مرد جا تعلقات محبت،. صلي الله عليہ وسلم.

حضرت عائشه کان جڏهن پڇيو ويو ته حضور جو اخلاق ڪهڙو هو ته پاڻ جواب ڏنائون ته حضور جو اخلاق قرآن آهي. ۽ قرآن ڇا چاهي ٿو:

”عورتون توهان لاءِ لباس آهن ۽ توهان انهن جي لاءِ لباس آهيو“.

يعني توهان ٻئي هڪ ٻئي  جي ضرورت پڻ آهيو. دنيا جي سردي گرمي کان حفاظت پڻ آهيو. زينت به آهيو. پرده پوش به آهيو ۽ جسماني طور تي نزديڪ ترين به آهيون.

عبدالله بن عمر کان روايت آهي ته حضور جن فرمايو ته دنيا جون سموريون شيون عارضي فائديمند آهن ۽ دنيا جي بهترين فائدي وٺڻ جي شيءِ نيڪ عورت آهي، ڇاڪاڻ ته نيڪ عورت جو فائدو پائدار ۽ هميشہ رهڻ وارو آهي(مسلم)

حضور جن فرمايو ته:

”جيڪڏهن مان حڪم ڏيان ها ته ڪو ڪنهن کي سجدو ڪري ته زال کي حڪم ڏيان ها ته اها پنهنجي خاوند کي سجدو ڪري“.

هڪ جڳهه ارشاد آهي:

”جيڪڏهن ڪا عورت انهيءَ حال ۾ مري وڃي جو سندس خاوند ان کان راضي هو ته اها جنت ۾ داخل ٿيندي“.

ڪاشانه نبوي ڇا آهي هڪ کليل ڪتاب، جنهن جو جڏهن دل چاهي ۽ جتان دل چاهي ڏسي وٺي. حضور جي حيات مقدس ۽ سيرت مبارڪ جي هر ڪنڊ روشن ۽ راهه هدايت آهي ۽ دنيا وارن لاءِ عمل جو نمونو - حضور جن ٻڌايو آهي ته جنهن لائحه عمل کي توهان دنيا وارن اڳيان اهڙي شد و مد سان پيش ڪريو ٿا. ان تي گهر جي چوديواري جي اندر خود ڪيترو عمل ڪريو ٿا. پاڻ اعلان ڪيائون ته هر عمل جي ابتدا سندن ذات مبارڪ کان ۽ سندن گهر کان ٿئي ٿي. انصاف، ايمانداري، محبت، قناعت، قرباني، خلوص، عزت، نيڪي، عصمت، شعاري جن عظيم الشان اصولن کي مڃڻ جي تقاضا ٻين کان ڪندا هئا، انهن تي سڀ کان پهريائين توهان خود ۽ توهان جا گهر وارا عمل ڪندا هوا. اهي ازواج مطهرات ئي هيون جن حضور جي چوديواري جي اندر زندگي کولي کولي دنيا وارن اڳيان پيش ڪئي ۽ انهيءَ حيات مقدس ۽ اسوه حسنه جي پيروي جي دعوت ڏني.

پيغمبر اسلام جو هر ڪم هڪ ئي مقصد رکندو هو- اسلام جي تبليغ ۽ ترقي.

حضورن جون ازواج مطهرات صرف شريڪ حيات نه هيون بلڪه مقصد حيات جون به شريڪ هيون. هنن اسلام جي پيغام کي پري ۽ نزديڪ، خاص و عام تائين پهچائڻ ۾ وڏو ڪارنامو انجام ڏنو آهي. تفصيل ۾ به، اجمال ۾ پڻ، زبان سان به ۽ مثال سان به، انهن معاملن جي متعلق به جيڪي مردن سان تعلق رکن ٿا ۽ انهن امور جي متعلق پڻ جيڪي صرف عورتن سان تعلق رکن ٿا. هو پنهنجي مڙس جون نفس ناطقه هيون، دست راست هيون، زبان حال هيون، سندن چوڻ حضور جو چوڻ هو ۽ انهن جو ڪرڻ حضور جو ڪرڻ هو.

هن انقلاب ۽ هن ارتقا کي آڻڻ ۾ ازواج مطهرات نمايان ڪردار انجام ڏنو آهي.  کين چڱي طرح معلوم هو ته الله تعاليٰ کين خاص ذميداريون عطا ڪيون آهن. هنن انهن ذميدارين کي پورو ڪرڻ ۾ تن من ڌن جي بازي لڳائي ڇڏي. هنن شب و روز جا واقعات تمام ضروري تفصيلات سان خاص و عام تائين پهچايا ۽ باقي دنيا جي لاءِ رسول جن جي حياتي جي هن روشن پهلو کي دنيا واسطي ڇڏيو- هنن حضور جن جي زندگي جي هر گوشه کي اجاگر ڪيو، جنهن جي خبر سندن بغير دنيا کي نه هجي ها- هو چڱي طرح ڄاڻنديون هيون ته اهي پاڪ زالون به آهن ۽ مومنن جن مائرون به آهن. اهي خوب سمجهنديون هيون ته جنهن فرض جي امانت انهن جي سپرد آهي، ان جي ادائگي ۾ کين ٻيڻو انعام الاهي ملندو.

امهات المومنين خاص طور تي پنهنجي تعليم ۽ تبليغ جو رخ عورتن جي حلقه طرف ڦيرائي ڇڏيو. هر معاشري ۾ عورتن جو تعداد اٽڪل اڌ آهي. اسلامي شريعت جي ڪافي معاملن جو تعلق صرف عورتن سان آهي. مثلاً ماهواري، پيٽ، شادي، طلاق، خانه داري، ٻارن جي پالنا، بيوهگي ، عدت وغيره وغيره. لهاذا لازمي آهي ته عورت جو بهترين استاد عورت ئي ٿي سگهي ٿي ۽ خاص ڪري زنانن مسئلن جي متعلق.

هڪ اهڙو معاشرو، جنهن ۾ عورتن لاءِ اهم ترين قدر، حيا ۽ عصمت هجن، جتي اسلام جي ٻڌايل اصول معاشرت هيٺ مردن ۽ عورتن جي درميان حجاب ۽ پردو هجي، اتي عورتن جي تعليم لاءِ سڀ کان وڌيڪ موزون عورت ئي ٿي سگهي ٿي. حقيقت اها اهي ته عصمت واريون، حيا واريون ۽ پردي واريون پنهنجي مائرن ۽ ڀينرن کانسواءِ ڪنهن ٻئي مان اهو ميل ميلاپ نٿيون رکي سگهن، جيڪو علم سکڻ لاءِ ضروري آهي- اهو ئي اهو ڪم هو جيڪو ازواج مطهرات خصوصي طور تي سرانجام ڏنو.

*

 ۽ يتيمن جو مال انهن جي حوالي ڪريو ۽ پاڪ مال جي بدلي ۾ حرام مال نه وٺو(القرآن)

يتيمن جو مال پنهنجي مال ۾ ملائي ان کي خرد برد نه ڪريو ڇو ته اهو(تمام وڏو) گناه آهي.(القرآن)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com