سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: ٻول جو بڻ

باب: 13

صفحو :19

 

ٻاڌيو-1 (Appendix-1)

وائل ۽ وائڄڻ

پڪ رکان ٿو ته انگريزي ئي نه، يوناني، لاطيني، عربي ۽ ٻين ڪيترين ئي انڊو-يورپين، سامي ۽ دراوڙي ٻولين ۾ ڪيترائي ٻول اهڙا به موجود آهن جن جو ڌاتو سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ ۾ ملي سگھي، ممڪن ناهي. ظاهر آهي ته ڄڻ ٻول کي انهن ٻولين جا ڳالهائيندڙ، جن ۾ ڄ موجود ناهي، جَڻ ۽ جن ٻولين ۾ ڻ به موجود ناهي جَن ئي اچاري سگھندا ۽ ٿُوم کي ڪو عرب ثوم ئي اچاري سگھندو.

     پاڻنيءَ جي راءِ موجب دنيا کي آئيوٽا جي شروعات پنڪ جاتيءَ ڪري ڏني. ڊايوڊورس ان لاءِ شام جي اوائلي رهواسين کي داد ڏنو آهي. پر هنن حقيقتن مان ظاهر آهي ته پنڪ جاتيءَ وارا ۽ شام جا اصلوڪا رهاڪو (هُري لوڪ) جيڪڏهن سنڌي لوڪ نه هئا ته به سنڌين جا ڀائيبند ضرور هئا ۽ اهڙيءَ طرح دنيا ۾ لکڻ جي هنر جي شروعات ڪندڙن ۾ اوائلي سنڌين جو به گھڻو هٿ هو. (پريم ]سنڌو لکيت تي ٿيل تحقيق جو مختصر جائزو. ششماهي سنڌي ادب[ پوپٽي هيراننداڻي جي ڀاشا شاستر جي حوالي سان)

اڳ-اتهاسي (Pre-historical) ۽ قديم اتهاسي زمانن ۾ به سنڌ جا وسيع واپاري تعلق رهيا آهن ۽ سنڌ منجھان ڪي ئي وڏا وڏا ٽولا مختلف دورن ۾ ڌار ڌار طرفن ڏانهن لڏي ويندا رهيا، اهڙو هڪ مثال جِپسي لوڪن جو آهي. ايم ايڇ پنهور صاحب جن پنهنجن مختلف مضمونن ۾ سنڌ اندر سامونڊي چاڙهه جو ذڪر ڪيو آهي جنهن گذريل هڪ لک ورهن دوران هتان جي آباديءَ کي اوڀر پاسي نه رڳو اڄوڪي ڀارت جي ڏاکڻي حصي ۾ پر سنڌ کان اتر ۾ ۽ اولهه ۾ به لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو ۽ ان جي لاٿ سان گڏ انهن ٽنهي طرفن کان سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ڪرائي.

ستينءَ کان ڏهين صدي عيسوي تائين وارن ٽي سَو ورهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترائي ٻول، خاص ڪري اَنگَڄاڻ (Arithmeticڳڻپڄاڻ (Mathematicsتارا ڄاڻ (Astronomyنِکٽڄاڻ (Astrology، علم نجوم) ۽ طب سان واسطيدار، عربيءَ ٻوليءَ ۾ داخل ٿي ويا ۽ عربن کان وري يورپ جي جديد عالمن ورتا. سنڌ مان گھرايل ڪي دوائون هيون ليسوڙا، ايريو، هريڙ، آنئورا، ڪافور، ٻهيڙا وغيره. (ڏسو ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ جن جو مضمون سامي (عرب) تهذيب جي ارتقا ۾ سنڌ جو حصو، نئين زندگي، مارچ 1969ع) پر اسان جي هن ڳالهه جو گھڻو تعلق ان زماني سان آهي جنهن کي اڳ-اتهاسي چيو وڃي ٿو.

ڪي عالم چون ٿا ته عراق ۾ پهريون ڀيرو وونڻن جي پوک لاءِ ڪَڪڙا سنڌ مان گھرايا ويا (ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ) ۽ ڪي چون ٿا ته عراق مان سنڌ ۾ آيا (ايم ايڇ پنهور) پر مهرڳڙھ ۾ ڪپهه جي موجودي سنڌ جي حمايت ۾ دليل مهيا ڪري ٿي، ۽ انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ جا خاص ڪري واپاري ناتا ڏيهان ڏيهه پکڙيل هئا.

سنڌ ۾ آرين جي آمد جو سن وڌ ۾ وڌ 17-سَو ورھ ق م سمجھيو وڃي ٿو ۽ ايم ايڇ پنهور صاحب جن ته ڀِڙاڄاڻي (Archaeological) شاهدي موجب 8-سَو ق م مقرر ڪن ٿا.

     سمڪرت (سنسڪرت) ٻولي معنى چڱي يا صاف ٿيل يعني اجاريل يا سڌاريل ٻولي. (آڏواڻي ]1956[ 24)

     پراڪرت ٻوليءَ جي معنى }آهي{ پرڪرتيءَ مان پيدا ٿيل ٻولي. پرڪرتي جي هڪڙي معنى آهي قدرت (nature) ۽ ٻي معنى اٿس اصلوڪي صورت. (ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ، سنڌي پراڻي شاعري تي هڪ نظر نئين زندگي، اپريل 1971ع)

پر ڪاڪي ڀيرومل جن پراڪرت کي سنسڪرت مان پيدا ٿيل سمجھن ٿا جيڪا راءِ منطقي طرح غلط نظر اچي ٿي ڇو ته قدرتي يا اصلوڪي ٻولي ئي اڳ ۾ وجود وٺي سگھي ٿي ۽ پوءِ ئي سمڪرت.

     عالمن جو خيال آهي ته سنڌي پراڪرت جي هڪ شاخ آهي جا آرين جي اچڻ کان اڳ سنڌ ۾ ڳالهائي ويندي هئي. پراڪرت (پراڪريتي) جي معنى آهي نج يا صاف ۽ ان جي ابتڙ سنسڪرت (سمسڪريتا) جي معنى آهي گاڏڙ يا مليل جُليل... سنڌي ٻولي تي جيتوڻيڪ ٻاهريون اثر به ٿيو آهي پر ان هوندي به ان جي سٽا ۽ ساخت ۾ ڪا به ڦيرگھير نه آئي آهي...

ان ڪري اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته سنڌي ٻولي قديم دور کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ساڳي آهي. وقت جي گذرڻ ۽ ڌارئين اثر هيٺ، اها ڪي قدر بدليل ٿي ڏسجي پر ايتري ڦيرگھير نه آهي جيتري برصغير جي ٻين ٻولين ۾ ڏٺي وئي آهي. (ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ، حوالو ساڳيو)

هڪ ٻول ميگھ سوچڻ جي دعوت ڏئي ٿو:

     ميگھُ ج ميگھَ: ذ. (پرا. ميهو. سن. ميگھ. ع. ميخ = ڪڪر) ڪَڪر - بادل - ابر - گَھٽا - مينگھ - ميخ. مينهن - برسات - بارش - وَس. وسڪارو - وارکا - باران - جھُڙ - آگم. راڳ جي ڇهن راڳن مان چوٿين راڳ جو نالو ملهار. (هندستاني موسيقي ۾ تمثيلي تصوير مطابق: وارن ڪارو، پوشاڪ پِيلي، هٿ ۾ ترار، ڪڪر تي سوار)

-  ميگھاچَن: ٻارهن ميگھن مان پهرئين ميگھ جو نالو - جُھڙ جَھم - گھاٽا ڪڪر - گَھٽا گھنگھور (ن. ب)

-   ميگھ مَلار: ذ. ساوڻ جي موسم - جھڙ - آگم

     ميگھواڙُ ج ميگھواڙَ: ذ . صفت. چمڙي جو ڪم ڪندڙ - موچي - ميگھواڙ. (اسم خاص). هڪ ذات جو نالو مينگھواڙ.        (ج س ل)

گھ جيڪڏهن ڪو عرب اچاريندو ته غ ئي چئي سگھندو. في الوقت بحث اهو ناهي ته ميگھ ڪهڙي ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ ميگھ ڦري ميهو يا ميهه (مِينهن) ٿيو آهي (الانا ]1987[ 107) يا اهي ٻئي ٻول مورڳو مختلف ڌاتو رکن ٿا پر مقصد اهو ٻڌائڻ آهي ته سنسڪرت (جنهن کي ٻولين جي انڊو-يورپين گھراڻي ۾ رکيو وڃي ٿو ۽ عربي (جيڪا سامي گھراڻي جي ٻولي آهي) ۾ ڪي لفظ بلڪل ويجھڙائي، بلڪه ساڳيو ڌاتو ظاهر ڪن ٿا. ميگھواڙ (مينگھواڙ) سنڌ جي قديم ترين رهاڪن مان هڪ آهن، ۽ سمجھان ٿو ته ان جي معنى ميگھ وارا ٿيندي.

     ميگھ (ميغ، ميخ، ميڪ)

     ميگھواڙ

     ميگھ ملهار

     ميگھ ديوتا

     ميڪائيل (مِينهن وسائيندڙ فرشتو)

     ميخائيل، ميڪائيل (Michael)، مائيڪل (Michael)، مچل (Michle)، ۽ مڇل (Michel) روس، برطانيا، فرانس ۽ جرمني (۽ اڄوڪي اميريڪا) ۾ ڪيترن ئي فردن جو نالو آهي. اهڙيءَ طرح ايشيا، افريڪا ۽ يورپ جي وسيع ايراضين ۾ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙن وٽ هيءُ ٻول موجود آهي.

هڪ ٻيو ٻول آهي پاٽۡ/ Pot

عام انگريزي ۾ هن ٻول جي معنى آهي ڪو به اونهو يا اونهائي رکندڙ ٿانءُ جيڪو رڌو پڪو ڪرڻ، ڪا شيءِ سنڀالي رکڻ يا ڪنهن شيءِ کي گَھڙڻ لاءِ قالب طور ڪم آڻي سگھجي، هن ۾ ٻوٽا به رکي سگھجن ٿا ته مِٺائي به، ۽ منجھس ڪا به پاڻياٺ محفوظ ڪرڻ يا اوتڻ/پرٽڻ جي مقصد لاءِ رکي سگھجي ٿي مٽيءَ جو ٿانءُ. }انهن سان گڏ هي ٻول ٻين ڪيترين ئي اصطلاحي معنائن ۾ به ڪم اچي ٿو.{ هن ٻول کي ديرائت پراڻي-انگريزي (Late Old-English) ٻوليءَ ۾ Pott (پاٽ)، جرمن ٻوليءَ ۾ Pott، سويڊش ٻوليءَ ۾ Potta، ڊئنِش ٻوليءَ ۾ Potte ۽ فرينچ ٻوليءَ ۾ Pot سڏجي ٿو پر انهن ٻولين جا ماهر اڃا تائين اهو سوچي نه سگھيا آهن ته هن ٻول جو بڻ ڪهڙو آهي.

مٽيءَ مان ٺهيل ۽ آويءَ ۾ پچائي ٺڪر ڪيل هڪ قسم جي ٿانءَ کي سنڌي ۾ سڏجي ٿو پاٽ (پاٽِ/پاٽِر).

     پاٽِ ج پاٽيون: ث. ]سن. پاتۡــرَ. پا = پيئڻ[ ٺڪر جي وڏي ٿالهي (جا اٽي ڳوهڻ يا ڀَت کائڻ جي ڪم اچي)...

     پاٽڙِي ج پاٽڙيون: ث. ننڍڙي پاٽ...

     پاٽڙو: ... ننڍي پاٽ.

     پاٽَنُ ج پاٽَنَ: ذ. بوتو - قالب - سانچو.

     پاٽوڙو ج پاٽوڙا: ذ. (سن. پاتۡــرَم= ؟) ٺڪر يا ڪاٺ جي وڏي پاٽ - موڪري ۽ اونهي پاٽ. پاٽ.

     پاٽوئي: ...هڪ ذات جو نالو.

     پاٽوئي ج پاٽوئيون: ث. ]سن. پاتۡـــرَ= پاٽِ[ پاٽي.

     پاٽِي ج پاٽيون: ث. ]سن. پاتۡـــرَ[ اَنَ مَئڻ جو هڪ ماڻ...

     پاٽيو ج پاٽيا: ...تختو - ڦرهو. چَونرِي (ٿ).               (ج س ل)

پاٽو (ج پاٽا) بَٺي ۾ سِرن جي مختلف تهن وارو اڀو پَٽو به آهي جيئن سَت سِرو پاٽو، اَٺ سِرو پاٽو.

     پَٽُ ج پَٽَ: ذ. ]سن. پَــٽۡڪَهۡه[ ميدان - پوٺو - پڊ - زمين - بيابان - ملڪ - ٿـر جـي ڏاڍي زميـن وارو حـصـو، جنهن کي پارڪر به چئبو آهي...

(ج س ل)1

ليکڪ جي نظر ۾ مٿي ڄاڻايل سڀني ٻولن جو ڌاتو پَٽ آهي ۽ پَٽ جي معنى آهي مِٽي.

..........

Pous (پائو) ۽ polypous (پولي پائو) يوناني ٻوليءَ جا ٻول آهن ۽ واريسر هڪ ڄنگھي ۽ گھڻ-ڄنگھي جي معنى رکن ٿا. Pous (پائو) معنى پير يا ڄنگھ. سنڌي ٻولي ۾ پائو کٽ جو به ٿيندو آهي ته ڪنهن بـه سـاهـواري، خـاص ڪـري ڍور جـو بـه. ڄـنـگھ، پـيـر ۽ پـائــو سـاڳـئـي مفـهـوم ۾ به

ڪم ايندا آهن. ڇا يوناني پائو ۽ سنڌي پائو جي وچ ۾ ڪو ناتو ناهي؟ ليلو رچنداڻي صاحب جن اهڙن ڪيترن ئي ٻولن جو ذڪر ڪن ٿا جيڪي سنڌي ۽ يوناني ٻولين ۾ هڪجھڙا آهن. (يوناني ۽ سنڌي ٻوليءَ جو سنٻنڌ، مهراڻ، 4- 1967)2

..........

ليکڪ کي خاص طرح ذڪر ڪرڻو آهي هڪ ٻول جو، جنهن کي انگريزي ۾، حقيقت اها آهي ته ڪيترين ئي يورپي ٻولين ۾، Vowel سڏجي ٿو، جنهن جو سنڌي ۾ عام متبادل سُر لکيو وڃي ٿو ۽ ليکڪ ان جي بدران وائل ڪم آڻي ٿو.

ليکڪ جي نظر ۾ هڪ ٻول آهي وَء جنهن جي معنى آهي چَئه ۽ سمجھي ٿو ته وء ۽ چئه جي وچ ۾ گھاٽو ناتو آهي، ايترو گھاٽو جو وء جي بدران سنڌي ۾ چئه مروج ٿي ان جي جڳهه والاري ويٺو آهي. اهي ٻئي ٻول هن وقت سنڌي ۾ موجود ناهن.

وَئه نه ته وَءُ آهي ۽ نه ئي وري وَءَ يا وَءِ يا وَ.

جيئن /سَـڙۡ، مَـــرۡ، ٺَـــرۡ، پَـــڙۡهه/ وغيره جهڙن ڌاتو ٻولن جي وچ تي عام مفهوم موجب /آ/ آڻي انهن کي /ساڙۡ/، مارۡ، ٺارۡ، پاڙۡهه/ ٺاهجي ٿو جيڪي متعدي ڌاتو آهن، تيئن وَء ڦري ٿئي ٿو واء.

/واء/ ۽ /وا/ جي وچ ۾ فرق آهي.

]وا[ چوندي آوازي لهر مٿي چڙهي ٿي ۽ چڙهندي ختم ٿي وڃي ٿي.

]واء[ چوندي آوازي لهر مٿي چڙهي ٿي ۽ چڙهندي هلڪي لاٿ کائي ختم ٿي وڃي ٿي. ]وا[ ۽ ]واء[ يڪپدا آواز آهن.

واءُ، واءَ ۽ واءِ، ٽيئي ٻَپَدا ٻول آهن ۽ انهن ۾ ]وا[ چوندي جڏهن آوازي لهر ختم ٿئي ٿي تڏهن ]اُ[، ]اَ[ يا ]اِ[ جي نئين آوازي لهر اڀري ٿي.

/واء/ جو عرفِ خاص ۾ اسم مصدر آهي /وائڻ/.

     وائڻ: مصدر. (سن. وايُـ = واءُ). هوا ڏيڻ - واءُ هڻڻ - واءُ ڪرڻ. وِڃڻو هڻڻ. تنوارڻ - آواز ڪرڻ - وڄائڻ. ڳڻڻ. (وائيو وائيندو - وائيَل)

-      وائو ج وائا: ذ. (سن. واڪ. پرا. = وايا). ذڪر - بيان - ڳالهه ٻولهه - چؤٻول - گفتگو.                                (ج س ل)

ليکڪ کي هتي اهو بحث ڪرڻو ناهي ته وايُـ ۽ واڪ اصولي طرح سنسڪرت جا ٻول آهن يا نه ۽ نه ئي وري پراڪرت جي وايا تي ڳالهائڻو آهي پر اهو واضح ڪرڻ آهي ته وائڻ جي معنى کي ٻن وڏن ڌڙن ۾ ورهائي سگھجي ٿو: هڪ جو واسطو هوا سان آهي ۽ ٻئي جو وَئڻ/چَوَڻ سان آهي (آواز ڪرڻ، ڳالهائڻ، ذڪر، بيان وغيره). هيءَ پوئين معنى ظاهر ڪندڙ ٻول وائو جيان وائِي به آهي.

     وائي ج وايون: ث. (پرا. وِئا. سن. وايُـ > واجا = واءُ). باد - وائي بادي... واءُ - ريح ... ڳالهه - پهاڪو... چوڻي - چو... ڪلام. ڪافي - راڳ - وائي... سرسلو - وارتا - تقرير. چؤوت - چؤپچو- چؤٻول - سُڻيدي - ڳالهه - ذڪر. آواز - ٻولي - ڀڻڪو. اُچار - پچار.                 (ج س ل)

]اِي[ آواز سنڌيءَ جي ڪيترن ئي ٻولن جي آخر ۾ پُٺجوڙ (suffix، پڇاڙي) طور اچي ٿو ۽ جو، جي، وارو، واري، سان واسطيدار وغيره جو مفهوم ظاهر ڪري ٿو، ڪن ٻولن کي اسم (noun) ٺاهي ٿو، مذڪر (masculine) کي مؤنث (feminine) ۾ بدلائي ٿو، واحد مؤنث جي نشاندهي ڪري ٿو ۽ وڏي کي ننڍي جو مفهوم ڏئي ٿو.

/وائِي/ = ]واء[ + ]اِي[ = /واء/ + /اِي/.

/وائِي/ ۽ /وائو/ جي ڀيٽ ڪري ڏسو.

/وائو/ = ]واء[ + ]او[ = /واء/ + /او/.

]او[ آواز سنڌيءَ جي ڪيترن ئي ٻولن جي آخر ۾ پُٺجوڙ (suffix، پڇاڙي) طور اچي ٿو ۽ جو، جي، وارو، واري، سان واسطيدار وغيره جو مفهوم ظاهر ڪري ٿو، ڪن ٻولن کي اسم ٺاهي ٿو، واحد مذڪر جي نشاندهي ڪري ٿو، مؤنث کي مذڪر ۾ بدلائي ٿو ۽ ننڍي کي وڏي جو مفهوم ڏئي ٿو.

وائو مذڪر به آهي ۽ اسم به آهي.

وائي مؤنث به آهي ۽ اسم به آهي.

واء جي جنس ناڌر (Neuter، بيجان) ٿيندي.

     اسمن ۽ لفظن جي جنس (Gender) لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته برعڪس سامي ٻولين جي جن ۾ فقط ٻه جنسون مذڪر ۽ مونث آهن، هند-يورپي زبانن ۾ نهايت قديم زماني ۾ لفظن جون ٽي جنسون هونديون هيون مذڪر {masculine}، مؤنث {feminine} ۽ بي جنس يا عام} ناڌر، {Neuter. هندستان جي سمورين پراڪرتن }ٻولين{ ۾ جنس عام ڪا نه ٿي ملي، پر سنڌيءَ ۾ بي جنس يا عام جا لفظ اڃا تائين موجود ملن ٿا. (سراج ]1964[ 66)

هي ليکڪ جنس عام (common) ۽ بي جنس (Neuter، ناڌر) ۾ فرق ڪري ٿو ۽ سمجھي ٿو ته سنڌيءَ ۾ عام ۽ ناڌر جنس جي گم ٿي وڃڻ يا واهپي ۾ گھٽ اچڻ جو سبب سنڌين جي ڊگھي غلامي ۽ پرڏيهي غاصب حاڪميت آهي، خاص ڪري اها پرڏيهي حاڪميت جنهن جي ٻولين ۾ ناڌر جنس موجود نه هئي.

ماڻهو ۽ پکي جنس عام آهي پر سنڌي ۾ اهي مذڪر ٿي جملي ۾ اچن ٿا. برطانيا، اميريڪا، ڪراچي وغيره ۽ لاڙڪاڻو، سکر، روس، ڪشمير وغيره ناڌر جنس هوندي به مذڪر ۽ مونث ٿي جملي ۾ اچن ٿا.

وائو واحد آهي، جمع ٿيندو وائا يا وايا يا وائيا.

وائي واحد آهي، جمع اٿس وايون (وائيون).

واء ڳڻپ جي لحاظ کان ٻُڙي آهي يعني ڪجھ به نه به آهي ته گھڻو ڪجھ به. ان جي ڪا به جنس ناهي ۽ ڪنهن به فاعل يا مفعول سان واسطو نه اٿس.

/واء/ سان جڏهن آخر ۾ /اِ/ ملائجي ٿو تڏهن واحد ۽ مذڪر توڙي مونث لاءِ امري صورت وٺي ٿو /واءِ/

/واء/ سنڌيءَ جي ڪيترن ئي ٻولن ۾ ڌاتو ٿي ڪم اچي ٿو. ڌاتو سان ملندڙ پُٺجوڙ جي پهرئين آواز تي منحصر آهي ته /واء/ کي /وا-/ ڪري ڇڏي يا /واءُ/، /واءَ/ يا /واءِ/.

     وائِڪُ ج وائِڪَ (ٿ) : ذ. خط - رقعو... ڪوٺ جو سڏ... نينڍ.

     وائُکَ ج وائکون : ث. هوا - واء - هير...            (ج س ل)

/وائِڪُ/  =/واء/ + /اِڪُ/

/وائکَ/  =/واء/ + /اُکَ/

/وائکون/=  /واء/ + /کُون/. هن ٻول ۾ هر آواز تي ڌيان ڏبو ته /واء/ جو حقيقي آواز چِٽو ٿي ايندو جيڪو نه ته /واءُ/ آهي ۽ نه ئي وري /واءَ/ يا /واءِ/.

     واڪُ ج واڪَ : ذ. سڏڻ - پڪارڻ - واڪو ڪرڻ - ٻول - واڪ - آواز - هوڪو - واڪو - رڙ - ڪوڪ - دانهن.             (ج س ل)

     واڪُ ج واڪَ : ذ. (سن. واڪۡيَه). لفظ. جملو. شُبد. ٻولي. چوڻي - وچن - ڪلام. ٻول - گفتگو - انجام - قول اقرار - وعدو... چوڻ - ٻولڻ. پهاڪو. ... آواز. ...

     واڪو ج واڪا : ذ. (سن. واڪ < وَچ = ڳالهائڻ). وڏو آواز - رڙ - دانهن - ڪوڪ - آواز - هوڪو - ڪِيڪ - ڪيڪڙاٽ. رڙورڙ - گوڙ - شور - ٻاڪرڪُٽو... ڪِيهه - رِيهه - ووءِ - واويلا - ٻوڪ - ريهاڙ - گجگوڙ - وڏي سڏ پڪار - نعرو...

-      واڪوڙو ج واڪوڙا: ... نعرو.

-      واڪِرُ ج واڪِرَ: ذ. گھڻو ڳالهائيندڙ...

     واڪڻ: مصدر. (سن. واڪۡيَه). ڳالهائڻ - واڪا ڪرڻ - بڪڻ - ڳالهه ٻولهه ڪرڻ...                                       (ج س ل)

/واڪ/ = /واء/ + /ڪُ/ (يا /واء/ + /اُڪ/)

وائڪ ۽ وائک ۾ ئـ ]ا[ چٽو ٿي ويو آهي ۽ واڪ ۽ اهڙن ٻين ٻولن ۾ گم ٿي ويو آهي.

سنڌي ۾ ڪيئي اهڙا ٻول آهن جن ۾ ان ڌاتو /واء/ جي اڳيان (اڳجوڙ يا اڳياڙي طور) ڪي آواز اچي ان کي مختلف معنائون ڏين ٿا.

     سُواءُ ج سُواءَ: ذ. ]سُ + واءُ[ چڱو واءُ - سڻائو واءُ - سٺو واءُ - سولو واءُ - سُڪار. خبر - ڄاڻ - معلومات - علم.

     سُوائي ج سوائيون: ث. ]سُ + وائي[ چڱي ٻولي... وڻندڙ ڳالهه ٻولهه...

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com