سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: ٻول جو بڻ

باب: 5

صفحو :6

 

باب پنجون

وائڄڻ

 

/وائڄڻ/ = /واء + ڄَڻ = ڄَڻيو، ڄڻيَل/.

سنڌي لکيت ۾ وائڄڻ آوازن کي حروف صحيح سڏجندڙ اکرن، جيئن: ب، ت، س، ک، ل وسيلي ظاهر ڪيو ويندو آهي. وائل آواز اڪيلي سر پنهنجيءَ نج ۽ چٽي صورت ۾ اچارجي سگھجندو آهي پر، ليکڪ انهيءَ راءِ جو آهي ته، وائڄڻ آواز اڪيلي سر نج ۽ چٽي صورت ۾ اچاري سگھجي، ممڪن ناهي. ٻولياڄاڻِي ڪتابن ۾ ان قسم جي آوازن لاءِ عام طرح ڪتب ايندڙ لفظ وِيَـنَـجَـنَ آهي ۽ انگريزي ۾ (Consonant) (واء = آواز + گاڏَڙ). عربيءَ ۾ اهڙي قسم جي آواز کي مُصَمَّت (ماٺ وارو) سڏجي ٿو. (جتوئي ]1983[ 44-45)

وائڄڻ آوازن جي ڪجھ مثال:

سنڌ ۽ سنڌي ٻولن ۾ س، ن ۽ ڌ آواز ملن ٿا.

بدڪ ٻول ۾ ب، د ۽ ڪ آواز ملن ٿا.

جَھر ۽ جھار ٻولن ۾ جھ ۽ ر آواز ملن ٿا.

ڏاڍ ۽ ڏاڍو ٻولن ۾ ڏ ۽ ڍ آواز ملن ٿا.

ڄڃ ٻول ۾ ڄ ۽ ڃ آواز ملن ٿا.

کڳو ٻول ۾ ک ۽ ڳ آواز ملن ٿا.

گھوڙو ۽ گھاڙ ٻولن ۾ گھ ۽ ڙ آواز ملن ٿا.

ڀِت ۽ ڀَت ٻولن ۾ ڀ ۽ ت آواز ملن ٿا.

ٻُوٿ ۽ ٻاٿون ٻولن ۾ ٻ ۽ ٿ آواز ملن ٿا.

چاچو ۽ چاچِي ٻولن ۾ چ آواز ملي ٿو.

ٽانڊو ٻول ۾ ٽ ۽ ڊ آواز ملن ٿا.

ڇَٺِي ٻول ۾ ڇ ۽ ٺ آواز ملن ٿا.

ڦيڻ ۽ ڦيڻو ٻولن ۾ ڦ ۽ ڻ آواز ملن ٿا.

جاوا ٻول ۾ ج ۽ و آواز ملن ٿا.

چڱو ۽ چڱِي ٻولن ۾ چ ۽ ڱ آواز ملن ٿا.

غلط ٻول ۾ غ، ل ۽ ط آواز ملن ٿا.

ضُعف ۽ ضعيف ٻولن ۾ ض، ع ۽ ف آواز ملن ٿا.

حياءُ ٻول ۾ ح ۽ ي آواز ملن ٿا.

شَوق ٻول ۾ ش ۽ ق آواز ملن ٿا.

خط ٻول ۾ خ ۽ ط آواز ملن ٿا.

مزو ۽ زَم زم ٻولن ۾ م ۽ ز آواز ملن ٿا.

صوف ٻول ۾ ص ۽ ف آواز ملن ٿا.

پاهه ۽ پاهو ٻولن ۾ پ ۽ هه آواز ملن ٿا.

ذرو ۽ ذري ٻولن ۾ ذ ۽ ر آواز ملن ٿا.

ظالم ٻول ۾ ظ، ل ۽ م آواز ملن ٿا.

ثواب ٻول ۾ ث، و ۽ ب آواز ملن ٿا.

حقيقت اها آهي ته (ص، ث، ذ، ض، ظ غ، ع، خ، ق ۽ ف) سنڌي ٻوليءَ جا آواز نه آهن. پڙهيل ۽ سمجُھو ماڻهو شعوري ڪوشش ڪري انهن کي چٽو ۽ درست اچارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اهي رڳو عربي صورتن کي درست رکڻ لاءِ سنڌي الفابيٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن.

 

 آواز جي اپت

جيئن قدرت اسان کي هزارين لکين قسمن جون شيون ۽ هستيون اپائي ڏنيون آهن ۽ اڄ کين پنهنجي عقل، علم ۽ تجربي آهر انهن کي سڌاريون ۽ سنواريون ٿا تيئن قدرتي تبديلين هيٺ ڪجھ جانارن وٽ آواز اپائڻ جي قوت به موجود ٿئي ٿي، پر انسان ئي اڪيلو ساهوارو آهي جيڪو انهن کي سڌاري ۽ سنواري ٿو.

مختلف جانور جيڪو آواز اپائن ٿا، پورو ڌيان ڏئي جاچيو ته انهن مان ڪو هڪ به آواز اهڙو نه هوندو جنهن کي وائل آوازن جي جٿي ۾ شامل نه ڪري سگھجي. اڪثر جانورن جو اپايل آواز نڪائون هوندو آهي پر ڪنهن ڪنهن جو اڻ-نڪائون (صاف) به ٿئي ٿو. بيشڪ، ڪيترن ئي جانورن جي آواز کي ڍينچون، ڀَـئُو (ڀونڪَ)، ڀان (ڀانئان)، ڀين، مين (ٻيڪَ)، مياؤُ ، هڻڪ، ڪُڙ وغيره جي صورت ۾ ياد ڪيو ويندو آهي پر جاچي ڏسبو ته اهو فرق رڳو ان ڪري محسوس ٿئي ٿو ڇو ته هر جنس جي جانورن جي نڙگھٽ ۽ چپن جي بناوت ۽ اتان گذري سگھندڙ هوا جو زور ۽ مقدار مختلف ٿئي ٿو. جانورن جي آوازن بابت مشاهدي کي ذهن ۾ رکي ليکڪ اها راءِ جوڙي آهي ته آوازيندڙ ساهوارن جا آواز پنهنجيءَ فطري بناوت ۾ وائل آواز هوندا آهن. ماڻهوءَ جو اولاد پيدائشي طرح پاڻ سان اهي آواز ئي کڻي اچي ٿو ڪو به نئون ڄاول ٻار ڪو به وائڄڻ آواز اپائي نه ٿو سگھي. ساڳيءَ طرح، ڪنهن به ساز وسيلي ڪو به وائڄڻ آواز اپائي نه ٿو سگھجي. اهو ممڪن ئي ناهي ته ڪنهن ساز، ڪنهن ٻار ۽ ڪنهن جانور جي وات مان ڪنهن به ٻوليءَ جي نثري يا نظماڻي سِٽ بيان ڪري يا ڳائي سگھجي. اڳ ئي ڄاتل يا ڳاتل شاعري کي سندس مخصوص ڌن موجب ڪنهن ساز تي ٻڌڻ کان پوءِ اهو سمجھيو ويندو آهي ته فلاڻي شاعري پئي ٻڌائي وڃي. اهڙي شاعري، راڳ يا نثر جيڪو اڳ ڄاتل يا ٻڌل نه هجي ۽ ساز وسيلي اپايو وڃي ته ڪو به ٻڌندڙ نه ٻڌائي سگھندو ته ڪهڙي سِٽ ٻڌائي وئي. ساز جو آواز پنهنجيءَ بناوت ۾ وائل/سُر آهي ۽ سکڻن وائلن/سُرن وسيلي ٻولي نه ٿي ڳالهائي سگھجي. وائڄڻ آواز ئي آهن جيڪي ٻوليءَ کي درحقيقت ٻوليءَ جي صورت ڏين ٿا. وائڄڻ آواز قدرتي طرح مليل/ڄاتل نه هوندا آهن، اهي سکيا ويندا آهن، سيکاريا ويندا آهن ۽ سکڻ/سيکارڻ جو ڪم انساني سماج کان ٻاهر ٿي سگھي، ممڪن ناهي ٻولي انساني سماج ۾ ئي ڳالهائي وڃي ٿي. پورهيو، سوچ، ٻولي، سماج ۽ ان جي ثقافت گڏوگڏ نسرن ۽ اسرن ٿا ۽ هڪ ٻئي تي اثرانداز ٿين ٿا. ڪو به وائڄڻ آواز انساني سماج کان ٻاهر موجود ناهي.

 

وائڄڻ آواز جي وصف

وائڄڻ آواز ٻولي جو اهو ٻڌڻ ۾ اچڻ جوڳو آواز آهي جنهن کي اپائڻ لاءِ هوا جي وهڪ ۽ ان جي لنگھ کي وات جي کوپي ۾ جزوي يا مڪمل طرح رنڊائي اپايو وڃي. وات جي کوپي ۾ هوا جي وهڪ ۽ ان جي لنگھ کي ڳالڪ آرکڻ جي سهڪار ۽ سهرٿ وسيلي ڌار ڌار هنڌن تي ٿيندڙ جزوي يا مڪمل رنڊڪ مختلف قسمن جا وائڄڻ آواز اپائڻ ۾ مددگار ٿئي ٿي.

ٻين لفظن ۾ ايئن به بيان ڪري سگھجي ٿو ته وائڄڻ اهو ڳالڪ آواز آهي جيڪو وات مان (واڪل ڏورين جي مدد سان واڪي ۾ بدلائي) ساهه جِي جزوي يا مڪمل رنڊايل وهڪ وسيلي اپايو وڃي ٿو.

 

وائڄڻ آواز اپائڻ لاءِ هڪ شرط

هڪ وائڄڻ آواز کي ٻڌڻ ۽ سمجھڻ ۾ اچڻ جوڳو بنائڻ لاءِ لازمي آهي ته هوا جي وهڪ کي وات جي کوپي ۾ مڪمل يا جزوي رنڊڪ ٿيندي ئي دڳ ملي. اهو دڳ ملڻ جي ڪري وات جي کوپي ۾ ڳالڪ عضون جي بيهڪ ڪنهن نه ڪنهن وائل آواز واري ٿئي ٿي، تنهنڪري اهو ممڪن ئي ناهي ته ڪو وائڄڻ آواز بنا وائل جي اچاري، اپائي يا آوازي سگھجي. (وڌيڪ تفصيل جھيڻو وائل جي سري هيٺ).

 

وائڄڻ آواز جي اپت

     وينجن آوازن (Consonants) جي مخرج معلوم ڪرڻ جو... آسان طريقو آڳاٽن عرب عالمن هيءُ ڏسيو آهي ته وينجن جي نمائندگي ڪندڙ حرف يا اکر جي اڳيان اَ ڏيئي، اُن اکر کي ساڪن ڪري پڙهبو... مثلاً اَبۡ پڙهڻ سان معلوم ٿيندو ته ب جو مخرج ٻئي چپ آهن. اَت پڙهڻ سان معلوم ٿيندو ته ت جو مخرج مٿيان ڏند آهن... (جتوئي ]1983[ 43-44)

مختلف قسمن جا وائڄڻ آواز اپائڻ مهل مڪمل يا جزوي رنڊڪ مختلف هنڌن تي ٿئي ٿي. انهيءَ رنڊڪ سبب آواز سَنڌجي ٿو. اها رنڊڪ جنهن به هنڌ ٿئي ٿي، ضروري ناهي ته اتان رڳو هڪ آواز ئي اپائي سگھجي. اهڙن ڪجھ هنڌن تي هڪ کان وڌيڪ آواز اپائي سگھجن ٿا. آوازن جو فرق هوا جي وهڪ جي حالت، رنڊجڻ/سنڌجڻ/مخرج جي هنڌ، آواز جي ڪيفيت وغيره تي ٿئي ٿو. هر هڪ آواز کي، هيٺ چارٽ وسيلي ظاهر ڪيو ويو آهي.

(1)              چپئان آواز: ٻئي چپ پاڻ ۾ ملي هوا جي وهڪ کي رنڊڪ ڪن ٿا.

(2)             ڏندئان آواز: ڄڀ جو مهڙ مٿيَن اڳيَن ڏندن جي پاڙ وٽ هوا جي وهڪ کي رنڊڪ ڪري ٿو.

(3)             مهارئان آواز: ڄڀ جي چک مٿئين مهار کي ڇهي هوا جي وهڪ کي رنڊڪ ڪري ٿي.

(4)             مورڌني آواز: ڄڀ جي چک مٿئين مهار ۽ سخت تارون جي ميلاپ وٽ هوا جي وهڪ کي رنڊڪ ڪري ٿي.

(5)              سخت تاروئان آواز: ڄڀ جي مٿياڙي سخت تارون سان ملي هوا جي وهڪ کي رنڊڪ ڪري ٿي.

(6)             نرم تاروئان آواز: ڄڀ جي مٿياڙي/پاڙ نرم تارون سان ملي هوا جي وهڪ کي رنڊڪ ڪري ٿي.

(7)             نڪاوان وائڄڻ آواز: ڄڀ جي پٺ/پاڙ ڪاڪڙي سان ملي هوا جي وهڪ کي نڪ جي کوپي ڏانهن موڪلي ٿي ۽ هوا نڪ مان خارج ٿئي ٿي.

(8)             نڙِيئان آواز: ڄڀ جي پاڙ ڪاڪڙي کي پوئتي ڌِڪي نڙگھٽ جي مٿئين/پٺئين پاسي سان ملائي هوا جي وهڪ کي رنڊڪ ڪري ٿي.

(9)             چوسڻا آواز: اندروني ڌماڪيدار (Implosives) يا ساهه/هوا کي اندر ڇڪيندڙ، ساسَڪ پڻ سڏجن ٿا.

 

وائڄڻ آواز جي وضاحت

]پ[، هڪ وائڄڻ، چپائون، (مڪمل) بندشي (Stop)، خارجي ڌماڪيدار (Explosive)، بي ڀڻو ۽ اوسرڳ آواز آهي.

]ب[، هڪ وائڄڻ، چپائون، (مڪمل) بندشي، خارجي ڌماڪيدار، ڀڻڀڻو ۽ اوسرڳ آواز آهي.

]ڀ[، هڪ وائڄڻ، چپائون، (مڪمل) بندشي، خارجي ڌماڪيدار، ڀڻڀڻو ۽ وسرڳ آواز آهي.

]چ[، هڪ وائڄڻ، سخت تاروئون، (مڪمل) بندشي، خارجي ڌماڪيدار بي ڀڻو ۽ اوسرڳ آواز آهي.

]ڇ[، هڪ وائڄڻ، سخت تاروئون، (مڪمل) بندشي، خارجي ڌماڪيدار، بي ڀڻو ۽ اوسرڳ آواز آهي.

]ڄ[، هڪ وائڄڻ، سخت تاروئون، (مڪمل) بندشي، چوسڻو، ڀڻڀڻو ۽ اوسرڳ آواز آهي.

]ڳ[، هڪ وائڄڻ، نرم تاروئون، (مڪمل) بندشي، چوسڻو، ڀڻڀڻو ۽ اوسرڳ آواز آهي.

]س[ ۽ ]ز[ جي وچ ۾ ڀڻڪ جو فرق آهي، ]س[ بي ڀڻو ۽ ]ز[ ڀڻڀڻو، باقي سڀ گڻ هڪ جھڙا يعني ڏندئان (ڪي انهن کي مهارئان ڪري به اچاريندا آهن)، (جزوي) بندشي، گسڪائتا ۽ اوسرڳ آهن.

جڏهن مهارئين ۽ مورڌني ۾ فرق قائم رکيو وڃي ٿو تڏهن ]ر[ هڪ مهارئون، لرزائتو، (جزوي) بندشي، ڀڻڀڻو ۽ اوسرڳ وائڄڻ ۽ ]ڙ[ مورڌني، لرزائتو، (جزوي) بندشي، ڀڻڀڻو ۽ اوسرڳ وائڄڻ. ]ر[ جو وسرڳ ]رهه[ ۽ ]ڙ[ جو وسرڳ ]ڙهه[ آهي. (ر[ ۽ ]ڙ[ ۾ اهو به فرق آهي ته ]ر[ گھڻ-ڌَڪو ۽ ]ڙ[ هڪ-ڌَڪو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com