سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: ٻول جو بڻ

باب: 7/8

صفحو :9

 

باب ستون

هڪ نيارو ۽ اڳ اڻ-کوجيَل سنڌي وائل

هتي اسان کي هڪ ڀيرو وري لکيت سرشتي جي هڪ ڪمزوريءَ يا خاميءَ ڏانهن ڌيان ڏيڻ جي گھرج محسوس ٿئي ٿي. انگريزي ۾ Loure جو اچار /rōō /l (لُور) آهي ۽ house جو اچار /hows/ (هائس) آهي جيڪو سنڌي ۾ مروج اچار هائُوس کان فرق رکي ٿو توڙي جو ٻنهي ٻولن جو اچار ظاهر ڪرڻ لاءِ هڪ جھڙن ۽ ٻن وائل اکري نشانن ou کان مدد ورتي وئي آهي. پهرئين ٻول Loure ۾ وائل آواز ]اُو[ ۽ ٻئي ٻول house ۾ وائل آواز ]آءِ[ آهي. ساڳيءَ طرح fit (فِٽ) جو وائل ]اِ[ ۽ fight جو وائل ]آءِ[ آهي توڙي جو ٻنهي مختلف آوازن کي ظاهر ڪندڙ اکري نشان ساڳيو i آهي.

ليکڪ کي هيٺ ڏنل ٽن لفظن جو آواز ظاهر ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڏکيائي پيش اچي ٿي:

/کا-/. الانا صاحب (]1987[ 41) هن لفظ کي /کائڻ/ جو ڌاتو سڏيو آهي.

/کاءۡ-/. جتوئي صاحب (]1983[ 121) هن لفظ کي /کائڻ/ جي بنياد جو پهريون پد سڏيو آهي.

/کاءُ-/. هي لفظ /کائڻ، کا- يا کاءۡ-/ جي امري صورت کي ظاهر ڪري ٿو.

/کاءُ/ ٻه-پدو ٻول آهي: /کا + اُ/. اهو پاڻ ۾ امر واحد ضمير حاضر (تُون) لڪايو ويٺو آهي، ۽ اهو ضميري مفهوم پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ ]اُ[ آهي. /اُٿُ، ويههُ، لِکُ، ڏِسُ، وَڃُ/ سڀ امري صيغا آهن، ۽ انهن ۾ ڄاڻايل لياقت يا معنوي فرق پيدا ڪرڻ جو اڪيلو سبب انهن ٻولن جو پويون ]اُ[ آهي. اهو ڪڍي ڇڏڻ کان پوءِ باقي بچندڙ ٻول/اُٿۡ، ويهۡه، لِکۡ، ڏِسۡ، وَڃۡ/ هوندو ۽ انهن صورتن کي الانا صاحب (]1987[ 41، 42 ۽ 43) ڌاتو ۽ جتوئي صاحب (]1983[ 117، 121، وغيره) بنياد يا بنياد جو پهريون پد سڏي ٿو.

/کاءُ/ جو ]اُ[ ڪڍي ڇڏڻ کان پوءِ يا ته اها صورت بچندي جنهن کي جتوئي صاحب /کائڻ/ جي بنياد جو پهريون پد سڏيو آهي، يعني /کاءۡ-/ يا وري اها جنهن کي الانا صاحب /کائڻ/ جو ڌاتو سڏيو آهي يعني /کا-/.

لکت جي اصولن موجب /کاءۡ/ لکڻ غلط آهي ڇو ته جزم، جيڪا عمومي سوچ موجب ساڪن يا بناوائل هجڻ جي نشاني آهي، اهڙي اکر مٿان ظاهر ڪئي وئي آهي جيڪو هڪ وائل جي نمائندگي ڪندڙ آهي. ڇا ڪنهن به وائل تحريري نشان تي، عمومي سوچ موجب، جزم يعني سڪون جي نشاني ڏئي سگھجي ٿي؟

جواب آهي، نه. جيڪو پاڻ وائل آهي اهو وري بناوائل، بي حرڪت، ماٺو، ساڪن ڪيئن ٿيندو؟ جيڪو پاڻ آواز آهي سو وري بي آواز ڪيئن ٿي سگھندو!؟ چٽو مطلب هي ٿيو ته عمومي سوچ موجب /کاءۡ-/ لکڻ غلط آهي.

پوءِ، ڇا /کا-/ لکڻ درست آهي؟ ڇا اهو ٻول جي حقيقي ڌاتو کي ظاهر ڪري ٿو؟ جواب آهي، نه.

/ٻارڻ، مارڻ، ٺارڻ، ساڙڻ/ وغيره جو ڌاتو جيڪڏهن /ٻارۡ-، مارۡ، ٺارۡ-، ساڙۡ-/ آهي، جيئن الانا صاحب (]1987[ 42، 43 ۽ ٻين صفحن تي) ڄاڻائي ٿو ته پوءِ /کائڻ/ جو ڌاتو /کاءۡ-/ هجڻ گھرجي. جيئن /ٻارڻ، مارڻ، ٺارڻ، ساڙڻ/ وغيره جو ڌاتو سندن صرف پهريون مڪمل آواز /ٻا-، ما-، ٺا-، سا-/ ناهي، تيئن /کائڻ/ جو ڌاتو به سندس صرف پهريون (سمجھيو ويندڙ مڪمل) آواز /کا-/ ناهي. جيڪڏهن /کائڻ/ جو ڌاتو /کاءۡ-/ ناهي ۽ /کا-/ آهي ته پوءِ ڄاڻايل ٻين متعدي فعلن جو ڌاتو به /ٻا-/، /ما-/، /ٺا-/، /سا-/ هئڻ گھرجي، پر سڌي ڳالهه آهي ته ائين ڪرڻ غلط هوندو.

/مارۡ-، ٻارۡ-، ٺارۡ-/ ٻولن ۾ ]ر[ تي پورو ڌيان ڏبو ته اهو هڪ مڪمل وائڄڻ آواز بدران هڪ لرزيدار هلڪو/جھيڻو وائل يا وڌ ۾ وڌ هڪ اڌ-وائل محسوس ٿيندو پر ان جو تحريري نشان ر جيئن ته وائڄڻ جو نمائندو سمجھيو وڃي ٿو ان ڪري مٿس جزم جو نشان آڻي فرض ڪيو ويو آهي ته اهو هڪ ساڪن وائڄڻ آهي ۽ ٻول جو ڌاتو ڄاڻائڻ مهل سندس تحريري صورت کي قائم رکيو ويو آهي. /ء/ جيئن ته ڪنهن وائڄڻ جو نه پر وائل جو تحريري نشان سمجھيو وڃي ٿو تنهنڪري الانا صاحب ان کي جزم ڏئي ساڪن ظاهر ڪرڻ بدران گم ڪرڻ ضروري سمجھيو جڏهن ته جتوئي صاحب اهو ڌيان نه رکيو ته، عمومي سوچ موجب، وائل نشان کي ساڪن نه ٿو ڪري سگھجي. جيئن ته سندن ادراڪ ۽ سمجھ مڃيو پئي ته اهو /کا-/ نه پر /کاءۡ/ ٿيڻ گھرجي تنهنڪري پاڻ ايئن لکڻ پسند ڪيائون.

/ما-، ٺا-، سا-، ٻا-/ جيان /کا-/ صورت کي /کائڻ/ جي ڌاتو طور غلط سمجھندي ۽ /مارۡ-، ٺارۡ-، ساڙۡ-، ٻارۡ-/ صورتن کي درست سمجھي، مثال طور آڏو رکندي /کائڻ/ جو ڌاتو ٿيندو /کاءۡ-/. پر /کاءۡ-/ لکڻ غلط آهي، /کا-/ ٿي نه ٿو سگھي، پوءِ درست صورت ڪهڙي!؟

درست صورت آهي /کاء/.

/کاء/ = ]ک + آء[

اها صورت جنهن کي جتوئي صاحب /کائڻ/ جي بنياد جو پهريون پد سڏيندي /کاءۡ-/ صورت ۾ لکيو ۽ الانا صاحب جن /کائڻ/ جو ڌاتو سڏيندي /کا-/ صورت ۾ لکيو، پنهنجي حقيقي صورت ۾ ۽ درست صورت ۾ تڏهن ظاهر ٿئي ٿي جڏهن /کاء/ لکيو وڃي.

ان کي /کاءۡ/ لکي سگھجي ٿو پر انهيءَ شرط تي ته، ليکڪ سان اتفاق ڪندي، جزم کي ساڪن يا بناوائل جو تحريري نشان سمجھڻ بدران هلڪي تحرڪ يا جھيڻي وائل جو نشان سمجھيو وڃي (ڏسو جھيڻو وائل). پر ان کي /کا-/ لکڻ بلڪل غلط آهي ڇو ته /کائڻ/ جھڙن حاصل مصدرن1 جو ڌاتو سنـدن صرف پهريـون آواز نه آهي. ليکڪ /کاء/ جي پوئين جــز کي جھيڻو وائل سمجھي ٿو.

/آءُ/  ] =آ[ + ]اُ[ = /آ/ + /اُ/ ٻه پد

/آءِ/  ] =آ[ + ]اِ[ = /آ/ + /اِ/ ٻه پد

/آءَ/  ] =آ[ + ]اَ[ = /آ/ + /اَ/ ٻه پد

/آء/ يا /آءۡ ] =آء[ هڪ پد

/آءُ/ ، /آءِ/ ۽ /آءَ/ ۽ ]آء[ جي وچ ۾ فرق آهي ۽ ان کي محسوس ڪرڻ گھرجي.

]آءِ[ هڪ وائل آواز آهي. اهو هڪ ٻه-سرو آهي.

]آءِ[ اچاريندي ]آ[ جي آوازي لهر (Sound wave) مٿي چڙهي، چڙهندي ختم نه ٿي ٿئي (جي ختم ٿي ويندي ته آواز ]آ[ ئي رهندو) پر چڙهندي هلڪو موڙ کائي ٿي ۽ ختم ٿي/لهي وڃي ٿي. اهو هڪ يڪپدو آواز آهي. /آءُ/ اچارڻ مهل ]آ[ چئي ختم ٿيندڙ/لهندڙ لهر هڪ ڀيرو وري ]اُ[ چوڻ لاءِ اڀري ٿي ۽ ٻئي پد کي جنم ڏئي ٿي. /کاءُ، لاءِ، پيءُ، سوءَ، سِيءُ ۽ ٿئي/ جا مثال ڏيندي آخري آوازن کي جتوئي صاحب ٻه-سرو سڏيو آهي. جي اهي ٻه-سرا آهن ته پوءِ ]آء[ کي يڪسرو مڃڻو پوندو. الانا صاحب ]اَي[ ۽ ]اَو[ کي ٻه-سرو سڏيو آهي. انهن جي ڀيٽ ۾ ]آء[ وڌيڪ معياري ٻه-سرو مڃڻو پوندو ڇو ته ]آء[ چوڻ مهل ڄڀ کي يڪدم موڙ کائڻ ۽ گسڪڻ جي به ايڏي گھرج ناهي. ]آء[ چوندي ]آ[ اچاريندڙ ڄڀ پنهنجي وچ وٽ هلڪو اڀار کائِي ]آ[ جي جارِي رهندڙ لهر کي هلڪو وڌاءُ يا وهڪو ڏئي ٿي (جنهن لاءِ وڌ ۾ وڌ ائين چئي سگھجي ٿو ته ]اُ[، ]اِ[ يا ]اَ[ ڏانهن وڌي ٿي پر انهن جي بيهڪ تي پهچڻ کان اڳ ئي ختم ٿي وڃي ٿي).

]اَو[ ۽ ]اَي[ لساني (يعني لسانياتي) تجربيگاهه ۾ جيڪڏهن يڪسرا آهن ته ]آء[ انهن کان وڌيڪ بهتر نموني هڪ يڪسرو ثابت ٿيندو.

/لائڻ/ جو امر واحد /لاءِ/ آهي ۽ ڌاتو /لاء/ = ]ل + آء[

/ڳائڻ/ جو امر واحد /ڳاءِ/ آهي ۽ ڌاتو /ڳاء/ = ]ڳ + آء[

/ڌائڻ/ جو امر واحد /ڌاءِ/ آهي ۽ ڌاتو /ڌاء/ = ]ڌ + آء[

/وائڻ/ جو امر واحد /واءِ/ آهي ۽ ڌاتو /واء/ = ]و + آء[

/ڀائڻ، پائڻ، ستائڻ، سمائڻ، رکائڻ، وهائڻ، هلائڻ، هٽائڻ، کٽائڻ، ڪَرائڻ، ڪيرائڻ، کيڏائڻ، جوڙائڻ/ وغيره جھڙن ٻولن جي امر واحد ۽ ڌاتو ۾ فرق ڪرڻ سان اهو وائل چٽيءَ طرح پرکي سگھجي ٿو. متعدي بالواسطه فعلن جي سمورن ترت ڌاتو ٻولن جو آخري آواز ]آء[ آهي.

انگريزي ٻول /hide/ جو وائل آواز ٻه-سرو سمجھيو وڃي ٿو (باربر ]1982[ 7). اهو ساڳيو وائل /light/، /fight/ ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي ٻولن ۾ نظر اچي ٿو.

ان وائل کي واياڄاڻي (Phonetic) صورتخطي ۾ هن طرح ظاهر ڪيو وڃي ٿو:

                                                      Hide  =  /haid/

Fight  =  /fait/

Light  =  /lait/

(ڏسو آڪسفورڊ ڊڪشنري)       

لفظ جي عام تحريري صورت ۾ ٻول جي وائل کي توڙي جو هڪ اکر i وسيلي ظاهر ڪيو ويو آهي پر واياڄاڻي صورتخطي ۾ ان وائل آواز کي ٻن وائل اکرن ai وسيلي ظاهر ڪرڻ درست سمجھيو ويو.

سنڌيءَ ۾ اهڙو ئي آواز رکندڙ ٻول آهن: /مائٽۡ، چائتۡ، ڌائڪۡ، کائڪۡ/. /کائڻ، ڌائڻ، پائڻ، ڳائڻ/ وغيره جھڙن ٻولن جو ڌاتو پڻ ساڳيو آواز موجود رکي ٿو. انهن ٻولن ۾ وائل ]آء[ کي تحريري صورت ۾ آء، آئـ يا آءۡ جي صورت ۾ ئي لکي سگھجي ٿو.

مٿي ڄاڻايل انگريزي توڙي سنڌي ٻولن جي وائل آواز جي جوڙجڪ تي پورو ڌيان ڏيو. پرکي ڏسبو ته ]آء[ هڪ وڌيڪ بهتر، هلڪو ۽ يڪسرو آواز محسوس ٿيندو.

 

حوالا ۽ وضاحتون:

1. هتي جيئن ته الانا صاحب جن جي حوالي سان بحث ٿيل آهي تنهنڪري سندن ئي ڪم آندل اصطلاح لکيو ويو آهي. واحد بخش شيخ صاحب (]1986[ 372) /کائڻ، ڪاهڻ، مارڻ، هارڻ/ وغيره صورتن کي متعدي معروف جو مصدر ڄاڻايو آهي پر الانا صاحب (]1987[ 32-43) انهن کي حاصل مصدر طور قبول ڪري ٿو.

 

باب اٺون

اڳ اڻ-کوجيل ڪي نيارا سنڌي وائل

 

1.    اَء

/Bat، Fan، Man، Tan/ جھڙا لفظ سنڌيءَ ۾ لکندي هڪ ڀيرو وري به درست صورتخطيءَ جو مسئلو اٿي کڙو ٿئي ٿو. ڪي ليکڪ انهن لفظن کي سنڌيءَ ۾ بَئٽ، فَئن، مَئن ۽ ٽَئن لکندا، ته ڪي بيٽ، فَين، مَين ۽ ٽَين. وڌيڪ عام صورتون مَئن، بَئٽ، فَين ۽ ٽَئن آهن.

دَئت يا دَئيت درست صورت ڪهڙي؟

ساڳيءَ طرح اَئٽ ۽ اَيٽ، اَئٿ ۽ اَيٿ، اَئٺ ۽ اَيٺ وغيره جھڙين صورتن مان درست ڪهڙي؟

ڇا ]اَء[ ۽ ]اَي[، ٻئي هڪ جھڙا آواز آهن ۽ اَء ۽ اَي هڪ جھڙيون صورتون، يا ٻنهي جي وچ ۾ ڪو فرق به آهي؟

اچو ته مَئڻ، ميڻ ۽ مَيدان ٻولن جي پهرئين وائل تي غور ڪريون.

/ميڻ/ جو اچار /مي/+/ڻ/ ۽ آوازَ ]م+اي[+]ڻ[ آهن.

/مَيدان/ جو اچار /مَي/+/دا/+/ن/ ۽ آوازَ ]م+اَي[+]د+آ[+]ن[ آهن.

/مَئڻ/ جو اچار /مَ/+/اِ/+/ڻ/ ناهي.

/مَئڻ/ جو اچار /مَئه/+/ڻ/ آهي ۽ ان جا آواز ٿيندا ]م+اَء[ + ]ڻ[.

/مَئڻ/، /ميڻ/ ۽ /مَيدان/ جي پهرين وائل آوازن ۾ فرق موجود آهي ۽ اچارڻ ۽ ڌيان ڏيڻ وسيلي انهيءَ فرق کي محسوس ڪري سگھجي ٿو.

ليکڪ جو خيال آهي ته ]اي[ ۽ ]اَي[ ۽ ]اَء[ جي وچ ۾ فرق موجود آهي.

]اَء[ هڪ وائل آواز آهي. اهو هڪ يڪ-سُرو آهي.

]اَء[ اچاريندي ]اَ[ جي آوازي لهر مٿي چڙِهي، چڙهندي ختم نه ٿي ٿئي (جي ختم ٿي ويندي ته آواز ]اَ[ ئي رهندو) نه ئي وري (الانا صاحب جي لفظن جي پوئواري ڪندي) ]اَ[ چوندي يڪدم موڙ يا گسڪو کائي ]اي[ ڏانهن وڌي ٿي ( جي ائين ٿيندو ته آواز ]اَي[ ٿيندو) پر چڙهندي هلڪو موڙ کائي ٿي ۽ ختم ٿي/لهي وڃي ٿي. اهو هڪ يڪپدو آواز آهي. /اَءُ/، (جيئن: ڀَئُه، ڍَءُ) اچارڻ مهل ]اَ[ چئي ختم ٿيندڙ/لهندڙ لهر هڪ ڀيرو وري ]اُ[ چوڻ لاءِ اڀري ٿي ۽ ٻئي پد کي جنم ڏئي ٿي تنهنڪري /اَءُ/ جا ٻه پد ٿيندا. ]اَء[ ٻن پدن کي جنم نه ٿو ڏئي ۽ نه ئي وري ]اَء[ چوڻ مهل ڄڀ کي يڪدم موڙ کائڻ يا گسڪڻ جي ايڏي ڪا گھرج به محسوس ٿئي ٿي. ]اَء[ چوندي ]اَ[ اچاريندي ڄڀ پنهنجي وچ وٽ هلڪو اڀار کائِي ]اَ[ جي جارِي آواز کي هلڪو وڌاءُ يا وهڪو ڏئي ٿي (جنهن لاءِ وڌ ۾ وڌ ائين چئي سگھجي ٿو ته ]اُ[ يا ]اِ[ ڏانهن وڌي ٿي پر ]اُ[ يا ]اِ[ جي بيهڪ تي پهچڻ کان اڳ ئي ختم ٿي وڃي ٿي).

]اَي[ ۽ ]اَء[ جي آوازي لهر ۾ فرق کي چٽيءَ طرح محسوس ڪري سگھجي ٿو. ]اَي[ لسانياتي تجربيگاهه ۾ جيڪڏهن يڪسرو آهي ته ]اَء[ ان کان وڌيڪ بهتر نموني يڪسرو ثابت ٿيندو پر ]اَي[ کي جيڪڏهن ٻه-سرو مڃيو وڃي تڏهن به ]اَء[ يڪسرو ئي آهي. ]اَء[ هڪ اهڙو آواز آهي جنهن کي ]اي[ ۽ ]اَي[ جي وچ تي محسوس ڪري سگھجي ٿو. ]اَء[ جي پوئين جز کي، ليکڪ، جھيڻو وائل سمجھي ٿو.

/مَئڻ/ جو امر واحد /مَئِه/ آهي ۽ ڌاتو /مَئه/ ] =م+ اَء[

/ڍَئڻ/ جو امر واحد  /ڍءِ/  آهي ۽ ڌاتو /ڍَء/  ] =ڍ+ اَء[

/رَئڻ/ جو امر واحد  /رَءِ/ آهي ۽ ڌاتو /رَء/  ] =ر+ اَء[

جيئن /مَرڻ، سڙڻ، ٻرڻ، مَکڻ/ وغيره جو امر واحد واريسر /مَــرُ، سَــڙُ، ٻَـــرُ ۽ مَکِ/ آهي ۽ ڌاتو واريسر /مرۡ، سَڙۡ، ٻَرۡ ۽ مَکۡ/. انهن ۽ اهڙن ٻولن جو ڌاتو جيڪڏهن /مَ، سَ، ٻَ ۽ مَ/ مڃيو وڃي ها يا هجي ها ته پوءِ انهن کي آڏو رکندي /مَئڻ، ڍَئڻ ۽ رَئڻ/ جھڙن ٻولن جو ڌاتو /مَ، ڍَ ۽ رَ/ مڃيو وڃي ها پر حقيقت ۾ دليل انهيءَ ڳالهه کي رد ڪن ٿا، ۽ اها ئي حقيقت ۽ اهو ئي دليل اسان جي ان راءِ کي اڃا وڌيڪ پختو ۽ وزنائتو بنائي ٿو ته /کائڻ، ڳائڻ، ڌائڻ/ جھڙن ٻولن جو ڌاتو به /کا، ڳا، ڌا/ سمجھڻ بلڪل ئي غلط ٿيندو.

هَئو مَئو ٽرڻ (ڏسو ج س ل = جامع سنڌي لغات مرتب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ سنڌ) جو اتر ڏي اچار هَئه مَئه ٽرڻ آهي.

/هَئه/  ] =هه + اَء[ ۽ /مَئه/  ] =م+ اَء[

/وڍڻ/ جو امر واحد /وَڍِ/ آهي ۽ ڌاتو /وَڍۡ/. سنڌي ٻولي اهڙن ڪجھ ڌاتن جي پويان /اُ/ ۽ /اَ/ (يعني }اُ{ ۽ }اَ{) آڻي معنوي فرق پيدا ڪندي ڪي نوان ٻول ٺاهي ٿي:

/وَڍۡ/ + /اُ/ = وَڍُ (اسم، مذڪر، واحد)

/وَڍۡ/ + /اَ/ = وَڍَ (اسم، مذڪر، جمع)

مختلف ڪاڄن ۾ اوهان به ميزبان پاران ادا، کائي ڍَءُ ڪجو ۽ مهمانن پاران بس ڀاؤ، کائي ڏاڍا ڍَوَ ڪيا آهن جھڙا جملا ضرور ٻڌا هوندا. انهن ڍَءُ ۽ ڍَوَ ٻولن جو ڌاتو ڇا آهي؟ /وَڍُ/ ۽ /وَڍَ/ کي نظر ۾ رکندي پڪ سان چئي سگھجي ٿو ته /ڍَءُ ۽ ڍَوَ/ جو ڌاتو /ڍَء/ آهي.

/ڍَء/ + /اُ/ = ڍءُ (اسم، مذڪر، واحد)

/ڍَء/ + /اَ/ = ڍَءَ < ڍَوَ (اسم، مذڪر، جمع)

اهڙو هڪ ٻيو مثال/ڀَـئُه ۽ ڀَـــوَ/ جو آهي:

/ڀَئه/ + /اُ/ = ڀَـئُه

/ڀَئه/ + / اَ/ = ڀَــئَه < ڀــوَ

/ڍَء/ = ]ڍ + اَء[

/ڀَئه/ = ]ڀ + اَء[

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com