سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: ٻول جو بڻ

باب: --

صفحو :21

 

ٻاڌيو-2

ٻوليڄاڻ ۽ ان جون شاخون

 

سُڄاڻَ ۽ سائنس (science) لڳ ڀڳ هم-معنى لفظ آهن. انهن جي معنى آهي سٺي، سلجھيل يا سُٿري ڄاڻ ۽ مفهوم آهي تربيت ڏنل اها ڄاڻ، سُڌ، پُرجَهه جيڪا موکَ، پرک ۽ پروڙ وسيلي گڏ ڪئي وئي هجي ۽ ان گڏ ڪيل ڄاڻ کي بنياد بنائي ڪي ٺوس نتيجا، قاعدا، قانون، اصول جوڙيا ويا هجن. علم جي معنى آهي ڄاڻ پر خاص مفهوم ۾ سڄاڻ لاءِ به ڪم اچي ٿو.

 

ٻولِيڄاڻَ (Linguistics)

     لسانيات، علم لسان، علم زبان.

     ٻوليءَ جي هر پاسي تي ان جي سمورين وِڻڪن (Varieties) بابت ۽ وسيع مفهوم ۾ ٻوليءَ جو سڄاڻڪ اڀياس. (چيمبر'س ڊڪشنري) (چ ڊ)

     ٻوليءَ جي سڄاڻ، مثال طور ان جي اَڏپ (structure)، ان جو لاڀ (Acquisition) ۽ ان جو ڳنڍپ (communication) جي ٻين صورتن سان ناتو وغيره. (آڪسفورڊ ڊڪشنري) (آ ڊ)

ٻوليڄاڻ اها سڄاڻ آهي جيڪا ٻوليءَ يا ٻولين بابت ٿيل تحقيقن، مشاهدن ۽ تجربن کي باقاعدي ترتيب ۽ تنظيم ڏئي جوڙيل اصولن ۽ ٺوس نتيجن تي ٻڌل هجي.

     هيءُ علم انسانذات جي ٻوليءَ جي مطالعي سان واسطو رکي ٿو. (الانا ]1987[ 4. پروفيسر رابنس جا لفظ)

     علم اللسان انسانذات جي سڀني ٻولين جي اڀياس ۽ ڇنڊڇاڻ جو علم آهي. هي هڪ اهو علم آهي، جو ٻولين جي آوازن، آوازي سٽائن، آوازي ميلن ۽ ميڙن، صوتيَن، صرفيَن، فقرن، لفظن ۽ جملن جي بناوت ۽ ترتيب، يعني صوتِي، صرفي، نحوي ۽ معنوي اصولن ۽ علمن }؟، عملن{ بابت مواد مهيا ڪري ٿو. (الانا ]1987[ 3)

     علم لسان اهو باضابطي علم آهي جنهن ۾ زبان جي مختلف مسئلن يعني زبان جي ماهيت، سندس ساخت، سندس ابتدا، سندس اختلاف، زبانن جون خصوصيتون، سندن ارتقائي تبديليون ۽ انهن جي اسبابن سان بحث ٿئي ٿو. هن علم جي ذريعي زبانن جي ماهيت، شڪل شباهت، ارتقا، زندگي ۽ موت متعلق آگاهي حاصل ٿئي ٿي. زبان ۽ زبانن بابت مڪمل معلومات جا تحقيق ۽ تنظيم هيٺ آيل هجي ان کي علم زبان يا لسانيات سڏجي ٿو. (جتوئي ]1983[ 19-20. پروفيسر شيخ عنايت الله ۽ ڊاڪٽر محي الدين قادري جي حوالي سان)

ٻوليڄاڻ کي هيٺ ڄاڻايل مکيه شعبن ۾ ورهائي اڀياس هيٺ آندو وڃي ٿو:

1.   ورنائڪ (Descriptive) ٻوليڄاڻ

     بياني، وضاحتي، توضيحي، تشريحي ٻوليڄاڻ.

     ڪنهن به ٻوليءَ جي عملي طريقن جو ڪنهن به هڪ دور ۾ جائزو ورتو ويندو آهي... بشرطيڪ ان دور جو لکيل رڪارڊ موجود هجي... ٻوليءَ جي هر دور جو اول بياني }ورنائڪ{ ڇيد يا تجزيو (Analysis) ڪرڻو پوندو ۽ پوءِ سڀني دورن جي ڪيل ڇيدن کي پاڻ ۾ ڀيٽي ملائي ڏسبو. ان کان پوءِ ئي ٻوليءَ جي تاريخ ۽ ارتقا معلوم ڪري سگھبي. (جتوئي ]1983[ 23-24)

جيستائين ڪنهن به ٻوليءَ جي ورنائڪ ڄاڻ موجود ناهي تيستائين نه ته ان جي ڪن به ٻن دورن ۾ ڀيٽ ڪري سگھجي ٿي ۽ نه ئي وري ان جي اوسر ۽ تاريخ بابت ڪجھ ڄاڻي سگھجي ٿو.

2.  اتهاسڪ (Historical) ٻوليڄاڻ

اهي تبديليون جيڪي وقت گذرڻ سان ڪنهن به ٻوليءَ (يا ڪن به ٻولين) ۾ ظاهر ٿيون آهن انهن جو تفصيلي ڇيد ڪري انهن جا ڪارڻ ۽ نتيجا ڄاڻڻ اتهاسڪ ٻوليڄاڻ جي حوالي آهي. اتهاسڪ ٻوليڄاڻ ٻن مختلف ٻولين ۾ نه پر هڪ ئي ٻوليءَ جي اتهاس کي مختلف دورن ۾ ورهائي جاچ ۽ چڪاس هيٺ آڻي ٿي.

3.  ڀيٽار (Comparative) ٻوليڄاڻ

     تقابلي لسانيات

ٻوليءَ يا ٻولين جي اتهاس کي مختلف دورن ۾ ورهائي ٻن ٻن ڀَر وارن دورن کي ڀيٽڻ ۽ آيل تبديلين کي گڏ ڪرڻ ۽ ڪَڙو ڪَڙي سان ملائڻ يا سندن پاڻ ۾ لاڳاپو ڏيکارڻ ڀيٽار ٻوليڄاڻ جو ڪم آهي.

اها ڀيٽ مختلف ٻولين جي وچ ۾ به ڪري سگھجي ٿي.

(الف) ڄَـــڻَــڄاڻي ڀيٽ (Geneological comparison)

ڪنهن هڪ ئي نسل/پيڙهيءَ جي ٻولين جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪري انهن جي وچ ۾ ناتن جي ڦولها ڪرڻ.

(ب) ڀانتڄاڻي (Typological) ڀيٽ

ٻولين جي نوعيت، قسمن، نمونن ۽ واروَٽي تبديلين کي ڀيٽڻ.

ورنائڪ ٻوليڄاڻ کي هيٺ ڄاڻايل شاخن ۾ ورهائي اڀياس هيٺ آندو وڃي ٿو:

(1)               واياڄاڻَ (Phonology)

     صوتيات، علم الاصوات

     وائڻ: مصدر. (سن. وايُـ = واءُ) هوا ڏيڻ - واءُ هڻڻ - واءُ ڪرڻ. ... تنوارڻ. آواز ڪرڻ. وڄائڻ. ڳڻڻ. (وائيو- وائيندو- وائيل).

-      وائو ج وائا: ذ. (سن. واڪ. پرا = وايا). ذڪر - بيان - ڳالهه ٻولهه - چوٻول - گفتگو... (ج س ل)

واء جي هڪ معنى آهي هوا ۽ ٻي آهي آواز.

وايو ٿيو آواز سان واسطيدار. وايا ان جو جمع.

آواز/آوازن (ٻوليءَ جي آوازن) ۽ انهن جي تنظيم، ترتيب سان واسطيدار سڄاڻ کي وايا ڄاڻ سڏجي ٿو. وايا ڄاڻ وري اڃا وڌيڪ ٻن مکيه ڇاڙهن ۾ ورهايل آهي:

(الف) وايوڄاڻ (Phonetics)

     علم آواز، صوتيات

     ڳالِيَل (Spoken) ٻوليءَ جي آوازن بابت سڄاڻ. (چ ڊ)

     ڳالِڪ (Speech) آوازن، انهن جي اپت ۽ کين پيش ڪندڙ نشانن جو اڀياس ۽ سڄاڻ. (آ ڊ)

ڪنهن ٻوليءَ جا آواز ڪهڙا آهن، اهي ڪٿان ۽ ڪيئن اپائجن ٿا ۽ انهن کي ڪهڙن تحريري نشانن وسيلي پيش ڪيو وڃي ٿو، ان سڀ ڪجھ بابت سڄاڻڪ اڀياس کي وايوڄاڻ سڏجي ٿو.

(ب) وائيوڄاڻ (Phonemics)

     صوتيه، علم صوتيه

     ڪنهن ٻوليءَ جي وائيوئي/وائياڄاڻي (Phonemic) سرشتي جو اڀياس ۽ ان جي تشريح. (آ ڊ)

وائيو هتي Phoneme (فونيم) جي بدران ڪم آندو ويو آهي جنهن لاءِ اڪثر ڪري صوتيو ڪم ايندو آهي.

     صوتيو/وائيو: ٻوليءَ جي آوازي سرشتي جو هڪ ايڪو (آ ڊ)

     ڳالڪ آوازن جي آڪهه يا انهن جو هڪ جٿو جيڪو ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ڪنهن هڪ آواز جو ويڻڪ (varient، وڻڪ وارو، ٿوري فرق وارو، ڪجھ بدليل) آهي. (چ ڊ)

    


صوتيو }وائيو، {phoneme اهو آواز يا هڪجھڙن آوازن جو گروھ آهي جيڪو ٻوليءَ جي لفظن ۾ معنوي فرق پيدا ڪري ٿو. گويا اهو هڪ }اهڙو{ خاص لساني عمل ڪري ٿو جو }جيڪو{ ٻيو صوتيو ڪري نه ٿو سگھي. انهيءَ ڪري بلومفيلڊ (Bloomfield) صوتيي کي معنوي فرق پيدا ڪندڙ (Distinctive) آوازي نوعيت جو ايڪو (unit) سڏي ٿو. (جتوئي ]1983[ 78)1

 

 

(2) روپڄاڻ (Morphology)

     صرف، علم صرف، صرفيات، تشڪيلات، صورتيات (ڏسو: جتوئي ]1983[ ۽ الانا ]1987[)

     لفظ ٻوليءَ ۾ ڇو ۽ ڪيئن ٻيا ٻيا روپ وٺن ٿا، تنهن جو تعلق لسانيات }ٻوليڄاڻ{ جي هڪ شاخ سان آهي جنهن کي علم صرف يا صرفيات سڏجي ٿو. ان کي تشڪيلات يا صورتيات به سڏبو آهي ڇو ته اهو عام لفظ جي مختلف شڪلين ۽ صورتن سان بحث ڪري ٿو. عربي گرامر ۾ علم صرف جي تعريف هن ريت ڪئي وئي آهي ته (علم) صرف اهو علم آهي جنهن ۾ بامعنى اڪيلن لفظن جي بنائڻ ۽ انهن ۾ ڦيرڦار ڪرڻ جو طريقو بيان ڪيو وڃي. (جتوئي ]1987[ 109، حافظ عبدالرحمان امرتسري جي حوالي سان)

     ڪنهن به ٻوليءَ جي وياڪرڻ کي ٻن مکيه ڀاڱن يعني صرف (Morphology) ۽ نحو (Syntax) ۾ تقسيم ڪري سگھجي ٿو }بي. بلاخ ۽ جي.ايل. ٽرئگر ۽ ايڇ.اي. گلِيسَن{ انهن مان صَرف لفظن جي جوڙجڪ ۽ سٽاءَ ۽ گردانن سان واسطو رکي ٿو ۽ نحو فقرن ۽ جملن ۾ لفظن جي بيهڪ ۽ وياڪرڻي استعمال بيان ڪري ٿو }ساڳيا ليکڪ{. (الانا ]1987[ 13)

 

(3) ٻول-رٿ/ٻولَ رٿ (Syntax) / ٻولَ سِٽاء

     علم نحو، نحويات، نحو (ڏسو: جتوئي ]1983[ ۽ الانا ]1987[)

     جلمن ۾ وياڪرڻي (Grammatical) جوڙجڪ (بناوت، اڏاوت). (چ  ڊ)

     (وياڪرڻ) جملن جي جوڙجڪ، اڏاوت (جا قاعدا) (آ ڊ)

     نَحۡوُ: ذ. جملن جي بناوت - اکرن جي بيهڪ }؟{ - جملن جي ترڪيب وارو علم - علم گرامر - وياڪرڻ... (ج س ل)

     ... علم نحو وري جملن ۽ ان جي جزن جي بناوتن، سٽائن، نمونن، نسبتن ۽ عملن سان بحث ڪري ٿو... علم نحو هن بحث کي نڀائي ٿو ته ڪيئن لفظ پاڻ ۾ ملن ٿا (cohere) ۽ جملن اندر ڪهڙو ڪارج ڪن ٿا... جديد لسانيات لفظ کي علم نحو جو مرڪز بنايو آهي ۽ نه جملي کي. علم نحو لفظن جي صورتن ۽ جوڙجڪن سان بحث نه ٿو ڪري. اهو ڪم علم صرف جي حوالي آهي. (جتوئي ]1983[ 127)

 

(4) معنى ڄاڻ (Semantics)

     معنويات، علم معاني، معنى جو علم

     هر شيءِ ۽ واقعي کي ٻه پاسا آهن: هڪ ظاهري }۽{ ٻيو باطني. ائين ٻوليءَ کي به ٻه پاسا آهن؛ ان جو ظاهري پاسو آوازن سان تعلق رکي ٿو جي انسانن جا آهن. ان جو باطني پاسو معنى ۽ مطلب سان واسطو رکي ٿو. جڏهن اسين ڳالهايون ٿا، تڏهن ڳالهايل لفظن جو مطلب سمجھون ٿا. (جتوئي ]1983[ 18 ۽ 148)

     عام طور اسان مان هر هڪ اهو سمجھي ٿو ته ٻولي، لکيل توڙي اڻ لکيل يا ڳالهايل، اها شيءِ آهي، جا معنى منتقل ڪري. هن طرح بنيادي طور تي ٻوليءَ جي اڀياس جو مطلب اهو ٿو نڪري ته اسان ٻوليءَ جي اڀياس ڪرڻ مان حقيقت ۾ انهيءَ معنى جو اڀياس ڪرڻ گھرون ٿا، جيڪا ٻوليءَ جو مقصد آهي...

معنى جي باري ۾ ڪٿي ڪٿي معنى کي رواجي (Denotative) ۽ جذباتي (Connotative) معنائن ۾ ورهايو ويو آهي. لفظ جي رواجي معنى اها آهي، جيڪا ان جي پهرين معنى آهي يا جيڪا عام (General) ۽ غيرجذباتي (Non-emotional) معنى آهي. هيءَ معنى نالن، شين (objects) ۽ تصورن (concepts) جي پهرين ۽ رواجي معنى آهي. اهڙيءَ طرح لفظ جي جذباتي معنى اها آهي جا لفظ جي روايتي معنى سان لاڳاپو رکندي، ان ۾ جذبات ۽ احساس کي شامل ڪري ٿي. هيءَ معنى صفتن ۽ ظرفن جي معنى هوندي آهي. مثال طور، لفظ ماڻهو کي گرامر ۾ عام رواجي طور تي هڪ عام معنى آهي، جنهن مطابق ماڻهو معنى ڪو به فرد. هن حالت ۾ ماڻهو لفظ کي جا معنى آهي اها رواجي (Denotative) آهي، پر جڏهن اسان چئون ٿا ماڻهو سڀ نه سهڻا يا ماڻهو اهو جنهن ۾ ماڻهپو هجي، تڏهن اسان لفظ ماڻهوءَ کي جذباتي معنى بخشيون ٿا. اهڙيءَ طرح لفظ يا ته عقل کي متاثر ڪن ٿا يا جذبن کي ۽ تصورن کي. عقل کي متاثر ڪرڻ جي حالت ۾ لفظ پهرين معنى ڏين ٿا، پر جذبن ۽ تصورن کي متاثر ڪرڻ وارا لفظ ٻي معنى (} Higher meaningاونچي معنى{) ڏين ٿا. (ٻوهيو 265 ۽ 266-267)

     گفتن جي معنائن جو دائرو سندن صورتن جي دائرن کان نهايت وسيع آهي ۽ ايترو ڪشادو جيترو هي سارو سنسار. اهو دائرو نه رڳو وسيع آهي مگر نهايت پيچيدو پڻ آهي ۽ ان جي ڄاڻ اڃا تائين مڪمل ٿي نه سگھي آهي. (جتوئي ]1983[ 148)

 

(5) ٻوليڄاڻِي ڀُوسُڌ (Linguistic geography)

     لساني جاگرافي، Dialect Geography (جتوئي ]1983[)

دنيا جي هر هڪ ڏيهه جون ڪي نه ڪي مقرر ۽ مڃيل سرحدون ٿين ٿيون پر ضروري ناهي انهيءَ حد اندر ڪا هڪ ئي ٻولي ڳالهائي ويندي هجي. انهيءَ حد اندر ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالهائجي سگھجن ٿيون ته ڪا هڪ ٻولي مختلف ڏيهن جي ڪن مخصوص حدن اندر به ڳالهائجي سگھجي ٿي. جنهن حد اندر ڪا هڪ ٻولي ڳالهائجڻ ۾ اچي ٿي ان، اتي جي رهاڪن ۽ سندن ٻوليءَ يا ٻوليءَ جي مختلف محاورن جو اڀياس ٻوليڄاڻي ڀوسڌ جو موضوع آهن.

 

انهن پنجن شاخن کي ورنائڪ ٻوليڄاڻ جون مکيه شاخون به سڏجي ٿو ۽ ان جون هيٺ ڏنل شاخون ننڍيون شاخون به سڏجن ٿيون:

(6) .............. (Stylistics)

     اسلوبيات

(7) ٻولَسُڌ (Lexicography)

     علم لغت، ٻول-لکا

(8) ٻوليڄاڻي آڳيلِکا (Linguistic Palaeography)

     لساني قديمات (Linguistic Paleontology?) (جتوئي ]1983[ 23)

 

حوالا ۽ وضاحتون

1. نوٽ: هن هنڌان ڪجھ مواد ڊاڪٽر صاحب کي لکڻو هيو، جنهن جي جڳهه ڇڏيل آهي، پر ڪنهن سبب لکي نه سگھيو. - رياضت

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com