سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: ٻول جو بڻ

باب: 6

صفحو :8

 

]ڪِ[، ]نو[، ]ڏُ[ ۽ ]سُ[ کي جيڪڏهن ٻن ٻن جزن ۾ ٽوڙبو ته وائل ڌار ڪرڻ کان پوءِ باقي جز ڄڀ جي ان چرپر جي نشاندهي ڪري سگھندو جيڪا وات جي کوپي ۾ هوا جي گذر کي رنڊڪ ڪري ٿي.

۽ سکڻي رنڊڪ آواز ٿي سگھي، ممڪن ناهي هوا جي وهڪ وسيلي وڄندڙ ساز رنڊڪ کان پوءِ ڪو به آواز اپائي نه ٿو سگھي. وات جي کوپي ۾ هوا جي وهڪ بند هجي ۽ آواز اپجي سگھي، ممڪن ناهي.

بندش ڪندي ئي هوا جي وهڪ کي ملندڙ لنگھ وائڄڻ آواز اپائي ٿو ۽ جڏهن اهو ڪجھ وڌيڪ چِٽو آهي تڏهن عام اصطلاح ۾ رَتل يا برقرار رهي سگھندڙ (sustained) وائڄڻ سڏجي ٿو.

ڪو به وائڄڻ اپائڻ مهل، هوا جي وهڪ کي گھربل نموني گھربل هنڌ رنڊائيندي ئي جڏهن آزادي ملي ٿي تڏهن وات جي کوپي جي بيهڪ وائل آواز اپائڻ واري ٿي پوي ٿي. ڪو به وائڄڻ ڪنهن نه ڪنهن وائل جي مدد سان ئي اچاري سگھجي ٿو. وائڄڻ آواز جيڪڏهن محض رنڊڪ جو نالو ناهي ته پوءِ پڪ سان اهو هڪ اهڙو آواز آهي جيڪو وات جي کوپي ۾ هوا جي وهڪ کي رنڊڪ ڪندي ئي لنگھ ڏئي اپايو وڃي ٿو. وائل آواز جي هڪ خصوصيت رنڊڪدار نه هجڻ آهي ۽ وائڄڻ جي خصوصيت رنڊڪدار هجڻ آهي.

]ڪِ[ جيئن ته ٺهي ئي رنڊڪ ڪندي آزادي ڏيڻ وسيلي ٿو تنهنڪري اهو هڪ آواز آهي. رنڊڪ ۽ آزادي هڪ ئي سَٽ ۾ عمل هيٺ اچن ٿا ۽ ]ڪِ[ کي جنم ڏين ٿا. جيئن اسان ٻه-سري وائل جي حالت ۾ ڏٺو هو ته هڪ وائل اچاريندي ئي ٻئي ڏانهن موڙ هڪ ٻه-سري وائل کي جنم ڏئي ٿو ۽ ٻه-سري کي ٻه وائل نه، هڪ وائل آواز سڏجي ٿو تيئن ]ڪِ[ اپائڻ جي حالت ۾ رنڊڪ ڪندي ئي ڄڀ ]اِ[ واري بيهڪ تي اچي ٿي.

]ڪِ[ ٻن آوازن جو ميل ناهي، هوا جي وهڪ کي رنڊڪ ڪندي ئي آزاديءَ وسيلي اپايل هڪ آواز آهي.

]ڪِ[ ۾ ]اِ[ ان جو اڻٽٽ جز آهي.

جيئن ڪنهن ٻه-سري وائل ۾ ٻه آواز اهڙيءَ طرح سمايل آهن جو انهن کي الڳ ڪري سگھڻ ممڪن نه آهي تيئن ]ڪِ[ ۾ ]اِ[ سمايل آهي. جيڪڏهن تشبيهه ڏئي بيان ڪبو، ته وائڄڻ آواز ۾ وائل ايئن آهي جيئن اکين جي ديد، ڪتاب جا اکر، ڦلواڙيءَ جا گل، سج جي روشني ۽ ڪائنات جو مادو. ان ڪري ئي بارٽل مالمبرگ کي چوڻو پيو ته وائڄڻ ڪنهن شيءِ جي مدد سان ئي آوازي سگھجن ٿا.

/ڪِنو/ ۾ ]اِ[ ۽ ]او[ کي ڌار رکڻ کان پوءِ ڇا ڪ ۽ ن وٽ سچ پچ ڪو آواز آهي؟ جي ها، ته ڪهڙو؟

ڇا رنڊڪ به ڪو آواز آهي؟ ڇا ماٺ به ڪو آواز آهي؟

]اِ[ ۽ ]او[ ڌار ڪرڻ کان پوءِ ڪ ۽ ن وٽ ڪنهن به آواز جي نمائندگي موجود ناهي، انهن وٽ نه ته ڀڻڪو آهي ۽ نه ئي اَوِسرڳائپ. وٽن رڳو بندش آهي ۽ بندش ڪو به آواز ناهي. وائڄڻ آواز اپائڻ جي حالت ۾ هوا جي وهڪ کي رنڊڪ ۽ آزادي هڪ اڻٽٽ ايڪو آهي، انهن کي ٽوڙڻ جي ڪوشش تصور ۽ تحرير ۾ ته ممڪن آهي، عمل ۾ ممڪن ناهي، بلڪل ايئن جيئن تصور ۽ تحرير وسيلي بنا ڪنهن مادي مدد جي ڪائنات جو سَير ڪري سگھجي ٿو پر عمل ۾ اهو ممڪن ناهي.

هڪ ٻه-سرو وائل ٻه وائل آواز ناهي. هڪ ٻه-سري کي آواز جي هڪ سٽ ۾ اچاري سگھبو آهي پر ٻن وائل آوازن کي ڪو به، ڪنهن به حالت ۾ آواز جي هڪ ئي سٽ وسيلي نه ٿو اچاري سگھي. ]اَ[ ۽ ]آ[ ٻه وائل آواز آهن ۽ انهن کي هڪ ئي ڪوشش ۾ گڏ اچاري نه ٿو سگھجي، هر هڪ کي اچارڻ لاءِ هڪ ڌار ڪوشش ڪرڻي پوندي. ]اَ[ ۽ ]او[ به ٻه وائل آواز آهن ۽ انهن کي به هڪ سٽ ۾ اچاري نه ٿو سگھجي پر اهڙي ڪوشش جيڪڏهن ڪئي ويندي ته الانا صاحب جي چوڻ موجب اهو هڪ ٻه-سرو وائل ۽ جتوئي صاحب جي چوڻ موجب اهو هڪ يَڪسُرو وائل آواز هوندو ۽ ڪو به عقلمند ڪنهن ٻه-سري يا يڪسري وائل کي ٻه آواز قرار ڏئي نه ٿو سگھي. ]ڪِ[ ڪنهن به ٻه-سري جي ڀيٽ ۾ هڪ وڌيڪ بهتر اڪيلو آواز آهي.

جتوئي صاحب جن جي ڏسيل طريقي موجب اچو ته انهن ڪجھ ٻولن کي ڀڃي ڏسون جن جو مثال پاڻ ٻه-سري وائل جي وضاحت ڪندي ڏنو هئائون:

  ٻول              آواز                   پد  

/سُوءَ/  =  ]س[ + ]اُو[ + ]اَ[    =   /سُو/ + /اَ/

/سِيءُ/ =  ]س[ + ]اِي[ + ]اُ[   =   /سِي/ + /اُ/

/پِيءُ/  =  ]پ[ + ]اِي[ + ]اُ[   =   /پي/ + /اُ/

/پوءِ/  =  ]پ[ + ]او[ + ]اِ[    =   /پو/ + /اِ/

/لاءِ/   =   ]ل[ + ]آ[ + ]اِ[    =   /لا / + /اِ/

/کاءُ/  =  ]ک[ + ]آ[ + ]اُ[    =   /کا/ + /اُ/

ڪو به ٻه-سرو ڪڏهن به ٻن پدن کي جنم ڏئي نه سگھندو آهي ۽ نه ئي وري ٻه آواز هوندو آهي پر مٿي ڏنل مثال مان ظاهر ٿئي ٿو ته سڏيا ويل ٻه-سرا نه رڳو ٻه وائل آواز رکن ٿا پر ٻن وائل آوازن جو وجود ثابت ڪندي ٻن پدن کي به جنم ڏين ٿا.

ليکڪ جي راءِ آهي ته هڪ ٻول ۾ جيڪي به آواز موجود آهن انهن مان هر هڪ کي هڪ مڪمل آواز سمجھي لکت ۾ هڪ ئي آواز ظاهر ڪندڙ ڏنگي ــــــــــ ] [ ۾ لکيو وڃي، مثال:

/ڪِنو/   = ]ڪِ[ + ]نو[  يا  ]ڪ + اِ[ + ]ن + او[

/ڪَنو/   = ]ڪَ[ + ]نو[  يا  ]ڪ + اَ[ + ]ن + او[

/ڪُنو/  =  ]ڪُ[ + ]نو[  يا  ]ڪ + اُ[ + ]ن + او[

/آنو/    =   ]آ[ + ]نو[  يا  ]آ[ + ]ن + او[

/آءُ/     =  ]آ[ + ]اُ[

/اِيٽَ/   =  ]اِي[ + ]ٽَ[  يا  ]اِي[ + ]ٽ + اَ[

/اولاڻو/ =  ]او[ + ]لا[ + ]ڻو[ يا  ]او[ + ]ل + آ[ + ]ڻ + او[

هڪ جھيڻو وائل آواز رکندڙ وائڄڻ کي واياڄاڻِي صورتخطيءَ ۾ هن طرح ظاهر ڪري سگھجي ٿو:

/لِکۡ/   = ]لِ[ + ]کۡ[ يا ]ل + اِ[ + ]ک + ł[

/پَڙۡهه/   = ]پَ[ + ]ڙۡهه[ يا ]پ + اَ[ + ]ڙهه + ł[

/کِسۡڪۡ/ = ]کِ[ + ]سۡ[ + ]ڪۡ[ يا ]ک + اِ[ + ]س + ł [+ ]ڪ + ł[

انهن جا پَد هن طرح ٿيندا:

/لِکۡ/   =  /لِکۡ/

/پَــڙۡهه/   =  /پـڙۡهه/

/کِـسۡڪۡ/ =  /کِـسۡڪۡ/

/اولاڻو/  =  /او/ + /لا/ + /ڻو/

/اِيٽَ/   =   /اِي/ + /ٽَ/

/آءُ/     =   /آ/ + /اُ/

(پد بابت وڌيڪ تفصيل پد جي سري هيٺ لکيل باب ۾)

 

آواز ۽ اکر

آواز ٻوليءَ جو ايڪو آهي ۽ اکر لکيت جو.

هڪ آواز جو اهڃاڻ ڪو نه ڪو اکر يا ڪي نه ڪي اکر آهن.

آوازن کي مقرر صورت ۾ اوري ٻول جي صورت ڏني وڃي ٿي. انهن آواز لاءِ مقرر اهڃاڻي صورتن، اکرن کي لِيڪي واسطيدار (ٻول جو) لفظ قرار ڏنو وڃي ٿو.

ڪوشش اها ڪئي وڃي ٿي ته ٻول کي اکرن وسيلي پنهنجيءَ درست صورت ۾ اهڃاڻي سگھجي. مشاهدو ٻڌائي ٿو ته اکرن کي اڄ ڏينهن تائين ايترو سڌاري نه سگھيا آهيون جو آواز جي مقرر ۽ درست نمائندگي ٿي سگھي.

سنڌي جا ڄاتل سمورا وائل آواز ا، و، ي ۽ ن تحرڪ جي ٽن نشانين وسيلي ظاهر ڪيا وڃن ٿا. مکيا ڪم ايندڙ نشان ا ڪيترن ئي لفظن ۾ صورت مٽائي ئـ ٿي پوي ٿو ۽ ٻيا ٽيئي نشان و، ي ۽ ن وائڄڻ جو نشان ٿي به ڪم اچن ٿا.

انگريزي ۾ پنج وائل سڏجندڙ اکرن a، e، i، o ۽ u ۽ ٽن وائڄڻ سڏجندڙ اکرن w، y ۽ r کان 19-وائل آواز اهڃاڻڻ جو ڪم ورتو وڃي ٿو. مثال لاءِ چَيمبر'س ڊڪشنري تان ورتل هيٺ ڏنل ٻولن ۾ a وسيلي ظاهر ڪيل آوازن تي ڌيان ڏيو:

                                      Shall    =  /Shal, Shəl/

                                      Sham   =  /Sham/

                                      Shame  =  /Shām/

                                      Share   =  /Shār/

                                      Shaft    =  /Shft/

ڏسي سگھجي ٿو ته a وسيلي ظاهر ڪيل آواز ساڳيو ناهي. ]ش[ رکندڙ ڪجھ مثال ڏسو:

/Pashion/   ۾   ]شَ[ کـي  ظـاهـر  ڪـنـدڙ  اکــر -ssio آهن.

/Patient/    ۾   ]شَ[ = = = = = = = = = =  -tie آهن.

/Ration/    ۾   ]شَ[  = = = = = = = = = = -tio آهن.

/Ocean/    ۾   ]شَ[   = = = = = = = = = =-cea آهن.

/Conscience/ ۾ ]شَ[  = = = = = = = = = =scie آهن.

/Shut/     ۾    ]شَ[   = = = = = = = = = =shu آهن.

هر ٻول ۾ ]شَ[ آواز آهي پر ان کي ظاهر ڪندڙ انگريزي اکر هر واري مَٽيل آهن، ڪنهن ۾ ٻه ٻه وائڄڻ ۽ ٻه ٻه وائل ته ڪنهن ۾ هڪ وائڄڻ ۽ ٻه وائل يا هڪ وائل ۽ ٻه وائڄڻ. وري ڪن لفظن ۾ t آهي ته ڪن ۾ c يا ss يا sc يا sh ۽ ڪن ۾ وائل io آهن ته ڪن ۾ ie ، ea ۽ a.

t جو مخرج هڪ آهي ته s جو ٻيو، c جو ٽيون ته sh جو چوٿون.

a جو مخرج هڪ آهي ته ie جو ٻيو، io جو ٽيون ته ea جو چوٿون.

ٻولن ۾ آواز ساڳيو هڪ ئي آهي ۽ لفظن ۾ ان کي ظاهر ڪندڙ اکر ٻيا ٻيا.

/Possession/ ۾ ڇهه وائڄڻ ۽ چار وائل اکر آهن، پر /پَزيشن/ ٻول ۾ ڇا سچ پچ ڇهه وائڄڻ ۽ چار وائل آواز موجود آهن؟

مونجھارو اکرن ۾ آهي، آواز ۾ نه.

ان ڪري ليکڪ اها راءِ رکي ٿو ته ٻول جي آوازن کي جاچڻ لاءِ پاڻ کي لفظ جي اکرن ۾ اڙائڻ نه گھرجي، اکر ڪيترن ئي حوالن سان ناقص آهن.

اسان وٽ ٻار کي جڏهن الف-ب لکڻ سيکاري ويندي آهي تڏهن ب، ٻ، ڀ، ت، ٿ، ٽ، ٺ، ث ۽ پ يا د، ڌ، ڊ، ڍ، ڏ ۽ ذ جو هڪ جھڙو اِنڊو ٺاهي کيس چيو ويندو آهي ته انهن اکرن ۾ رڳو نقطن جو فرق آهي. اکرن ۾ ڀلي نقطن جو فرق هجي، ۽ آهي، پر اهو سڀ ڪجھ اکر/تحرير/لکيت تائين محدود هجڻ گھرجي، ان ڳالهه کي آواز سان لاڳو نه ٿو ڪري سگھجي. آواز اکرن يا لِيڪن ۽ نقطن جو محتاج ناهي.

لکت ۾، مثال طور ]آ[ کي سنڌي ٻولي ڪنهن هڪ صورت ۾ لکندي، هندي ڪنهن ٻيءَ صورت ۾، چيني ڪنهن ٽينءَ ۾ ته انگريزي ڪنهن چوٿينءَ ۾، پر اهي ٻوليون ڳالهائيندڙ جڏهن ]آ[ اچاريندا تڏهن لڳ ڀڳ هڪ جھڙو هوندو. لکت کان سواءِ ٻولي ٿي سگھي ٿي پر آواز کان سواءِ ٻولي هجي، ممڪن ناهي. ياد رکيو وڃي ته ٻوليءَ ۾ بڻائتي اهميت آوازن جي آهي.

 

وائڄڻ جو وائل

ڪو به وائڄڻ آواز بنا جھيڻي وائل جي اپائڻ ممڪن نه آهي. هر وائڄڻ سان گھٽ ۾ گھٽ هڪ جھيڻو وائل اوس اڻٽٽ نموني ڳنڍيل ٿئي ٿو، پر ڪو به وائڄڻ جڏهن اهڙيءَ طرح اپايو وڃي جو ان جي ڳنڍپ ۾ هڪ چٽو وائل محسوس ٿئي تڏهن صورتحال ڪهڙي هجي ٿي؟

/آپا/ چئي ڏسو.

ٻڌايل طريقي موجب ان ۾ ٽي آواز: (1) ]آ[، (2) ]پ[ ۽ ]آ[ آهن. پر ڇا پهريون ]آ[ ۽ پويون ]آ[ بلڪل هڪجھڙا آهن؟

پهريون ]آ[ چوڻ مهل هوا جي لنگھ کي وات جي کوپي ۾ ڪنهن به هنڌ رنڊڪ نه ٿي ٿئي وات پورو کليل، چپ ڍرا، ڄڀ جي اڳئين حصي جي سطح ڪجھ مٿڀري پر پٺيون حصو ممڪن حد تائين هيٺ، هوا جو لنگھ پورو کليل، اخراج جو هنڌ ڄڀ جي پٺ، واڪل ڏوريون ڦڙڪندڙ، هوا جي ڪل وهڪ وات منجھان ۽ آواز جي حالت اوسرڳ.

]پا[ چوڻ مهل هڪ خاص فرق، جنهن کي هر هڪ محسوس ڪري سگھي ٿو، اهو آهي ته چپ پاڻ ۾ ملي هوا جي لنگھ کي بند ڪندي ئي ڌار ٿي هوا کي دڳ ڏين ٿا ۽ ان مهل وات جي کوپي ۾ ڳالڪ عضون جي بيهڪ اها ساڳي، جيڪا ]آ[ چوڻ مهل هئي.

هاڻي /آبا/ چئي ڏسو.

]آ[ ۽ ]با[ ۾ هڪ خاص فرق اهو ئي آهي جيڪو ]آ[ ۽ ]پا[ جي وچ ۾ موجود هو، پر ]با[ ۽ ]پا[ جي وچ ۾ ڀڻڪي جو فرق آهي.

هاڻي /آڦا/ چئي ڏسو.

اڳ بيان ڪيل فرق ته محسوس ڪري سگھبو پر ]ڦا[ چوندي چپن ڀرسان جھليل هٿ جي پٺيءَ تي هوا جو جھُلڪو پڻ محسوس ٿيندو.

ساڳيو تجربو /آڀا/ ۽ /آٻا/ چئي ڪري ڏسو.

اوهين ڏسندا ته ]پا[، ]با[، ]ڦا[ ۽ ]ڀا[، چارئي آواز، هڪ پاسي ۽ ]ٻا[ ٻئي پاسي پاڻ ۾ اڃا به نرالو فرق رکن ٿا. پهريان چارئي آواز اپائڻ مهل هوا جو لنگھ بند ٿيندي ئي جڏهن کلي ٿو تڏهن هوا ڄڻڪ هڪ ڌماڪو ڪندي ٻاهر اچي ٿي پر ]ٻا[ چوڻ مهل ڌماڪو ڪندي هوا ڄڻڪ چوسجي وات جي کوپي ۾ اندر موٽي ٿي، يعني ]ٻا[ وٽ هڪ نيارو گڻ چوسجڻ هجڻ آهي. ان کي ساسَڪ (ساهه وارو، breathy) به چئجي ٿو.

هاڻي ]آ[ ۽ ]ما[ چئو ۽ ڀيٽ ڪيو.

صاف وائل ]آ[ چوڻ مهل هوا جو ڪل مقدار وات کان ٻاهر اچي ٿو. ]ٻا[ ۽ ]ما[ جو ]آ[ بلڪل ان صاف وائل ]آ[ جھڙو ناهي. ]ٻا[ چوڻ مهل هوا جي وهڪ کي رنڊائيندي ئي آزادي ملڻ مهل ڳالڪ عضوا جڏهن ]آ[ جي بيهڪ تي اچن ٿا تڏهن به هوا اندر ئي ڇڪجي ٿي، ٻاهر نه ٿي اچي. ]ما[ چوڻ مهل هوا جي وهڪ کي رنڊائيندي ئي آزادي ملڻ مهل ڳالڪ عضوا جڏهن ]آ[ واري بيهڪ تي اچن ٿا تڏهن هوا جي وهڪ نڪائين يا غنائپ جي اثر هيٺ آهي.

ڇا ڪو به صاف وائل، مثال طور ]آ[ ڪڏهن به چوسجندڙ/ساسَڪ يا نڪائون ٿي سگھي ٿو؟

جواب آهي، نه.

ان ڪري چوڻو پوندو ته ]ٻا[ ۽ ]ما[ چوڻ مهل اچاريل ]آ[ ۽ صاف وائل ]آ[ جي وچ ۾ فرق آهي. ساڳيءَ طرح ]پا[، ]با[، ]ڀا[ ۽ ]ڦا[ چوڻ مهل اچاريل ]آ[ ۽ صاف وائل ]آ[ جي وچ ۾ به فرق آهي. جڏهن ته ]ٻا[، ]ما[، ]پا[، ]با[، ]ڦا[ ۽ ]ڀا[ چوڻ مهل اچاريل هر هڪ ]آ[ جي وچ ۾ پڻ فرق آهي.

اچو ته جدول ٺاهي جاچيون:

وائل

وائڄڻ

آ

]پا]=[پ+آ[

]با]=[ب+آ[

]ڦا]=[ڦ+آ[

]ڀا]=[ڀ+آ[

]ٻا]=[ٻ+آ[

]ما]=[م+آ[

بنا رنڊڪ

چپائون رنڊڪدار

چپائون رنڊڪدار

چپائون رنڊڪدار

چپائون رنڊڪدار

چپائون رنڊڪدار

چپائون رنڊڪدار

صاف

صاف

صاف

صاف

صاف

صاف

نڪائون

ڀڻڀڻو

بي ڀڻو

ڀڻڀڻو

بي ڀڻو

ڀڻڀڻو

ڀڻڀڻو

ڀڻڀڻو

بنا ڌماڪي

ڌماڪيدار

ڌماڪيدار

ڌماڪيدار

ڌماڪيدار

ڌماڪيدار

-

خارجي

خارجي

خارجي

خارجي

خارجي

چوسڻو/ساسڪ

نڪائون

اوسرڳ

اوسرڳ

اوسرڳ

وسرڳ

وسرڳ

اوسرڳ

اوسرڳ

/اونو/ = ]او[ + ]نو[ يا ]او[ + ]ن+او[

]نو[ جو ]او[ بلڪل ايئن ناهي جيئن صاف ]او[.

/سوڙهو/ ۾ ]سو[ جو ]او[ ۽ ]ڙهو[ جو ]او[ هڪ جھڙا ناهن ۽ اهي ٻئي ]نو[ جي ]او[ کان فرق وارا آهن. /ڄاڃو/ ۾ ]ڃو[ جو ]او[ ۽ /ٽاڄو/ ۾ ]ڄو[ جو ]او[ پڻ هڪ ٻئي کان ۽ اڳ ڄاڻايلن کان فرق رکن ٿا.

چوڻ جو مطلب هي آهي ته ڪو وائڄڻ ڪهڙي به وائل سان کلي اهو وائل ڪنهن به ٻئي وائڄڻ جي پاڻ جھڙي وائل توڙي صاف وائل کان پنهنجي اصولي بناوت ۾ آواز جي حوالي سان فرق رکي ٿو. اهي پاڻ ۾ قطعي ۽ سَو سيڪڙو هڪ جھڙا نه آهن.

 

اڌ-وائل (Semi-vowel، نِيم سُر)

     هڪ جھوٽو، وهڪو يا گسڪو جيڪو محض هڪ اتفاقي ناتو پيدا ڪندڙ، ناتِڻو-آواز (linking-sound) نه آهي، پر اهو هڪ پد به نه ٿو ٺاهي... هڪُ اڌ وائل ڪنهن ٻه-سري جيان وهڪو آهي پر اهو ڪنهن ٻه-سري جيان هڪ پد ناهي. (باربر ]1982[ 287 ۽ 9)

                  نيم سُر ڳري گسڻي آواز (voiced gliding sound) کي چئبو آهي، جنهن جي اچارڻ ۾ ڳالهائڻ جا عضوا هڪ سُر جي اچارڻ کان شروع ٿين ٿا، ۽ يڪدم ٻئي ساڳئي يا وڌيڪ اوچائيءَ (prominance) واري سُر ڏانهن مُڙن ٿا. هڪ سُر کان ٻئي سُر ڏانهن اچار لاءِ ڄڀ جي جلدي مُڙڻ (موڙَ) ڪري، وچان ئي هڪ نئون گسڪڻو آواز (gliding sound) پيدا ٿئي ٿو. اهڙن آوازن کي نيم-سُر چئبو آهي. (الانا ]1967[ 39)

اڌ-وائل بابت الانا صاحب جن پاران ڏنل هن وضاحت کي سندن ئي بيانيل ٻه-سري وائل جي وضاحت سان ڀيٽي ڏسبو، ته ڪو به فرق محسوس نه ٿيندو، جڏهن ته باربر ])1982[ 287 ۽ 9) جي وضاحت چوي ٿي: اڌ-وائل واء/ڄڀ جو هڪ جھُوٽو يا وهڪو جيڪو محض هڪ اتفاقاً ناتياڪ-آواز (linking sound) نه آهي پر اهو هڪ پد به نه ٿو ٺاهي... هڪ اڌ-وائل آواز ڪنهن ٻه-سري جيان وهڪو آهي پر اهو ڪنهن ٻه-سري جيان هڪ پد ناهي. ڪي عالم ائين به چون ٿا ته هڪ اڌ-وائل ڪنهن وائل ۽ وائڄڻ ٻنهي جي فطرت جو ڪارج ادا ڪندڙ آواز آهي ۽ ڪن جو خيال آهي ته اڌ-وائل اهو آواز آهي جيڪو وائل جي فطرت رکي ٿو پر وائڄڻ جو ڪارج ادا ڪري ٿو.

(1)     /وَڻ/ ۽ /واڍو/ ٻولن ۾ پهريون ]و[ هڪ وائڄڻ جي نمائندگي ڪري ٿو.

(2)    /اوڍو/ ۽ /ڪوجھو/ ٻولن ۾ سمورا و تحريري نشان هڪ آواز جي مڪمل تحريري نشان جو هڪ جز آهن.

(3)    /جُوار/ ۽ /هُوا/ ٻولن ۾ ]و[ هڪ اڌ-وائل جي نمائندگي ڪري ٿو. (جوار ۽ هُوا کي ڪي ليکڪ جُئار ۽ هُئا به لکندا آهن).

(1)     /يَڪو/ ۽ /يامين/ ٻولن ۾ پهريون ]ي[ هڪ وائڄڻ جي نمائندگي ڪري ٿو.

(2)    /سڀاڻي/ ۽ /ڪير/ ٻولن ۾ ي تحريري نشان هڪ آواز جي مڪمل تحريري نشان جو هڪ جز آهي.

(3)    /اڀياس/ ۽ /پاڻيارو/ ٻولن ۾ ]ي[ هڪ اڌ-وائل جي نمائندگي ڪري ٿو.

                 }اڌ-وائل{ ]و[ جي اچار لاءِ ڳالهائڻ جا عضوا ]آ، او يا اُو[ سُر کان شروع ٿين ٿا، ۽ رڪجڻ کان سواءِ يڪدم ٻئي سُر ]اَ يا آ[ ڏانهن مڙن ٿا. ڳالهائڻ جي عضون جي جلدي موڙ ڪري، عضون ۾ گهڪو ٿئي ٿو، ۽ ڳرو گسڻو آواز يعني نيم- سر ]و[ پيدا ٿئي ٿو. هن کي ٻن چپن ۽ نرم تارونءَ وارو (Labio-velar) نيم-سر چئبو آهي...

ساڳيءَ طرح ]ي[ جي اچارڻ لاءِ ڳالهائڻ جا عضوا ]اِ ۽ اِي[ سُرن کان شروع ٿين ٿا ۽ رڪجڻ کان سواءِ يڪدم ٻئي سر ]آ ۽ اَ[ ڏانهن مڙن ٿا. ڳالهائڻ جي عضون جي جلدي موڙ ڪري، عضون ۾ گهڪو ٿئي ٿو، ۽ ڳرو گسڪڻو آواز يعني نيم-سر ]ي[ پيدا ٿئي ٿو. هن کي سخت تارونءَ وارو نيم-سر چئبو آهي. (الانا ]1967[ 39 ۽ 40)

]اَي[ ۽ ]اَو[ ڇو ٻه-سرا وائل ۽ ]و[ ۽ ]ي[ ڇو اڌ-وائل آهن، انهيءَ حوالي سان ڪا به وضاحت نه ڏني وئي آهي. باربر (]1982[ 7) چوي ٿو ته ٻه-سري ۽ اڌ-وائل ۾ بنيادي فرق رڳو اهو آهي ته ٻه-سرو هڪ پد کي جنم ڏئي ٿو جڏهن ته اڌ-وائل ڪنهن به پد کي جنم نه ٿو ڏئي. ان ڳالهه سان اتفاق ڪندي هيءُ ليکڪ اهو به چوڻ گھري ٿو ته اڌ-وائل ]ي[ ۽ ]و[ کي اڪيلي آواز طور، هڪ پاڻ-وهيڻي (خودمختار) آواز طور اچاري سگھڻ ممڪن نه آهي، ان کي ڪنهن نه ڪنهن وائل جي زور وسيلي ئي اوري سگھجي ٿو، بلڪل ايئن جيئن ڪنهن وائڄڻ کي اچاربو آهي. اڌ-وائل ڄڻڪ ڪنهن اڪيلي وائل ۽ اڪيلي وائڄڻ جي وچ وارو هڪ ڏاڪو يا آواز آهي.

ياد رکيو وڃي ته ليکڪ کي اڌ-وائل ]و[ ۽ ]ي[ جي اپجڻ بابت الانا صاحب جي ٻڌايل طريقي سان مورڳو اختلاف آهي. چوَڻ ۽ پوَڻ جھڙن ٻولن جي ڌاتو، امر واحد ۽ اسم مصدر ۽ ساڳيا/ساڳا ۽ ڀاڳيا جھڙن ٻولن جي ڌاتو ۽ انهن سان مليل پڇاڙين تي غور ڪبو ته ]و[ ۽ ]ي[ جي اپجڻ بابت مٿي بيان ڪيل ڳالهه پنهنجو پاڻ کي بي وزن ثابت ڪري رکندي. (وڌيڪ تفصيل اڳ اڻ-کوجيل وائل آواز جي سري هيٺ)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com