سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: ٻول جو بڻ

باب: 11

صفحو :13

 

باب يارهون

پَـــد

 

     پد (Syllable): ٻول جو اهو حصو جيڪو آواز جِي اڪيلي سٽ (effort) ۾ چيو ويو هجي. (چيمبر'س ڊڪشنري)

     ننڍي ۾ ننڍو لئه ڀريو (rhythmic، مترنم) ايڪو جيڪو ڪنهن وائل يا رتل (sustained، رسيل، ڳڀيري، برقرار رهندڙ، چِٽي) وائڄڻ کي شامل رکندو هجي. اهو اڪثر ڪري ڪنهن نه ڪنهن اڻرتل (un-sustained) وائڄڻ جي اڳيان يا پٺيان اچي ٿو. لکيل ٻوليءَ جو اهڙو ئي هڪ يونٽ. (آڪسفورڊ ڊڪشنري)

     صوتيا  پاڻ ۾ ملي پد ٺاهين ٿا ۽ پد پاڻ ۾ ملي لفظ ٺاهين ٿا. (جتوئي ]1983[ 82)

جتوئي صاحب جن جو پد ۽ لفظ بابت هيءُ تصور هڪ حد تائين منجھائيندڙ آهي. صوتيا (وائيا) پاڻ ۾ ملي پد ٺاهين ٿا جو سڌو مطلب اهو آهي ته هڪ پد ۾ اوس هڪ کان وڌيڪ صوتيا (وائيا) موجود هوندا ۽ پد پاڻ ۾ ملي لفظ ٺاهين ٿا جو سڌو مطلب اهو آهي ته هڪ لفظ ۾ اوس هڪ کان وڌيڪ پد موجود هوندا، جڏهن ته حقيقت ائين ناهي. ڪي ئي ٻول اهڙا آهن جيڪي رڳو هڪ وائيي تي ٻڌل آهن جيڪو اڪيلي سِر پد ئي هوندو آهي، ۽ ڪيترائي اهڙا پد آهن جيڪي اڪيلي سر مڪمل ٻول آهن. اهڙن ٻولن جا مثال هي آهن:

/نَ (نه)، تَ (ته)، ڇَ (ڇهه)، ٻَ (ٻه)، بِ (به)، هي، هِي، هُو، هو، سا، سو، سي، ها، يا، ڪا، ڪو، ڪي، ڪِي، جا، جو، جي، جِي، مان، تون، تو، آن، سان، کان، تان، جان، ۾، ڇو، ڇا، جُون، ڏُون، مون، هان/ وغيره. اهي سڀ يڪوائيا (mono-phonemic) به آهن ته يڪپد (monosyllabic) به ۽ پنهنجيءَ جاءِ تي مڪمل ٻول به.

الانا صاحب جن مختلف عالمن جي راين کي آڏو رکندي جن صورتن کي ٻول جو ڌاتو سڏن ٿا انهن مان ڪي هِي آهن: /لِکۡ، پَــڙۡھ، ڊاھۡ، کا-، اَچۡ، سَڙۡ، مَــرۡ، ٽَـــرۡ، ٺَـــرۡ، ڦِــسۡ،.../ (الانا ]1987[ 40-42). اهي سڀ ڌاتو يڪپدا آهن. ان ڪري جتوئي صاحب جن جي اها راءِ ته صوتيا ملي پد ٺاهن ٿا ۽ پد ملي لفظ ٺاهن ٿا مڪمل مفهوم ظاهر نه ٿي ڪري.

}ٻول{

 

}ٻول جا پد{

چمڪو

=

چَمۡ + ڪو

هلڪو

=

هَلۡ + ڪو

مڪتب

=

مڪ + تب

مطلب

=

مط + لب

هڪل

=

ههَ + ڪل

ڏياري

=

ڏيا + ري

پڙهو

=

پَ + ڙهو

نِبُ

=

نِ + بُ

ست

=

سَ + تَ

کٽ

=

کَ + ٽَ

کٽو

=

ک + و

(جتوئي ]1983[ 87-88)

هتي ٻه سوال اٿاري انهن تي ضرور سوچڻ گھرجي؟

(1) مٿي جيڪي به پد ظاهر ڪيا ويا آهن ڇا اهي مختلف صوتين }وائيَن{ جو ميلاپ آهن؟

(2) ڇا /هڪل، نب، ست، کٽ ۽ کٽو/ جا پد رڳو ائين ئي ٿي سگھن ٿا، جيئن ٻڌايا ويا آهن يا انهن جي ڪا ٻي صورت به ٿي سگھي ٿي؟

پهرئين سوال جو جواب ڳولڻ کان اڳ هيءَ راءِ ذهن ۾ رکي وڃي ته اهي آواز جيڪو معنوي فرق پيدا ڪن ٿا تن کي صوتيو سڏجي ٿو (جتوئي ]1983[ 75)، ۽ سادي ٻول بابت ٻي اها راءِ به ته مثلاً /کٽ/ جا ٻه جزا ٿي سگھن ٿا: /کَ/ ۽ /ٽَ/. اهي بي مطلب آهن. (جتوئي ]1983[ 110) پهرئين راءِ جي روشنيءَ ۾ مٿي ڏنل پدن کي جاچبو ته اهي علمي طرح مختلف صوتين }وائيَن{ جو ميڙ آهن، ڇو ته آوازن کان سواءِ ٻول ٺهي نه ٿا سگھن ۽ ٻيءَ راءِ کي ڏسبو ته مٿي ڏنل سمورا پد بي مطلب آهن، يعني مطلب وارين شين }صوتين، وائيَن{ جو ميڙ بي مطلب آهي!

پد يقيناً هڪ آواز يا ڪجھ آوازن جو ميلاپ آهي ۽ آواز ٻول ۾ مطلب ئي پيدا ڪندو آهي. ان ڪري پد جي وصف لاءِ لازمي شرط هڪ سٽ ۾ اچاريل آوازُ يا آوازَ آهي.

     هيٺين لفظن ۾ /سَچۡ/ اچي ٿو:

سچائي /سَچۡ + آئي/

سچِي /سَچۡ + اِي/

سچو /سَچۡ + او/

سچيرو /سَچۡ + ايرو/

مٿين لفظن ۾ /سَچۡ/ هڪ پد آهي... (جتوئي ]1983[ 111)

۽ /سَچۡ/ مطلب رکندڙ آهي (ڏسو حوالو ساڳيو)، /سَچۡ/ ۽ چَم، هَل، مَڪ ۽ مَـطۡ سڀ جو سڀ آوازَ جي اڪيلي سٽ ۾ اچاريل آواز آهن پر هڪ مطلب وارو آهي ۽ ٻيا بي مطلب آهن، يعني پد مطلب وارو به ٿي سگھي ٿو ته بي مطلب به ۽ ظاهر آهي ته پد آواز يا آوازن جو ميلاپ آهي ۽ هر صوتيو بهرحال ڪو نه ڪو آواز ئي هوندو آهي. ان ڪري پد لاءِ صوتين جي ميل بدران آواز يا آوازن جو ميل چوڻ گھرجي، اهو مطلب وارو به ٿي سگھي ٿو ته بي مطلب به، پر پد هجڻ لاءِ لازمي آهي ته آواز جي اڪيلي ڪوشش ۾ اچاريو ويو هجي.

     پد هڪ آوازي لهر آهي جا بلندي جي طرف اڀري ٿي ۽ هيٺائين تي لهي ٿي ۽ وري جڏهن بلندي جي طرف اڀري ٿي تڏهن ٻيو پد ٺاهي ٿي. (جتوئي ]1983[ 85)

پد جي هيءَ وصف وڌيڪ جامع ۽ درست آهي، ۽ ليکڪ ان سان اتفاق رکي ٿو.

     هڪ پد اورپ جي زنجير ۾ (in the chain of utterance) راڙ (loudness) جي چوٽي آهي، هڪَ ڳالهائيندڙ جي acoustic power output }آوازدار قوت جي اظهار{ جِي، جيئن اها وقت سان گڏ لاھ چاڙھ ڪندي وڃي، اوهين جيڪڏهن ماپ ڪري سگھو ته ڄاڻي سگھندا ته اهو لاھ چاڙھ لاڳيتو چوٽيون ۽ ماٿريون ٺاهيندو وڃي ٿو. چوٽيون پد آهن. (باربر ]1982[ 86)

هاڻي اچون ٿا ٻئي سوال جي جواب ڏانهن.

/نِب/ (nib) هڪ اڌارو ٻول آهي ۽ يڪپد ٿئي ٿو. پنهنجي ٻوليءَ ۾ اهو واحد جي به معنى ظاهر ڪري ٿو ۽ ناڌر ٻول آهي. سنڌي ۾ عام مروج اچار /نِبُ/ ۾ /اُ/ ان جي واحد هجڻ جي نشاندهي ڪري ٿو ۽ جملي ۾ ان جي حالت به، پر سنڌي ۾ اهو ٻول مونث جي صيغي سان ظاهر ڪيو ويندو آهي. /نِبُ/ کي /نِ ۽ بُ/ پدن ۾ ٽوڙي سگھجي ٿو ۽ /نِبۡ ۽ اُ/ ان جي واياڄاڻي تحريري صورت ٿيندي.

/سَتَ ۽ کَٽَ/ به اهڙا ئي ٻول آهن. /سَ ۽ تَ/ ۽ /کَ ۽ ٽَ/ ان جا پد ٿيندا ۽ وايا ڄاڻي تحريري صورت /سَتۡ + اَ/ ۽ /کَٽۡ + اَ/ ٿيندي.

پر /کٽو/ جا پد ڪندي هڪ سوال به اڀري اچي ٿو. جتوئي صاحب جن /کٽو/ جا پد /کَ + ٽو/ ڪيا آهن ۽ /سچو/ کي /سچ + او/ ۾ ٽوڙي /سَچۡ/ کي پد سڏيو آهي، تڏهن ڇو اهو سوال نه ڪجي ته، /کٽو/ کي /کٽۡ + او/ جي صورت ۾ ڇو نه ٿو ٽوڙيو وڃي؟

حقيقت اها آهي ته /کٽو/ ۽ /سچو/ ۾ ٽ ۽ چ وٽ هڪ شَد  جھڙي ڪيفيت پيدا ٿئي ٿي (جيڪا سنڌي ۾، عام ڪري، لکت ۾ ظاهر نه ڪئي ويندي آهي). ساڳيءَ طرح نِبُ، سَتَ ۽ کَٽَ جي ب، ت ۽ ٽ تي واري سِر اهڙي ڪيفيت کي محسوس ڪري سگھجي ٿو.

     عام طور سنڌي صورتخطيءَ ۾ شد جي نشاني ڪم نه آندي ويندي آهي، حالانڪ اچار ۾ ڪي آواز، ڪن اصولن هيٺ (جن جو هت ذڪر نه ٿو ڪيو وڃي) مشدد (geminated) ٿين ٿا. (الانا [1969] 86)

عربيءَ ۾ شد کي قائم رکيو ويو آهي ۽ انهن (آوازن جي نمائنده) اکرن تي ظاهر ڪئي وڃي ٿي جيڪي سختيءَ يا زور کي ظاهر ڪندا هجن. جڏهن هڪ جھڙا ٻه اکر (جن مان هڪ عام طرح جھيڻي آواز ۽ ٻيو چِٽي/متحرڪ آواز جو حاصل هوندو آهي) هڪ ٻئي جي ڪڍ ايندا تڏهن اهڙا ٻه اکر لکڻ بدران هڪ اکر لکي ان تي شد ظاهر ڪئي ويندي آهي. ٻيو ان اکر تي شد اڀاري ويندي آهي جيڪو ٻول ۾ شدت يا گھڻي چِٽائي ڏيکاري.

سنڌي ۾ شايد ئي ڪو اهڙو لفظ هجي جنهن ۾ هڪ ٻئي جي ڪڍ ايندڙ هڪ جھڙن آوازن کي لکت ۾ هڪ اکر وسيلي ظاهر ڪرڻ مقصود هجي. البته شدت، زور يا چِٽائي ٻول جي ڪن ڪن آوازن ۾ اوس ٿئي ٿي. سنڌيءَ ۾ توڙي جو اهڙي نمائندگي ڪندڙ اکرن تي شد نه ٿي ڏني وڃي پر آواز کي محسوس ڪجي ٿو. ليکڪ ان راءِ جو آهي ته ڪنهن جھيڻي آواز جي ڪڍ جڏهن ڪو وائل ڳنڍجي اچي ٿو تڏهن اتي اهڙو احساس اڀري ٿو. /سچو/، /کٽو/ ۽ اهڙن ٻين هزارين ٻولن ۾ /سَچۡ/ ۽ /کَٽۡ/ جي ڪڍ جڏهن /او/ ڳنڍجي اچي ٿو تڏهن /سَچۡ/ جو ]چ[ ۽ /کَٽۡ/ جو ]ٽۡ[ شد جھڙي ڪيفيت کي ظاهر ڪرڻ لڳن ٿا. ان ڪري ليکڪ سمجھي ٿو ته اهڙن ٻولن جي پدن کي پد جي حوالي سان ظاهر ڪرڻ مهل /کَ + ٽو/ ۽ /سَ + چو/ جي صورت ۾ ته ظاهر ڪري سگھجي ٿو پر وائياڄاڻي (phonemic) حوالي سان نه، ان حوالي سان اهي آواز /کٽۡ + او/ ۽ /سَچۡ + او/ آهن، ۽ اتي /سَچۡ ۽ کَٽۡ/ هڪ هڪ پد ٺاهن ٿا.

/هڪل/ جا پد /ھَ + ڪل/ ڏيکاريا ويا آهن. اکرن تي جيڪڏهن تحرڪ جون نشانيون ڏيکاريل هجن ها ته انهيءَ ٻول تي ڳالهائڻ سولو ٿي پوي ها. بهرحال، ان ٻول /هڪل/ جون ممڪن واياڄاڻي (phonetic) صورتون هيٺ ڏجن ٿيون.

(1) هَڪَلَ /ھَ + ڪَ + لَ/. اهو ٻول جنهن نموني آوازيون ٿا، ان لحاظ کان ان جا ٽي پد آهن. اهو ٻول اسم واحد آهي ۽ مؤنث سمجھيو وڃي ٿو.

(2) هَڪۡلِ /هَڪۡ + لِ/. ان ٻول کي ڪي /هَڪِلِ/ /ھَ + ڪِ + لِ/ به اچارن ٿا جيڪو درست ناهي. /هَڪۡلِ/ جا ٻه پد ٿيندا ۽ اهو ٻول امري صيغو آهي.

(3) /هَڪۡـلۡ/. ليکڪ جي نظر ۾ يڪپد ۽ ڌاتو ٻول آهي.

/هَڪۡـلۡ/ جو مثال سنڌي ٻوليءَ بابت هڪ نئين ته نه، پر پختي تصور جو واڌارو ڪري ٿو.

     عام طرح هيءَ ڳالهه مڃي وئي آهي ته سُر }وائل{ اڪيلي سر يا وينجن }وائڄڻ{ سان ملي پد ٺاهي ٿو. مگر ڪي اهڙيون زبانون به آهن جن ۾ چٽو وينجن }رتل وائڄڻ{ هلڪي وينجن }اڻرتل وائڄڻ{ کان پوءِ اچي پد ٺاهي ٿو ۽ سُر جو ڪم ڏئي ٿو مثلاً بٽن (Button) جو صحيح اچار بَــٽۡـنۡ آهي... اهڙي وينجن کي پدائتو وينجن سڏجي ٿو. اسان جي سنڌي زبان ۾ اها حالت ناهي. (جتوئي ]1983[ 83)

ليکڪ اها ڳالهه سمجھڻ کان قاصر آهي ته ]نۡ[ ڪيئن سُر جو ڪم ڏئي ٿو؟ مروج مفهوم موجب بَــٽۡنۡ جا آواز جيڪڏهن ظاهر ڪبا ته هن طرح لکبا: ]ب[ + ]ا[ + ]ٽ[ + ]ن[ هڪ سڌو سنئون وائڄڻ ڇو وائل قرار ڏنو وڃي ٿو؟ /هۡڪل/ (]ھ[ + ]ا[ + ]ڪ[ + ]ل[) مروج مفهوم موجب بلڪل اهو ساڳيو اِنڊل (pattern) ٺاهي ٿو. وري، جتوئي صاحب جن پاڻ به چون ٿا ته سنڌي ۾ و س و و (يعني وينجن + سر + وينجن + وينجن) وارا پد ٺهن ٿا، جنهن جي مثال ۾ /نرس، پرس ۽ هرج/ ٻول پيش ڪيا اٿائون (]1983[ 84) پر پوءِ به چون ٿا ته اسان جي سنڌي زبان ۾ اها حالت ناهي!

ٻئي پاسي هدايت پريم صاحب جن انهيءَ راءِ تي تنقيد ڪندي چون ٿا:

     منهنجي خيال ۾ و س و و وارو پد سنڌيءَ ۾ نه آهي. جتوئي صاحب جن مثال ڏنا آهن: نرس، پرس ۽ هرج. هي ٽيئي سنڌيءَ جا لفظ نه آهن پر دخيل لفظ (loan words) آهن. (پريم ]1992[ 58)

ليکڪ جي نظر ۾ /هَڪۡلۡ/ اهو ٻول آهي جيڪو ان انڊل تي پورو ٺهڪي ٿو. اهڙا ڪي ٻيا مثال آهن: /ڪُــرۡڪۡ/ (ڪرڪڻ)، /ٻَــڙۡڪۡ/ (ٻڙڪڻ)، /ڍَڪۡــرۡ/ (ڍڪرڻ)، /گِهــرۡڪۡ/ (گھرڪڻ)، /ڦَــٿۡڪۡ/ (ڦٿڪڻ)، /ڍُرۡڪۡ/ (ڍرڪڻ)، /مُــرۡڪۡ/ (مرڪڻ)، /کِــسۡڪۡ/ (کسڪڻ)، /گُهــرۡجۡ/ (گھرجڻ) ۽ ٻيا ڪيترائي.

     و س س }وينجن + ڊگھو سُر + ننڍو سُر{ يا ان کان وڌيڪ سٽا وارو پد سنڌي ۾ ٿي نه ٿو سگھي. (جتوئي ]1983[ 84)

جتوئي صاحب جن ان جي مثال ۾ /لاءِ، هوءَ، ماءُ/ ٻول آندا آهن ۽ انهن مثالن جي ڪري هڪ منجھائيندڙ صورتحال پيدا ٿئي ٿي. مٿي ڏنل ترتيب يعني و س س کي نظر ۾ رکي مروج مفهوم موجب انهن ٻولن جا آواز ٿيندا:

لاءِ = ]ل[ + ]آ[ + ]اِ[

هوءَ = ]هه[ + ]او[ + ]اَ[

ماءُ = ]م[ + ]آ[ + ]اُ[

هاڻي اسان جيڪڏهن پنهنجي يادگيري کي اٿلايون ۽ ٻسُري (diphthong) طور جتوئي صاحب جن جي ڏنل مثالن يعني /کاءُ، لاءِ، پوءِ، پيءُ، سيءُ ۽ سوءَ/ کي ورجايون ته حقيقت ڪيئن بيهندي؟

     /کاءُ/ ۽ /لاءِ/ جي آخر ۾ ڳالهائڻ وقت محسوس ٿيندڙ آواز ٻسرو آهي.

-      /ماءُ/ ۽ /لاءِ/ ۾ هڪ وائڄڻ، هڪ ڊگهو وائل ۽ هڪ ننڍو وائل آواز آهن.

     /سوءَ/ جي آخر ۾ ڳالهائڻ وقت محسوس ٿيندڙ آواز ٻسرو آهي.

-      /هوءَ/ جا آواز هڪ وائڄڻ، هڪ ڊگھو وائل ۽ هڪ ننڍو وائل آهن.

يعني هڪ ٻسرو وائل برابر آهي هڪ ڊگھي وائل ۽ هڪ ننڍي وائل جي!

ليکڪ اهڙيءَ سوچ سان سهمت ٿي ئي نه ٿو سگھي.

هڪ ٻسرو هڪ وائل ئي آهي. اهو ٻن وائلن (۽ انهن مان به هڪ ڊگهي وائل ۽ ننڍي وائل) جو ميلاپ ٿي ئي نه ٿو سگھي. نمبر هڪ ڳالهه.

هڪ ٻئي جي ڪڍ ايندڙ ٻه وائل (ٻئي ننڍا هجن يا ڊگھو ۽ ننڍو) ڪڏهن به هڪ پد نه ٿا ٺاهي سگھن. نمبر ٻي ڳالهه.

نمبر ٽين ڳالهه ته اهي ڳالهائڻ ۾ ٻسرا ڇو ٿا محسوس ٿين يا هڪ پد ڇو ٿا محسوس ٿين، ان لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي هڪ خصوصيت وارو باب ڏسجي.

پد جي حوالي سان اڃا هڪ نُڪتو ٻيو به آهي، جنهن جي وضاحت کان پوءِ پد جي وصف کي سولائيءَ سان بيان ڪري سگھجي ٿو.

     سنڌيءَ ۾ زمان ماضي ٺاهڻ لاءِ بنياد جي پويان /يو/ ملائبو آهي؛ جيئن ته

/لِکۡ/ مان /لکيو/

/پڙهه/ مان /پڙهيو/           (جتوئي ]1983[ 120)

     مگر ڪن حالتن ۾ بنياد جو پهريون پد قائم ڪري ان جي پٺيان /يو/ جي بدران ڪو ٻيو پد ملائبو آهي. مثلاً:

/کاءۡ-/ مان /کاڌو/

/آڻۡ-/ مان /آندو/

/وَٺۡ-/ مان /ورتو/            (جتوئي ]1983[ 121)

     (الف) ]-يو[ پڇاڙي، فعلي ڌاتوءَ جي پويان فقط تڏهن ئي ملائي سگھجي ٿي، جڏهن ان جي ملائڻ کان اڳ، ڌاتوءَ ۾ بنيادي طور ڪا به تبديل ڪا نه ايندي آهي.

(ب) ]-او[ پڇاڙي، ڌاتوءَ جي پويان ان وقت ملائبي آهي جڏهن ان ڌاتوءَ جو فعل لازمي هوندو آهي، ۽ اها پڇاڙي ملائڻ کان اڳ ڌاتوءَ جي پوئين وينجن يعني پد ۾، صوتي تبديل ايندي آهي؛ مثال طور:

وَسۡ > وَٺۡ + او = وَٺو

ڊَههۡ > ڊَٺۡ + او = ڊَٺو

ڦِسۡ > ڦِٿۡ + او = ڦِٿو         (الانا ]1987[ 53-54)

هتي نوٽ ڪرڻ گھرجي ته جتوئي صاحب جن جنهن شيءِ کي بنياد سڏن ٿا (پاڻ بنياد ۽ ڌاتو ۾ فرق ڪن ٿا) ان کي الانا صاحب جن ڌاتو سڏن ٿا. جتوئي صاحب جن چون ٿا ته بنياد جو پهريون پد قائم ڪري پوءِ ٻيو ڪو پد ملائبو آهي. /وَٺۡ/ بنياد جو پهريون پد /ورتو/ ٻول ۾، جيڪڏهن آهي ته اهو /وَ/ ئي ٿي سگھي ٿو، جنهن سان پويون مليل پد /رۡتو/ ئي ٿي سگھندو!

اڪيلو /وَ/ ته برابر هڪ پد آهي پر /ورتو/ ۾ /وَ/ پد ناهي، اتي ممڪن پدَ /ور + تو/ يا /ورت + او/ ئي ٿي سگھن ٿا. /وَٺۡ/ واري /وَ/ جو /ورتو/ واري /وَ/ سان جيڪڏهن ڪو ناتو آهي ته ڪيئن آهي؟ ڇا /وَٺۡ/، جيڪو پاڻ هڪ پد آهي ان کي هڪ پد /و/ ۽ ٻئي پد /ٺۡ/ ۾ ٽوڙي سگھڻ ممڪن آهي؟ ڇا /ٺۡ/ به ڪو پد آهي؟

اهو به نوٽ ڪرڻ گھرجي ته الانا صاحب جن ڌاتوءَ جي پوئين وائڄڻ کي پد سڏن ٿا. ڌاتوءَ جو پويون وائڄڻ مٿي ڏنل ٻولن ۾ /سۡ/ ۽ /ههۡ/ آهي. ڇا اهي پد سڏي سگھجن ٿا؟ /وَسۡ/، /ڊَههۡ/ ۽ /ڦِسۡ/ مان هر هڪ ۾ پد گھڻا؟ ڇا ڪنهن ٻول ۾ ساڪن وائڄڻ (وينجن) ڪو پد ٺاهي سگھي ٿو؟ جھيڻو وائڄڻ ڪنهن پد جو جز ته ٿي سگھي ٿو، اڪيلي سر پد نه ٿو ٺاهي سگھي. الانا صاحب جن اتي ماترا کي پد قرار ڏنو آهي.

هن سڄي بحث جي روشني ۾ پد جي وصف هن طرح بيهي ٿي:

ٻولُ يا ٻولَ جو اهو ننڍي ۾ ننڍو، لئه ڀريو، آواز جي اڪيلي سٽ (effort، ڪوشش) ۾ چيل حصو، جيڪو ڪنهن وائل، رتل وائڄڻ يا وائل وسيلي جھڳٽو ٿيل (clustered) وائڄڻن کي شامل رکي ۽ هڪ آوازي لهر تي پکڙيل ٿئي ٿو.

     انسان جي اوئلي ٻولين ۾ هر پد جي معنى الڳ هئي، جنهن جو زنده مثال چيني ٻوليءَ مان ملي ٿو، ۽ اهي پد ئي ڌاتن جي حيثيت رکن ٿا ان ڪري سمورين پراڻين ٻولين ۾ پد اڪيلا يا ٻين پدن سان ملي بلڪل نيون معنائون پيدا ڪن ٿا. ڪو به نئون پد جڏهن ڪنهن ٻئي ڌاتو پد سان ملي ٿو، تڏهن جيسين ان پد ۾ اڳيئي ڪا معنى نه هوندي، تيسين ڪو به نئون لفظ نه ٺهندو. ٻوليون اتفاقي طرح پيدا نه ٿيون آهن، پر انسان جي هزارين سالن جي فڪر ۽ ويچار جو نتيجو آهن. ڪو به پد بيڪار ۽ بي معنى نه آهي. البته ايئن آهي ته ٻولين جي تاريخ ايتري ته پراڻي آهي، جو هاڻ انهن معنائن کي ڳولي ڪڍڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي. ان هوندي به هر لسانيات جو ماهر ڪوشش ڪري اهڙين پڇاڙين ۽ پدن جون معنائون سوڌي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. (سراج ]1964[ 57)

پد ڇا کي چئجي ٿو؟، سراج صاحب جن ان بابت ڪا به وضاحت نه ڪئي آهي، پر پاڻ جيڪي مثال ڏنا ٿن، جيئن /سُ/ يا /سُو/، /کُ/ يا /کُــرۡ/ ۽ /گُ/، /گُــڙۡ/ يا /گُــرۡ/، انهن مان پد جو تصور چٽو ٿي اچي ٿو.

ليکڪ هتي ڪجھ سوالن کي محفوظ رکي ٿو: (1) ڇا هر ٻولي جي پد کي هڪ معنى آهي؟ (2) ڇا ٻوليءَ جو هر ٻول سوچي ويچاري جوڙيو ويو آهي؟ (3) ڇا ٻوليون اتفاقي طرح ٺهيون آهن؟

     ٻولين جي ارتقا جي ٽي درجا معلوم ڪيا ويا آهن: (1) بيلاڳي (isolating)، (2) امتزاجي (agglutinating) ۽ (3) صرفياتي (inflecting)1

جڏهن ٻولي بيلاڳي پد تي هوندي آهي تڏهن ان جي لفظن جون صورتيون }؟، صورتون{ ڦيرو نه کائينديون آهن. چيني زبان انهيءَ پد تي آهي. جڏهن زبان امتزاجي پد تي هوندي آهي تڏهن ثانوي لفظن ٺاهڻ لاءِ ابتدائي لفظن کي بنياد بنائي ان جي پٺيان جوڙَ ملائيندي ويندي آهي. ترڪي زبان انهيءَ پد تي آهي. جڏهن زبان صرفياتي {Inflecting} پد تي هوندي آهي تڏهن ان جي لفظن جي صورتن ۾ صرفي2 }؟، Morphological، Morphic، {Inflecting اثر هيٺ ڦيرو ايندو آهي. سنڌي زبان انهيءَ پد تي آهي. (جتوئي ]1983[ 186)

     ٻولين جي اندروني بناوت... }جي حوالي سان{ سڀني ٻولين کي ٽن قسمن ۾ ورهايو ويندو آهي:

(1)            ڇَــڙن پدن واريون ٻوليون (Isolating Languages)

(2)           ڳنڍيندڙ پدن واريون ٻوليون (Agglutinating Languages)

(3)           ڦيرو کائيندڙ پدن واريون ٻوليون (Inflecting Languages)

(1)             ڇڙن پدن واريون ٻوليون:

هي اهي ٻوليون آهن، جن ۾ اچار ۽ پد بلڪل هڪ ٻئي کان الڳ، ڇڙا ۽ اڪيلا استعمال ٿين ٿا ۽ پنهنجي پنهنجي مستقل معنى رکن ٿا. جملي اندر انهن پدن کي ڦيرائبو ته انهن لفظن جي معنى ۽ صورت ۾ ڪو به ڦيرو نه ايندو. هن قسم جي ٻولين جو بهترين مثال چيني ۽ ان سان لاڳاپيل ٻوليون آهن. مثال طور هي جملو ڏسو:

 وو           پُو           پا            تا

(مان)        (نه)         (ڊڄڻ)        (هو)

 مان      نه (ٿو)         ڊڄان      هن (کان)

اوهان ڏسندا ته مٿيان چارئي لفظ هڪ هڪ پد (syllable) جا ٺهيل آهن. ان ڪري اهڙين ٻولين کي هڪ پد واريون ٻوليون (monosyllabic) پڻ سڏيو وڃي ٿو. انهن پدن کي اڳي پوءِ ڪرڻ سان به هڪ بامعنى جملو ٺهندو، جنهن ۾ لفظن جي معنى ڪا نه تبديل ٿيندي.

  تا          پو            پا             وو

(هو)        (نه)          (ڊڄڻ)         (مان)

 هو      نه (ٿو)          ڊڄي       مون (کان)

(هو مون کان نه ٿو ڊڄي)

هن مان اهو ثابت ٿيو ته هر پد جدا معنى رکي ٿو ۽ انفرادي طور ڪتب اچي ٿو. ان کي جملي ۾ ڪهڙي هنڌ به استعمال ڪريو، ان جي معنى به نه بدلجندي ۽ نحوي صورت ۾ به ڪو ڦيرو نه ايندو.

(2)                     ڳنڍجندڙ پدن واريون ٻوليون:

هي اهڙيون ٻوليون آهن، جيڪي مختلف پد هڪ ٻئي سان ڳنڍينديون وينديون آهن ۽ ان طريقي سان نيون معنائون ۽ نيون نحوي صورتون پيدا ٿينديون رهن ٿيون. هن جو سٺو مثال ترڪي ٻوليءَ ۾ ملي ٿو:

 

ترڪي

 

سنڌي معنى

اسم واحد:

اير

=

گھر

 

اير+دين = ايردين

=

گھر مان = گھر کان = گھرئون يا گھرن

 

اير+اِم = ايرم

=

گھر منهنجو = گھرم

 

اير+اِم+دين = ايرمدين

=

گھر منهنجي کان = گھرانم

اسم جمع:

اير+لر = ايرلر

=

گَھرَ (گھڻا)

 

اير+لر+دين = ايرلردين

=

گھرن کان = گھرانئون

 

اير+لر+ام+دين=ايرلرمدين

=

منهنجي گھرن کان

فعل:

دي

=

چوڻ

 

دي يور

=

چوي ٿو

 

دي يورلر

=

چون ٿا

هن مان اوهان ڏسندا ته جمع ڪرڻ لاءِ يا ڪنهن ٻيءَ فعلي صورت لاءِ خاص پد لفظن جي پويان ڳنڍبا وڃن ٿا ۽ معنائون ان مطابق تبديل ٿينديون رهن ٿيون. اوهان اهو به جاچيو هوندو ته پهرين چئن صورتن تائين ته سنڌيءَ ترڪيءَ جو ساٿ ڏنو، پر جڏهن جمع }جو وارو{ آيو تڏهن ترڪيءَ پنهنجي واٽ ورتي ۽ سنڌيءَ پنهنجي. ان ڪري جو سنڌي به ٿوريءَ حد تائين ڳنڍجندڙ پدن واري ٻولي آهي...

(3)                     ڦيرو کائيندڙ پدن واريون ٻوليون:

هن ڳڻپ ۾ هند-يورپي (هند-آريائي ۽ هند-ايراني) ۽ سامي ٻوليون اچي وڃن ٿيون. ڪنهن به نحوي يا فعلي صورت ۾ عدد، جنس ۽ زمان جي ڦيري سان پدن ۾ ئي ڦيرو اچي وڃي ٿو. مثال:

هند- يورپي (سنسڪرت)

زمان حال غائب واحد: سنوتي =

سُـ

+

نــــوۡ

+

تِــي

 

(ڌاتو)

 

(حال جي

صورت)

 

(ضمير

غائب واحد)

زمان حال غالب جمع: سنونتي =

سُـ

+

نَـــــوَ

+

اَنتِي

 

(ڌاتو)

 

(حال جي

صورت)

 

(ضمير

غائب جمع)

مٿئين مثال مان ڏسندا ته رڳو ضمير غائب جي واحد کي جمع ڪرڻ سان، پويان }اڳيان{ ٻه-ٽي }هڪ{ پد بلڪل بدلجي وڃن ٿا. ساڳي حالت سمورين هند-يورپي ٻولين سان آهي. انگريزيءَ ۾ هيءَ فعلي صورت ته اوهان ڏٺي هوندي:

Sung

Sang

Sing

سَــنۡـگ

سَـينۡـگ

سِــنۡگ

ساڳيءَ طرح عربيءَ ۾:

قَصَدَ       قَصَدا       قَصَدو     وغيره.

۽ سنڌي:

ڏسان، ڏسون، ڏس، ڏسو، ڏسي، ڏسن وغيره.

انهن سمورن مثالن ۾ اها پدن جي ڦيري جي صورت موجود آهي.

مٿئين بيان مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته سنڌي ڳنڍجندڙ پدن سان گڏ ڦيرو کائڻ واري ٻولي آهي، پر اهو ڳانڍاپو ۽ ڦيرو سنڌيءَ ۾ پنهنجو اصلوڪو آهي، ۽ هزارين ورهين کان ايئن آهي. (سراج (1964) 44-47)

نامياري عالم مسٽر اوٽو ييسپرسن (Otto Jespersen) پنهنجي مشهور ڪتاب Language Its nature, development & origin (ٻولي ان جي فطرت، واڌارَ ۽ بڻ) ۾ چيني ٻولي بابت مٿي بيان ڪيل ذڪر سان سخت ۽ مدلل اختلاف ڪيو آهي (ص 367-373). چيني ٻوليءَ جي اڏپ (structure) ۾ هر ٻول هڪ پد رکي ٿو، نه وڌيڪ ۽ نه ئي وري گھٽ. اهڙي هر پد (ٻول) جون چار يا پنج ميوزيڪل لانڍون (tones) ٿين ٿيون... اچار جو اهو طريقو جنهن وسيلي ٻول کي مختلف لانڍن سان اچارڻ جي ڪري معنى ٻي ٿي وڃي ٿي... وَئنگ هڪ لانڍ موجب بادشاھ آهي ۽ ٻيءَ موجب بادشاھ ٿيڻ، لائو هڪ لانڍ موجب ڪم آهي ۽ ٻيءَ موجب ڪمائي (يا ڪم جو اجورو ڏيڻ)... اسين امڪان قائم ڪري سگھون ٿا ته مٿي ڄاڻايل چيني ٻولن جي جوڙن ۾ مشتق (derived) پدن يا اعرابي (flexional) پڇاڙين وسيلي فرق ڪيو ويندو هو جيڪي هاڻي پنهنجي پويان لانڍ ۾ فرق کان ٻيو ڪو پاڇولو ڇڏڻ بنا گم ٿي ويون آهن... چيني ٻوليءَ کي هاڻي ان مفروضي جي حمايت ۾ پيش نه ٿو ڪري سگھجي ته اسان جون آرين ٻوليون، يا سموريون انساني ٻوليون پهريائين هڪ بنا گرامر ڳالهاءَ سان شروع ٿيون جيڪي يڪپدن پاڙ-ٻولن (root-words) تي ٻڌل هو.

(ٻوليءَ جي بڻ بابت ييسپرسن صاحب جن جي بنيادي خيالن سان وري ٻين ڪيترن ئي عالمن کي اختلاف آهي.)

اهو سڄو ذڪر ڏيڻ جو مقصد هتي اهو ڏيکارڻ هو ته پد ۽ ٻوليءَ جي پدائتي اڏپ خود هڪ وڏي بحث جو موضوع آهن.

واياڄاڻ ۾ وڏين يا چورس ڏنگڙين کي هڪ آواز جي نشاندهي ڪرڻ جو اهڃاڻ مقرر ڪيو ويو آهي. ليکڪ جي تجويز آهي ته پد کي به ان صورت ۾ ئي ظاهر ڪيو وڃي توڙي جو پد ۾ آواز هڪ نه آهي. مثال:

لِــکۡ=  ]ل + اِ + ک[

پَــڙۡھ=  ]پ + اَ + ڙھ[

ٻُــڌۡ=  ]ٻ + اُ + ڌ[

کِــسۡـڪۡ=  ]ک + اِ + س + ڪ[

تِــرۡڪۡ=  ]ت + اِ + ر + ڪ[

کِسڪَڻ=  ]ک + اِ + س[ + ]ڪ+  اَ + ڻ[

۽ اهڙيءَ طرح وڌيڪ.

 

 

حوالا ۽ وضاحتون:

1. inflecting لاءِ سنڌي ۾ متبادل گرداني (ڦيرو کائيندڙ) به ڪم آندو ويو آهي.

     سنڌي ٻوليءَ ۾ مشتق (derived) لفظن ۽ ڦريل صورت (inflected form) وارن لفظن ٺاهڻ لاءِ اڳياڙيون ۽ پڇاڙيون ٻئي اهم حصو ادا ڪنديون آهن. پر جملي ۾ اسم، ضمير وغيره جي جمع (number }عدد{)، حالت (case) وغيره جي گردانن يا ڦيرن لاءِ جيڪي پڇاڙيون (اَ، آ، اُ، اي) ڪم اينديون آهن تن کي اعراب (inflection) چئبو آهي. پر اهو ياد رکڻ گھرجي ته هر زبر يا زير کي اعراب ڪو نه چئبو پر اها زبر يا زير جيڪا ڪنهن اسم جي پڇاڙيءَ ۾ اچِي، ان جي عدد، حالت ۽ جنس جو گردان ڏيکاري، تنهن کي اعراب چئبو. (الانا ]1987[ 52-53)

     Inflect

1) (ٻول جي) پوڇڙ (ending) يا صورت جي تبديلي جيڪا جملي ۾ (ان ٻول جي) ٻين ٻولن سان (ڪنهن به قسم جي) ناتيداري ڏيکاري.

2) (آواز) آلاپڻ، اندر موڙڻ: جھول (curve، ونگ). (آڪسفورڊ ڊڪشنري)

     Inflection

1) ٻول جي ڦريل صورت، جيئن آهيان، آهيون، آهي؛ ڦيرو ڪرڻ لاءِ ڪم آندل پٺجوڙ، جيئن -آن، -اُون (ڏسان، ڏسون...)

2) ڳالڻ دوران واڪي جو چاڙھ ۽ لاٿ. (آڪسفورڊ ڊڪشنري)

 

2. هن سڄي ٽڪري ۾ اصطلاحن جي ترجمي ۽ اصطلاحن جي تخصيص نه هجڻ سبب مونجھارو پيدا ٿي پيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com