سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: ٻول جو بڻ

باب: 12

صفحو :16

 

33) /پَــر-/

/پَـر-/ (= اڳتي): پاڻو

/پَـر-/ (= اڳ ۾): پراچين

/پَـر-/ (= ٻيو): پراپڪار، پرلوڪ، پرمتڙيو، پرمل

/پَـر-/ (= چوڌاري، سڀ طرح سان): پرڇو، پرساد، پرلاءُ، پرورتا، پائڻ، پچار، پڇاڙڻ، پرٽ، پرچار، پرچڻ

/پَـر-/ (= ڌاريو): پرديس، پراڌين، پرکنڊ

/پَـر-/ (= هُتي، پري): پرلو

-      /پُـر/ (= بدن): پُرش

34) /پـرا-/

/پـرا-/ (= اڳتي): پائڻ

/پـرا/ (= پراڻو): پراتن

/پـرا-/ (= گھڻو): پراربد (ج س ل). ]پر=  گھڻو + آ=  تائين. پرارجد (س ڌ ڪ)[

]اصولي طرح ٽي اڳياڙيون: /پر/ + /آ/ + /ر/ (= وڃڻ).[

35) /پرت-/ (= چوڌاري): پرتپال

-      /پـس/ (= پٺيان): پسگردائي، پس منظر

-      /پـو/ (= پري): پوش پوش

-      /چَـو/ (= چار)

-      /ڇَ (ڇهه)/ (= ڇهه)

-      /دُ، دُو، دو، ڍُ-/ (= ٻه): دبارو، دُت، دُتارو، دتيا، دپٽو، دوئي، دهري، دُڪي، دوڇَتي، دوآبو، دوتهو، دورنگو، ڍُنگ

36) /دُر-/ (= ۾): درماھ، درميان

37) /دُر-/

/دُر-/ (= خراب): درگت، ڏهاڳ، درآچاري، ڏواءُ، ڏوٻر

/دُر-/ (= گھٽ): درٻل، درلڀ (ج س ل)

/دُر-/ (= مشڪل): درلڀ (س ڌ ڪ)

38) /دُشٽ/ (= خراب): دشمن، ڏڪار (ج س ل)

39) /ڏُ (= در)/ (= نه): ڏڪار، ڏٻرو، ڏتڙ، ڏڙڻ، ڏچر، ڏڄڻ (سنڌي وياڪرڻ، ج س ل)

40) /ڍي-/ (= مضبوط): ڍينگ/ڍينگري

-      /ري/ (= بنا، کان سواءِ):  ري مُلهو،  ري ڏاڙهيو،  ري چيو، ري ڪمو، ري پيرو، ري پاڻيو، ري ٻُڪي

41) /سَ-/

/سَ-/ (= ساڳيو، برابر): سجات، سمان

/سَ-/ (= ساڻ): سپاڙي، سڦل، سَدي، سرگڻ، ساربان، ساک، سرهو، سمانو، سبرڪتو،

42) /سُ-/

/سُ-/ (= چڱو، سٺو): سپت، سپرين، سچيت، سُڌ، سڌاتورو، سڌير، سڳند، سمَت، سُتَڙ، سلڇڻو، سباس

/سُ-/ (= چڱيءَ طرح سان): سگم، سگھڙ، سماڌ

43) /سا-/ (= چڱو): ساپرس

44) /سَت-/

/سَت-/ (= چڱو): ساڃارو، ساڃاھ، سَٻُڌ

/سَت-/ (= سچو): ستگر

45) /سَـر-/ (= پنهنجو): سروپ (س ڌ ڪ)

46) /سَـم-/

/سم-/ (= اڳيان، سامهون): سنمک

/سم-/ (= برابر): سم درشي

/سم-/ ( چڱو): سمڪرت (سنسڪرت)

/سم-/ (= چڱيءَ طرح سان): سناسي، سنتاپ، سائڻ، سمجھڻ

/سَم-/ (= ساڻ، گڏ): سميٽڻ، سنٻڌ، سنسو، سنڪوچ، سانڀڻ، سماڌ، سماگم، سنڀالڻ، سنگم

47) /سَهه (سان) سُ.، سَ-/ سڦلو، سٻوجھو، سپتيو، سڪار (سنڌي وياڪرڻ)

48) /سَــوَ-/ (= پاڻ): سومان

49) /سُــوَ-/

/سُــوَ-/ (= پاڻ): سروپ

/سُــوَ-/ (= پنهنجو): سوارٿ

50) /شَـت-/ (= سٺو): ستسنگ (س ڌ ڪ)

51) /ڪَ-/ (= هوا): ڪپاٽ، ڪدلي (س ڌ ڪ)

52) /ڪُ-/ (= خراب): ڪپت، ڪپوت، ڪپيري، ڪُچر، ڪرِيت، ڪسنگ، ڪُوٖيڻ

-      /ڪدا-/ (= ڪڏهن): ڪداچت

-      /ڪَر-/ (= ڪرڻ): ڪرتا پرک، ڪرتارٿ

-      /ڪَـش-/ (= آزمائڻ): ڪسوٽي

-      /ڪل-/ (= جھڪو): ڪرلائڻ

53) /ڪِهه-/ (= ننڍائي/صغيري جي نشاني): ڪهتر (سنڌي وياڪرڻ)

-      /گُ-، گو-/ (= ڳئون): گسائين، گوپال

-      /گر-/ (= سکيا ڏيڻ): گرگم

-      /گو-/ (= حواس): گورک

54) /مَ-/ (= نه): مڇڏ، مڇڏو، مَسَهُو

-      /مَهه-/ (= وڏو): مهاڄڻ، مهاراج، مهاراڻي، مهاڪال، مهامري

55) /مِهه-/ (= وڏپڻ/ڪبيرائي جي نشاني): مِهستي، مِهمان (سنڌي وياڪرڻ)

-      /نه (نَ)/

/نه/ (= اندر): نواس

/نه/ (= هيٺ): نيچ

/نه/ (= نه): نروڌ، نشيد، نکيه، نکٽو، نڪمو، نڌڻڪو، نِپُٽو

56) /نِر-/

/نِر-/ (= سواءِ): نٻل، نڌر، نراڀمان، نرآس، نراڪا، نرڀئي، نِرپَک، نردوش، نرگڻ، نرگم، نرمل، نروار، نرالو.

/نِر-/ (= هليو ويو آهي): نرنجن

/نِر-/ (= يقيناً): نِرکڻ

57) /نِس-/ ( نه): نسڦل، نسڪام، نسڪپت

58) /نِـش-/

/نِش-/ (= ٻاهر): نڪرڻ

/نِش-/ (= نه): نشچل، نشڦل

59) /نِـهه-/ (= نه): نهچل، نهڪام، نهڪپت، نهنگ، نهجل، نهٻل، نهچل، نهڦل

-      /وا-/ (= پاڻي): بادل

60) /وِ-/

/وِ-/ (= پري): برھ، بکرو، بکيرڻ

/وِ-/ (= چڱيءَ طرح سان): وتريڪ

/وِ-/ (= خراب، بريءَ طرح سان): بُرو، ورلاپ، بگاڙڻ

/وِ-/ (= سواءِ): بيگم پور، وِمَل (س ڌ ڪ)

/وِ-/ (= طاقت): ڀيوت (وڀوت)

/وِ-/ (= ڪجھ ڪجھ): بِسمار

/وِ-/ (= گھڻو): بگاسڻو، بلاس، ٻيج، واپار، وڌ، وِڌوچار، ورڌاتا، ورونهن، وستار، وکاد، وکاڻ، وگيپ، وگيان، ولاس، وويڪ

/و-/ (= نه): بديهي، وديهي، ورڪت، ويراڳ

61) /ھِ-/ (= ساڳيو): هماتا، هِپتا (سنڌي ٻولي، ليلارام)

-      /هم-/

-      /هَم-/ (= ساڳيو): همعمر،

/هَم-/ (= ساڻ): همسفر، همراهي، همراھ

 

وچياڙيون

ليکڪ وٽ ايترو ۽ اهو گھربل مواد موجود ناهي جنهن جي بنياد تي وچياڙين (Infixes) بابت تفصيلي بحث ڪري سگھي. سنڌي ۾ وياڪرڻ بابت لکيل ڪي به اهڙا ڪتاب، سواءِ الانا صاحب جن جي ڪجھ ڪتابن جي، ليکڪ جي نظرن مان نه گذريا آهن جن ۾ وچياڙيءَ بابت ٿورو به بحث ڪيل هجي. البت مٿي جيڪي سوال اٿاريا ويا آهن انهن جي جواب جي گھرج بلڪل موجود آهي. وچياڙين جو ڪجھ قدر وڌيڪ ذڪر الانا صاحب جن ٻئي هنڌ به ڪيو آهي.

     مرڪب لفظ : سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي اهڙا مرڪب لفظ }موجود{ آهن جيڪي فارسي ٻوليءَ جو }سنڌي ٻوليءَ تي{ اثر ظاهر ڪن ٿا. هيٺ اهي تفصيل سان بيان ڪجن ٿا

و جو استعمال: فارسيءَ جي اثر کان سنڌيءَ ۾ مرڪب لفظن ۾ و وچياڙيءَ (infix) طور استعمال ٿي آهي. هيٺ اهڙا لفظ مثال طور ڏجن ٿا:

روز و شب، صبح و شام، بحر و بر، آمد و رفت، گفت و شنيد، نشست و برخاست.

ب وچياڙيءَ جو استعمال: سنڌي ۾ اهڙا ڪيترائي فارسي زبان جا لفظ ڪم اچن ٿا، جن ۾ ب وچياڙيءَ طور ڪم آئي آهي؛ مثلاً:

درجه بدرجه، سال بسال، وقت بوقت، دربدر، روزبروز

(الانا ]1987[ 337-338)

}ب{ اڪيلي سر مفرد لفظ طور ڪم نه ٿي اچي، اها هڪ پروس صورت آهي ۽ لفظ جي اشتقاق ۾ ئي هڪ مقرر معنى ظاهر ڪري ٿي جڏهن ته }و{ پنهنجي اصلوڪي ٻولي ۾ هڪ مفرد لفظ طور ڪم اچي ٿي ۽ حرف جملي /۽/ جي معنى ڏئي ٿي، ان ڪري اها هڪ مفرد لفظ جو ڪم ڪري ٿي. ان ڪري چئي سگھجي ٿو ته وچياڙيءَ جي حوالي سان ڪنهن پروس صورت موجود هجڻ جي تخصيص قائم نه رکي وئي آهي. پر جيڪڏهن ڄاڻايل ٻولن ۾ /و/ جو حقيقي آواز /او/ ڌيان ۾ رکيو وڃي ته اها هڪ پروس صرفيه طور اڀري اچي ٿي.

اتي، فطري طرح، اهو سوال اٿي ٿو ته

/گھَرڌڻي، راڄَ ڌڻي، ڳوٺَ وڏيرو، نڙَبيت، جھنگَ ڪڪڙ، جھنگَ ٻلو، اتــرَواءُ، ڏندَڪٿا، نانگَ ول، هٿَ ڦاڙ، واتَ ڳاڙهو، واتَ پٽيو، وڏَ واتو، وڏَ کائو، وڏَ ڦڙو، ڪاٺَ ڪٺو، نڪَ هير، نڪَ سنئون، منهَن ڪنئرو، درياھَ لانگھو، مڙسَ تار، نانءَ چڙهيو، کُٽيءَ کنيو، نانگَ کاڌو، ڪکَ چکيو، نڪاحَ ٻڌي، لڄَ پال، ٻنيءَ ٻوڙ، غمَ ٽار، هڏَ ڏوکي/ وغيره ٻولن ۾ /- اَ -/،

/ديسان ديس، ڏيهان ڏيھ، هنڌان هنڌ، ڳوٺان ڳوٺ، منهان منهن، راتيان ڏينهن، پيران پير/ وغيره ٻولن ۾ /- آن -/

/ڀيٽو ڀيٽي، اڳو پوءِ، هٿوهٿ، وِچون وچ/، وغيره ٻولن ۾ /- او -/،

/هَٿون هٿ، ڳوٺَون ڳوٺ، گھرَون گھر، هِتَون هُت، هيڏَون هوڏي/ وغيره ٻولن ۾ /- اَون -/ ۽

/آڱرِ ويڙھ، اکِ ڦلو، ڳنڍِڇوڙ، دلِ گھريو/ وغيره ٻولن ۾ /- اِ -/ ڇا پروس صورتون نه آهن، ٻول جي اشتقاق ۾ ڇا انهن جي ڪا مقرر معنى نه آهي ۽ اهي جڏهن ته آزاد صورت ۾ به ڪم نه ٿيون اچن تڏهن ڇو انهن کي وچياڙي نه سڏجي؟

     وچياڙي (فلالاجي) ڪنهن پاڙ (ڌاتو) يا ٻول ۾ داخل ڪيل هڪ جز يا جوڙ، جيئن Lab پاڙ سان ايندڙ Lambano ٻول ۾ m. (چئمبرٰس ڊڪشنري)

محدود وسيلن سبب ليکڪ وٽ ڪا به راھ نه آهي جو تصديق ڪري سگھي ته /لَيب/ ڌاتو مان ٺهيل /لَيمبانو/ ۾ /م/ کي لفظ جي اشتقاق ۾ هڪ معندار جز ۽ هڪ پروس صورت آهي. پر اهو، بهرحال، واضح آهي ته جنهن جز يا جوڙ کي وچياڙي سڏيو ويو آهي اهو ٻن لفظن جي وچ ۾ نه پر هڪ ئي لفظ جي وچ ۾ آيو آهي.

     سنسڪرت لفظ جو ڌاتو يا بنياد آهي ڪر (kir) معنى ڪرڻ، جنهن جو اسم مفعول ڪرت معنى ڪيو يا ڪيل. سم هڪ اڳياڙي (prefix) آهي، جنهن جي معنى آهي چڱو، تنهنڪري سمڪرت (سنسڪرت) ٻولي معنى چڱي يا صاف ٿيل يعني اجاريل يا سڌاريل ٻولي (Polished or refined language) سنسڪرت ۾ قاعدو آهي ته ڪر ڌاتوءَ جي اڳيان جيڪڏهن سم اچي، ته س جو اچار بالائي گڏڻ گھرجي. انهيءَ سبب سمڪرت بدران سمسڪرت (سنسڪرت) ۽ سمڪار بدران سمسڪار (سنسڪار) چئبو آهي.

(آڏواڻي ]1956[ 24)

جيئن چيو ويو آهي، ان کي ايئن ئي درست سمجھندي2 ڇا ايئن نه ٿو چئي سگھجي ته ڄاڻايل ٻنهي ٻولن ۾ س جو اچار بالائي هڪ وچياڙي آهي؟

هتي سنڌي ٻوليءَ جي هڪ مزاج جي نشاندهي ته ٿي آهي پر انهيءَ کي ڇنڊي ڇاڻي وڌيڪ صاف سٿرن ۽ اصولي بنيادن تي بيهارڻ لاءِ وڌيڪ جنهن تحقيق جي گھرج هئي اها نه ڪئي وئي آهي.

 

اندروني تبديل

     بدلائڻ واري طريقي موجب بنيادي لفظ جي ڪنهن پد يا صرفيي کي بدلائڻ سان ٻيو لفظ نڪرندو آهي... اهو بدلائڻ وارو طريقو ڪڏهن ڪڏهن بنياد ۽ جوڙ ٻنهي تي اثر انداز ٿيندو آهي. ان کي اندروني تبديلي (internal change) سڏبو آهي. (1) مثلاً سنڌيءَ ۾ زمان ماضي ٺاهڻ لاءِ بنياد جي پويان /يو/ ملائبو آهي؛ جيئن ته

(1) /لِکۡ/ مان /لکيو/3

/پڙھ/ مان /پڙهيو/

مگر ڪن حالتن ۾ بنياد جو پهريون پد قائم ڪري ان جو پٺيان /يو/ جي بدران ڪو ٻيو پد ملائبو آهي. مثلاً

(2) /کاءۡ-/ مان /کاڌو/

/آڻ-/ مان /آندو/

وَٺۡ-/ مان /ورتو/

اها اندروني تبديلي ڪڏهن ڪڏهن رڳو بنياد جي پد يا صرفيي سان به ٿيندي آهي. مثلاً شخصي ضميرن جي مضاف ڏيکارڻ لاءِ اسم جي پٺيان ضميري پڇاڙي ملائبي آهي، جيئن ته

(3) /پُٽ/ بنياد مان /پُٽم/ (منهنجو پٽ)

/پُٽ/ بنياد مان /پُٽس/ (هن جو پٽ)

مگر ڪٿي اسم جي آخرين پد يا صرفيي کي ٻئي پد يا صوتيي سان تبديلي ڪري پوءِ ضميري پڇاڙي ملائبي آهي، جيئن ته

(4) /پيءُ/ مان /پِڻَس/ يا /پڻم/ وغيره.

/ماءُ/ مان /ماڻس/ يا /ماڻم/ وغيره.

/سس/ مان /سسڻس/ يا /سسڻم/ وغيره.

(5) دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ اها اندروني تبديلي رڳو هڪ صوتيي سان به ٿيندي آهي. جنهن اصول سان صرفيا هڪ صوتيي جي تبديل سان ٺهن ٿا تنهن کي صرفي-صوتيه اصول (Morphophonology، Morphonology يا Morphophonemics) سڏبو آهي. (جتوئي ]1983[ 120-121)

نمبر (5) جو ڪو به مثال ڏنل آهي.

نمبر (4) ۾ اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته اسم جي آخري پد يا صرفيي کي ڇو ڪنهن ٻئي پد يا صرفيي سان تبديل ڪيو وڃي ٿو، ۽ ڇا سنڌي ٻولي ۾ /پڻم/، /ماڻم/ ۽ /سسڻم/ جھڙا ٻول سچ پچ وجود رکن ٿا؟

نمبر (3) ۾ /پٽ/ سان /- ام/ ۽ /- اَس/ پٺجوڙ طور مليل آهن. ڇا ان کي اندروني تبديل چئي سگھجي ٿو ۽ ڇا اها بنياد جي پد يا صرفيي سان ٿي آهي؟

نمبر (2) ۾ /کاءۡ-/، /آڻۡ-/ ۽ /وَٺۡ/ ٻپدا ٻول آهن يا يڪپدا؟ ليکڪ جي راءِ موجب اهي يڪپدا آهن. يڪپدي ٻول جو پهريون پد ڪيئن قائم ڪري سگھبو؟ ڇا /کاڌو/، /آندو/ ۽ /ورتو/ جو /کا/، /آ/ ۽ /وَ/ ڄاڻايل يڪپدن ٻولن (جن کي مختلف هنڌن تي بنياد سڏيو ويو آهي) /کاءۡ-/، /آڻۡ-/ ۽ /وَٺۡ-/ تان ئي ورتا ويا آهن؟ ان جو ثبوت ڪهڙو آهي؟

نمبر (1) ۾ /يو/ پٺيان ملايو ويو آهي، اهو ڌاتو ۾ ڪا به اندروني تبديل نه ٿو آڻي. پر، ڇا /لِکۡ، پَــڙۡھ/ سان سچ پچ /يو/ ئي ملايو ويو آهي يا /يو/ پاڻ به ڪن آوازن جو ميلاپ آهي؟

نمبر (1) ۽ (3) جھڙا ڪي مثال الانا صاحب جن به ڏنا آهن پر پٺجوڙ طور ۽ اهو ڄاڻائيندي ته پڇاڙي ملائڻ کان اڳ ڌاتو جي پوئين وينجڻ يعني پد ۾ صوتي تبديل ايندي آهي؛ مثال طور

/وَسۡ/ < وَٺۡ + او=  وَٺو4

/ڊَھۡ/ < ڊَٺۡ + او=  ڊٺو

/ڦِسۡ/ < ڦِٿۡ + او=  ڦٿو.   (الانا ]1987[ 54)

- ڇا ڄاڻايل ٻولن ۾ پويون وينجڻ ۽ پد ساڳي شيءِ آهن؟

- ڇا /وَسۡ/، /ڊَھۡ/ ۽ /ڦِسۡ/ ۾ واقعي به، اهڙي تبديلي آئي جو سندن /سۡ/، /ھۡ/ ۽ /سۡ/ واريسر /ٺۡ/، /ٺۡ/ ۽ /ٿۡ/ ۾ بدلجي ويا؟ اهڙي تبديلي ڇو آئي؟

     علم صرف ۾ تبديل جو هڪ ٻيو اصول يا قانون اندروني تبديل آهي... خودمختيار يا آزاد صورتن جي اڳيان يا پويان نشانين ملائڻ کان اڳ، ڌاتوءَ جي بنيادي صورت ۾ تبديل ٿئي ٿي، اهڙيءَ طرح تبديل کي اندروني تبديل چئبو آهي؛ مثال طور:

وَسۡ - < وَٺۡ + او=  وَٺو       س < ٺ         وينجڻ جي تبديل

بِيھۡ - < بيٺۡ + او=  بيٺو     ھ < ٺ      =   =    =

ڀَـــڄۡ - < ڀَڳۡ + او=  ڀڳو     ڄ < ڳ           =   =   =

(الانا ]1987[ 55)

اندروني تبديل کي وڌيڪ بحث هيٺ آڻڻ کان اڳ سٺو ٿو ڀانئجي ته سراج صاحب جن جي هڪ راءِ کي نظر مان ڪڍيو وڃي.

     هاڻ اچو ته سنڌي ٻوليءَ جي ماءُ ۽ پيءُ لفظن کي ڏسون. انهن ٻن لفظن تي غور ڪرڻ سان هڪ عجيب ڳالهه نظر اچي ٿي. اسين سنڌي ۾ اضافتي ضميرن لاءِ ضمير متصل جون پڇاڙيون ڳنڍيندا آهيون، جا سنڌيءَ جي هڪ قديم خصوصيت آهي... اهي نشانيون هي آهن:

ضمير متڪلم جي اضافت = پٽ + م = پٽم منهنجو پٽ.

ضمير حاضر جي اضافت =  پٽ + اِ -اي=  پٽئه يا پٽئي=  تنهنجو پٽ.

ضمير غائب جي اضافت = پٽ + س=  پٽس=  هن جو پٽ.

هاڻي اهي ٽي نشانيون م، ئي ۽ س اسين اصل کان هر اسم سان اضافت ڏيکارڻ لاءِ استعمال ڪندا آيا آهيون ــــــــــ پر ماءُ ۽ پيءُ جي سمورن لفظن سان متڪلم جي نشاني م هرگز نه ٿي ڳنڍجي.

ماءُ=  ماءُ + م=  مائم (ماڻهم)

پيءُ=  پيءُ + م=  پيئم (پڻهم)

امڙ=  امڙ + م=  امڙم

امان=  امان + م=  امانم

جيجل=  جيجل + م=  جيجلم

آيل=  آيل + م=  آيلم

بابو=  بابو + م=  بابوم، بابم

ابو=  ابو + م=  ابوم، ابم.

اوهين ڏسندا ته مٿئين ڪنهن هڪ لفظ سان به م پڇاڙي نه ٿي ٺهڪي ــــــــــ ۽ نه ڪڏهن ڪو استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ان ڪري جو سنڌيءَ جي تمدني مزاج ۾ اهو ممنوع هو، باقي سمورن مائٽن جي لفظن سان اها نشاني ٺهڪي ايندي، يا انهن ئي لفظن ۾ حاضر ۽ غائب جو نشانيون به ٺهڪي اينديون ــــــــــ ماڻس، پڻس، ڌيڻم، بابس، ڀاڻم، سسڻم وغيره. آخر ائين ڇو آهي؟ ۽ ماءُ ۾ پيءُ لاءِ ايترا گھڻا لفظ ڇو؟ ان جو هڪڙو ئي معقول جواز آهي ته متڪلم ماڻهو... پنهنجي ماءُ پيءُ جو نالو نه کڻندو هوندو... سنڌي ماڻهو قديم ۾ پنهنجن ويجھن عزيزن ۽ مِٽن مائٽن کي ڪنهن عزت ۽ احترام جي لفظ سان ياد ڪندا هئا، جو لفظ اسان کان هاڻ گم ٿي ويو آهي پر ان جو هڪ پد نشاني رهجي ويو آهي. (سراج ]1964[ 74-75)

سراج صاحب جن جو خيال آهي ته اهو ڻ يا ڻهه ان ڪري موجود آهي جو ڪنهن آڳاٽي زماني ۾ ڪنهن ديوي يا ديوتا اڻسي يا اڻس جي حوالي سان مائٽاڻي تصور طور استعمال ٿيو آهي.

سراج صاحب جن جي ڳالهه سان اتفاق ڪيو وڃي يا نه، ٿي سگھي ٿو ته صحيح ثابت ٿئي يا غلط، پر پاڻ ڪنهن ٻول ۾ هڪ وائڄڻ جي اسري اچڻ بابت هڪ دليل يا جواز پيش ڪيو اٿائون، اهو نه چيو اٿن ته ايئن ٿيندو آهي، ايئن ڪبو آهي يا اهو سنڌي ٻوليءَ جو قاعدو آهي!

ليکڪ انهيءَ سلسلي ۾ هڪ راءِ رکڻ گھري ٿو.

     سَنسِڪارُ: (سن سُنسڪار. سَمۡ = پاڪ، صاف، چڱيءَ طرح سان + ڪر = ڪرڻ)، ڪرم يا ڪريا، جنهن سان شرير ۽ آتما، شُد ٿي، ڌرم، آرٿ، ڪام ۽ موڪش پراپت ڪجي، صاف ڪرڻ جي ريت.

     سَنسِڪَرتَ: (سن. سَنسڪۡرَتَ. سم = صاف + ڪر = ڪرڻ. صاف ڪيل)، هندن جي پاڪ ٻولي.

     سَنڪَلَپُ: (پرا. سَنَـڪَـلَـپَّ. سن. سَنڪَلۡپَ. سَمۡ = ساڻ + ڪۡــرۡپۡ = طاقت رکڻ)، دل جي خواهش، ڪامنا.

     ڪَلپَت: (سن. ڪَـلۡپِتَ. ڪۡــرۡپۡ = ويچارڻ)، نقلي، ڪوڙو، ڦَـرڻو، خيال.

     ڪَـلۡپِنا: (سن. ڪَلۡـپَـنا. ڪۡــرۡپۡ = ويچار ڪرڻ)، من گھڙت باب.

     سڪاج: (سن. سُڪاريه. سُ = چڱو + ڪارۡيَه = ڪم)، وڙائتو، لائق.

     سَوِيڪار: (سن. سوِيڪار. سُو = پاڻ + ڪارَڪۡــرۡ = ڪرڻ)، قبول ڪرڻ، مڃڻ.

     ڪِـريا: (سن. ڪۡــــرۡيا. ڪۡــرۡپۡ = رحم ڪرڻ)، ديا، رحم، ٻاجھ.

     ڪِـرچ: (سن. ڪۡــرۡتۡ = وڍڻ)، تلوار جو قسم.

     ڪڪر: (سن. ڪ = پاڻي + ڪـرَ = ڪندڙ)، بادل، جھڙ، آگم.

/ڪۡـــرۡپۡ/ رکندڙ چئن لفظن مان ٻن ۾ ان جي معنى ويچارڻ، هڪ ۾ طاقت رکڻ ۽ هڪ ۾ رحم ڪرڻ ڏنل آهي. ڪۡرتۡ معنى ڪيل ۽ ڪرت معنى وڍڻ ۽ ڪارڪر معنى ڪرڻ ته ڪاريه معنى ڪم، سم معنى پاڪ، صاف، چڱيءَ طرح سان، سم معنى ساڻ ۽ سم معنى برابر به آهي ته اڳيان به! اها ڳالهه هڪ شاگرد کي ڀرپور نموني ذهني طرح منجھائڻ جو ڪم ئي ڪري سگھي ٿي.

ليکڪ جيڪڏهن ايئن چوي ته

ڪرت = ڪيل

س + ڪرت=  سٺي ڪيل

سم + س + ڪرت=  چڱيءَ طرح يا صاف ۽ سٺي ڪيل

ڪار=  ڪرڻ جھڙو/وارو، ڪم

س + ڪار=  سٺو ڪم

سم + س + ڪار=  چڱو يا صاف ۽ سٺو ڪم

ڇا انهن ٻنهي لفظن ۾ /س/ هڪ اهڙي صرفيه نه ٿي ٿي پوي جنهن جي هڪ معنى هجي. ظاهر آهي ته ٻنهي لفظن ۾ بنيادي لفظ ڪر آهي جنهن جي آڏو ٻه اڳياڙيون به موجود چئي سگھجن ٿيون.

اهڙيءَ طرح، سراج صاحب جن جي راءِ کي به چڪاس ڪرڻ گھرجي. ڄاڻايل لفظن سان پڇاڙيون (ضميري پڇاڙيون) ملائڻ مهل ڌاتو ۽ پڇاڙي جي وچ ۾ /ڻ/ جو اڀرڻ ڇا هڪ وچياڙي سڏي نه ٿو سگھجي ۽ ڇا ان جي هڪ جي هڪ معنى آهي؟

انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ڪي آواز (وائل يا وائڄڻ) بدلجي ويندا آهن، جيئن اسٽيشن مان ٽيشڻ؛ اڳ پوءِ ٿي ويندا آهن، جيئن همراھ مان هرماھ؛ ناجائز طرح وڌي ويندا آهن، جيئن ڇَ مان ڇَهۡه، ڇَهَه يا ڇِيهه وغيره پر ايئن به خواهه مخواهه نه ٿو ٿئي، ان جا به ڪارڻ ٿين ٿا ۽ وڏو ڪارڻ اڻڄاڻائي يا گھٽڄاڻ آهي، ٻول جي ڊيگھ آهي، آوازن جي اچار ۾ ڏکيائي آهي، آواز اچاريندي ڇيهه وٽ ڊيگھ ڏيڻ آهي وغيره، جن تي اوس بحث ڪبو پر هتي مقصد انهن ٻولن ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ آهي، ته جيئن چيو ويو آهي ته /وَسۡ، ڊَھۡ، ڦِسۡ، کاءۡ-، آڻۡ-، وَٺۡ-/ وغيره مان /وَٺو، ڊٿو، ڦٿو، کاڌو، آندو، ورتو/ وغيره ٺهيا آهن ته ان ۾ ڪيتري صداقت آهي؟

(1) جيئن /-لکۡ ۽ پَــڙۡھ/ وغيره مان /لکيو ۽ پڙهيو/ وغيره ٺهيا آهن تيئن ڇا اهڙي ڪا ترتيب موجود آهي جيڪا ذڪر هيٺ ٻولن سان به ٺهندي هجي؟

-      /وَسۡ/ مان /وسيو/

-      /ڊَھۡ/ مان /ڊهيو/

/ڦِسۡ/ مان /ڦسيو/

/کاء/ مان /کائيو/

/آڻۡ/ مان /آڻيو/

/وَٺۡ/ مان /وٺيو/

     وٺيو وڃج واٽ، ڪنڌ مَ ڦيرج ڪيڏهين. (شاھ، مومل راڻو)

     آڻيو لنب لطيف چئي، چانور ڪيو چاڙهين. (شاھ، مارئي)

-      آڻيو وجھن آهرين، روڙيو رتا گل. (شاھ، مارئي)

     ايءَ تان ڪُوڙي سڌ، جيئن کليو کائيو سمهين (شاھ،)

مٿي ڏنل مثالن کي نظر ۾ رکندي چئي سگھجي ٿو ته اهو ڪو قانون ناهي ته ڪن چونڊ ٻولن، جيئن /وَسۡ، ڊَھۡ، ڦِسۡ، کاء، آڻۡ، وَٺۡ/ جو جڏهن ماضي وارو صيغو ٺهي تڏهن هروڀرو اها تبديلي اچي جنهن لاءِ چيو ويو آهي ته بنياد جو پهريون پد قائم ڪري ان جي پٺيان /يو/ جي بدران ڪو ٻيو پد ملائجي يا ڌاتو جي پوئين وينجڻ يعني پد ۾ صوتي تبديل ايندي آهي.

(2) اهڙي قسم جي تبديل رڳو ماضي واري صيغي ۾ واقع ڇو ٿي ٿئي، حال يا مستقبل واري صيغي ۾ ڇو نه ٿي اچي؟

/وٺو/ آهي،  /وٺندو/  ۽  /وٺان ٿو/  ناهي.

/ڊٿو/ آهي،  /ڊٿندو/  ۽  /ڊٿان ٿو/  ناهي.

/ڦٿو/ آهي،  /ڦٿندو   ۽  /ڦٿان ٿو/  ناهي  ۽ اهڙيءَ طرح ٻيا.

ان جو صاف مطلب هي آهي ته ماضي واري صيغي ۾ اوس ڪا اهڙي ڳالهه موجود آهي جيڪا مستقبل ۽ حال واري صيغي ۾ ناهي.

ليکڪ جي ڄاڻ موجب ڪو به سنڌي ڪتاب ناهي جيڪو ان سوال جو جواب مهيا ڪندو هجي ته ڪن مخصوص ٻولن جا ماضي وارا صيغا ٻه ٻه ڇو آهن؟

 

حوالا ۽ وضاحتون:

1. مرزا قليچ بيگ جن /بَ/ بدران پراڪرت ۾ /دو/ چيو آهي (]1992[ 244) ۽ سنسڪرت اچار /دوِ/ ڏنو آهي، جڏهن ته الانا صاحب جن سنسڪرت اچار /دۡوَ/ ڏنو آهي (]1974[ 76). سنديلي صاحب جن /ٻه/ متبادل ته نه ڏنو آهي پر ٻين ٻولن جيئن ٻاويهه، ٻٽيهه وغيره جي اشتقاق ۾ /دۡوِ/ ڄاڻايو آهي (سنديلو ]1980[ 46-47)

2. اهي لفظ ان ڪري چيا ويا آهن جو ليکڪ سنسڪرت جھڙي ٻوليءَ ۾ /س/ جي دخول کي، بس هڪ قاعدو مڃي، انڌو اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

3. نوٽ: هن ٽڪري ۾ پنجئي انگ ليکڪ ڏنا آهن.

4. ڇا /وَٺو/ جي اچار سان سنڌيءَ ۾ ڪو ٻول مروج آهي؟

     وُٺو ج وُٺا: ذ. وسيو- اٺو (مينهن پيو). (ج س ل)

-      ان جو مؤنث وُٺي ج وُٺيون آهي.

     بر وُٺا، ٿر وُٺا، وُٺيون ترايون. (شاھ، سارنگ)

     وُٺو مينهن وڏ ڦڙو، ڪڍو ڌڻ ڪاهي. (شاھ، سارنگ)

-      /وَسۡ-/ ۽ /وُٺۡ-/ ۾ وائل جي مَٽ به موجود آهي، ان تي به ڌيان ڏيڻ گھرجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com