سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: ٻول جو بڻ

باب: 3

صفحو :3

 

باب ٽيون

لکت سرشتو

 

ٻوليءَ ڪڏهن نسرڻ شروع ڪيو ۽ ڪيئن اسري ۽ وڌي ويجھي، ان بابت اڃا تائين پڪي سڌ نه پئجي سگھي آهي، پر اها ڳالهه مڃڻ جوڳي آهي ته اها ماڻهوءَ جي سڀ کان آڳاٽي زماني ۾ شروع ٿي هوندي جيڪو لڳ ڀڳ 10-لک ورھ پراڻو بيهي ٿو. توڙي جو سڌي شاهدي ۽ تصديق موجود ناهي، پر امڪان اهو ئي آهي ته ڳالِڻ (speech) تڏهن ئي شروع ٿيو هوندو جڏهن وکر-ٺهپ (tool-making) ۽ خصوصي انساني سهڪار جا سڀ کان اوائلي ناتا شروع ٿيا هوندا.

جَـجھروپ (Pleistocene) زماني جي عظيم بارفي ڄمارن (Great Ice Ages) دوران اسان جي ماڻهو وڏڙن پراڻِي پاٿر ڄمار راهپ (Old stone age culture) قائم ڪري ورتي: انهن آڱار وکــرَ (flint tools) ۽ پوءِ هڏي، عاج ۽ سڱ جا وکر ٺاهيا؛ انهن باهه ٻارڻ سکي ورتي ۽ پنهنجو کاڌو سيڪي/ڀُڃِي کائيندا هئا؛ انهن وڏن جھنگلي جانورن جو شڪار ٿي ڪيو. ظاهر آهي ته اهو ڪم ڪنهن اهڙي طريقي سان ٿي سگھيو پئي جنهن ۾ سهڪار (co-operation) ۽ سهرِٿ (co-ordination) جي گھرج هئي.

جيئن جيئن سندن مادوائي راهپ (material culture) هوري هوري سڌرندي وئي، اهي فن ۾ ماهر ٿيندا ويا ۽ هڏن ۽ پٿرن تي ٽُڪ (carving) ۽ اُڪر (engraving) جو ڪم ڪرڻ ۽ گڦائن جي ڀتين تي جانارن جون اچرج جھڙيون وڻندڙ تصويرون چٽڻ لڳا. انهن، جھوپَـهـڻِـي (Palaeolithic) راهپ جي خالق ماڻهن بابت اهو سمجھڻ ته انهن ڳالڻ نه پئي ڄاتو، هڪ اهڙي ڳالهه هوندي جنهن تي ڀروسو نه ٿو ڪري سگھجي. سڀ کان اوائلي آڱار هٿيارن کان ويندي ديرائت (Late) پراڻي پاٿر ڄمار جي شاندار فن ۽ هنر تائين (پهريان کهرا/مُڏا سِڌا آڱار وکر شايد ڪي 10-لک ورهه اڳ ٺهيا، جڏهن ته پراڻِي پاٿر ڄمار جي ماڻهن جون عمديون حاصلات 1-لک ورهه ق م کان پوءِ جون آهن). ان سڄي عرصي دوران، اوائلي انساني ٽولن جِي انتهائي آڳاٽِي اَرِچ ۽ محدود ٻوليءَ کان ويندي پراڻي پاٿر ڄمار جي ڦُلڻ واري زماني تائين پوريءَ طرح اسريل ٻوليءَ بابت تصور کي تازو رکي سوچي سگھجي ٿو، ته ايڏي عرصي ۾ ٻولي هوري هوري ۽ لاڳيتو ڪيئن اسري هوندي.

ٻولي پنهنجي ابتدائي زماني ۾ ڪيئن نسري ۽ اسري هوندي، ان بابت مختلف عالم ۽ ٻوليڄاڻڪ (Linguists) ڌار ڌار قسم جا نظريا رکن ٿا. انهن نظرين کي بو - وو (هو هو/وو وو) نظريو (The Bow-Wow Theory)، پُوھ - پُوھ (ڦُوھ ڦُوھ/آھ آھ/واھ واھ) نظريو (The Pooh-Pooh Theoryڊِنگ - ڊانگ (ٽِڻ ٽِڻ/ڊَم ڊم) نظريو (The Ding-Dong Theoryيُو هِي - هُو نظريو (The Yo-He-Ho Theoryاشارڪ (اشارن وارو) نظريو (The Gesture Theoryسُر -تار وارو (گيتڪار/ميوزڪدار) نظريو (The Musical Theory) ۽ لاڳاپ (ميل جول وارو) نظريو (The Contact Theory) جي نالن سان ياد ڪيو وڃي ٿو. فطري آوازن وارو نظريو بابت سراج صاحب جن پنهنجي ڪتاب سنڌي ٻولي ۾ ذڪر ڪيو آهي. اهي سڀ نظريا هڪ حد تائين ٻوليءَ جي ابتدا جي وضاحت ڪن ٿا ۽ سڀني ۾ ڪي نه ڪي چڱا ۽ لڱا پاسا موجود آهن.

ٻنگارپَـهڻي/ٽاماپهڻي (Aeneolithic/Chalkolithic) يعني ڪِنجھي يا ٽامي واري دور کان اڳ وارين ٻولين بابت ڄاڻ هيل تائين هٿ نه ٿي سگھي آهي، ان ڪري لڳ ڀڳ 7-هزار ق م کان اڳ وارين ٻولين بابت اڄ جو عالم، هن وقت رڳو مفروضن تي ئي سوچي سگھي ٿو. لکڻ جو عمل، ميَسر شاهدين موجب، اڄ کان ڪي وڌ ۾ وڌ 7-هزار ورهه اڳ واري عرصي دوران شروع ٿيو.

آڳاٽن ماڻهن پنهنجي فنڪار ذهن جي تخليقن کي ٽَڪرين، ڇِپن، پٿرن، گڦائن جي ڀتين وغيره تي تصويرون چٽڻ، هڏي ۽ عاج تي نقش ڪورڻ يا خاڪا کُرچڻ وغيره وسيلي ظاهر ڪرڻ شروع ڪيو. هن نرم پٿر کي گھڙي مُورت جي شڪل ڏني ۽ چيڪي مٽيءَ مان اهڙا مجسما ٺاهيا جن ۾ سندن ذهني فنڪاريءَ جو اولڙو نظر اچي ٿو. جڏهن جانار-پالنا وڌي، پوکي راهي ججھي ٿي، ڏيتي ليتي ۽ ٻيو وهنوار وڌيو، تڏهن فيصلا ۽ وعدا ياد رکڻ جي عملي گھرج وڌي. تڏهن اهو ڪم پهريائين پهريائين انهن تصويرن، چِٽن، نقشن، خاڪن، اڪرن ۽ مورتن کان وٺڻ شروع ڪيو ويو، پر ان هوندي به ان کي لکڻ چئي نه ٿو سگھجي.

جيئن جيئن پيغام رساني، ڏيتي ليتي ۽ ريڪارڊ رکڻ جو ڪم وڌيو تيئن گھڻين تصويرن، خاڪن وغيره جي گھرج وڌندي وئي جنهنڪري تصويرن کي سادي صورت ۾ آڻڻو پيو. انهن جي سڃاڻپ ۽ انهن سان واسطيدار مطلب ۽ مفهوم عام ٿيندو ۽ گھڻن ماڻهن جي سمجھ ۾ ايندو ويو. تصويرون ۽ خاڪا مختصر ٿيندا ويا ۽ نيٺ ڪا هڪ مخصوص ۽ مختصر شڪل ڪنهن هڪ مخصوص جملي، ٻول (لفظ)، پَد ۽ پوءِ نيٺ وائيي/صوتيي (phoneme) لاءِ مخصوص ٿيندي وئي، جيڪي هوري هوري ٻوليءَ جو وڙ (item) ٿي پيا.

حقيقي اوائلي لکيت (script) جا شايد پهريان عنصر ڏکڻ ميسوپوٽاميا (Mesopotamia، عراق) ۾ سُميري ماڻهن سڌاري سنواري پيش ڪيا. سميري ڪاتبن (scribes) نَڙ (read) جي ڪِلڪ (stylus) سان چيڪي مٽيءَ جي تختين تي لکڻ شروع ڪيو. ظاهر آهي ته ڪلڪ جي رهڙ سبب مٽي کُرڙبي هوندي ۽ تصوير يا خاڪو ڪي قدر اڍنگو ٿي پوندو هوندو، ان ڪري ڪاتبن وڌيڪ سولو اهو سمجھيو ته ڪلڪ وهائڻ بدران چُڀائڻ گھرجي. ڪلڪ جي چُک جا هڪ ٻئي ويجھو چُڀڪا ڪري انهن گھربل تصوير يا خاڪو جوڙي ورتو پئي ۽ پوءِ انهن تختين کي باهه ۾ پچائي ٺڪر کي هڪ سنَد طور محفوظ رکيو پئي. مٽيءَ تي وِڌل اهي وَڍ/چُگھ ڄڻڪ ڪنهن ڇيڻيءَ، چَپر يا ميخ (ڪوڪي) جي چڀڪي/گُھچڪي جي ڏِک ڏين ٿا، ان ڪري لکت (writing) جي ان انداز کي ميخي خط، ڇيڻي-صورت يا چَپرائين (cuneiform) لکيت سڏجي ٿو.

هر تصوير يا خاڪي لاءِ وَڍَن/چُگھن جي ڳڻپ هوري هوري وئي گھٽبي ۽ نشان وڌيڪ عام ٿيندا ويا، تان جو تصوير/خاڪي ۽ ان جي نشانن وچ ۾ ڪا به هڪجھڙائي نه رهي. بابلي (Babylonian) ۽ اشوري (Assyrian) ماڻهن، جيڪي سامي (Semite) هئا ۽ اڪادي (Accadian) سڏيا وڃن ٿا، ترت ئي ميسوپوٽاميا جي ان حصي ۾ اقتدار تي قبضو ڪري ورتو، جنهن تي سميرين جي سَرندي هئي. انهن سميرين جي لکيت کي سڌاريو ۽ اها سڌريل صورت هوري هوري وئي پکڙبي ۽ وسيع ٿيندي.

مٽيءَ جي تختيءَ تي لکڻ کان اسري پَئپارِس (هڪ قسم جو وڻ ۽ ان جو پَن) ۽ چَم تي قلم ۽ برش وسيلي لکڻ لاءِ لکڻ جو اهو چڀڪيدار ڍنگ قابل قبول نه هو. هاڻي ور وڪڙ يا ونگدار لکت جي گھرج هئي جيڪا ڪُنڊائتي/چپرائين لکت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سولي ۽ تيز رفتار ٿئي ٿي. لکت جو اهو انداز مصر (Egypt) ۾ ملي ٿو. بڻائتي (original) مصري لکيت (لڳ ڀڳ 3-هزار ورهه ق م) تصويري آهي ۽ ان کي پوترکيڙي (؟) (هيروگلائفڪ، Hieroglyphic، پاڪ/پوتر اُڪر واري) لکت چوندا آهن اهو اصطلاح يونانين ٺاهيو ۽ انهن سمجھيو پئي ته مصرين اها لکيت مذهبي نوشتن/ڪَتبن (inscriptions) لاءِ ڪم آندي هئي. جيئن ته لکت جا وڏا مرڪز واسطيدار عبادتگاهه ۽ وڏا ڄاڻو اتي جا پروهت هئا تنهنڪري انهن پنهنجي عام وهنوار لاءِ لکت جو نئون ڍنگ اساريو جنهن کي پروهتائي (هيراٽڪ، Hieratic، پروهتن واري) لکت سڏجي ٿو جنهن مان وري، 7-سَو ق م ڌاري، جمهورائي (ڊيماٽڪ، Demotic، عام ماڻهن واري) لکت نسرڻ لڳي.

تصويري لکت مختصر ٿيندي ٿيندي مخصوص ٻوليائي صورت تي پهچڻ لاءِ جيڪي ڏاڪا طيءِ ڪيا، اهي ڏاڍا اهم آهن.

پهريائين هر تصويري نشان/خاڪو هڪ جملي يا ٻول (لفظ) کي ظاهر ڪندو هو. وڌائي اڳتي ڪيل هٿ جي نشان جو مطلب هو تو/توهان ڏانهن دوستيءَ جو هٿ وڌائجي ٿو. آڳاٽيون سميري لکتون ڪن شين جا نالا آهن. هڪ ڍڳي جي خاڪي ڀرسان ٽن آڱرين (هڪ آڱر جو نشان برابر ڏهه هزار) ۽ ٻن ڪنول گلن (هڪ ڪنول گل جو نشان برابر هڪ هزار) واري تصوير جو مطلب ٿيو: ٻٽيهه هزار ڍڳا. ڍڳي جي مُنڍي جو خاڪو ۽ ان ڀرسان چار اڌ-گول چار ڍڳا.

علم لسان ۽ سنڌي زبان تان ڪجھ ٽڪرا هيٺ ڏجن ٿا جيڪي گھڻي ڀاڱي سَر ليونارڊ وُولِي (Wooley) جي ڪتاب دي بِگنِنگس آف سوِلائيزيشن تان ورتل آهن.

     سميري زبان ۾ بنيادي پد لفظ هئا يعني هڪ پدا لفظ هئا جن جي ميلاپ سان ٻيا نوان مرڪب لفظ ٺهندا هئا. انهن بنيادي لفظن جو تعداد پنج سوَن کان ڇهه سوَن تائين هو. (ص 207)

     بئبيلان }بابل{ وارن جڏهن سميرين واري تحريري طرز اختيار ڪئي تڏهن لفظن جي مختلف صيغن لاءِ کين دقت درپيش آئي ڇو ته سندن زبان صرفي (inflective }ڦيرائڪ{) هئي. ان اوڻائي جي پورائي خاطر بئبيلان وارن کي نوان نشان مقرر ڪرڻا پيا جيڪي پدن جي نمائندگي ڪندا هئا، پر اهي پد، لفظ نه هئا... ائين غير لفظي پد وجود ۾ آيا. تنهنڪري سميري لکت جو بنياد لفظن تي ٿيو ۽ اڪادي (Akkadian) لکيت جو دارومدار پدن تي پيو (بئبيلان وارن کي اڪادي قوم سڏبو هو). (ص 207)

     جنهن وقت سميرين جي لکڻي لفظي منزل اڪري بئبيلان ۾ پدائتي {Syllabic} پد (درجي، منزل، Grade) تي پهتي تنهن وقت کان پوءِ مصرين پنهنجي تحرير پدائتي منزل سان شروع ڪئي. (ص 210)

     قديم مصري زبان ۾ رَ يا را (ra) جي معنيٰ هئي وات، جنهن جو نشان هو       . پوءِ اهو نشان رڳو ر (ري) آواز لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو. (ص 211)

هتي ٻه ڳالهيون ياد رکڻ جھڙيون آهن. (1) سميري ٻولي جا ٻول/ لفظ يڪپدا (monosyllabic) هئا ۽ اهي بنياد يا پيڙھ هئا، ۽ پد سان پد ملي نئون لفظ ٺهندو هو. (2) هڪ سڄي ٻول لاءِ مقرر نشان هوري هوري گھٽجي وڃي هڪ اکر جو نشان ٿيو. اکر جو نشان ٿيڻ کان اڳ اهو هڪ مڪمل وائڄڻ (وائل سمائي رکندڙ وائڄڻ، consonant with vowel) آواز جو نشان هو. سراج صاحب جن موهن دڙي جي جن مهرن جي پڙهڻي مقرر ڪئي هئي انهن جي اڪثر نشانين جو ملهه ... (ڪو به حرف صحيح) + حرف علت ڄاڻايو هو (سنڌي ٻولي، ص 138) ۽ اها ڳالهه مٿي ڏنل مصري ٻولي واري مثال سان هم آهنگ آهي. ان ئي مثال جھڙو هڪ ٻيو ٽڪرو هيٺ ڏجي ٿو جيڪو ان ڳالهه کي ڪجھ وڌيڪ چٽو ڪري ٿو.

     قديم مصري لکت پڻ پدائتي سرشتي تائين اسري آئي ۽ حقيقي الف-ب واري (Alphabetic) لکت اسارڻ لاءِ خصوصي حيثيت جي حامل هئي }يعني هڪ اهڙي لکيت هئي جنهن وٽ وائيا/صوتيا/فونيمس ظاهر ڪندڙ نشان موجود هئا{. مصري سرشتي بابت اهم شيءِ اها هئي ته ان ۾ وائل (vowel) ڄاڻايل (ظاهر ڪيل) ڪو نه هئا. ڪيترائي نشان (لڳ ڀڳ 80) ٻن وائڄڻن (consonants) جي ٽولي ۽ سندن جيڪي به وائل هئا }يعني ٻه-اکري پد{ لاءِ ڪم ايندا هئا. مثال گَھر (پار، Par) لاءِ نشان pr (پ ر) هو ۽ ان جا اچار par (پار)، per (پر)، epr (اِپۡـــرۡ/ايـپۡـــرۡ)، epra (ايپرا) ۽ اهڙي قسم جا ٻيا ڪيترائي هئا. پر چوويهه نشان اهڙا هئا جيڪي رڳو هڪ وائڄڻ ۽ ان جي وائلن لاءِ مخصوص هئا. جيئن وات جو نشان (ra) هڪ وائڄڻ ر (r) لاءِ به ڪم ايندو هو ته ان جو مطلب ra (رَ، را)،  ar(ارۡ)،  re (ري)،er  (اِرۡ/ ايرۡ) ۽ اهڙي قسم جا ڪيترائي اچار هو. جڏهن ڀُونوِچ (Mediterranean) جي اوڀراون ڪنارن ويجھو رهندڙ اولهه سامي (West Semite) ماڻهن هڪ لکيت اساري، تڏهن مصرين جا رڳو 24 نشان کنيائون. بنيادي طرح اهو هڪ پدائتو سرشتو هجڻ گھرجي جنهن ۾ موجود نشانن مان هر هڪ ڪيترن ئي ممڪن ٺهي سگھندڙ پدن جي بدران ڪم ايندو هو، جيئن مصري ra، er، re وغيره؛ پر حقيقت ۾ اها نج الفابيٽ سرشتي سان رسمي طرح هڪجھڙي (identical) هئي جنهن ۾ رڳو وائڄڻَ لکيل آهن ۽ وائل لکيل ناهن. (باربر ]1982[ 45)

سنڌي ٻوليءَ جي مروج الفابيٽ ۾ پ جا آواز گھٽ ۾ گھٽ پَ، پِ ۽ پُ ٿي سگھن ٿا جڏهن ته پٽ جي پڙهڻي پُٽۡ، پَٽۡ، پِٽۡ، پُٽُ، پَٽُ، پِٽِ، پُٽَ، پَٽَ، پِٽَ، پِٽِ وغيره ٿي سگھي ٿي. سراج صاحب جن پاران مقرر ڪيل پڙهڻي ۾ اهڙو ڪو به مثال نه ٿو ملي جنهن جو مطلب حرف علت + حرف صحيح هجي جيئن ar ۽ er جا مثال آهن يعني اکري نشان ته هڪ هجي پر ان جي اچار ۾ پهريائين وائل ۽ ان جي ڪڍ وائڄڻ آواز هجي.

     ڇاڪاڻ ته مصري تختين ۾ ٻن اکرن وارا گڏيل نشان اٽڪل 250 هئا تنهنڪري سندن لکيت کي بلڪل اکري چئي نه ٿو سگھجي. البت انهن ۾ هڪ اکري نشانن جو تعداد ٻه درجن کن هو جيڪي خاص نشانن لاءِ اکر ٿي ڪم اچڻ لڳا. ائين اکرن جي الڳ وجود جي ابتدا ٿي جيڪا مصرين ۾ مڪمل نه ٿي ڇو ته غير شعوري هئي. (جتوئي ]1983[ 211)

     شام جي سامونڊي ڪناري تي }رهندڙ{ فونيشي }اولهه سامي{ واپارين جڏهن ڏٺو ته هيرو گلائفي نشانن ۾ هڪ اکرا پدَ {Syllables}، سُر {Vowel} آوازن جي نشانن کان سواءِ موجود آهن ۽ محض اکر ٿي ڪم اچي سگھن ٿا تڏهن انهن مان صرف 24 نشان اخذ ڪيا جن جو واسطو نه صورتن سان هو ۽ نه سُر }وائل{ آوازن سان؛ ۽ انهن کي مختلف وينجن }وائڄڻ{ آوازن لاءِ استعمال ڪيائون ۽ انهن کي سڏيائون الف-بيت. فونيشي واپاري، جن جي ٻولي آرميني هئي، سي سامي قوم جا هئا. (جتوئي ]1983[ 212)

     اُگارت (Ugarit) جي ماڻهن جيڪو ميخي لکيت جو نمونو ايجاد ڪيو تنهن ۾ بئبيلاني صورتختي کي سادو ۽ سولو ڪيو ويو. ان ۾ 30 نشان هئا جيڪي سچ پچ ته اکري هئا. انهن مان 27 نشان بئبيلان وارا ميخي هئا جيڪي مصمت يعني وينجڻ }وائڄڻ{ هئا ۽ باقي ٽي (3) سُر }وائل{ آوازن جا نشان هئا. تحرير جو اهو نمونو هُري توڙي سامي ٻولين لاءِ ڪم ايندو هو. (جتوئي ]1983[ 212)

     تحرير جي تاريخ ۾ فقط هڪ ڀيرو ائين ٿيو آهي ته اها پدائتي {Syllabic} پد (درجي) }منزل{ مان ترقي ڪري اکرن جي منزل تي پهتي. اهي سامي ڪاتب هئا جن تحرير جي فن کي اکرن جي منزل تي آندو. انهيءَ الف-بيت اکرن مان مشرق بعيد }ڏور اوڀر، {Far East جي تحريرن کان سواءِ دنيا ڀر جي لکيتن جا اکر پيدا ٿيا. (جتوئي ]1983[ 213)

     آخري وک، ته وائلن لاءِ مقرر ۽ باقاعدي نشان هجن، يونانين کنئي جڏهن انهن الفابيٽ اختيار ڪئي. فونيشين جا ڪي وائڄڻ آواز يوناني ۾ موجود ناهن ۽ انهن جھڙن نشانن کي يوناني ماڻهو وائل طور ڪم آڻيندا هئا. مثال، اولهه سامي الفابيٽ جو پهريون اکر، جيڪو هڪ ڍڳي جي تصوير تان ورتل آهي، الف (Aleph) هو ۽ ھ (h) قسم جي آواز لاءِ ڪم ايندو هو (...)؛ ان زماني جي يونانين اهو آواز ڪم نه ٿي آندو، ۽ اهو اکر الفا (alpha) ڪري کنيو جيڪو a (اي) وائل آواز جي نمائندگي ڪندو هو. (باربر ]1982[ 45-46)

     يوناني روايت موجب 1500 سال قبل مسيح چادميوس (Cadmus) نالي شخص فونيشيا مان الفابيٽ (Alphabet) کي يونان ۾ آندو. انهيءَ يوناني الفابيٽ مان ايٽرسڪن (Etruscan) الفابيٽ نڪتي جنهن مان وري رومن ...}۽ ان مان{ يورپ جون الفابيٽون نڪتيون.

فونيشي الف-بيت اکرن مان عربي الف-با نڪتا جيڪي ساري اسلامي دنيا جي ٻولين ۾ ڪم اچڻ لڳا... (جتوئي ]1983[ 213)

     جامدت نصر (Jamdat Nasr) واري دور ۾ جڏهن سميري تحريري طرز کي صوتياتي ٿي بنايو ويو تڏهن ايران ۾ به اوائلي ايلمتي (Elamite) لکيت وجود ۾ آئي. (جتوئي ]1983[ 208)

     عالمن جي راءِ موجب قطعي طرح سان اهو ثابت ڪري نه ٿو سگھجي ته هندين (سنڌين) سميرين کان لکڻ جو فن حاصل ڪيو مگر ان ڳالهه جو گھڻو امڪان به آهي. انهن عالمن جي اها به راءِ آهي ته جيئن گھڻو پوءِ اتر هندستان جي آرين ۾ پنهنجي براهمي لکيت کي پيدا ڪرڻ جو ذوق آرميني ماڻهن جي رسم الخط کان واقف ٿيڻ کان پوءِ پيدا ٿيو تيئن سنڌين کي به عراقين جي لکيت ڏسڻ کان پوءِ پنهنجي تحريري طرز پيدا ڪرڻ جو }خيال{ جاڳيو... (جتوئي ]1983[ 209)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com