سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: ٻول جو بڻ

باب: 8

صفحو :10

 

واحد بخش شيخ صاحب (]1986ع[ ۾) فعل جي سري هيٺ فعل لازمي ۽ فعل متعدي جي مَٽ سٽ تي بحث ڪندي (ص:33-340) ڪجھ فعلن جي تبديليءَ کي ڪنهن به اصول جو پابند نه سمجھندي انهن ڪجھ بيقاعدي تبديل ٿيندڙ ٻولن جا مثال ڏنا آهن، جڏهن ته اهو پڻ ٻڌايو اٿئون ته ڪي لازمي صيغا متعدي ٿيندي هڪ مخصوص سٽاءَ جي پابندي ڪن ٿا. اها ڳالهه پڙهڻ کان پوءِ لازمي طرح سوال ٿو اڀري ته ڇو ڪي فعل لازمي مان متعدي ٿيندي ڪنهن اصول جي پابندي ڪندي نظر اچن ٿا ۽ ڇو ڪي ٻول ائين نه ٿا تبديل ٿين؟ انهيءَ سوال جو جواب توڙي جو هن ئي ڪتاب ۾ مختلف هنڌن تي بحث دوران ظاهر ٿئي ٿو، تڏهن به ليکڪ هڪ ڀيرو وري انهيءَ پاسي ڏي ڌيان ڇڪائڻ چاهي ٿو ته اسان جي الفا-بيٽ ۽ صورتخطي ڪن ٻولن کي درست صورت ۾ لکڻ کان عاجز نظر اچي ٿي. اهو به نظر ۾ رکيو وڃي ته ڪي ٻول وقت گذرندي ڪي قدر يا پوريءَ طرح تبديل ٿين ٿا ۽ اهو پڻ ته ڪن ٻولن جي ڌاتو سان ڪي آواز ملي ان ۾ معنوي فرق پيدا ڪن ٿا ۽ جڏهن ائين ٿئي ٿو تڏهن پڻ ٻول جي اچار ۾ فرق اچي وڃي ٿو جيئن /ڍَء/ سان }اَ{ ملڻ کان پوءِ ٺهندڙ ٻول /ڍَءَ/ بدران /ڍَوَ/ آهي. /ڀَــوَ، تَــوَ، چَــوَ، ڪَــوَ/ ۽ اهڙا ٻيا به ڪي ئي مثال پيش ڪري سگھجن ٿا. اهو پڻ ياد رکيو وڃي ته ڪي ٻول گم پڻ ٿي وڃن ٿا.

/کائڻ/ انهن ٻولن ۾ شامل ڪيو ويو آهي جن بابت سمجھيو ٿو وڃي ته تبديل ٿيندي ڪنهن اصول جي پابندي نه ٿا ڪن. شيخ صاحب ان جو لازمي /کاڄڻ/ قرار ڏنو آهي ۽ اهو ئي ٻول عام طرح سمجھيو به وڃي ٿو. ج س ل /کاڄڻ/ جو سنسڪرت بنياد کاڌ ۽ /کائڻ/ جو سنسڪرت بنياد کاد ڄاڻايو آهي پر اهو ٻول جڏهن اسم (۽ مذڪر واحد) ٿي ڪم اچي ٿو تڏهن ان جو هڪ متبادل /کيڻ/ به ڏنو آهي. کيڻ تي لاڙي اثر نمايان نظر اچي ٿو ۽ ليکڪَ پاڻَ انهيءَ علائقي ۾ ڳالهائجندي ٻڌو آهي. ليکڪُ ان جو صحيح اچار /کَئڻ/ سمجھي ٿو جنهن جو امر واحد /کئُه/ ۽ ڌاتو /کَئه/ (]=ک + اَء[) ٿيندو.

ج س ل /کِيَڻ/ به ڏنو آهي جنهن جو سنسڪرت بنياد کاد ڏيندي ان جي معنيٰ ۾ کاڄ، کاڌو ۽ کانو به ڄاڻايو آهي. اهڙا ڪي ٻيا ٻول کِئَڻ، کِئاءُ، کِئو، کِئائي وغيره به ڏنل آهن.

اوهين ڄاڻو ٿا ته کاء جي صورت، مضارع ۽ حال طور ضمير متڪلم واحد جي حالت ۾، کاوان ۽ کاوان ٿو آهن.

مٿي آيل ٻولن ۾ کَئه ۽ کاء کي ڌاتو قرار ڏيندي ٻول ۾ ]ي[ ۽ ]و[ جي اڀرڻ تي ڌيان ڏيڻ جي گھرج محسوس ٿئي ٿي.

ڍَء ۽ ڀَئه جھڙن ٻولن جو جمع (مذڪر، اسم) آهي ڍَوَ ۽ ڀَــوَ (ن ڪي ڍَءَ ۽ ڀَـئَه، جيڪي اچارڻ ۾ ڏکيا محسوس ٿين ٿا). ڀئه ڌاتو رکندڙ ڪي ٻول آهن: ڀوائتو، ڀَوارو، ڀَــوَ ڀريو وغيره (ڏسو ج س ل)، جن ۾ پڻ ]اَ[ بدران ]و[ اچي ٿو.

هيٺ ڏنل لفظن جي صورتخطيءَ، ٻولن جي آواز ۽ خاص طرح پهرئين رتل وائڄڻ کان پوءِ ايندڙ آواز (۽ ان جي نمائندگي ڪندڙ اکر) تي ڌيان ڏيڻ جي گھرج آهي.

چَوَڻُ، چيو مڃڻ، چئي وان، چَوڻِي، چَوۡ وَٽ، چَوچاءُ، چَو چواءُ، چَوَڻ چائڻ (ڏسو ج س ل). چوندو، چيو ۽ چَئو کي به ذهن ۾ رکڻ گھرجي. انهن ٻولن جو ڌاتو ڇا آهي؟

چَوَڻُ اسم مصدر سڏيو وڃي ٿو.

چَئُه امر واحد آهي.

چَئه ڌاتو ٿيندو.           

/چَئه/ ] =چ + اَء[

ساڳيءَ طرح ڀوائتو، ڀوارو، ڀَوَ ڀريو وغيره (ڏسو ج س ل) جو ڌاتو ٿيندو /ڀَئه/ ] =ڀ + اَء[.

هاڻي ضرورت محسوس ٿئي ٿي ته چَوچاءُ ۽ چَو چواءُ ۾ چاءُ ۽ چواءُ تي ڌيان ڏجي. ٻن طريقن سان بحث ڪري سگھجي ٿو:

(1)              اندريون جوڙ /آ/ اچي چَئه کي چاء يا چواء ڪري ٿو (تفصيلي بحث اندريون جوڙ جي سري هيٺ) يا

(2)             ]اَء[ جو ]اَ[ وڌي ]آ[ ٿئي ٿو. ٻين لفظن ۾، ]اَ[ وڌائي ]آ[ ڪجي ٿو ۽ ٻول ۾ معنوي فرق پيدا ڪيو وڃي ٿو.

هاڻي چَوَڻ چائڻ ۾ /چائڻ/ تي ڌيان ڏيو ۽ سوچيو ته چائڻ ۽ چوائڻ جي وچ ۾ معنيٰ ۽ مفهوم جي حوالي سان ڪو اصولي فرق به موجود آهي ڇا؟ ۽ انهن ٻنهي جو ڌاتو ڇا آهي؟

ليکڪ جي نظر ۾ چائڻ ۽ چوائڻ هم معنيٰ ٻول آهن ۽ ٻنهي جو (ترت) ڌاتو /چاء/ (=/چواء/) آهي ۽ اصولي ڌاتو يا پاڙ-ٻول /چَئه/.

/چَئه/ + (اندريون جوڙ) /آ/ = چاء (چواء)

/چاء/ (چواء) + /اِ/ = چاءِ (چواءِ) ..... امر واحد

چائڻ ۽ کائڻ جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪيو.

/کائڻ/ جو امر واحد آهي /کاءُ/ ۽ (ترت) ڌاتو /کاء/ = ]ک + آء[ ۽ اندريون جوڙ هٽائڻ کان پوءِ اصولي ڌاتو يا پاڙ-ٻول ٿيندو /کئه/ = ]ک + اَء[.

مٿي ڏنل چئه ۽ ڀئه ڌاتو رکندڙ ۽ ڄاڻايل ٻولن تي ڌيان ڏيو. /چَئه/ جي ڪڍ جيڪو به وائل آيو آهي انهيءَ اتي يا پاڻُ برقرار رکيو آهي يا وري ]و[ يا ]ي[ کي اپائڻ جو ڪارڻ بڻيو آهي. ٻين لفظن ۾ ائين چئي سگھجي ٿو ته هڪ وائل آواز (يا وائل آواز جي جھيڻي وائل) جي ڪڍ جڏهن ٻيو وائل آواز اچي ٿو تڏهن اتي اهو وائل آواز پاڻ برقرار رهي ٿو (رهي سگھي ٿو) يا وري ]و[ يا ]ي[ اُپجي (سگھي) ٿو ٻولي اتي، اهڙيءَ حالت ۾ اچار-سهنج جو خيال رکي ٿي. ان نموني جڙندڙ ڪن ٻولن ۾ اڀرندڙ آواز ]و[ ۽ ]ي[ ڪٿي اڌ-وائل هجن ٿا ته ڪٿي وائڄڻ. ليکڪ اڌ-وائل آواز ]و[ ۽ ]ي[ جي اپت جي سلسلي ۾ الانا صاحب جن جي انهيءَ راءِ کي قطعي ۽ مڪمل درست نه ٿو سمجھي ته صرف ]آ، او يا اُو[ کان صرف ]اَ يا آ[ ڏانهن مڙندڙ ۽ گسڪو ڪندڙ ڪوشش سبب مشروط طور اڌ-وائل ]و[ ۽ صرف ]اِ ۽ اِي[ کان صرف ]آ۽ اَ[ ڏانهن مڙندڙ ۽ گسڪو ڪندڙ ڪوشش سبب مشروط طور اڌ-وائل ]ي[ پيدا ٿئي ٿو. چئه ڌاتو رکندڙ ۽ مٿي ڏنل ڪجھ ٻول اهڙو هڪ مثال آهن. ٿڌون ۽ ٿڌيون، ڳنڍون ۽ ڳنڍيون، برساتون ۽ برساتيون، لهرون ۽ لهريون ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي سنڌي ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن ۾ ايندڙ لفظ ۽ کاوان ۽ چوان جھڙا ٻول انهيءَ موضوع تي وڌيڪ گھرائي سان سوچڻ جي دعوت ڏين ٿا.

/ساڙڻ، مارڻ، ڊاهڻ، ٺاهڻ، کارڻ، ڳارڻ/ جھڙن متعدي فعل ٻولن جي فعل لازمي واري صورت /سڙڻ، مرڻ، ڊهڻ، ٺهڻ، کرڻ، ڳرڻ/ چئي وڃي ٿي (۽ آهي) ۽ /چائڻ/ (چوائڻ) جي صورت /چئڻ/ (چوڻ) ته کائڻ جي لازمي صورت /کئڻ/ هجڻ گھرجي. ساڳيءَ طرح /لائڻ، ڀائڻ، ڳائڻ، ڌائڻ/ وغيره جھڙين متعدي صورتن جي لازمي صورت /لئڻ، ڀئڻ، ڳئڻ، ڌئڻ/ هجڻ گھرجي ۽ جي ايئن هجي ته، انهن جو واريسِر ڌاتو ٿيندو: /لَئه، ڀَئه، ڳئه، ڌَء/ = (...+ اَء).

ج س ل ۾ /ڍَئڻ/ مان /ڍائڻ/ ۽ /رَئڻ/ مان /رائڻ/ موجود آهن پر /مَئڻ/ مان /مائڻ/ موجود ناهي (توڙي جو ڪي جھونيون عورتون اڄ به ائين اچارينديون آهن) البته /مئراڻڻ ۽ مائرائڻ/ موجود آهن.

/ڍَئڻ/ جو امر واحد آهي /ڍَءِ/ ۽ ان جو ڌاتو /ڍَء/ ] =ڍ + اَء[.

/رَئڻ/ جو امر واحد آهي /رَءِ/ ۽ ان جو ڌاتو /رَء/ ] =ر + اَء[.

جامع سنڌي لغات ۾ ڀَــوَڻُ لفظ به نظر اچي ٿو، جنهن جو تفصيل هن طرح ڏنل آهي:

           ڀَوَڻُ: مصدر (سن. ڀۡرَمۡ = ڦرڻ) ڦرڻي- گِرڻي.1

ڇا ڀَواٽي (ڀانئٽي، ڀَنواٽي) ۽ ڀَنوَر جھڙن ٻولن جو ڌاتو پڻ اتان ئي اچي ٿو؟

چوڻ کي ذهن ۾ رکندي ڀوڻ جو امر واحد ٿيندو /ڀَئُه/ (= رُلُ) ۽ ڌاتو /ڀَئه/ (=] ڀ + اَء[).

ڪائو (= لاٿِ) ۽ ڪَئُه (= لَههَ، لهپَ) جو ڌاتو ليکڪ جي نظر ۾ /ڪَئه/ (]=ڪ + اَء[) آهي.

]اَ[، ]اي[، ]اَي[، ۽ ]اَء[ جي وچ ۾ فرق آهي ۽ ليکڪ انهيءَ کي قائم رکڻ چاهي ٿو.

 

2. اُء

]اُء[ هڪ وائل آواز آهي. اهو هڪ يڪسُرو آهي.

]اُء[ اچاريندي ]اُ[ جي آوازي لهر مٿي چڙهي، چڙهندي ختم نه ٿي ٿئي (جي ختم ٿي ويندي ته آواز ]اُ[ ئي رهندو) پر چڙهندي هلڪو موڙ کائي ٿي ۽ ختم ٿي/لهي وڃي ٿي. اهو هڪ يڪپدو آواز آهي. /اُءِ/ (جيئن: /آيُئِه/ = تو وٽ آيو ۽ /لکندُءِ/ = تو ڏي لکندو، جا آخري ٻه آواز) اچارڻ مهل ]اُ[ چئي ختم ٿيندڙ/لهندڙ لهر هڪ ڀيرو وري /اِ/ (= ]اِ[) چوڻ لاءِ اڀري ٿي ۽ ٻئي پد کي جنم ڏئي ٿي تنهنڪري /اُءِ/ جا ٻه پد ٿيندا. ]اُء[ ٻن پدن کي جنم نه ٿو ڏئي ۽ نه ئي وري ]اُء[ چوندي ڄڀ کي يڪدم موڙ کائڻ يا گسڪڻ جي ايڏي ڪا گھرج به محسوس ٿئي ٿي. ]اُء[ اچاريندي ]اُ[ اوريندڙ ڄڀ پنهنجي وچ وٽ هلڪو اڀار کائِي ]اُ[ جي جاري آواز کي هلڪو وڌاءُ يا وهڪو ڏئي ٿي (جنهن لاءِ وڌ ۾ وڌ ائين چئي سگھجي ٿو ته ]اِ[ ڏانهن وڌي ٿي پر ان بيهڪ تي پهچڻ کان اڳ ختم ٿي وڃي ٿي).

/هُئڻ/ جو امر واحد /هُئُه/ آهي ۽ ڌاتو /هُئه/ = (هه + اُء)

/لُئڻ/ جو امر واحد /لُئُه/ آهي ۽ ڌاتو /لُئه/ = (ل + اُء)

/رُئڻ/ جو امر واحد /رُءُ/ آهي ۽ ڌاتو /رُء/ = (ر + اُء)

توڙي جو لُئڻ ۽ لوئڻ، لُڏڻ ۽ لوڏڻ ۽ جُڙڻ ۽ جوڙڻ ٻولن جي جوڙن جي وچ ۾ معنوي فرق قائم رکيو ويندو آهي، پر عام طرح، اهڙيءَ ئي فرق کي ڌُئڻ ۽ ڌوئڻ ۽ رُئڻ ۽ روئڻ جھڙن ٻولن جي جوڙن جي وچ ۾ محسوس نه ٿو ڪيو وڃي، جڏهن ته اهي به ساڳئي اصول ۽ ترتيب هيٺ تبديل ٿين ٿا ڇو؟ ۽ ڇو ڌوئڻ جي حقيقي مفهوم کي ڌوئارڻ يا ڌوئرائڻ ۽ روئڻ جي حقيقي مفهوم کي روئارڻ جھڙن ٻولن وسيلي ظاهر ڪيو وڃي ٿو؟ (جواب گھربل ۽ مناسب هنڌ تي واضح ڪيا ويندا.) ساڳيءَ طرح ڍوئڻ ۽ ڍُئڻ جي وچ ۾ موجود فرق کي به نروار هجڻ گھرجي.

ج س ل تان ورتل ۽ هيٺ ڄاڻايل ٻولن جو ڌاتو ڌيان لهڻي ٿو:

ڀُــئـــاٽ (=ڀُــئــه+آٽ)، ڀُــئــو (=ڀُــئــه+او) ۽ ڀُــئــيــڪــارو (=ڀُئه+اِي+ڪار+او) جو ڌاتو ڀُئه (]=ڀ+اُء[)، پُئائڻ جو لازمي حاصل مصدر پُئڻ (=پُئه+اَڻ) آهي ۽ ان جو ڌاتو پُئه (]=پ+اُء[)، ڏُئاءُ (=ڏُء+آ+اُ)، ڏُئو (= ڏُء+او) ۽ ڏُئيڙ (=ڏُء+ايڙ) جو ڌاتو ڏُء (]=ڏ+اُء[)، ڊُئي (=ڊُء+اِي) جو ڌاتو ڊُء (]=ڊ+اُء[)، ڍُئڻ (=ڍُء+اَڻ) جو ڌاتو ڍُء (]=ڍ+اُء[)، ڪُئو (ڪُوئو)، ڪُئي، ڪُئا (ڪُوئا) ۽ ڪُيون (ڪُئيون) جو ڌاتو ڪُئه (]=ڪ+اُء[)، گُئاٿ (=گُئه+آٿ)، گُئار (=گُئه+آر) ۽ گُئاري (گُئه+آر+اِي) جو ڌاتو گُئه (]=گ+اُء[)، لُئارو (=لُئه+آر+او)، لُئارِي (=لُئه+آر+اِي) ۽ لُئانڊو (=لُئه+آنڊ+او) جو ڌاتو لُئه (]=ل+اُء[)، اهو ساڳيو ڌاتو لُئو (=لُئه+او) ۽ لُئا لائڻ جي لُئا (=لُئه+آ) ۾ پڻ نظر اچي ٿو.

مُئا، سنڌ جي هڪ ذات جو نالو، درحقيقت مُئا ئي آهي يا ڪو ٻيو ٻول ڦري مئا ٿيو آهي، ڄاتل ناهي پر مُئا جو ڌاتو مُئه (] =م+اُء[) ئي ٿيندو.

/چُئڻ/ جو امر واحد /چُئُه/ ۽ ڌاتو /چُئه/ ] =چ + اُء[ آهي.

]اُء[ هڪ نيارو ۽ سنڌي ٻولن ۾ اڳ اڻ-کوجيل وائل آواز آهي.

 

3. اوء

]اوء[ هڪ وائل آواز آهي ۽ اهو هڪ ٻه-سُرو آهي.

چئه ۽ چاء تي بحث ڪندي اسان اندرئين جوڙ جو ذڪر ڪيو هو (تفصيلي بحث اندريون جوڙ جي سري هيٺ) ۽ ٻڌايو هو ته هڪ ننڍو وائل (مثال طور: ]اَ[) ڊگھو (مثال طور: ]آ[) ٿي ٻول ۾ معنوي فرق پيدا ڪري ٿو. ان ساڳي ڳالهه کي ان طرح به بيان ڪيو ويو ته ننڍي وائل (مثال طور: ]اَ[) جي جاءِ تي ڊگھو وائل (مثال طور: ]آ[) اچي ٻول ۾ معنوي فرق پيدا ڪري ٿو. ڪجھ ٻولن جي معنوي فرق کي ]اُ[ ۽ ]او[ وسيلي نروار ڪيو وڃي ٿو. ساڳيءَ طرح سنڌيءَ جي ڪجھ ٻولن ۾ ]اُ[ مَٽجي ]او[ ٿئي ٿو ۽ معنوي فرق پيدا ٿئي ٿو، جيئن: /ڀُرڻ، تُرڻ، جُڙڻ، ڏُلڻ، رُلڻ، سُرڻ، کُڙڻ، لُڏڻ/ وغيره مان /ڀورڻ، تورڻ، جوڙڻ، ڏولڻ، رولڻ، سورڻ، کوڙڻ ۽ لوڏڻ/.

ڪجھ ٻين ٻولن ۾ به اهڙي ئي تبديلي اچي ٿي، جيئن /رُئڻ، ڌئڻ/ وغيره مان /روئڻ، ڌوئڻ/ پر جامع سنڌي لغات روئڻ جي معنى ۾ رُئڻ ۽ ڌُوَڻ جي معنى ڌوئڻ (۽ ڌُئڻ جي معنى مير ڪڍڻ ۽ وهنجڻ) ڏئي ٿي جنهنڪري اهو سمجھڻو پوي ٿو ته رُئڻ ۽ روئڻ ۽ ڌُئڻ (ڌُوَڻ) ۽ ڌوئڻ جي معنائن ۽ مفهومن ۾ اهڙو ڪو به فرق موجود نه ٿو سمجھيو وڃي جو لازمي ۽ متعدي جھڙي تفريق ڪري سگھجي. جڏهن ته هڪ طرف لُئڻ ۽ ڍُئڻ ۽ ٻئي طرف لوئڻ ۽ ڍوئڻ جي معنوي فرق کي محسوس ڪندي ۽ مٿي ڄاڻايل ٻولن کي ڏسي ۽ سمجھي مڃڻو پوي ٿو ته ڌُئڻ ۽ رُئڻ فعل لازمي ۽ ڌوئڻ ۽ روئڻ فعل متعدي هجڻ گھرجن.

/روئڻ/ جو امر واحد /روءُ/ آهي ۽ ڌاتو /روء/ = (ر + اوء)

/ڌوئڻ/ جو امر واحد /ڌوءُ/ آهي ۽ ڌاتو /ڌوء/ = (ڌ + اوء)

/لوئڻ/ جو امر واحد /لوءِ/ آهي ۽ ڌاتو /لوء/ = (ل + اوء)

]اوء[ هڪ وائل آواز آهي ۽ ]اُ[، ]او[ ۽ ]اُو[ کان فرق رکي ٿو.

]اوء[ اچاريندي ]او[ جي آوازي لهر مٿي چڙِهي، چڙهندي ختم نه ٿي ٿئي (جي ختم ٿي ويندي ته آواز ]او[ ئي رهندو) پر چڙهندي هلڪو موڙ کائي ٿي ۽ ختم ٿي/لهي وڃي ٿي. اهو هڪ يڪپدو آواز آهي. /اوءِ/ چوندي ]او[ چئي ختم ٿيندڙ/لهندڙ لهر هڪ ڀيرو وري ]اِ[ چوڻ لاءِ اڀري ٿي ۽ ٻئي پد کي جنم ڏئي ٿي تنهنڪري /اوءِ/ جا ٻه پد ٿيندا. ]اوء[ ٻن پدن کي جنم نه ٿو ڏئي ۽ نه ئي وري ]اوء[ اچاريندي ڄڀ کي موڙ کائڻ يا گسڪڻ جي ايڏي ڪا گھرج به محسوس ٿئي ٿي. ]اوء[ اچاريندي ]او[ اوريندڙ ڄڀ پنهنجي وچ وٽ هلڪو اڀار کائي ٿي ۽ ]او[ جي جاري آواز کي هلڪو وڌاءُ يا وهڪو ڏئي ٿي (جنهن لاءِ وڌ ۾ وڌ ايئن چئي سگھجي ٿو ته ]اُ[، ]اِ[ يا ]اَ[ ڏانهن وڌي ٿي پر انهن مان ڪنهن جي به بيهڪ تي پهچڻ کان اڳ ئي ختم ٿي وڃي ٿي).

ٽوئڪي (=ٽوء+اِڪ+اِي)، ٽويو (=ٽوء+او)، ٽوئِي (=ٽوء+اِي)، ٽوئڻ (=ٽوء+اِڻ) ۽ ٽوئيلي (ٽوء+ايل+اِي) جي ڌاتو /ٽوء/ = ]ٽ+اوء[، پوئڻ (=پوء+اڻ)، پوئر (=پوء+اِر) ۽ پويَر (=پوء+اَر) جي ڌاتو /پوء/ = ]پ+اوء[، جھوئڻ (=جھوء+اڻ) جي ڌاتو /جھوء/ = ]جھ+اوء[، سوئڻ (=سوء+اڻ) جي ڌاتو /سوء/ = ]س+اوء[، ڪوئڻ (=ڪوء+اڻ) جي ڌاتو /ڪوء/ = ]ڪ+اوء[، موئڻ (=موء+اڻ) جي ڌاتو /موء/ = ]م+اوء[ ۽ ووئڻ جي ڌاتو /ووء/ = ]و+اوء[ ۾ اهو وائل آواز چٽيءَ طرح پرکي سگھجي ٿو.

 

4. اِء ۽ ايء

]اِء[ هڪ وائل آواز آهي. اهو هڪ يڪسرو آهي.

]اِء[ اچاريندي ]اِ[ جي آوازي لهر مٿي چڙِهي، چڙهندي ختم نه ٿي ٿئي (جي ختم ٿي ويندي ته آواز ]اِ[ ئي رهندو) پر چڙهندي هلڪو موڙ کائي ٿي ۽ ختم ٿي/لهي وڃي ٿي. اهو هڪ يڪپدو آواز آهي. /اِءَ/ يا /اِءُ/ چوندي ]اِ[ چئي ختم ٿيندڙ/لهندڙ لهر هڪ ڀيرو وري ]اَ[ يا ]اُ[ چوڻ لاءِ اڀري ٿي ۽ ٻئي پد کي جنم ڏئي ٿي تنهنڪري /اِءَ/ يا /اِءُ/ جا ٻه پد ٿيندا. ]اِء[ ٻن پدن کي جنم نه ٿو ڏئي ۽ نه ئي وري ]اِء[ اچاريندي ڄڀ کي موڙ کائڻ يا گسڪڻ جي ايڏي ڪا گھرج به محسوس ٿئي ٿي. ]اِء[ اچاريندي ]اِ[ اوريندڙ ڄڀ پنهنجي وچ ڏانهن هلڪو اڀار کائي ٿي ۽ ]اِ[ جي جاري آواز کي هلڪو وڌاءُ يا وهڪو (اڃا به ائين چئجي ته ڌوڏو) ڏئي ٿي.

/نِئڻ/  جو امر واحد /نِئُه/ آهي ۽ ڌاتو /نِئه/ ] =ن+اِء[

/جِئڻ/ جو امر وحد /جِئُه/ آهي ۽ ڌاتو /جِئه/ ] =ج+اِء[

/ٿِئڻ/  جو امر واحد /ٿِئُه/ آهي ۽ ڌاتو /ٿِئه/ ] =ٿ+اِء[

ج س ل تان ورتل ۽ هيٺ ڏنل ٻولن جو ڌاتو ڌيان لهڻي ٿو:

پِئڻ (پيئڻ) (=پئه+اڻ)، پياس (=پئه+آس)، پياسو = (پئه+آس+او)، پياسي (= پئه+آس+اِي)، پياڪ (=پئه+آڪ)، پيالو = (پئه+آل+او)، پيالي (=پئه+آل+اِي)، پيائين (=پئه+آئين)، پيڄ (=پئه+ايڄ)، پيڄِي (=پئه+ايڄ+اِي)، پِيچ (=پِئه+ايچ)،  پِيچڻ (=پِئه+ايچ+اڻ)، پيڻ (=پِئه‎+ايڻ)، پِيَڻ (=پِئه+اڻ)، پِيَڻِ (=پِئه+اڻ+اِ)، پِيَڻِي (=پئه+اڻ+اِي)، پِئَڻ (=پِئه+اڻ)، جِئڏ (جِيئڏ) (=جِئه+اڏ)، جِئندڙو (=جِئه+اند+ڙ+او)، جيڏو (=جِئه+ايڏ+او)، جيڏِي (=جِئه+ايڏ+اِي)، جِئَڻ (جِيئڻ) (=جِئه+اَڻ)، جِئاڪ (جِيئاڪ) (=جِئه+آڪ)، ڏيَڻ (ڏئڻ) (=ڏِء+اَڻ)، ڏيج (=ڏِء+ايج)، ڏئڻيات (=ڏء+اَڻ+آت)، ڏيات (=ڏِء+آت)، ڏيب (=ڏِء+ايب)، کِئڻ (=کِئه+اڻ)، کِئام (=کِئه+آم)، کِئو (=کِئه+او)، کِئائي (=کِئه+آئي)، کِياءُ (=کِئه+آءُ)، گِيات (=گِئه+آت)، گِيان (=گِئه+آن؟)، گِياني (=گِئه+آن+اِي)، لِيار (=لِئه+آر)، لِئاري (=لِئه+آر+اِي)، لِياڪو (لِيئاڪو) (=لِئه+آڪ+او)، لِئڙ (=لِئه+اَڙ)، لِئو (=لِئه+او)، لِيَّ (سن. لِيهَ. پرا. لِئه = چنبڙڻ)، ليار، ليارو، ليارِي، ليپ (=لِئه+ايپ)، ليپڻ (=لِئه+ايپ+اڻ)، ليس (=لِئه+ايس)، ليسر (=لِئه+ايس+ار)، ليسوڙو (=لِئه+ايس+او+ڙ+او)، ليسوڙِي، نِئات (=نِئه+آت)، نِياتِي، نِياپو (=نِئه+آپ+او)، نئارو (=نِئه+آر+او)، نياتي (=نِئه+آت+اِي)، نياڻي (=نِئه+آڻ+اِي)، نياڻو، نِئڙت (نِوِڙت، نِيئڙت) (=نِئه+ڙ+ت)، نينڍ (نِيئنڍ) (=نِئه+انڍ+اَ)، وِياٽو (=وِئه+آٽ+او)، وِيَم (=وِء+ام)، ويڙهو (=وِء+ايڙهه+او)، هِئون (=هِئه+اون)، هيانءُ (=هِئه+آن+اُ)، هيانتو (=هِئه+آن+ت+او) وغيره.

 

حوالا ۽ وضاحتون:

1. اڀياس هيٺ ڪتاب ۾ جتي به، ڪنهن به حوالي سان ڪجھ به پيش ڪيو ويو آهي اتي بيانيل ڳالهه سان ليکڪ جو متفق هجڻ ضروري ناهي. ليکڪ جو مقصد پنهنجيءَ ڳالهه کي واضح ڪرڻ آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com