سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: ٻول جو بڻ

باب: 10

صفحو :13

 

باب ڏهون

سنڌي ٻوليءَ جي هڪ خصوصيت

ان موضوع تي بحث کان اڳ ٻن اصطلاحن جي وضاحت ضروري محسوس ٿئي ٿي.

وايو (Phone)

ڳالڻ (ڳالهائڻ) يا گفتار جو اڪيلو آواز وايو (صوت، Phone) سڏجي ٿو.

چئمبر'س ڊڪشنري چوي ٿي ته وايو ڄاڻنگي (ڊيسِيبيل(1 پيماني تي راڙ (Loudness) جو هڪ ايڪو ۽ آڪسفورڊ ڊڪشنري چوي ٿي ته وايو ڳالهائڻ جو اڪيلو آواز آهي پوءِ اهو وائل هجي يا وائڄڻ. جتوئي صاحب (]1983[ 35) چوي ٿو:

     صوت }وايو{ عربي لفظ آهي جنهن جي معنى آهي آواز، پوءِ اهو تمام هلڪو هجي يا چٽو. صوت }وايو{ ٻوليءَ جو ٻاهريون ۽ ظاهري پهلو آوازن سان تعلق رکي ٿو.

مطلب ته وايو هر انهيءَ آواز کي چئجي ٿو جيڪو ڳالڪ آرکڻ وسيلي اپايو ويو هجي ۽ ٻوليءَ جي ٻول کي جوڙڻ ۾ ڪردار ادا ڪري ٿو. ]ڪ[ هڪ وايو آهي توڙي جو مرد، عورت يا ٻار ان کي اچارڻ دوران سَو سيڪڙو هڪ جھڙو نه ٿو اچاري.

 

وائيو (Phoneme)

وائيو (صوتيو) ڳالڻ جو اهو (اڪيلو) آواز آهي جيڪو ٻول ۾ معنوي فـرق پـيـدا ڪـري ٿـو. ٻـولـيءَ جـي آوازن واري سـرشـتي جي (هڪ) ايڪي کي وائيو

سڏجي ٿو. ساڳئي آواز جا ساڳئي ٻول ۾ مختلف اچار پڻ ٿي سگھن ٿا، انهن اچارن کي ساڳئي ڳالڪ آواز جي  آڪهه، جٿو يا گروهه قرار ڏيندي ان جي هر ڀاتيءَ کي هڪ ٻئي جو بدل آواز، وڻڪو يا وڻاڪ (Variant) سڏجي ٿو.

     صوتيو }وائيو{ اهو آواز يا هڪ جھڙن آوازن جو گروهه آهي جيڪو ٻوليءَ جي لفظن ۾ معنوي فرق پيدا ڪري ٿو. گويا اهو هڪ }اهڙو{ خاص لساني }لسانياتي{ عمل ڪري ٿو جو ٻيو صوتيو ڪري نه ٿو سگھي. انهيءَ ڪري بلومفيلڊ صوتيي کي معنوي فرق پيدا ڪندڙ (distinctive) آوازي نوعيت جو ايڪو سڏي ٿو. (جتوئي ]1983[ 78)

ڪُنو، ڪَنو ۽ ڪِنو جي وچ ۾ معنوي فرق آهي. جتوئي صاحب (]1983[ 75) جو خيال آهي ته اهو فرق ] اُ [، ] اَ [ ۽ ] اِ [ جي ڪري پيدا ٿيو آهي تنهنڪري (انهن ٻولن جي حوالي سان) ] اُ [، ] اَ [ ۽ ] اِ [ مان هر هڪ آواز هڪ معنوي فرق ڪندڙ جز يعني هڪ وائيو آهي.

     صوتيه (Phoneme) ۽ صوت (sound) {Phone} ۾ فرق آهي. صوتيه جي وصف هن ريت آهي:

صوتيه، ساڳين آوازن جي هڪ جماعت آهي (ڊينئل جونز هن کي family of sounds سڏيو آهي). اهي آواز ٻوليءَ ۾، سڀني هڪجھڙن آوازن سان فرق ڏيکارين ٿا، ۽ ساڳئي وقت اهي آواز پاڻ ۾ به علحدگي رکن ٿا، يعني هڪجھڙا نه آهن. اهي سڀئي ڌار ڌار آواز، جيڪي گڏجي هڪ ئي صوتيه ٺاهن ٿا، اهڙن آوازن کي صوتيه ڀاتي (allophones) چئبو آهي. (الانا ]1967[ 47-48)

     صوتيي جي قطعي ۽ منطقي تعريف (defination) پيش ڪرڻ ۾ لسانيات جا عالم متفق ٿي نه سگھيا آهن مگر ان جي واضح ۽ چٽي مفهوم پيش ڪرڻ ۾ سڀني جو اتفاق آهي. اهو مفهوم هي آهي ته لفظن ۾ انهن جي تبديلي سان معنى ڦري ويندي؛ پر جي معنى نه ڦري ته پوءِ مَٽيل آواز صوتيو نه سڏبو. (جتوئي ]1983[ 77-78)

اترادي سنڌ ۾ /پُٽ/ کي چون /پٽر/ (=/پُ + ٽر/). ائين چوڻ جي ڪري ٻول جي معنى ۾ ڪو به فرق نه ٿو ٿئي تنهنڪري ان ٻول ۾ ]ٽ[ ۽ ]ٽر[ کي هڪ ساڳيو ئي وائيو (صوتيو) سمجھبو ۽ ]ٽ[ ۽ ]ٽر[ کي هڪ ٻئي جو ساٽوايو (صوتيه ڀاتي، عيوضي آواز، allophone) يا آجو وڻاڪ (آزاد بدل، free variant) سڏبو.

/سير/ (تور ڪرڻ جو هڪ وَٽ) ۽ /سَير/ (گھمڻ ڦرڻ، سياحت ڪرڻ) ۾ معنوي فرق وائل جي تبديليءَ سبب آهي /اي/ ۽ /اَي/ ڌار ڌار صوتيا (وائيا) سڏبا. پر /غَير/ (ڌاريو) کي ڪي ئي /غير/ به اچارن انهيءَ حالت ۾ /اَي/ ۽ /اي/ هڪ ٻئي جا ساٽوايا يا آجا وڻاڪ سڏبا. ساڳيءَ طرح /غير/ جي عام سنڌي اچار /گير/ چوڻ سبب ڪو به معنوي فرق نه ٿو اڀري تنهنڪري انهن ٻولن ۾ /غ/ ۽ /گ/ هڪ ٻئي جا ساٽوايا يا آجا وڻاڪ سڏابا. /ساڳيا/ ۽ /ساڳا/، /ساڳيو/ ۽ /ساڳو/ جي وچ ۾ اتي ڪو به معنوي فرق ناهي تنهنڪري انهن واسطيدار جوڙن ۾ آخري آواز /يا ۽ آ/ ۽ /يو ۽ او/ ساٽوايا سڏبا.

هڪ خاصيت

ڀيرومل مهرچند آڏواڻي پنهنجي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ جي چوٿين باب جو سِرو سنڌيءَ جون خوبيون ۽ خاصيتون قائم ڪيو آهي جنهن جو پهريون اپ-سِرو اسمن جون پڇاڙيون آهي، جنهن هيٺ لکي ٿو:

     سنڌي ٻوليءَ جي پهرين مکيه خاصيت يا خاص ڳالهه هيءَ آهي ته: سنڌيءَ جي ڪهڙي به لفظ جو پهريون توڙي پويون اکر ساڪن ڪونهي؛ سنڌيءَ ۾ سڀ ڪنهن لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ يا ته ڪو حرف علت يا ته ڪا اعراب آهي ئي آهي.2 اهـو نـمـونـو ڪشـميـري ۽ اُڙيـا يـعني

اوڙيسا جي ٻولين کان سواءِ؛ ٻيءَ ڪنهن به ڏيهي ٻوليءَ ۾ ته ڪونهي، پر خود سنسڪرت ۾ به ڪونهي! (]1956 [323)

آڏواڻي صاحب توڙي جو لفظ جي پهرئين ۽ پوئين اکر جي متحرڪ يا اعرابيل هجڻ جو ذڪر ڪندي پنهنجيءَ ڳالهه جي ابتدا ڪئي آهي پر باقي سڄو ٽڪرو رڳو پڇاڙيءَ جي ذڪر تي بيٺل آهي. الانا صاحب (]1987[ 322-323) جي هڪ راءِ:

     سنڌي صوتياتي نظام موجب سنڌي لفظ جي آخر ۾ هميشه ڪو نه ڪو سُر }وائل{ اچاربو آهي، يعني سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظ جي آخر ۾ ساڪن وينجن }وائڄڻ{ اچار ناممڪن آهي؛ پر ڪي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو، عالم ۽ فاضل، عربي ۽ فارسي مان آيل ڪن لفظن جي اچارڻ مهل، انهن لفظن جي آخر واري وينجن کي متحرڪ اچارڻ بدران ساڪن ڪري اچاريندا آهن.

هتي رڳو لفظ جي آخر ۾ اچارجندڙ وائل آواز جي ڳالهه ڪيل آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي هر ٻول جي آخر ۾ ساڪن وائڄڻ ناممڪن آهي.

     سنڌيءَ جي مفرد لفظن جي آخر (final position) هميشه ڪو نه ڪو سُر (vowel) اچاريو ويندو آهي، پر برصغير جي ٻين ڏيهي ٻولن ۾ ايئن نه آهي. (الانا ]1974[ 9، خوبچنداڻي صاحب جو حوالو)

هن ٽڪري ۾ مفرد (سادي، پهريت) ٻول جو شرط قائم ڪندي ڇيهڪ وائل آواز جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. مسٽر جارج شرٽ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ۽ ٻيا ڪيترائي عالم مٿينءَ راءِ سان اتفاق رکن ٿا. (فاضل ]1992[ 39-41)

ان راءِ ۽ خاصيت سان اختلاف

     سنڌي ٻوليءَ جي اترادي محاوري (خصوصاً ماٿيلي-اٻاوڙي واري علائقي جي ٻولي) ۽ }باقي{ سڀني }سنڌي{ محاورن ۾ هيءُ نمايان فرق آهي ته سنڌي زبان جي متحرڪ ال آخر واري مسلمه قاعدي جي برخلاف، اترادي محاوري ۾ لفظن جو آخري اکر سدائين ساڪن هوندو آهي. (فاضل ]1992[ 39)

     تقريباً سمورا برک محقق، جن لسانيات جو گھريءَ طرح مطالعو ڪيو آهي، سي مٿي ڄاڻايل }متحرڪ ال آخر واري{ اصول جي پٺڀرائي ڪن ٿا، بلڪه سنڌي ٻوليءَ جي انفراديت ئي ان ۾ ٿا سمجھن ته ان جي لفظن جا آخري حرف ساڪن نه آهن. پر ان جي برعڪس جڏهن اترادي محاوري، خصوصاً ماٿيلي-اٻاوڙي علائقي جي ٻوليءَ جو جائزو وٺجي ٿو، تڏهن ائين معلوم ٿئي ٿو ته اهو قاعدو گھٽ ۾ گھٽ انهيءَ علائقي جي سنڌي ٻوليءَ سان لاڳو ڪونهي. هن علائقي جي ٻوليءَ ۾ مستثنيات کان سواءِ سڀني لفظن جا آخري حرف يا آخر ۾ آيل نون غُني کان اڳ وارا حرف ساڪن هوندا آهن. اها ٻولي هڪ وسيع علائقي جي زبان آهي، جنهن جي مطالعي کان سواءِ، سنڌي ٻوليءَ لاءِ ائين چئي ڇڏڻ ته اها متحرڪ ال آخر زبان آهي، ڪنهن به طرح درست نه آهي. تعجب آهي ته هن علائقي جي ٻوليءَ جي امتيازي خصوصيت جو ذڪر ڪنهن به لساني ماهر نه ڪيو آهي. (فاضل ]1992[ 41)

     معياري محاوري جي مؤنث لفظن جي پڇاڙي اڪثر اِ جي اچار سان ٿئي ٿي. مثال طور ڇوڪرِ، هن لفظ جي پڇاڙي اِ اچار واري آهي يعني حرف ر جي هيٺان زير آهي، پر جڏهن اها پڇاڙي جغدالي ۽ فراڪي محاوري جي ان لفظ }ڇوڪر{ ۾ ڏسبي ته ٻنهي محاورن ۾ اها ساڪن نظر ايندي ۽ لفظ ڇوڪرِ بدران ڇوڪر استعمال ٿيندو. اهڙيءَ طرح باھ بدران ڀاھ جغدالي ۾ ۽ ڀاء فراڪي ۾ اچاريو وڃي ٿو. ان طرح جا سڀ لفظ تقريباً حذف ٿيل پڇاڙين سان استعمال ٿين ٿا.

اهڙي طرح مذڪر لفظن ۾ اُ پڇاڙي يا اَ پڇاڙي به ٻنهي محاورن ۾ حذف ڪئي وڃي ٿي. مثلاً ڪتابُ، خچرُ، زخمُ وغيره. اهي لفظ ٻنهي محاورن ۾ اُ جي حذف ٿيل اچار سان ملن ٿا. اهڙيءَ طرح اَ جا لفظ به حذف ٿيل پڇاڙين سان استعمال ٿين ٿا.

اهوئي سبب آهي جو ان خطي جي ٻنهي محاورن جا اڪثر لفظ، فقرا ۽ جملا زمانن، حالتن، فعلن، ضميرن، اسمن، صفتن، عددن ۽ جنسن جوڙڻ وقت مختلف قسم جا گردان ڪن ٿا. (بروهي ]1992[ 98)

     ڀيرومل ته هن ڳالهه کي پاڻ وڌيڪ منجھائي وڌو آهي. هو چوي ٿو ته: سنڌيءَ ۾ سڀ ڪنهن لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ ڪا نه ڪا اعراب آهي، جنهن جو اچار سرحد (ماٿيلي-اٻاوڙي وارو علائقو) ڏي چٽيءَ ريت ڪن ٿا ۽ شڪارپوري }رهاڪو{ اهو سُر سان اچارين ٿا. وچولي طرف ان جو اچار اهڙو اڻ لکيءَ طرح ڪندا آهن، جو ڌاريو ماڻهو سندن ڳالهائڻ مان جيڪر سمجھي ڪين سگھي، ته هر هڪ لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ ڪا اعراب آهي. لاڙ جا ماڻهو خاص ڪري هندو، اهو اچار اڪثر ڪو نه ڪن.

ٻئي هنڌ ڀيرومل اڃا وڌيڪ وضاحت سان لکيو آهي ته: هن وقت سنڌيءَ ۾ سڀ ڪنهن لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ ڪا نه ڪا اعراب آهي ئي آهي. انهن پڇاڙين وارين اعرابن هينئر ئي لڏڻ جو سانباهو ڪيو آهي: لاڙ ۾ ان جو اچار اڪثر ڪو نه ڪن. اهي گھڻو وقت ڪين جٽينديون، جو اکرن جي پدن تي زور ڏيڻ جي ترتيب (Accent system) ڦرندي پيئي وڃي. ... معلوم ٿئي ٿو ته ڀيرومل کي ماٿيلي-اُٻاوڙي علائقي جي ماڻهن سان ملڻ جو شايد ڪڏهن موقعو نه مليو هو. (فاضل ]1992[ 41-42)

پروفيسر شيخ محمد فاضل جن آخر ۾ نتيجو ڪڍن ٿا ته اترادي سنڌيءَ ۾، لفظن جي آخر ۾ اعرابن جو استعمال نه هئڻ جھڙو آهي، ۽ انهيءَ ڪري ئي اترادي محاوري ۾ صوتي مجمعا يا لاڳيتا ساڪن عام جام استعمال ٿين ٿا. (فاضل ]1992[ 44) ۽ اها ڳالهه ڊاڪٽر داد محمد بروهي جن جي ڳالهه (حوالو مٿي ڏنل) سان هڪ ڪري آهي.

اچو ته هيٺ ڏنل ٽن ٻولن ۾ فرق کي محسوس ڪيون:

     /لِکائين/ = /لِکۡ + آء + اِين/، هن ٻول ۾ ن گھُڻو آهي ۽ ]اِين[ وائل آواز جو هڪ تحريري جز آهي (تون) خط لکائِين.

     /لِکائينۡ/ = /لِکۡ + آء + اِي (اين) + نۡ/. هن ٻول ۾ ن جو هڪ هلڪو آواز موجود آهي. هن ٻول جي صورتخطي هن طرح به ٿي سگھي ٿي: /لکائيننۡ/. ]نۡ[ جي هتي، هن ٻول ۾ وائيائي (phonemic) يا روپيائي (morphemic) اهميت کي پرکي سگھجي ٿو (تون) خط لکائينۡ ٿو جو مطلب آهي ته (تون) هنن کي خط لکائين ٿو. ]نۡ[ هڪ وائيي جو ڪم ڪري ٿو.

     /لکائينِ/ = /لِکۡ + آء + اي (اين) + نِ/. هن ٻول ۾ به ]نِ[ جي اهميت کي پرکي سگھجي ٿو، هن ۾ ]ن[ تي زور (stress) موجود آهي ۽ ان جي ڪري اهو هڪ امري صيغو ٿي پيو آهي. هن ٻول جي صورتخطي /لکائيننِ/ به ٿي سگھي ٿي خط لکائينِ جو مطلب آهي ته تون (هنن کي) خط لکاء.

اسان جو لکت سرشتو ۽ صورتخطي لکڻ جو ڍنگ، ڪن ٻولن جي حقيقي آوازن کي سندن صحيح صورت ۾ ظاهر ڪري نه ٿو سگھي.

اسان وٽ عام طرح ڳالهائجندڙ ٻولن ۽ انهن جي آوازن کي اهميت گھٽ ۽ لکيل لفظن ۽ اکرن کي اهميت وڌيڪ ڏني ويندي آهي. ڪاڪي ڀيرومل جن جي مٿي ڏنل ٽڪري ۾ اها ڳالهه چٽيءَ طرح ظاهر ٿئي ٿي. پاڻ اکرن تي حرڪت ۽ اعراب جي نشانين جو ذڪر ڪندي پنهنجي ڳالهه بيان ڪن ٿا.

عِلۡمُ، مَڪۡتَبۡ ۽ مَطۡلَبُ جھڙن ٻولن جو ذڪر ڪندي الانا صاحب جن لکن ٿا:

     سنڌي جا استاد ۽ ماهر حالانڪ مٿيان لفظ ايئن ئي لکندا، جيئن مٿي ڏنل آهن، پر جزم جي اهميت ۽ استعمال کان غير واقفيت سبب انهن لفظن جي هِجي ۾ ساڪن وينجن کي متحرڪ (syllabic) ڄاڻائيندا آهن. مثال طور مٿين لفظن جي هِجي هيئن ڪندا آهن:

عِلۡمُ: عين زير اِ ، لام زير لِ ، ميم پيش مُ ... عِلۡــمُ

فِڪۡرُ: في زير فِ ، ڪاف زير ڪِ ، ري پيش رُ ... فِڪۡـرُ

سنڌيدان نه صرف عربي لفظن جي جزن ۽ پدن جي هجي کان اڻواقف رهيا آهن، پر خالص سنڌي گڏيل آوازن کي به غلط پدن ۾ ورهائي، انهن جي غلط هجي ڪندا آهن: يعني ٻن پدن وارن لفظن (disyllabic words) ۾ اچاريل گڏيل آوازن کي، غلط هجي سبب، سُرَ }وائل{ ذريعي ٽوڙي، ٽن پدن وارو لفظ (trisyllabic word) ڪري، هجي ڪندا آهن. مثال طور:

هَلۡڪو، ڌَرۡتي ۽ چَمۡڪو ٻن پدن وارا لفظ آهن جن ۾ ]ل[، ]ر[ ۽ ]م[ ساڪن آواز آهن. سنڌ جا ماڻهو پنهنجن اچارن ۾ مٿيان آواز ساڪن ڪندا آهن، پر صوتيات ۾ هجي جي اصولن کان بيخبر هئڻ سبب، سنڌ جا استاد مٿين لفظن جي هجي هيئن ڪندا آهن:

هَلِڪۡو: هي زبر ھَ ، لام زير لِ ، ڪاف وا ڪو... هَلڪۡو

ڌَرۡتي: ڌال زبر ڌَ ، ري زير رِ ، تي يي زير تِي... ڌرۡتي

... اهڙيون اوڻايون سرڪاري درسي ڪتابن ۾ گھڻيون نظر اچن ٿيون. سنڌي پرائيمر ۽ پهرئين ڪتاب ۾ گڏيل آوازن کي يا ته سُــرَ ذريعي ڌار ڪيو ويو آهي، يا ڪن هنڌن تي انهن ساڳين گڏيل آوازن ۾ ساڪن وينجن مٿان جزم ڏني ويئي آهي. انهيءَ مان اهو ٿو ظاهر ٿئي ته اهڙن لفظن جي تحريري صورت وقت صوتياتي اصولن ۽ آوازن جي جوڙن (componants) جي پابندي نه ڪئي ويئي آهي. مثلاً:

سنڌي پرائيمر          سنڌي پهريون ڪتاب

 ڪِچِرو                          ڪِــچۡرو

 ڪَـتِـري                          ڪَــتۡري

 سُـهِڻا                            سُــهۡڻا

... لفظن جي وچ وارن گڏيل آوازن کان سواءِ، ڪن لفظن جي منڍ ۾ به گـڏيـل آواز، سنـڌي صوتيـات جـي اصولـن مـوجـب مـمـڪن آهن.3 هيلتائين

سنڌي ڪتابن ۾ منڍ وارن گڏيل آوازن کي بلڪل ترڪ ڪيو ويو آهي. انهن جي برابر خبر تڏهن پوندي جڏهن لکيل صورت کي نظرانداز ڪري، اچاريل آوازن کي ٻڌبو ۽ انهن تي سوچبو...

سنڌي ڪتابن ۾ ڌۡيانُ، پۡيارُ ۽ ڪۡياڙي لفظن ۾ ]ڌ[ ]پ[ ۽ ]ڪ[ کي ساڪن نه سمجھي، انهن کي متحرڪ بنائڻ لاءِ }انهن اکرن{ هيٺ ]اِ[ سُر ڏنو ويو آهي... انهن گڏيل آوازن ۾ پهريان جوڙ ساڪن آهن، انهيءَ ڪري سنڌي ڪتابن ۾ درستيون آڻڻ جي گھڻي گھرج آهي. مثلاً:

 

/پۡريمُ/، /ڌۡيانُ/ ۽ /ٻۡيائي/ ۾ پهريان ساڪن آواز، ٻئي جوڙ{componant}  سان گڏ، گڏيل آواز کان پوءِ ڪم ايندڙ سُــرَ سان متحرڪ ٿين ٿا. (هيءُ هڪ نئون فني بحث آهي، جنهن لاءِ لکيل صورت تي نه، بلڪ اُچاريل آوازن کي ٻڌڻ ۽ ان تي سوچڻ جي ضرورت آهي.) (الانا ]1969[ 76-80)

سنڌي صورتخطي ڪتاب ۾ سنڌي صورتخطي جي سوين چُڪن کي دليلن سان نروار ڪيو ويو آهي. ايتريقدر جو سنڌيءَ جي معتبر ۽ ابتدائي ڪتابن، جيئن جامع سنڌي لغات، سنڌي پرائيمر ۽ سنڌي پهريون ڪتاب ۾، ته صاف ۽ گھڻن وائل آوازن جي تحريري نشانن کي به جزم (جيڪا ساڪن يا بناوائل هجڻ جو نشان آهي) جي نشان سان نروار ڪيو ويو آهي جيئن گِيۡت، گڏِجِيۡ، وَسائيۡ، ساراهِيُـــوۡن، آهيۡ، هِيۡءَ، تِـيۡــلِيۡ، مُــوۡرِيۡ، تُــوۡرِيۡ، پــيۡر وغيره (ڏسو صورتخطي، ص 80-81). مٿي، سنڌي ڪتابن ۾ ڪم ايندڙ صورت هيٺ ڌِيَان ۽ پِيَار صورتون به ڄاڻايل آهن جن ۾ اصولن ي جي مٿان زبر جو نشان ڏيڻ غلط آهي. انهن ۽ اهڙين سوين غلطين جي نشاندهي توڙي جو گھٽ ۾ گھٽ 26 ورھ اڳ ڪئي وئي آهي پر اڄ سوڌو سنڌي لکت ۾ عام آهن.

هن سڄي ڳالهه ٻول کي ذهن ۾ رکي هيٺيان نتيجا ڪڍي سگھجن ٿا:

1.                  سنڌي جي ڪيترن ئي معتبر ۽ ابتدائي ڪتابن ۾ هزارين ٻولن جي صورتخطي غلط لکيل آهي. توڙي جو، اها مڃيل مڃايل حقيقت آهي ته وائل آواز ڪڏهن به، ڪنهن به حالت ۾ ساڪن يا بناوائل ٿي ئي نه ٿو سگھي ته پوءِ ان جي تحريري نشان تي جزم ڏيڻ جو مطلب ڇا ٿيو؟ وري جيڪو وائڄڻ آواز عام مفهوم موجب ساڪن آهي ۽ ان جي تحريري نشان اکر تي به جزم جو نشان آهي پر پوءِ به ڪنهن نه ڪنهن وائل جي مدد سان هجي ڪيو ۽ چِٽو اچاريو وڃي ٿو، ان جو مطلب ڇا ٿيو؟ اسان پنهنجي صورتخطي جي غلطين وسيلي وائل کي ساڪن ڪريو ڇڏيون ۽ هِجي جي غلطين وسيلي ساڪن کي متحرڪ، وائلڪ يا واڪائِي (vocalic) ڪريو ڇڏيون!

2.                 صورتخطي جي غلطين ۽ هجي جي غلطين سبب سوين سنڌي ٻولن جو حقيقي اچار بگڙي چڪو آهي.

3.                 سنڌي ٻوليءَ ۾ هر ٻول جو پهريون آواز هر حالت ۾ متحرڪ هجي، لازمي ناهي اهو ساڪن به ٿي سگھي ٿو، پر اڄ ڏينهن تائين اهو اسان کي متحرڪ ڪري هِجي ڪرايو ۽ پڙهايو وڃي ٿو. ڇا اهو ممڪن ناهي ته، بلڪل ان مثال جيان، ڪيترن ئي سنڌي ٻولن جا آخري آواز هلڪا متحرڪ (جن کي عام طرح ساڪن چيو وڃي ٿو) هجن پر اڻڄاڻائيءَ، گھَٽڄاڻ يا غلطيءَ سبب انهن کي متحرڪ اچاريندا هجون؟

4.                 وائڄڻن جي ميڙ (cluster of consonants) ۾ جيڪڏهن پهريون اکر ساڪن آهي ته ان جو اچار ڪيئن ٿيڻ گھرجي، ان جي ڪا به سمجھاڻي نه ٿي ملي، ۽ انهن جي هِجي ڪيئن ٿيڻ گھرجي، اهڙي سمجھاڻي خود الانا صاحب جن جي به، ڪنهن به ڪتاب ۾ نه ٿي ملي توڙي جو انهن جي نشاندهي پاڻ ئي ڪن ٿا.

5.                 صورتخطي جي غلطين سبب، ۽ سنڌي ۾ تمام گھڻين غلطين سبب ڪيترن ئي ٻولن جي صحيح آوازن ۽ اچارن کي محفوظ رکي نه سگھيا آهيون.

6.                 ٻول جي ڇنڊڇاڻ مهل بنيادي حيثيت ان جي لکيل صورت کي مليل نه هجڻ گھرجي، ٻول جي آوازن ۽ اچار کي پهرئين حيثيت ڏيڻ گھرجي.

7.                 ڪيترائي ٻول ٻن يا ٻن کان وڌيڪ تحريري صورتن ۾ لکيا وڃن ٿا ۽ ڪي تحريري نشان ٻول جي آوازن سان مڪمل هم آهنگي نه ٿا رکن.

ليکڪ جو سڌو راسطو ضلعي لاڙڪاڻي جي رهاڪن سان آهي ۽ (جنرل) فزيشن هئڻ جي ڪري زندگيءَ جي هر شعبي جي ماڻهن سان لهه وچڙهه ۾ رهي ٿو. هِتي، ماڻهن کي جڏهن /ڪياڙي، ڏياري، پيار، ڌيان، گيان/ وغيره جهڙا ٻول ڳالهائيندي ٻڌجي ٿو تڏهن پڪ سان چوڻو پوي ٿو ته اهي انهن ۽ اهڙن ٻولن جو پهريون آواز بلڪل هلڪو متحرڪ (ساڪن) رکن ٿا. جيستائين تعلق آهي اسڪولن ۾ پڙهائيءَ جو، شايد ئي ڪو هجي جيڪو اهڙن ٻولن جي پهرئين آواز کي زير سان نه پڙهائيندو هجي. سنڌي صورتخطي جي موضوع تي سڄو ڪتاب لکڻ باوجود الانا صاحب جن اهڙن ٻولن جي پڙهڻي نه سيکاري آهي.

ليکڪ جي راءِ موجب اهڙن ٻولن جي پڙهڻي هن طرح هجڻ گھرجي:

     ڪۡياڙِي: ڪاف يي الف ڪۡيا، ڙي يي زير ڙِي ... ڪۡياڙِي

     ڪۡياڙُ: ڪاف يي الف ڪۡيا، ڙي يي پيش ڙُ ... ڪۡياڙُ

     ڏۡيارِي: ڏال يي الف ڏۡيا، ري يي زير رِي ... ڏۡيارِي

     پۡيارُ: پي يي الف پۡيا، ري پيش رُ ... پۡيارُ

۽ اهڙيءَ طرح ٻيا.

 

حوالا ۽ وضاحتون:

1. ڄاڻنگي = /ڄاڻ + انگ + اِي/ = ڄاڻ ڏيندڙ انگ وارو، Logarithmetic.

ڊيسِيبيل (Decibel): (ڊيسي = ڏهون حصو + بيل = گراهم بيل، هڪ سڄاڻڪ، جنهن ٽيليفون به ايجاد ڪئي هئي) = هڪ قسم جو ماپو/ماپڻو جنهن تي آواز جو زور، بجليءَ جو وهڪرو وغيره ماپيو ويندو آهي.

2. هتي ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي سنڌي گرامر (ص-31) تان هيٺيون ٽڪرو به ڏنو ويو آهي:

By the vocalic termination the Sindhi has preserved a flexibility, and at the same time sonorousness, of which the other modern vernaculars are completely destitute.

}ان واڪائِي ڇيهه جي ڪري سنڌي ٻوليءَ پاڻ وٽ هڪ لچڪ، ۽ ساڳي ئي وقت ساڏيائپ محفوظ ڪري رکي آهي، جنهن کان ٻيون جديد ڏيهي-ٻوليون مڪمل طرح پالهيون آهن.{

هتي پڻ ڇيهڪ وائل آواز جو ذڪر ڪيل آهي.

3. هيءَ ڳالهه ڪاڪي ڀيرومل جن جِي ان ڳالهه جي خلاف آهي ته سنڌيءَ جي ڪهڙي به لفظ جو پهريون توڙي پويون اکرن ساڪن ڪونهي. (حوالو مٿي ڏنل)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com