سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: ٻول جو بڻ

باب: 13

صفحو :18

 

اسان جو سوال هي آهي ته پاڙ ڌاتو /ڪَمُ/ آهي يا /ڪَمۡ/.

ڪَمُ = /ڪَمۡ + اُ/. هن ٻول ۾ /اُ/ هڪ وائيي جو ڪم ڪري ٿو ۽ ٻول ۾ واحد مذڪر ۽ اسم هجڻ جو مفهوم پيدا ڪري ٿو.

ڪَمَ = /ڪَمۡ + اَ/. هن ٻول ۾ /اَ/ هڪ وائيي جو ڪم ڪري ٿو ۽ ٻول ۾ جمع مذڪر ۽ اسم هجڻ جو مفهوم پيدا ڪري ٿو.

تنهنڪري /ڪَمُ/ ۽ /ڪَمَ/ جو ڌاتو /ڪَمۡ/ آهي.

     ... سنڌي ٻولي گھڻو ڪري ٻه-اکرن ڌاتن تي بيٺل آهي...

سنسڪرت ڌاتو سُوَ برابر آهي سنڌي اصل ڌاتو سئُـ جي. سنسڪرت ۾ ان ڌاتو ۾ ار ۽ ان گڏڻ سان سُون يا سُوَر}ٺهي ٿو جنهن جي{ معنى }آهي{ آواز ڪرڻ. ٻئي طرف سنڌي ڌاتوءَ سُـ - سُئه يا سو جي معنى آهي آواز، ۽ سنڌيءَ ۾ ان جون فعلي صورتون آهن سئڻ، سڻڻ، سُڄڻ (ٻڌڻ ۾ اچڻ) ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي خاص سنڌي طريقي سان ڪيترائي لفظ ٺهن ٿا... (سراج ]1964[ 50-52)

هيءَ ڳالهه ايندڙ صفحن ۾ بحث هيٺ آڻبي. پر سنڌي ٻولن جي پاڙ ڏانهن هن ۾ هڪ اشارو ملي ٿو جيڪو الانا صاحب جن پاران ڏنل ڌاتو ٻولن جي صورت ۾ پڻ موجود آهي.

     پيچيدن لفظن مان ڪي اهڙا به ٿيندا آهن جن کي جيڪڏهن ٽوڙبو ته انهن مان هڪ سالم لفظ ٿيندو ۽ ٻيو پد ٿيندو. مثلاً

ڪسنگ=  /ڪُ + سنگ/

جانور=  /جان + ور/

خداوند=  /خدا + وند/

وڃيٿو=  /وڃي + ٿو/         (جتوئي ]1983[ 112)

/وڃي/ جيڪڏهن سالم لفظ آهي ته پوءِ /سَڏي/ به سالم لفظ سڏڻو پوندو جڏهن ته ان کي اڳ ڏنل مثال ۾ پيچيدو (ڳتيل، مرتب، complex) ٻول سڏيو ويو آهي.

۽ ان کي /سَڏۡ/ ۽ /اي/ ۾ ٽوڙي /سَڏۡ/ کي بنياد يا پيڙھ قرار ڏنو ويو آهي،

۽ /سڏڻ/ کي وري پاڙ-بنياد سڏيو ويو آهي!

/وَڃڻ/ جو پاڙ ٻول آهي /وَڃۡ/.

/وَڃۡ/ + /اُ/=  وَڃُ. (/اُ/ واحد لاءِ، مذڪر هجي يا مؤنث، امر آهي).

/وَڃۡ/ + /او/=  وڃو. (/او/ جمع لاءِ، مذڪر هجي يا مؤنث، امر آهي).

/وَڃۡ/ + /اَ/=  وَڃَ. (/اَ/ بنياد ۾ اسم جو مفهوم وڌائي ٿي).

/وَڃۡ/ + /اَڻ/=  وڃڻ. (/-اَڻ/ اسم مصدر)

/وَڃۡ/ + /آن/=  وڃان

/وَڃۡ/ + /اُون/=  وڃُون

/وَڃۡ/ + /اِي/=  وڃِي

وَڃۡ/ + /اي/=  وڃي

.

.

.

/وڃڻ/ جو ڌاتو /وَڃۡ/ آهي.

/وڃي/کي /وَڃۡ + اي/ ۾ ٽوڙي سگھجي ٿو جيئن /سڏي/ کي /سَڏۡ + اي/ ۾ ٽوڙيو ويو هو ۽ اِتي، انهن ۽ اهڙن سڀني ٻولن ۾ /-اي/ هڪ ضميري پڇاڙي جي نمائندگي ڪري ٿو ضمير غائب اشارو.

     وڃي ٿو.

     حيدر آباد وڃي ٿو

مٿي ڏنل ٻئي جملا مڪمل آهن. وڃڻ جو ڪم ڪير ڪري ٿو؟

هو/هي.

     سڏي ٿو.

     توکي سڏي ٿو.

-                    ڪير سڏي ٿو؟

هو/هي.

(تفصيل لاءِ ڏسو ليکڪ جو مضمون ضميري پڇاڙي ۽ صحيح سنڌي ٻولي. مهراڻ، 1-2، 1994ع.2)

     پَـــــڙۡھ + آن=  پڙهان

پَــــڙۡھ + اي=  پڙهي

پَــــڙھ + اِي=  پڙهِي

انهن مثالن ۾ /پَــــڙۡھ-/ ڌاتو آهي ۽ /آن، اي ۽ اِي/ پڇاڙيون آهن.

(الانا ]1987[ 41)

جيئن، جتوئي صاحب جن جي راءِ موجب /سڏائڻ/ جو پاڙ-بنياد آهي /سڏڻ/، تيئن /ساڙڻ، ڪاڙهڻ، نبيرڻ، پڙهائڻ، لکائڻ، کوٽائڻ، کڻائڻ، ڇڏائڻ، وٽائڻ/ جو پاڙ-بنياد ٿيندو /سڙڻ، ڪڙهڻ، نبرڻ، پڙهڻ، لکڻ، کوٽڻ، کڻڻ، ڇڏڻ، وٽڻ/ ۽ انهن جو، اڳ ڄاڻايل بنيادن تي، اسان جي راءِ موجب حقيقي پاڙ-ٻول ٿيندو /سَــڙۡ، ڪڙۡھ، نِــبِــرۡ، پَــڙۡھ، لِکۡ، کوٽۡ، کَــڻۡ، ڇَــڏۡ، وَٽۡ/. بلڪل ساڳين سببن جي ڪري /مارڻ ۽ تورڻ/ جو پاڙ ٻول ٿيندو /مَـــرۡ ۽ تُـــرۡ/ ۽ /ڊڪڻ ۽ ڇٽڻ/ جو پاڙ ٻول ٿيندو /ڊُڪۡ ۽ ڇَٽۡ/.

هتي ليکڪ پاران هڪ ڳالهه چٽي ڪئي وڃي ٿي ته خود اهڙن، رسمي طريقي ۽ وصف پٽاندر نروار ٿيندڙ پاڙ ٻولن مان ڪجھ، ڪي ٻول سچ پچ پاڙ ٻول هجن، انهيءَ سان ليکڪ کي اختلاف آهي. جيئن مٿئين سٽاءَ ۾ هڪ ٻول /نِــبِــرۡ/ پاڙ ٻول طور اڀري آيو آهي جيڪو ليکڪ جي نظر ۾ پـاڙ ٻـول نـاهـي، اهـو

هڪ ڳنڍڙ ۽ ڳتيل ٻول آهي. اهڙا ڪيترائي ٻول، جيڪي مٿي آيل وصف جي روشنيءَ ۾ پاڙ ٻول طور اڀري اچن ٿا پر درحقيقت ڳتيل ٻول آهن انهن جي ڇنڊڇاڻ اسان اوائلي ٻول3 جي سري هيٺ ڪئي آهي ۽ ڪجھ ٻولن جي وضاحت جوڙپ جي سري هيٺ ڪئي وئي آهي.

جتوئي صاحب جن چون ٿا ته /سَچۡ/ سالم ٻول ناهي (ڇو ناهي؟، ان جي ڪا به وضاحت نه ٿي ملي) ۽ ان جو سالم ٻول آهي /سَچُ/. وري چون ٿا ته /ٿَڌ، لاڙۡ، باغۡ/ وغيره ڪن ٻولن جو بنياد آهن. /سچُ/ کي مثال بنائي انهن جو سالم ٻول هي مقرر ڪرڻو پوندو:

بنياد

سالم ٻول

سَچۡ

سچُ

ٿَڌۡ

ٿڌِ

لاڙۡ

لاڙَ

باغۡ

باغ

ڪنڀۡ

ڪنڀُ

چَمۡ

چَمُ

ڌَڻۡ

ڌڻُ

۽ ٻيا.

 

ٻين لفظن ۾ ايئن چوڻو پوندو ته خود جتوئي صاحب جن جي نظر ۾ جيڪو ٻول بنياد يا پيڙھ آهي، اهو سالم لفظ ناهي.

۽ جيڪو ٻول سالم ناهي اهو جوڙ (affix) ته ٿي سگھي ٿو، ڌاتو نه ٿو ٿي سگھي. اها آهي نمبر چوٿين ڳالهه.

۽ پنجين ڳالهه هيءَ آهي ته ڌاتو ٻول ڪنهن به عدد، جنس، حالت وغيره کي ظاهر نه ٿو ڪري.

جتوئي صاحب جن لکيو آهي ته /سچار/ ۾ /سچۡ/ ۽ /آر/ سالم ٻول نه آهـن، /سـچۡ/ جـو سـالـم ٻــول /سـچُ/ آهـي ۽ /آر/ جـو /ڪار/. اسان جي نظر ۾

/سچُ/ جو ڌاتو به /سچۡ/ آهي ته /سچار/ جو ڌاتو به /سچۡ/، ۽ اهڙيءَ طرح /سچو/، /سچُو/، /سچي/، /سچِي/، /سچاڻ/ وغيره جو ڌاتو ٻول به /سچۡ/ آهي. /سچۡ/ کان سواءِ باقي سڀ جوڙ آهن پٺجوڙ (suffixes).

/سونار، لوهار، ڌڻار، چمار، ڪنڀار/ وغيره ۾ پٺجوڙ /آر/ جو سالم لفظ ممڪن آهي ته /ڪار/ هجي، پر /اُچار، آجھار، آچار، آٽار، اُڀار، اَجھار ۽ اُڏار/ ۾ به /-آر/ جو سالم لفظ /ڪار/ ئي هجي، هڪ شڪ واري ڳالهه آهي.

ڪي جوڙ اهڙا آهن جن جو سالم لفظ ڳولڻ سان ملي وڃي ٿو، پر ڪي جوڙ اهڙا به آهن جن جو سالم لفظ في الوقت نه ٿو لڀي. البت ليکڪ پڪ رکي ٿو ته جيڪو به جوڙ آهي، خاص ڪري اڳجوڙ ۽ پٺجوڙ، اهو ڪنهن نه ڪنهن ٻول جو اڳيون حصو (اڳجوڙ جي حالت ۾) يا پٺيون حصو (پٺجوڙ جي حالت ۾) آهي.

/سونار، لوهار، ڌڻار/ وغيره ٻولن ۾ /آر/ ڌاتو ٿي نه ٿو سگھي ڇو ته انهن ٻولن ۾ اهو هڪ پٺجوڙ طور ڪم آيو آهي، پر ڪو به نه هوندو جيڪو چئي سگھي ته انهن ٻولن ۾ ڌاتو ٻول /سونۡ، لوههۡ، ڌڻۡ/ ناهي، ۽ اهو ٻول پنهنجي حقيقي ڌاتوئي صورت ۾ ڪم آيل آهي.

ليکڪ جي اها ڳڻيل ڳوتيل راءِ آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي هر ٻول جو ڌاتو يڪپدو (monosyllabic) آهي. هر ڌاتو ٻول پنهنجي بناوت ۾ ننڍي ۾ ننڍي معنادار آجي صورت رکي ٿو. اهو ڪا به جنس نه ٿو ڏيکاري، ڪو به عدد نه ٿو پڌرو ڪري. ان ڌاتوءَ سان مختلف جوڙ ملائي ڳتيل ٻول ٺاهيو پئي ويو آهي ۽ اهڙي هر ڳتيل ٻول ۾ اهو ڌاتو پنهنجي ڌاتوئي صورت برقرار رکي ٿو. البت ڳوپ ٻول ۾ هڪ کان وڌيڪ (عام طرح ٻه) ڌاتو ٻول پنهنجي اصلي ۽ اصولي صورت ۾ ڪم اچن ٿا. ڌاتو ٻول ۾ ڪو جوڙ اهڙيءَ طرح به ملائي سگھجي ٿو جو سندس وچون يا اندريون جوڙ ٿي پوي.

ان ڳالهه کي هن طرح به بيان ڪري سگھجي ٿو:

     لِکۡ=  ]ل + اِ + ک[

     لِکَ=  ]لِ[ + ]کَ[  =/لَکۡ + اَ/

     لِکُ=  ]لِ[ + ]کُ = [/لِکۡ + اُ/

     لکو=  ]لِ[ + ]کو[ = /لِکۡ + او/

-      لکڻ، لکائڻ، لکيو، لکايو، لکرايو، لکندو، لکائيندو، ...

     ليکۡ=  ]ل + اي + ک.[ ڌاتو سان /اي/ هڪ اندريون جوڙ.

     ليکو=  ]لي[ + ]کو[ = /ليکۡ + او/

     ليکُو=  ]لي[ + ]کُو[ = /ليکۡ + اُو/

     ليکڪۡ=  ]لي[ + ]کَڪۡ[ ] =لي[ + ]ک + ا + ڪ[  =/ليکۡ + اَڪ/.

     ليکَڪُ=  ]لي[ + ]کَ[ + ]ڪُ[  =/ليکڪۡ + اُ/

     ليکڪَ=  ]لي[ + ]کَ[ + ]ڪَ[ = /ليکڪۡ + اَ/

-      ليکيو، ليکيندو، ليکايو، ليکائيندو، ليکاري، ...

     /لِکۡ/. هڪ ڌاتو ٻول. ناڌر جنس. عدد ٻڙي.

توڙي جو اها ڳالهه محسوس ڪئي وئي آهي ته ڌاتو ٻول پاڻ مان ڦُٽايل هر صورت کان ٿورو ڪي گھڻو فرق رکي ٿو پر ان جي لاءِ ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻيو اصطلاح عيوضي صرفيو (allomorph) ڪم آڻي ان کي ڌاتو سان هم آهنگ ڪيو ويندو آهي. allomorph لاءِ ساٽروپ متبادل طور ڪم آندو ويندو.

ساٽروپ (allomorph) جي لفظي معنى آهي ڪنهن هڪ ئي شيءِ جو ٻيو روپ يا بدليل روپ (عيوضي صرفيو).

     ... مگر بنيادي صرفين morphemes}، رُوپين{ ۾ به عيوضي صرفيا ٿيندا آهن، مثلاً اُٺُ بنيادي لفظ آهي جنهن جون حالتن مطابق مختلف صورتون هيٺين ريت آهن:

اُٺُ اچي ٿو (حالت فاعلي، عدد واحد)

اُٺَ اچن ٿا (حالت فاعلي، عدد جمع)

اُٺُ ڪاھ (حالت مفعولي، عدد واحد)

اُٺَ ڪاھ (حالت مفعولي، عدد جمع)

اُٺَ کي گاھ ڏي (حالت جري، عدد واحد)

اٺن کي گاھ ڏي (حالت جري، عدد جمع)

اٺَ جو پُڇُ ڏس (حالت اضافت، عدد واحد)

اٺن جا پُڇَ ڏس (حالت اضافت، عدد جمع)

او اُٺَ، حبيبن ڏي هل (حالت ندا، عدد واحد)

او اُٺَئو، حبيبن ڏي هلو (حالت ندا، عدد جمع)

انهن سڀني حالتن ۾ اُٺُ بنيادي لفظ جون چار صورتون آهن جن مان هڪَ، حالت فاعلي عدد واحد واري صورت، هوبهو بنيادي لفظ جھڙي آهي، باقي ٻيون ٽي صورتون بدليل آهن. انهن سڀني ۾ بنيادي صورت /اُٺ/ آهي جنهن سان ٻيا جوڙَ /اَ/، ۽ /اَن/ ۽ /اَئو/ ملايا وڃن ٿا، تنهنڪري /اُٺُ/ ۽ /اُٺۡ/ عيوضي صرفيا {allomorphs} آهن. (جتوئي ]1983[ 118)

چئبو ته بنيادي لفظ رڳو مذڪر واحد هوندو آهي.

هن ٽڪري ۾ اُٺُ کي بنيادي لفظ سڏيو ويو آهي ۽ توڙي جو اهو مڃيو ويو آهي ته /اَ/ ، /اَن/ ۽ /اَئو/ ان سان جوڙ ملايا ويا آهن پر اهو نه چيو ويو آهي ته /اُ/ به جوڙ طور ئي مليل آهي ۽ بنياد (ڌاتو) /اُٺۡ/ ئي آهي.

چيو ويو آهي ته /اُٺۡ/ بنيادي صورت آهي، ۽

 /اُٺُ/ بنيادي لفظ آهي!

جيڪڏهن /اُٺۡ/ ۽ /اُٺُ/ ساٽروپ (عيوضي صرفيا) آهن ته پوءِ ڇو /سچُ/ ۽ /سَچۡ/، /پُٽُ/ ۽ /پٽۡ/، /ٿڌِ/ ۽ /ٿڌۡ/، /باغُ/ ۽ /باغۡ/ هڪ ٻئي جا عيوضي صرفيا ناهن؟ ۽ ڇو انهن مان هڪ سالم لفظ آهي ۽ ٻيو سالم لفظ ناهي؟ ۽ ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته اڻ-سالم لفظ ئي ڌاتو ٿي ڪم اچي ٿو!

ليکڪ انهيءَ راءِ جو آهي ته جيئن /اُٺَ/ ٻول ۾ ڌاتو /اُٺۡ/ سان /اَ/ جوڙ ملايو ويو آهي تيئن /اُٺۡ/ ٻول سان /اُ/ جوڙ ملائي /اُٺُ/ ٺاهيو ويو آهي.

جتوئي صاحب جن چيو آهي ته

(1)              اُٺُ بنيادي لفظ آهي،

(2) حالت فاعلي عدد واحد واري صورت هوبهو بنيادي لفظ جھڙي آهي.

(3)             باقي صورتن سان ٻيا جوڙ /اَ/، /اَن/ ۽ /اَئو/ ملايا ويا آهن.

ايئن چوڻ بدران هيئن ڇو نه چئجي ته

(1)              جيئن باقي صورتن سان ٻيا جوڙ /اَ/ ، /اَنۡ/ ۽ /ائو/ ملايا ويا آهن تيئن حالت فاعلي عدد واحد (۽ جنس مذڪر، جنهن جو ذڪر ئي نه ڪيو ويو آهي) واري صورت ٺاهڻ لاءِ جوڙ /اُ/ ملايو ويو آهي، ان ڪري

(2)             حالت فاعلي عدد واحد (جنس مذڪر) واري صورت هوبهو بنيادي لفظ جھڙي ناهي، ۽

(3)             بنيادي لفظ اُٺُ (يا /اُٺِ/=  ڏاچي) ناهي پر /اُٺۡ/ آهي جنهن کي اصولن ڌاتو سڏڻ گھرجي ڇو ته ڌاتو ان صورت کان سواءِ ٻيو ڪو به ناهي.

پوءِ ته ائين به چوڻو پوندو ته

ڪـتـو اچـي ٿــو (حالت فاعلي، عدد واحد، جنس مذڪر)

ڪتي اچي ٿي (    =    =     =   ، جنس مؤنث)

.....

(۽ اهڙيءَ طرح باقي سڀ جملا) ته پوءِ

-                    /ڪُتو/ بنيادي لفظ آهي (۽ /ڪُتِي/ به بنيادي لفظ آهي)،

-                    حالت فاعلي، عدد واحد (۽ جنس مذڪر هجي يا مؤنث) جي صورت هوبهو بنيادي لفظ /ڪُتۡ/ جھڙي آهي، جنهن سان ٻيا جوڙ ملايا ويا آهن،

-                    تنهنڪري /ڪُتۡ/ ۽ /ڪُتو/ ۽ /ڪُتي/ ساٽروپ (عيوضي صرفيا) آهن.

-                    يا وري چئبو ته بنيادي لفظ رڳو مذڪر ٿيندو آهي.

۽ وري جي مثال ڪنهن اهڙي شيءِ جو هجي جنهن ۾ جنس مذڪر ۽ مؤنث وڌيڪ نمايان فرق رکن ٿا جيئن /کٽي ۽ کٽياڻي/، /ڌوٻي ۽ ڌوٻياڻي يا ڌوٻڻ/، /سونار ۽ سوناري/، /ڀنگي ۽ ڀنگياڻي/ وغيره ته پوءِ اهو مثال ويتر غيرعملي ٿي پوندو.

 

ڌاتو ٻول

(1)              ننڍي ۾ ننڍي معنادار آجي صورت آهي.

(2)             ڳتيل ٻولن جي روپاوليءَ ۾ ڌاتو ٻول پنهنجي حقيقي صورت برقرار رکي ٿو ۽ انهن سڀني ٻولن جو بنياد (پاڙ) ٿي ڪم اچي ٿو.

(3)             سنڌي ٻوليءَ جو ڌاتو ٻول يڪپدو ٿئي ٿو.

(4)             اهو ڪو به عدد، ڪا به جنس ۽ ڪا به ڪيفيت يا حالت ظاهر نه ٿو ڪري.

(5)              ڌاتو ٻول ڌاتو ٿي ئي ڪم اچي ٿو، جوڙ نه.

(6)             ڳوپ ٻول (جنهن ۾ هڪ کان وڌيڪ، اڪثر ڪري ٻه ڌاتو ٻول ٿين ٿا) سان پڻ ڪي جوڙ ملائي انهن کي ڳتيل ٻول جي صورت ۾ آندو وڃي ٿو ۽ اهڙيءَ حالت ۾ جڙيل روپاولي کان جوڙ الڳ ڪيا ويندا ته ڳوپ ٻول ظاهر ٿي پوندو.

 

حوالا ۽ وضاحتون:

1. هي مضمون ڊاڪٽر محبت جي ڪتاب سنڌي ٻولي: لفظ، لغت ۽ لکيت ]2003[ ۾ ڇپيو ويو آهي.

2. نوٽ: هيءُ مضمون سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپرايل ڊاڪٽر صاحب جي ڪتاب اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون ]2000[ ۾ شامل آهي.

3. هن عنوان تحت مواد ملي نه سگهيو آهي. - رياضت

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com