سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: ٻول جو بڻ

باب: 12

صفحو :15

 

باب ٻارهون

جوڙپ ۽ اندروني تبديلي

 

جوڙپ (affixation) جي وضاحت ڪندي الانا صاحب جن چون ٿا:

     سنڌي ٻوليءَ جي اڳياڙين {Prefixes} ۽ پڇاڙين {Suffixes} کي، خودمختيار صورتن جي اڳيان يا پويان ملائي، نوان لفظ ٺاهبا آهن. اڳياڙين، پڇاڙين (۽ وچياڙين {Infixes}) کي لسانيات ۾ جوڙَ (Affixes) چئبو آهي، جن کي سندن ڪارج جي لحاظ کان اڳياڙيون يعني جيڪي واسطيدار ڌاتُن جي منڍ ۾ ملايون وينديون آهن، جن سان اهي ٺهڪي اينديون آهن. پڇاڙيون انهن ڌاتوئن جي پويان ملايون وينديون آهن جن سان اُهي ٺهڪي اينديون. وچياڙيون يعني جيڪي وچ ۾ ملائجن ٿيون... وچياڙيون سنڌيءَ ۾ آيل اُڌارن لفظن ۾ ملن ٿيون؛ جيئن: آمد و رفت، گفت و شنيد وغيره ۾ ]و[. (الانا (1987) 43-44)

اهو ٽڪرو پڙهڻ کان پوءِ، فطري طرح، ڪي سوال اڀري اچن ٿا:

(1)              ڪنهن به ڌاتوءَ جي اڳيان يا پٺيان، اڳياڙيءَ يا پڇاڙيءَ طور، ڇا ڪو ڌاتو يا ڪو به مرتب لفظ ڪم اچي سگھي ٿو؟

(2)             اڳياڙين ۽ پڇاڙين جي جوڙ لاءِ ته ڌاتو (جنهن سان اهي ٺهڪي اچن) جو شرط رکيو ويو آهي پر وچياڙين جي سلسلي ۾ ڇو اهڙو شرط موجود ناهي؟

(3)             وچياڙيون جيڪي وچ ۾ ملائجن ٿيون چوڻ سان ڇا اهو سوال نه ٿو اڀري ته ڪنهن جي وچ ۾ ملائجن ٿيون هڪ ڌاتوءَ جي وچ ۾ يا ٻن لفظن جي وچ ۾؟

     ... ۽ وچياڙيون جيڪي ٻن لفظن جي وچ ۾ ملايون وينديون آهن. (الانا ]1995[ 45)

(4)             ڇا وچياڙيون رڳو اهڙن لفظن ۾ ملن ٿيون جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻين ٻولين مان آندا ويا آهن (جيئن مٿي ڏنل مثالن ۾ ظاهر آهي)؟

     ... پويون قسم يعني وچياڙيون سنڌيءَ ۾ آيل اڌارن ورتل لفظن سان گھڻي قدر ملن ٿيون. (الانا [1995] 45)

(5)              مٿي ڏنل مثالن ۾ وچياڙي اهڙي آواز (لفظ) کي ڇو قرار ڏنو ويو آهي جيڪو وياڪرڻ بابت لکيل، لڳ ڀڳ سڀني ڪتابن ۾ حرف جملو سڏيو ويو آهي؟

     فارسيءَ وانگر سنڌيءَ ۾ ڪن حالتن ۾ ٻه اسم يا ٻه مصدر، و حرف سان معطوف ٿيندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن و جي بدران ا (الف) به عطف جو ڪم ڏيندو آهي... (الانا [1995] 44، واحد بخش شيخ جي حوالي سان آندل)

(6)                    ڪو حرف جملو، جيڪڏهن، هڪ وچياڙي سڏي سگھجي ٿو ته پوءِ ڇو/ڇا ڪي حرف جر ۽ حرف اضافت وچياڙي سڏي نه ٿا سگھجن؟

انهن سوالن جي تفصيلي ڇنڊڇاڻ جيستائين نه ٿي ٿئي تيستائين اڳياڙين، پڇاڙين ۽ وچياڙين جي حوالي سان ڪي اعتراض اوس موجود رهڻا آهن.

هتي، جيڪڏهن، لفظ (مفرد، مرتب ۽ مرڪب) ۽ صورت (آجي ۽ باندي) جي وصفن کي ياد ڪيو وڃي ته اڳياڙين ۽ پڇاڙين جي حوالي سان پڇيل پهرئين سوال جو جواب ازخود واضح ٿي ويندو.

     }اهي{ صورتون }جيڪي{ پنهنجي سر يعني اڪيلي سر، ڪنهن به ڳالهه ٻولهه ۾ ڳالهايون ڪو نه وينديون آهن، پر انهن جي ڪارج جو مدار، ڪن خودمختيار صورتن تي هوندو آهي. اهڙين سڀني صورتن کي /پر-وَس/ يا /پابند/ صورتون چئبو آهي. (الانا ]1987[ 18)

ٻين لفظن ۾ ائين چوڻ گھرجي ته اڳياڙي يا پڇاڙي ڪنهن به صورت ۾ اهڙو لفظ، ڌاتو، پد يا آواز ٿي نه ٿو سگھي جيڪو ڪنهن به ڳالهه ٻول ۾ اڪيلي سر/پنهنجي سر ڳالهايو ويندو هجي.

/گھرڌڻي، آگگاڏي ۽ پروس/ لفظن جا مثال ڏيندي (الانا ]1987[ 30) الانا صاحب جن /پَــرَ/ کي ڌاتو لفظ قرار ڏيندي /پروس/ کي مرڪب لفظ سڏيو آهي جڏهن ته ساڳئي ڪتاب جي ٻئي هنڌ (ص 46) /پَـــرَ-/ کي اڳياڙي سڏيندي مثال ۾ /پروس/ لفظ پڻ آندو آهي جيڪو لفظ جي وصف پٽاندر هڪ مرتب لفظ ئي سڏي سگھبو. اهڙيءَ طرح، الانا صاحب جن مثالن جي حوالي سان تضاد جو شڪار ٿي پيا آهن.

جن صرفيائن کي سنڌيءَ ۾ مروج ٻولن جي لحاظ کان اڳياڙيءَ يا پڇاڙيءَ طور نشانبر پئي ڪيو ويو آهي انهن کي سهيڙڻ لاءِ هن ليکڪ بنيادي حوالي طور جامع سنڌي لغات (5-جلد)، تحقيق لغات سنڌي ۽ سامي ڌاتو ڪوش ليکڪ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، وئتپتي ڪوش ليکڪ جھمٽمل نارومل وسناڻي، سنڌي وياڪرڻ (4-ڀاڱا) ليکڪ مرزا قليچ بيگ، سنڌي ٻوليءَ جي اڀياس، سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد ۽ سنڌي معلم ليکڪ ڊاڪٽر غلام علي الانا، سنڌي ٻولي ليکڪ ليلارام رچنداڻي ۽ ڪي ٻيا ڪتاب پنهنجي آڏو رکيا آهن.

 

اڳياڙي (اڳجوڙ، Prefix)

سنڌيءَ ۾ مروج ٻولن جي اڳياڙين جي نشاندهي ڪندي الانا صاحب جن هيٺ ڏنل آوازن، پدن، ڌاتن ۽ لفظن کي اڳياڙيءَ طور نشانبر ڪيو آهي:

/اَ-، اَڻ-، اَڀ- (آڀ-)، اُپ-، اَوَ-، پَــرَ-، ڏُ- (دُر-)، ري-، سَ-، سُ-، سَت-، سَـنِ-، نِ-، نِر-، ڪُ-، با-، بي-، بالا-، بد-، بَر-، پُر-، پَس-، زير-، زبر-، ڪم-، نا-، لا-، بد-/ (]1987[ 46-47 ۽ 339، سنڌي معلم، 139-140)

/ڪم/ جتوئي صاحب جن جي نظر ۾ (]1983[ 113) معنادار، آزاد صورت ۽ سادو لفظ آهي پر الانا صاحب جن انهي لفظ /ڪم/ کي اڳياڙي قرار ڏنو آهي يعني ته سندن خيال موجب اها هڪ پروس صورت آهي جنهن جي لفظ جي اشتقاق کان ٻاهر ڪا به معنى نه هجڻ گھرجي.

     ڪم: صفت. ٿورو -  گھٽ - ڪجھ... (ج س ل)

/ڪم-/ کي اڳياڙي قرار ڏيندي الانا صاحب جن /ڪم عقل، ڪم خرچ، ڪم فهم ۽ ڪم بخت/ جا مثال ڏنا آهن (]1987[ 47 ۽ 339) پر ڏسجي پيو ته اهي ڪنهن مرتب لفظ بدران هڪ مرڪب لفظ جي ڪسوٽيءَ تي پورا لهن ٿا يعني /ڪم/ اصولي طرح ڪا اڳياڙي، ڪا پروس صورت ناهي، اها هڪ آزاد صورت آهي، اڪيلي سر به ڪم اچي سگھي ٿي.

-      /ڪم، ڪمتر ۽ ڪمترين/ ۾ اهو لفظ پاڻ کي بنيادي ثابت ڪري ٿو.

/بد-/ کي اڳياڙي قرار ڏيندي الانا صاحب جن /بدبخت، بدنصيب ۽ بدصورت/ جا مثال ڏنا آهن (]1987[ 339)

     بَـدۡ، بَـدِ: صفت ]ف[ خراب - ڪِنو - بڇڙو - گندو - مَدو... (ج س ل)

ڇا /بد/ هڪ پروس صرفيه جي ڪسوٽيءَ تي پورو لهي ٿو؟ ڇا /بد/ جي اڪيلي سر ڪا به معنى ناهي؟ ڇا /بد/ هڪ آزاد صورت ناهي؟

-      /بد، بدتر ۽ بدترين/ ۾ اهو لفظ پاڻ کي بنيادي ثابت ڪري ٿو.

/بالا/ به هڪ فارسي ٻول آهي.

     بالا: صفت. ]ف[ مٿاهون - بلند - اوچو... (ج س ل)

اهو هڪ آجو لفظ، خودمختيار صورت ۽ اشتياق کان ٻاهر به هڪ معنادار ٻول آهي.

-      /بالا، بالاتر ۽ بالاترين/ ۾ اهو لفظ پاڻ کي بنيادي ثابت ڪري ٿو.

/لا/ هڪ عربي ٻول آهي جنهن جي پنهنجي هڪ آجي ۽ پاڻوس معنى ڪلمه طيب ۾ پڌري بيٺي آهي.

     لا: حرف نفي. ]ع- لا=  نه[ نه - ناڪار... (ج س ل)

/پُر/ تي ڌيان ڏيڻ سان پڻ پڌرو ٿئي ٿو ته اهو ٻول هڪ آزاد صورت رکندڙ آهي.

     پُر: صفت. ذ. ]ف[ ڀريل - ٽٻ - تار - ٽمٽار... (ج س ل)

/زير/ پنهنجي سر، معنادار ۽ خودمختيار صورت ۾ ڪم ايندڙ هڪ فارسي ٻول آهي.

     زير: ظرف. ]ف[ هيٺ - هيٺان - هيٺوڻو - هيٺاهون - هيٺ ڀرو - تحت... (ج س ل)

الانا صاحب جن پاران وچياڙيءَ جي سلسلي ۾ ڏنل مثالن کي جاچيندي /زير و زبر/ تي ڌيان ڏبو ته ]و[ کي وچياڙي مڃيندي /زير/ ۽ /زبر/ کي ٻه مڪمل لفظ مڃڻو پوندو.

     زبر ج زبَرَ: ذ. صفت ]ف. اَزۡبَــرۡ جو مخفف[ وڏو - مها - اتم... (ج س ل)

/بي/ فارسي ۽ /ري/ سنڌي توڙي جو لغوي معنى جي لحاظ کان هڪ جھڙا ٻول آهن پر فارسي ۾ /بي/ هڪ خودمختيار صورت طور ڪم نه ٿي اچي ۽ ان ڪري جائز طرح پروس صورت ۽ اڳياڙي قرار ڏئي سگھبي پر سنڌيءَ جي /ري/ کي هيٺ ڏنل جملن ۾ ڏسبو ته ڪي قدر وڌيڪ ۽ گھرو سوچڻو پوندو.

-      سڄڻ ري پئي سِڪان سِڪان

محبت مارِي آهيان. (سچل ؟)

-      سڄڻ ري/رِيءَ سک ڪونهي.

-      پاڻ مَ کڻج پاڻ سين، رِيءَ وسيلي وڃ. (شاھ: سهڻي)

-      ري سڄڻ سک ڪونهي.

/ري/ رڳو ڪن لفظن جي اڳيان ئي نه پويان به اچي ٿو ۽ هڪ مقرر معنى ظاهر ڪري ٿو، پوءِ ڇو ۽ ڪيئن ان کي هروڀرو هڪ اڳياڙي مڃجي؟

ان ڳالهه کي بهتر سمجھڻ لاءِ سٺو محسوس ٿو ٿئي ته سنڌي لفظ /ٻَ (ٻه)/ تي ڌيان ڏيون.

     ٻه: صفت. ]پرا. بَه1 [هڪ عدد (2) - هڪ جي ٻيڻ ٻه ته ٻارهن. (پهاڪو) (ج س ل)

/ٻَ (ٻه)/ هڪ مفرد لفظ آهي، آزاد صورت آهي، پنهنجي هڪ مقرر معنى رکي ٿو ۽ ڪنهن به ٻئي لفظ مان ڦٽي نڪتل (ڪردنت) ناهي، ان ڪري پاڙ ٻول آهي.

اهو ٻول سنڌيءَ جي مختلف لفظن ۾ هن طرح ڪم اچي ٿو:

     ٻارهن=  ٻَه + آرھ

ٻاويھ=  ٻَه < ٻا + ويھ

ٻٽيهه=  ٻهَ + ٽيهه

ٻائيتاليهه=  ٻَه < ٻا + ايتاليهه

ٻاونجاھ=  ٻَه < ٻا + ونجاھ

ٻاهٺ=  ٻَه < ٻا + هٺ

ٻاهتر=  ٻَه < ٻا + هتر

ٻياسي=  ٻَه < ٻِه + آسي (اَسِي)

ٻيانوي=  ٻَه < ٻِه + آنوي

ٻِسَو=  ٻَه < ٻِه + سَو

     ٻَ < ٻِ (ٻِه) + جويو/ڪَنو/مُنهون/مَڻِي/پَر/پُور/پهر/پاڙو/پُڙو/ لاٽو...

     ٻَ < ٻي + پهري/جُڙ

     /ٻَ + ايل/=  ٻيل (ٻليهه)

+ /پ/=  ٻيلپ

+ /ڙ/=  ٻيلڙ

+ /او/=  ٻيلڙو

     /ٻَ < ٻِ + اِيڻ/=  ٻيڻ + /اِ/=  ٻيڻِ

+ /اِي/=  ٻيڻي

+ /او/=  ٻيڻو

+ /آء/=  ٻيڻاء

+ /اڻ/=  ٻيڻائڻ

+ /او/=  ٻيڻائڻو

     /ٻَ < ٻِي + اَر (هر)/=  ٻيهر + /اَ/=  ٻيهَرَ

+ اڙ/=  ٻيئڙ + /اُ/=  ٻيئڙُ

/ٻِٽَ، ٻَکُ ۽ ٻُڪُ/ ٻولن ۾ ڌاتوءَ طور ليکڪ /ٻَ (ٻه)/ کي موجود ڏسي ٿو، پر اهي لفظ ڪجھ وڌيڪ بحث گھرن ٿا.

هاڻي /ري/ ۽ /رِي/ ۾ وائل جي تبديل کي ذهن ۾ رکي /ري/ کي هڪ خودمختيار صورت طور پرکي سگھجي ٿو.

هيٺ ڄاڻايل صرفيائن کي، ڪٿي نشاندهي سان، ته ڪٿي بنا نشاندهي جي، سنڌيءَ جي ڪجھ ڪتابن ۾ اڳياڙيءَ طور پيش ڪيو ويو آهي. انهن تي وڌيڪ ڌياڻ ڏيڻ ۽ پرک هيٺ آڻڻ جي اصولي گھرج موجود آهي. ليکڪ جي راءِ موجب جيڪي صرفيائون علمي طرح پروس (باندي) صورتون آهن تن کي انگن وسيلي ۽ جيڪي انهيءَ ڪسوٽيءَ تي پوريون نه ٿيون لهن، انهن جي اڳيان ليڪ ڏئي، کين ظاهر ڪيو ويو آهي.

1)   /اَ-/ (= نه): اٻَر، اٻل، اڀاڳ، اڀاس، اَنِت، ابَک، اَوِناشي، اَٻُجھ، اٻوهيو، اڀوڳ، اٿاھ، اَٽل، اجِيت، اڏول، اروڳ، اڪهه، الوڻو، اَمِت }اَمئت{، امرت، امُول وغيره.

2)  /آ-/

/آ-/ (= اُبتو): آگم (ج س ل)

]نوٽ: /آگمڻ/ ٻول جي /آ-/ کي ساڳيو ڪتاب چئني پاسن کان جي معنيٰ سان ظاهر ڪري ٿو.[

]آگم: (سن. آگَمَ. آ = تائين، چئني طرفن کان + گَمۡ = وڃڻ) وقت، جھڙ. تحقيق لغات سنڌي (ت ل غ)[

/آ-/ (= تائين): آتر، آچمان، آديس، آڙھ، آهار، آهرتي.

/آ-/ (= تکو): آٽڻ (ت ل س ۽ ج س ل)

/آ-/ (= چوڌاري): آٻوٿي، آڀاسڻ، آتارڻ، آتڻ، آٿوڻو، آٽارڻ.

/آ-/ (= ساڻ، تائين، چڱيءِ طرح): آڀارڻ، آٽي، آٺارڻ، آجيوڪا، آڇارو، آڇاڻڻ، آدر، آدرش، آڌر، آڻ، ڪانڍڻ.

/آ-/ (= سڀني پاسن کان): آٻوسڻ، آڪاس، آگھارڻ.

/آ-/ (= گھڻو): آپار، آڀا، آڌيه.

/آ-/ (= نه): آبري، آڀو، آٿڙو، آٿڙ، آپاتو، آجِڙ، آچڙو، آڌين، آروڳ، اڀهو، اڀوت، اڀوڄ.

3)  /آن-/ (= هائو): آنڪار، آنڪارڻ (ج س ل)

4)  /اُڀۡ-/

/اَڀ-/ (= گھڻو): اڀياس، اڀمان

/اَڀ-/ (= مٿان): آٻوهڻ (ج س ل)

5)  /آت- (آتر-)/ (= بغير رڪاوٽ جي هلڻ، مستقل هلندو رهڻ): آتم/آتما (سامي ڌاتو ڪوش=س ڌ ڪ)

6)  /اَت-/ (= گھڻو): اتنتا، اُڌڀت

7)  /اُت-/ (= مٿي): اُتپت (اُد = مٿي)، اُتر (ادتر)، اُتم (ادتم)، اٿان (ادتان) (س ڌ ڪ)

8) /اَٽ-/ (= چلڻ): اٽپٽي (س ڌ ڪ)

9) /اَپ-/

/اَپ-/ (= پري): اوهرڻ.

/اَپ-/ (= خراب): آٻوڇي، اپسگڻ، اپمان

/اَپ-/ (= گھٽ): اپجس

/اَپ-/ (= نه): اپسمار

/اَپ-/ (= خراب طرح سان): اپراڌ

/اَپ-/ (= ويجھو): اپاسنا، اُپديش

]نوٽ: /اَپ-/ (= ويجھو) واري معنى ڏيکاريندڙ /اُپ-/ به ڄاڻائي وئي آهي. ٿي سگھي ٿو پروف جي غلطي سبب انهن ڪجھ لفظن ۾ /اُپ-/ جي بدران /اَپ-/ ڇپجي ويو هجي.[

10) /اُپ-/

/اُپ-/ (= جھڙو): اپسمنڊ

/اُپ-/ (= ذري گھٽ): اپپتني، اپپتي، اپبن

/اُپ-/ (= گڏ): اپراسو

/اُپ-/ (= گھڻو): اُپڪار

/اُپ-/ (= مٿي): اپجڻ

/اُپ-/ (= ويجھو): اپارجت، اُپاءُ، اپديش، اپسرڳ، اپڪار، اپواس

/اُپ-/ (= هيٺ): اپڀرنش

]نوٽ: ڌيان ڏيڻ گھرجي ته هڪ لفظ، ڌاتو ٻول /اُپ/ به آهي جنهن جو اسم مصدر /اپڻ/، اسم مفعول /اپيو ۽ اپيل/ ۽ اسم استقبال /اپندو/ آهي. مٿي ڏنل ٻولن ۾ /اپجڻ، اپاءُ ۽ اپڪار/ تي ڌيان ڏيڻ سان /اُپ/ هڪ ڌاتو ٻول طور اڀري اچي ٿو.[

11) /اُچ-/ ( مٿي): اچنگڻ، اُچاڻ، اچائي

]نوٽ: سنڌي ۾ مروج /اُچو، اُچِي، اُچا ۽ اُچيون/ ۽ /اُوچو، اُوچِي، اوچا ۽ اوچيون/ ٻولن کي ڏسي اهو چوڻ ۾ ڪو به حرج ناهي ته /اُچۡ/ هڪ ڌاتو ٻول آهي. /اچاڻ ۽ اچائي/ ٻول پڻ ان راءِ جي تصديق ڪن ٿا.[

12) /اُد-/

/اُد-/ (= پري): اداس (ج س ل)

/اُد-/ (= مٿي): اداس، اُدِت، اڌار، ارجھڻ (س ڌ ڪ)

اٻاڦڻ، اٻاهو، اڀڻ، اُجل، اُڄٽ، اُچٽڻ، اديوڳ، اڌمڻ، اڌڻ، اڊوڙڻ، اوسر، اوسرڻ (ج س ل)

/اُد = اُت/ (= مٿي): اڀارڻ، اتاول، اتپن، اپٽڻ، اپڙڻ، اجاڙڻ، اُدِي، اُساس (ج س ل)

-      /اُدش/ (= هيٺ): اڌومک (ج س ل)

]نوٽ: ٿي سگھي ٿو ته هن ٻول جي نشاندهي هڪ اڳياڙيءَ طور نه ڪيل هجي.[

-      /اگ-/ (= جبل): اگست (= جبل ڪيرائيندڙ) (س ڌ ڪ)

13) /ال-/ (= سنوارڻ، سينگارڻ): الڪيون (س ڌ ڪ)

14) /اُم-/ (= هائو): اونڪارڻ (ج س ل)

15) /اَنۡ-/

/اَنۡ-/ (= پوئتان): انوسار، انومان، انڀو

/اَنۡ-/ (= نه): انرَٿ، انمانيو، انمول، اننت، انوپ، انيڪ، انيل.

 16) /اَڻ-/ (= نه): اڻبڻت، اڻ ڀومو، اڻتارو، اڻتوريو، اڻڄاڻ، اڻڏٺو، اڻسڌريل

17) /اَوَ-/

/اَوَ-/ (= چئني پاسن کان): وهنوار

/اَوَ-/ (= خراب): آجھرڻ، آجھڙڻ، اگردت، اواٽ، اوتر، اولو

/اَوَ-/ (= کان پري): اوگيا، اوڳو.

/اَوَ-/ (= گھٽ): اوگڻ

/اَوَ-/ (= هيٺ پري، خراب)، اَجھور، اُلار، اوناڙي، اوڪاش، اَوَڌ، اوڌان، اَوَڌوت.

18) /بَ-/

/بَ-/ (= قسم جي معنى ڏيکاريندڙ): بخدا

/بَ-/ (= تواتر جي معنى ڏيکاريندڙ): روزبروز، دِن بَدِن

/بَ-/ (= تاڪيدي معنى ڏيکاريندڙ): تازھ بتازھ، نَوبنو، جابجا

/بَ-/ (=؟): بجانب، بجنسي، بخوبي، بدستور، بدولت، بنسبت، بحال

19) /بِ-/ (= ساڻ): بااللھ، بالاتفاق، بالخير، باالفرض، بالفعل...

20) /با-/ (= وارو): باآبرو، بااثر، باادب، باتدبير، باحيا، بافضيلت، باڪمال

21) /بَر-/ (= ؟): برحق، برچشم، برطرف، برخلاف

22) /بل/ (= چوڌاري ڦرڻ): ٻلهار

23) /بي-/ (= کان سواءِ): بي ادب، بي وس،  بي بها،  بي اونو،  بي پاڙو، بي ڊول

-      /ٻَ، ٻِ، ٻُ، ٻا، ٻي/

24) /ڀَ-/ (= ميڙ): ڀچڪر

]نوٽ: ليکڪ شڪ رکي ٿو ته اهو هڪ ڌاتو ٻول آهي.[

-      /ڀَـــوَ-، ڀَــيَه (ڀَــيَ)/ (= ڊڄڻ): ڀوساگر، ڀوجَــل (س ڌ ڪ)، ڀچڪ (ج س ل)

]نوٽ: ليکڪ جي نظر ۾ هن ٻول جو ڌاتو /ڀَئه/ ]ڀ + اَء[ آهي[

25) /ڀدر-/ (= چڱي): ڀروسو

]نوٽ: ليکڪ شڪ رکي ٿو ته اهو هڪ مرتب ٻول آهي.[

26) /تا-/ (= تائين): تاحال، تادم، تامرگ

27) /تَت-/

/تَت-/ (= اختصار): تتڪرو

/تَت-/ (= اهو، ساڳيو): تتڪال، تدروپ (ج س ل)

28) /تَــد-/ (= اهو): تتڪال (تدڪال) (س ڌ ڪ)

29) /تَــڌ-/ (= اهو): تڌروپ (س ڌ ڪ)

-      /تِــر-، تر/ (= ٽي)

30) /تِــرس-/ (= هيٺ): ٽيڏو (س ڪ ل) (ت ل س)

-      /ٽِ (ٽِــر) = ٽي/: ٽٿنڀي، ٽِٽڻ، ٽپائي، ٽپتائي، ٽپکو، ٽپهري (ٽيپهري)، ٽرقمي، ٽڪنڊو، ٽڪورو، ٽماهي، ٽِمکو، ٽمٿو، ٽکُڙ.

ٽي، تيرهن، ٽيويهه، ٽيٽيهه، ٽيتاليهه، ٽيونجاھ، ٽيهٺ، ٽيهتر، ٽياسي، ٽيانوي.

ٽيجھو، ٽيهر

ٽئڙ

ٽيڙُو

31) /پا-/

/پا-/ (= بچائڻ): پتوِرت (س ڌ ڪ)

- /پا-/ (= پاءُ): پاتولو، پاسير، پاماسو

- /پا-/ (= پير): پازيب، پاڪوبي، پاگوٺي، پامال، پابوسي، پاياب

-      /پاد-/

/پاد/ (= پير): پاوٺي

/پاد/ (= چوٿون حصو): پوڻو

-      /پَت-/ (= ڪِرڻ): پاتال

-      /پد-/

/پد/ (= پير)

/پد-/ (= شبد، لفظ): پدارٿ

32) /پۡــر-/

/پۡـر-/ (= چوڌاري): پاند

/پۡـر-/ (= گھڻو): پراپت، پرٻل، پربين، پرڀات، پرتاب، پرجا، پرڇن، پرڌان، پرڪاش، پرگھٽ، پرماڻ، پرڻام، پڄارڻ، پڄرڻ، پڇاڙڻ، پرارٿنا، پِراڻ، پِرائڻ، پرڀو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com