سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: ٻول جو بڻ

باب: 4

صفحو :5

 

باب چوٿون

وائل آواز

 

وائل لفظ جي ترڪيب، معنى ۽ مفهوم کي سولائيءَ سان سمجھڻ لاءِ سچل، مٺل، ڪَوڙل ۽ واڌل جھڙن ٻولن جي ترڪيب، معنى ۽ مفهوم تي ڌيان ڏيڻ گھرجي. سنڌي ٻوليءَ ۾ انهيءَ ترڪيب پٽاندر سوين ٻول جڙن ٿا. واڪ مان واڪل به انهيءَ ترڪيب هيٺ ٺاهيو ويو آهي ۽ واء کي ذهن ۾ رکي وائل  رٿيو ويو آهي. پنجاهه کان وڌيڪ ٻولن ۾ اهو ٻول واء ڌاتو طور ڪم آيو آهي ۽ ڪٿي هوا، ڪٿي آواز ته ڪٿي هوا ۽ آواز ٻنهي جي معنى ظاهر ڪري ٿو. اهڙا ڪي ٻول آهن: وائُکَ، وائُــرَ، وائرڻ، وائو، وائِي، ٻه-وايو، ٽه-وايو، سُواءُ، وائُــلجڻ ۽ وائُــلڻ.

درست اچار لاءِ وائل جي ئـ تي زبر، زير يا پيش موجود سمجھي ان کي متحرڪ ۽ چٽو ڪري نه، پر بيحد هلڪو اچارڻ گھرجي (انهيءَ جو سبب مناسب جاءِ تي پيش ڪيو ويندو). وائل معنيٰ هوا يا آواز وارو. ٻولياڄاڻي (ٻوليءَ بابت علم سان واسطيدار، لسانياتي) ڪتابن ۾ انهن آوازن لاءِ وائل بدران سُر لفظ ڪتب ايندو آهي.

مروج سنڌي لکيت عربي ۽ فارسي صورتخطي کي سامهن رکي ترتيب ڏني وئي آهي. سنڌي لکيت ۾ وائل آوازن کي حروف علت سڏجندڙ ا، و ۽ ي جھڙن اکري نشانن ۽ زبر، زير ۽ پيش جھڙين تحريڪ جي نشانين وسيلي ظاهر ڪيو ويندو آهي. سنڌي ٻوليءَ جا هن وقت تائين ڄاتل وائل آواز آهن: ]اِي[، ]اِ[، ]اي[، ]اَي[، ]آ[، ]اَو[، ]او[، ]اُ[ ۽ ]اَ[. انهن کي صاف وائل آواز به چئجي ٿو ڇو ته اهي آواز اچارڻ مهل ڦڦڙن کان ٻاهر ايندڙ هوا جو ڪو ٿورو حصو به  نڪ مان خارج نه ٿو ٿئي پر سڀ هوا وات جي کوپي مان ٻاهر نڪري ٿي. سنڌيءَ جا اهي سڀ صاف وائل آواز سنڌيءَ جي ڪيترن ئي ٻولن ۾ اهڙيءَ طرح به اچاريا ويندا آهن جو ڦڦڙن کان ايندڙ هوا جي سڄي مقدار جو لنگھ ۽ نيڪال نڪ جي کوپي مان ٿئي. تڏهن اهي آواز غُنا ٿي پوندا آهن ۽ ]اِين[، ]اِن[، ]اين[، ]اَين[، ]آن[، ]اَون[، ]اون[، ]اُن[، ]اُون[ ۽ ]اَن[ ٻڌڻ ۾ ايندا آهن.

اهڙن وائل آوازن کي غُنا يا نَڪوان وائل آواز سڏجي ٿو.

صاف وائل آوازن جا ڪجھ مثال:

(1)             اِيٽ ۽ اِيس  ٻــولــن جــو پـهـريـــون/مــنـــڍائــتـــو آواز اِي آهي.

(2)            اِٽ ۽ اِڪي = = = = = = = = = = = = = =  اِ   آهي.

(3)            ايڪو ۽ ايڏو= = = = = = = = = = = = = =  اي آهي.

(4)            اَيٿ ۽ اَيٽ  = = = = = = = = = = = = = =  اَي آهي.

(5)            آڪهه ۽ آلهه= = = = = = = = = = = = = =  آ آهي.

(6)            اَلو ۽ اَورڪ = = = = = = = = = = = = = =   اَو آهي.

(7)            اوڌر ۽ اوٺو = = = = = = = = = = = = = =   او آهي.

(8)            اُٺ ۽ اُڀ    = = = = = = = = = = = = = =   اُ آهي.

(9)            اُچو ۽ اُوڪ = = = = = = = = = = = = = =   اُو آهي.

(10)       امان ۽ اَٽو  = = = = = = = = = = = = = =   اَ آهي.

غُنن وائل آوازن جا ڪجھ مثال:

(1)             سائِين ۽ سدائِين ٻولن جو پويون/ڇيهڪ آواز اِين آهي.

(2)            اِنگَھ ۽ اِنگڙ وِنگڙ ٻولن جو پهريون/منڍائتو آواز اِن آهي.

(3)            کائين ۽ ڌائين ٻولن جو پويون/ڇيهڪ آواز اين آهي.

(4)            اَينٽر (شينهن) ۽ اَينڇر (خوش آواز، سهڻو) جو پهريون/منڍائتو آواز اَين آهي.

(5)            پِيئان ۽ جِيئان ٻولن جو پويون/ڇيهڪ آواز آن آهي.

(6)            اَونرو (ڏنگو) ۽ اَونڪار ٻولن جو پهريون/منڍائتو آواز اَون آهي.

(7)            سَنئون ۽ مهانئون ٻولن جو پويون/ڇيهڪ آواز اون آهي.

(8)            اُنهه (انڪار جي ورندي) ۽ اُنگھ ٻولن جو پهريون/منڍائتو آواز اُن آهي.

(9)            کائُون ۽ پيئُون ٻولن جو پويون/ڇيهڪ آواز اُون آهي.

(10)       اَنب ۽ اَنگ ٻولن جو پهريون/منڍائتو آواز اَن آهي.

 

آواز جي اُپت

ڦُوڪ جي زور تي وڄندڙ ساز، ڦُوڪل ساز، جيئن: بانسري، شرناءِ وغيره، مان نڪرندڙ آواز کي ڌيان سان جاچيو. مقرر سوراخن تان آڱريون کڻي يا انهن تي رکي مختلف قسمن جا آواز اپايا ويندا آهن. انهن کي سُر آواز چئبو آهي. ڦڦڙن کان ٻاهر ايندڙ هوا کي زور ڏئي ساز ۾ ڌُوڪيو/ڦُوڪيو ويندو آهي. سوراخن تي آڱريون رکڻ يا انهن تان کڻڻ وسيلي هوا جي وهڪ ۽ لنگھ جو زور وڌايو يا گھٽايو وڃي ٿو تنهنڪري مختلف سر آواز پيدا ٿين ٿا. اهي آواز اپائڻ مهل هوا جي وهڪ ڪٿي به مڪمل يا جزوي رنڊڪ يا بندش (گھڻي يا ٿوري وقت لاءِ ئي سهي) نه ٿي ٿئي. ماڻهوءَ جا واڪل آرکڻ به جھڙوڪ ڪنهن بانسري جيان ڪم ڪن ٿا پر بانسري هڪ بيجان شيءِ آهي ۽ ماڻهو جا واڪل آرکڻ هڪ جاندار شيءِ، تنهنڪري ٻنهي جي اپايل آوازن ۾ ڪي ئي فرق به ٿين ٿا. بانسري وڄائيندي هوا جي وهڪ ۽ ان جي لنگھ کي ڪيتري به ٿوري وقت لاءِ مڪمل يا جزوي طرح رنڊڪ ڪئي ويندي ته اها گھڙي ان مان ڪو به آواز نه اڀرندو جڏهن ته ماڻهوءَ جي واڪل آرکڻ جي حالت ۾ اهو ممڪن آهي ته هوا جي وهڪ ۽ ان جي لنگھ کي گھٽائي يا وڌائي ۽ ڪنهن گھربل گھڙيءَ ڪنهن به هنڌ جزوي طرح يا مڪمل طرح رنڊائي سگھجي. ان گھڙيءَ هوا جي ڌُوڪَ جاري رکبي ته آواز جاري رهندو پر جي بند ڪبي ته آواز ختم ٿي ويندو.

آواز اپائڻ لاءِ شڪتيءَ جي گھرج پوي ٿي جيڪا سيني جون مشڪون ۽ پيٽڇِهه مهيا ڪن ٿا. پر آواز اپائڻ لاءِ هوا جو زور سان گذرڻ ڪافي ناهي، واڪل ڏورين جو ڦڙڪڻ پڻ ضروري آهي. وات پورو کولي هوا کي زور سان ٻاهر ڌُوڪيو: هوا جي وهڪ سڙٻاٽي هه جھڙي هوندي ۽ زور سان وهڪ جو احساس ڏياريندي پر ان ۾ آواز نه هوندو. وات کي ساڳيءَ حالت ۾ رکي، ساڳئي نموني هوا کي ڌوڪيندي آواز هه اچاريو. اوهان چٽيءَ طرح سمجھي سگھندا ته واڪل ڏوريون ڪيئن ٿيون ڦڙڪن ۽ انهن جو ڦڙڪو آواز اپائڻ جو ڪارڻ ڪيئن ٿو بنجي. واڪل ڏورين جي ڦڙڪڻ کان سواءِ، پوءِ اهو ڦڙڪو ڪيترو به هلڪو/گھٽ هجي، ڪو ڳالڪ آواز اپجي سگھي، ممڪن ناهي. ان کان پوءِ هوا جي وهڪ ۽ لنگھ کي وات جي کوپي ۾ واڪل آرکڻ جي جٿي ۽ ڄاڙين ۽ چپن جي چرپر وسيلي مختلف هنڌن تي سوڙهه سنگھوڙ يا رنڊڪ ڪري مختلف قسمن جا آواز اپايا وڃن ٿا. ٻوليءَ جا آواز ٿلهي ليکي ٻن قسمن جا ٿين ٿا: (1) وائل ۽ (2) وائڄَڻ. هن باب ۾ وائل آواز جي اپت تي ڌيان ڏنو ويندو.

 

وائل آواز جي وصف

وائل آواز ٻوليءَ جو اهو ٻڌڻ ۾ اچڻ جوڳو ۽ برقرار رهي سگھندڙ (sustainable) ڀڻڀڻو آواز آهي جنهن کي اپائڻ لاءِ هوا جي وهڪ ۽ ان جي لنگھ کي وات جي کوپي ۾ سوڙهه سنگھوڙ ڀلي ٿئي پر رنڊڪ، جزوي يا مڪمل، قطعي نه ٿئي. وات جي کوپي ۾ هوا جي وهڪ ۽ ان جي لنگھ کي ڳالڪ آرکڻن جي سهڪار ۽ سهرٿ وسيلي ڌار ڌار هنڌن تي ٿيندڙ سوڙهه سنگھوڙ مختلف قسمن جا وائل آواز اپائڻ ۾ مددگار ٿئي ٿي. وائل آواز سدائين اَوِسرڳ (unaspirated) ٿيندا آهن.

مختصر طرح ائين به بيان ڪري سگھجي ٿو ته وائل اهو ڳالڪ آواز آهي جيڪو وات مان (واڪل ڏورين جي مدد سان واڪي ۾ بدلائي) ساهه جِي اڻ-رنڊيل (un-impeded) وهڪ وسيلي اپايو وڃي ٿو.

ڦڦڙن کان ٻاهر ڌُوڪي ايندڙ هوا جو سمورو مقدار جڏهن، نڪ جي کوپي ڏانهن وڃڻ بنا، وات جي کوپي مان گذري چپن وٽان خارج ٿئي ۽ اهڙيءَ حالت ۾ جيڪي وائل آواز پيدا ٿين انهن کي صاف ۽ جڏهن هوا نڪ جي کوپي مان نيڪال ٿئي ته اهڙي حالت ۾ جيڪي وائل آواز پيدا ٿين تن کي نڪوان سڏجي ٿو.

 

وائل آواز جي اپت

هر هڪ وائل آواز کي جڏهن اڪيلو ڪري اچاربو ۽ ڌيان پنهنجي وات ۾ ڄڀ جي چرپر ۽ چپن جي ڊَول تي رکبو تڏهن ڄاڻي سگھبو ته واڪل ڏورين کان وٺي چپن تائين هوا جي وهڪ کي خصوصي طرح سوڙهه سنگھوڙ ۽ گھٽ وڌ ڪندڙ مکيه آرکڻ ڄڀ آهي ۽ ان جا مکيه مددگار چپ آهن.

ڄڀ تراکڙي ٿي هيٺين ڄاڙيءَ جي وچ واري کُٻ ۾ ويهجي وڃي ٿي، ڪڏهن مشڪون ڦنڊائي وچٿري ۽ ڪڏهن ايتري ٿلهي ٿي وڃي ٿي جو تارون هيٺان هڪ سوڙهي وٿي مَس بچي ٿي پر وائل آواز اپائڻ مهل ڄڀ ڪڏهن به ايتري ٿلهي نه ٿي ٿئي جو ان جو ڪو به حصو ڪنهن به هنڌ وات جي پولار ۾ ان جي ڇت کي ڇهڻ لڳي. ڄڀ جي ٿولهه ۾ گھٽ وڌائي وات جي پولار کي گھٽ وڌ ڪري ٿي. ٻيو ته، هر وائل آواز اچارڻ مهل سڄي ڄڀ هڪ ڪَري ٿلهي يا سنهي نه ٿي ٿئي. ڪڏهن ان جو پٺيون حصو ٿلهو ٿي اڀري ٿو ته ڪڏهن اڳيون يا وري وچيون. ڄڀ جي اڳئين حصي کي به ٻن حصن ۾ ورهائي سمجھڻ گھرجي. ڄڀ جي چک وائل آواز اپائڻ ۾ ايڏو اهم ڪردار ادا نه ٿي ڪري جيترو ان جو مهڙ (يعني چک کان پويون حصو). ڄڀ جي مشڪن جي سِيٽ ۽ ڍرائي پڻ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.

وائل آواز کي سندس مخصوص روپ ڏيڻ ۾ چپن جي بيهڪ به هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي:

(1)             چپ جڏهن گول ٿين ٿا؛

(الف) ويڪرا گول ٿين ٿا،

(ب) وچٿرا گول ٿين ٿا ۽

(ٻ) سوڙها گول ٿين ٿا،

(2)            چپ جڏهن پکڙيل هجن ٿا ۽

(3)            چپ جڏهن وچٿرا کليل هجن ٿا.

وائل آواز اپائيندي چپ ڪڏهن به پاڻ ۾ نه ٿا ملن. (چپ پاڻ ۾ ملي هوا جي وهڪ کي بند ڪري آزاد ڪندا ته اپجندڙ آواز وائل نه هوندو، اهو ٻه-چپائون وائڄڻ آواز ٿي پوندو. تفصيل وائڄڻ سرو رکندڙ باب ۾.)

نرم تارون پڻ ڪجھ قدر هيٺ مٿي ٿئي ٿو ۽ هوا جي گذر کي گھٽ وڌ ڪري وائل آواز جي اپت ۾ هڪ ڪردار ادا ڪري ٿو.

ڪجھ ٻولين ۾ ڪي اهڙا وائل آواز به اچارجن ٿا جن ۾ ڄڀ جي چک مٿي وڪڙ ڪري پٺتي موٽ کائي ٿي (باقي ڄڀ انهيءَ ئي حالت ۾ رهي ٿي جنهن ۾ وائل آواز اپائڻ مهل هوندي آهي)، اهڙيءَ حالت ۾ اچاريل وائل آواز کي مُورڌني (retroflex يا پُٺ-وڪڙ) سڏجي ٿو. (جتوئي ]1983[ 54، الانا ]1967[ 67 ۽ 69)

ڄڀ جي ٿولهه، ڄڀ جي ٿلهي يا سنهي ٿيل حصي، چپن جي ڊَول ۽ نرم تارون جي سطح جي حوالي سان هر وائل اچارڻ مهل وات جي کوپي جي بيهڪ مختلف ٿئي ٿي، ۽ مختلف ٻولين ۾ ساڳيو آواز اچاريندي پڻ مختلف ٿئي ٿي. مثال طور ]اَ[ لڳ ڀڳ هر ٻوليءَ ۾ اچاريو وڃي ٿو پر ڪنهن انگريزي، چيني، عرب يا سنڌي جي وات مان اچارڻ مهل انهن سڀني جي ڳالڪ آرکڻن جي بيهڪ ضروري ناهي ته هڪ جھڙي هجي. خاص ڪري ڄڀ جي سطح کي ذهن ۾ رکي، عام سمجھاڻيءَ لاءِ جڙتو مُک يا معياري آواز مقرر ڪيا ويا آهن ته جيئن هڪ جھڙي آواز مهل ڄڀ جي عمومي بيهڪ کي ذهن ۾ آڻي سگھجي.

 

معياري وائل اچارڻ مهل ڄڀ جي بيهڪ

 

1.          اڳيون  اوچو/سوڙهو وائل، جيئن ]اِي[

2.         اڳيون  وچٿرو اوچو/اڌ-سوڙهو وائل، جيئن ]اِ[

1.          اڳيون  گھٽ اوچو/اڌ-کليل وائل، جيئن ]اي[

2.         اڳيون  هيٺيون/کليل وائل، جيئن ]اَي[

3.         پويون  هيٺيون/کليل وائل، جيئن ]آ[

4.         پويون  گھٽ اوچو/اڌ-کليل وائل، جيئن ]اَو[

5.          پويون  وچٿرو اوچو/اڌ-سوڙهو وائل، جيئن ]او[

6.         پويون  اوچو/سوڙهو وائل، جيئن ]اُ[ ۽/يا ]اُو[

9، 10 ۽ 11 وچيان وائل، جيئن ]اَ[

 

سنڌي وائل آواز اچارڻ مهل ڄڀ جي بيهڪ

هڪ راءِ (الانا ]1967[ 75

(1) اِي   (2) اِ   (3) اي   (4) آ   (5) او

(6) اُ   (7) اُو   (8) اَ   (9) اَو   (10) اَي

-------

سنڌي وائل آواز اچارڻ مهل ڄڀ جي بيهڪ

ٻِي راءِ (جتوئي ]1983[ 50 ۽ 52)

(1) اِي   (2) اِ    (3) اي   (4) اَي   (5) آ

(6) اَو   (7) او   (8) اُ    (9) اُو    (10) اَ

-------

 

انگريزي وائل اچارڻ مهل ڄڀ جي بيهڪ

هڪ راءِ (باربر ]1982[ 5)

هيٺ هر هڪ وائل جي اچار مهل ڳالڪ آرکڻن جي بيهڪ جو تفصيل ڏجي ٿو: (نوٽ: اهو تفصيل جتوئي صاحب پاران ڏنل خاڪي کي آڏو رکي بيان ڪيو پيو وڃي.)

     ]اِي[: مهڙيون (front)، اوچو (high) }سوڙهو يا گھُٽيل (close) به سڏبو آهي{، ڊگھو (long)، صاف (non-nasal) وائل آواز. ڄڀ جي چوٽيءَ جو هيٺيون حصو هيٺين اڳين ڏندن جي ٽيڪ وٺي ٿو، مشڪون سيٽيل. چپ پکڙيل. مثال: /اِيٽ، اِيس/ ٻولن جو پهريون آواز.

]اِ[: مهڙيون، (ذرو وڌ) وچٿرو اوچو (mid high) }اڌ-سوڙهو يا اڌ-گھٽيل (half close) به سڏبو آهي{، ننڍو (short)، صاف وائل آواز. ڄڀ جي چوٽيءَ جو هيٺيون حصو هيٺين اڳين ڏندن جي پاڙ کي ڇهي ٿو، مشڪون ڍريون. چپ وچٿرا پکڙيل. مثال: /اِٽَ، اِڪِي/ ٻولن جو پهريون آواز.

     اي[: مهڙيون، (ذرو گھٽ) وچٿرو اوچو، ڊگھو، صاف وائل آواز. مشڪون ڍريون. چپ وچٿرا کليل. مثال: /ايڪو، ايڏو/ ٻولن جو پهريون آواز.

     ]اَي[: مهڙيون  گھٽ اوچو (low high) }اڌ-کليل (half open) به سڏبو آهي{،  ڊگھو، صاف وائل آواز.

هيٺين ڄاڙي ٿورو هيٺ ڀرو سَٽ کائي ٿي. مشڪون ٿورو سيٽجي ڍريون ٿين ٿيون. چپ وچٿرا کليل. مثال: /اَيٿ، اَيٽ/ ٻولن جو پهريون آواز.

     ]آ[: ڄڀ جي وچ وارو هيٺيون (low) }کليل (open) به سڏبو آهي{، ڊگھو، صاف وائل آواز. جيڪڏهن بلڪل چٽو ڪري اچاربو ته پٺيون (back)، هيٺيون، ڊگھو صاف وائل آواز. وات نسبتاً وڌيڪ کليل. چپ ڍرا ۽ کليل. مثال: /آڪهه، آلهه، آواز/ ٻولن جو پهريون آواز.

     ]اَو[: پٺيون، گھٽ اوچو، ڊگھو، صاف وائل آواز. هيٺين ڄاڙي ٿوري مٿڀري سٽ کائي ٿي. چپ وچٿرو کليل هجڻ کان هلڪي گول هجڻ ڏانهن چرپر ڪن ٿا. مثال: /اَولو (سَولو)، اَورڪَ/ ٻولن جو پهريون آواز.

     ]او[: پٺيون، (ذرو گھٽ) وچٿرو اوچو، ڊگھو، صاف وائل آواز. چپ کليل گول. مثال: /اوڌر، اوٺو/ ٻولن جو پهريون آواز.

     ]اُ[: پٺيون، (ذرو وڌ) وچٿرو اوچو، ننڍو، صاف وائل آواز. چپ وچٿرا گول. مثال: /اُٺ، اُڀ، اُگھاڙو/ ٻولن جو پهريون آواز.

     ]اُو[: پٺيون، اوچو، ڊگھو، صاف وائل آواز. چپ سوڙها گول. مثال: /اُچو، اُوڪ/ ٻولن جو پهريون آواز.

     ]اَ[: وچون، وچٿرو اوچو، ننڍو، صاف وائل آواز. چپ وچٿرا کليل. مثال: /اَمان، اَبا، اَٽو/ ٻولن جو پهريون آواز.

ليکڪ سمجھي ٿو ته ڪي ٻيا وائل آواز پڻ سنڌي ٻولن ۾ موجود آهن، جن کي اڃا نه کوجيو ويو آهي.

 

وائل آوازن جي درجيبندي

]اَ[، ]اِ[ ۽ ]اُ[ کي ننڍا ۽ باقي، مٿي ڄاڻايل وائل آوازن کي ڊگھا سڏجي ٿو. ساڳيءَ طرح سندن بناوت جي حوالي سان سمورن وائلن آوازن کي ٽن جٿن ۾ درجيبند ڪيو وڃي ٿو: (1) نِج يا يَڪسُرا، (2) ٻِسُرا ۽ (3) ٽِسُرا.

1.  نج (Pure) يا يَڪسُرو (Monopthong):

اهڙو وائل آواز جيڪو هڪ ئي مخرج وٽان هڪ سَٽ ۾ ادا ٿي وڃي ان کي نج يا يڪسرو سڏجي ٿو. ]اَي[ ۽ ]اَو[ بابت اختلاف موجود آهي، باقي سڀني ڄاتل سنڌي صاف وائل آوازن کي اتفاق راءِ سان نج يا يڪسرو مڃيو وڃي ٿو.

2.                      ٻه-سُرو (Dipothong):

    سنڌيءَ جي ٻن سُرن }يعني ٻن وائل آوازن{ جھڙوڪ اَي ۽ اَو لاءِ گمان ڪيو ويندو آهي ته اهي ٻه-سُرا {Dipothing} آهن مگر لسانياتي تجربيگاهن ۾ جاچي ڏٺو ويو آهي ته اهي هڪ-سُرا {Monopthong} آهن. (جتوئي ]1983[ 53)

ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻي انهن ٻنهي وائل آوازن کي ٻه-سرو نه ٿو مڃي ۽ کين سڌو سادو اڌ-کليل وائل سڏي ٿو. ڊاڪٽر الانا (]1967[ 78- 79) اهو ڏيڻ ۽ ڄاڻائڻ باوجود انهيءَ راءِ سان اختلاف ڪندي ]اَي[ ۽ ]اَو[ کي يڪسرو تسليم نه ٿو ڪري.

     ]اَي[: هي يڪپَدو دهرو سر آهي1 }يعني ٻه-سرو وائل{ آهي. هن جي اچارڻ ۾ ڄڀ اَ ]۸[ کان شروع ٿئي ٿي، ۽ يڪدم ]اي[ ڏانهن مڙي ٿي. ]اَ[ کان ]اي[ ڏانهن هڪدم مڙڻ ڪري يڪپَدو گسڪڻو (gliding) آواز پيدا ٿئي ٿو. صوتياتي رسم الخط (phonetic transcription) ۾ هن جي صورت ][ ٿي سگھي ٿي. ][  جو پويون جز ڪمزور (non-syllabic) آهي.

]اَو[: هي به يڪپَدو دهرو سُر }يعني ٻه-سرو وائل{ آهي. هن جي اچارڻ ۾ زبان اَ ]۸[ کان شروع ٿئي ٿي، ۽ يڪدم ]او[ ڏانهن مڙي ٿي. ]}اَ[ کان ]او[ ڏانهن{ هڪدم موڙ کائڻ جي ڪري يڪپدو گسڪڻو آواز ٿئي ٿو. صوتياتي رسم الخط ۾ هن جي صورت ]۸۵[ ٿي سگھي ٿي. ]۸۵[ جو پويون جز ڪمزور آهي. (الانا ]1967[ 81)

     يڪپدا دهرا سُر هي آهن: اَي ۽ اَو. سادن ۽ دهرن سرن جي ڀيٽ لاءِ هيٺيان مثال ڏجن ٿا:

سادا سُر          يڪپدا دهرا سُر

 اوجھ                  اَوج                    (الانا ]1967[ 79)

]اَي[ ۽ ]اَو[ بابت ڊاڪٽر الانا جي مٿي ڏنل وضاحت ۾ دليل جي قوت موجود آهي پر پاڻ جيڪا نِيم-سُر (اڌ-وائل، semi-vowel) جي وضاحت ڪئي اٿن (]1967[ 39) ان ۾ ۽ ٻه-سري جي وضاحت ۾ فرق قائم نه رکي سگھيا آهن. (ڏسو هن ڪتاب جو اڌ-وائل سرو رکندڙ باب)

 

ٻه- سري جي هڪ وضاحت:

     جيڪڏهن ٻه سُر }يعني ٻه وائل{ اهڙي طرح اچارجن جو پهريون }وائل{ پورو پورو ادا ڪري پوءِ ٻيو ادا ڪجي ته اهو مرڪب (compound) آواز ٿيندو؛ مثلاً چَئوس ۾ پهريائين ]اَ[ جو آواز پورو ڪجي ٿو ۽ پوءِ ]او[ جو، تنهنڪري اتي ٻه سر }يعني ٻئي وائل{ ڌار ڌار آهن؛ انهن کي ٻه-سرو (diphthong) سڏي نه سگھبو؛ مگر ٿئَي، کاءُ، لاءِ، پوءِ، پيءُ، سيءُ }۽{ سوءَ لفظن جي آخر ۾ ٻه-سرو {diphthomg} آواز آهي جيئن ڳالهائڻ وقت محسوس ٿئي ٿو. سنڌي لفظن جي آخر ۾ جيڪڏهن همزو ايندو ته پوءِ ان جو آواز اڳئين سُر }يعني وائل{ آواز سان ملي ٻه-سرو ٺاهيندو؛ ٻيءَ حالت ۾ نه ٺاهيندو. (جتوئي ]1983[ 53)

جيئن ڳالهائڻ وقت محسوس ٿئي ٿو چوڻ ڪا مناسب وضاحت نه آهـــي. ڳالهــائــڻ وقـت ته ٻه-پـدو (disyllabic) محـسـوس ٿئي ٿو: /ٿِ + اي/، /کا + اُ/، /لا + اِ/، /پو + اِ/، /پِي + اُ/، /سِي + اُ/، /سو + اَ/. جڏهن ته هڪ ٻسرو وائل آواز ڪڏهن به ٻه-پدو نه ٿو ٿئي، اهو يڪپدو (monosyllabic) هوندو آهي. (وڌيڪ بحث سنڌي ٻوليءَ جي هڪ خصوصيت واري باب ۾). انگريزي جي /make/، /hide/، /house/، /boy/، ۽ /home/ ٻولن ۾ وائل آواز کي ٻه-سرو قرار ڏنو ويو آهي. (باربر ]1982[ 7). ان ڪري:

ٻه-سرو وائل آواز اهو آواز آهي جيڪو آواز جي هڪ ئي سَٽ/وَهڪ ۾ ادا ٿي وڃي يعني يڪپدو هجي پر اچاريندي ان جا ٻه جز محسوس ٿين.

]او[ ۽ ]اي[ چوڻ مهل آواز جا ڪي به ٻه جز محسوس نه ٿا ٿين جڏهن ته ]اَو[ ۽ ]اَي[ اچارڻ مهل نه رڳو هر هڪ آواز جا ٻه جز پر ڄڀ جي چرپر ۾ هڪ جُھوٽَ، جھولَ يا گِسڪَ کي پڻ محسوس ڪري سگھجي ٿو.

3.                      ٽه-سُرو (Triphthong):

     ڪن ٻولين جھڙوڪ انگريزي ۾ ٽه-سرو (triphthong) }آواز{ به ٿيندو آهي جھڙوڪ چيئَر (chair) ۽ ٽائئَر (tyre) وغيره لفظن ۾. انهن لفظن جي پڇاڙيءَ واري ر جو آواز ڪو نه اچاربو آهي. (جتوئي ]1983[ 53، رابنسن جي جنرل لِنگُئسٽڪس جي حوالي سان)

هتي ڌيان ڏيڻ گھرجي ته چيئَر ۽ ٽائئَر لفظ لکندي ئـ تي حرڪت (زبر) جي نشاني ڏيڻ سبب انگريزي ٻولن جو آواز/اچار ٺيڪ طرح ظاهر نه ٿو ٿئي. ان نموني لکڻ جي ڪري چيئر جو ٽه-سرو آواز ]ايئه[ ڀڄي ]اي+ اَ[ ۽ ٽائئر جو ٽه-سرو آواز ]آئئه[ ڀڄي ]آءِ+ اَ[ ٿي پيو آهي. انگريزي جون ڊڪشنريون اهي اچار هن طرح سمجھائن ٿيون:

چَيمبر'س ڊڪشنري                    آڪسفورڊ ڊڪشنري

چيئر /chār/chair                 چيئـ (ر) /teə(r)/chair   

ٽائئر  /t r/   tyre                 ٽائئـ (ر) /(taiə(r/  tyre    

 ]آئئه[ ۽ ]ايء[ جھڙيون وائل صورتون سنڌي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين نه کوجيون ويون آهن.

ٽه-سرو وائل اهو آواز آهي جيڪو آواز جي هڪ ئي سَٽ/وهڪ ۾ ادا ٿي وڃي يعني يڪپدو هجي پر اچاريندي ان جا ٽي جز محسوس ٿين.

 

حوالا ۽ وضاحتون:

1. اصطلاح ۾ phthong جي لفظي معنى آهي واڪو (voice) يا وائل (vowel). سنڌي ۾ vowel جي متبادل طور سُر آڻڻ جي ڪري phthong جي اصطلاح ۾ مونجھارو پيدا ٿي پوي ٿو. ڊاڪٽر الانا phthong جي متبادل طور يڪپدو دهرو سر، دهرو سر ۽ يڪپدو دهرو لفظ ڪم آڻڻ سان گڏ يڪي پد وارو ٻٽو سر (]1969[ 27) جھڙا لفظ پڻ ڪم آندا آهن جنهنڪري پڙهڻ ۽ سمجھڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي. ليکڪ vowel جي بدران وائل ڪم آندو آهي (جنهن جو سبب گھربل جاءِ تي ڏنل آهي) ۽ phthong جي بدران سر لفظ ڪم آڻيندي monophthong جي لاءِ يڪسُرو، diphthong جي لاءِ ٻه-سرو ۽ triphthong جي لاءِ ٽه-سُرو اصطلاح ڪم آندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com