سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: ٻول جو بڻ

باب: 9

صفحو :11

 

باب نائون

ٻول/لفظ جو عام تصور

 

صورت (Form)

ٻولياڄاڻي اصطلاح ۾ صورت ڇا کي چئجي ٿو، ان جي وضاحت ڪندي الانا صاحب (]1987[ 17) لکي ٿو:

    ماڻهوءَ جو ڳالهاءُ ڪيترن ئي معنادار جزن تي مشتمل هوندو آهي، انهن مان هر جزي کي صورت چئبو آهي. مثال طور، چڱو ماڻهو ڊوڙيو. هن مثال ۾ /چڱو/، /ماڻهو/ ۽ /ڊوڙيو/ ڌار ڌار صورتون آهن.

صورت جي وضاحت، چئمبر'س ڊڪشنري هن طرح ٻڌائي ٿي:

    گرامر (وياڪرڻ) جو ڪو به عنصر جنهن مان ٻول ۽ جملا ٺاهيا ويندا آهن.

۽ آڪسفورڊ ڊڪشنري موجب:

    (آواز يا اچار دوران) ڪنهن ٻول جي اختيار ڪيل شڪل.

صورت جا ٻه قسم آهن:

1) آجي (free) صورت:

آجي صورت لاءِ پاڻَ وسِيڪي صورت، آزاد صورت ۽ خودمختيارصورت جھڙا اصطلاح به ڪم آندا ويندا آهن.

                   }ڳالهائڻ دوران{ هر اهو جزو يا هر اها صورت جيڪا ڪنهن به رواجي ڳالهه ٻولهه ۾، اڪيلي سر يعني پنهنجي ليکي/سر }پاڻ تي ڀاڙيندي{ ڪم ايندي هجي، ۽ ٻيءَ ڪنهن به صورت جي محتاج نه هجي. مثال: /ماڻهو/، /پُٽ/، /ڄاڻ/، /ڇوڪرو/ وغيره. (الانا ]1987[ 18)

    ... اهڙيون صورتون .... جيڪي پنهنجي سِر سالم سادا لفظ ٿي ڪم اچن ٿا جھڙوڪ }... ڪُسنگ، جانوَر، خداوند ۽ ڀاڳوان جھڙن ٻولن ۾ واريسِر{ /سنگ/، /جان/، /خدا/ ۽ /ڀاڳ/، اهڙين صورتن کي آزاد صورتون سڏجي ٿو. (جتوئي ]1983[ 112)

2( باندي (bound) صورت:

باندي صورت لاءِ ٻَـڌل صورت، پابند صورت، پَـروَس صورت جھڙا اصطلاح به ڪم آندا وڃن ٿا.

    ... هر اهو جزو يا هر اها صورت، جا پنهنجي سِر اڪيلي يعني اڪيلي سِر ڪم نه ايندي هجي، پر ٻيءَ صورت يا ٻين صورتن سان گڏ ڪم اچڻ سان ئي معنادار ٿيندي هجي، يعني ته ان صورت جي معنى ۽ ان جو ڪارج ڪنهن خودمختار صورت جي وس ۾ هجي يعني ان تي مدار رکندي هجي. ... /آسروند/، /عقلمند/، /اَڄاڻ/، /اڻهوند/، /وَڃڻو/، /پُـٽـيـتـو/، /سـچيت/، /ڏٺل/، /لکيل/ وغيره صورتن ۾ /-وند، -مند، اَ-، -ڻو، -ايتو، -سُ-، -اَل ۽ -يل/ وغيره صورتون، پنهنجي سر، يعني اڪيلي سر، ڪنهن به ڳالهه ٻول ۾ ڳالهايون ڪو نه وينديون آهن، پر انهن جي ڪارج جو مدار ڪن خودمختيار صورتن تي هوندو آهي. اهڙين سڀني صورتن کي پر-وَس يا پابند صورتون چئبو آهي.

پروَس صورتون جڏهن ڪن خودمختار صورتن سان گڏ، اڳياڙيءَ (prefix) يا پڇاڙيءَ (suffix) جي روپ ۾ ڪم اينديون آهن، تڏهن سنڌي وياڪرڻ جي اصولن موجب انهن جي به ضرور ڪا معنى هوندي آهي... هونئن اڪيلي سر يا پنهنجي ليکي انهن جي ڪا به معنى ڪانهي. (الانا ]1987[ 18-19)

يعني، الانا صاحب جي راءِ موجب باندي صورت

(1)              اڪيلي سر ڪم نه ايندي آهي ۽ اڪيلي سر معنادار نه هوندي آهي،

(2)             ان جو ڪارج آجي صورت جي وس ۾ هوندو آهي، ۽

(3)             اڳجوڙ (اڳياڙيءَ،prefix ) يا پُٺجوڙ (پڇاڙيءَ، suffix) جي روپ ۾ ڪم  اچي ٿي ۽ معنادار ٿئي ٿي.

جتوئي صاحب (]1983[ 112) /سچار، ڪنڀار، لوهار، چمار، ڌڻار، سچيرو/ جھڙن ٻولن کي مثال طور پيش ڪندي چوي ٿو: ٻيون اهڙيون صورتون آهن جيڪي پنهنجي منهن لفظ ٿي ڪم اچي نه ٿا سگھن مگر ٻين صورتن سان ملي لفظ ٿي پون ٿا، جھڙوڪ /سَچۡ/، /ڪُنڀۡ/ .... /-آر/، /-ايرو/ وغيره. اهڙين صورتن کي پابند }صورتون{  (bound forms) سڏجي ٿو.

يعني، جتوئي صاحب جي راءِ موجب باندي صورت

(1)              اڪيلي سر لفظ ٿي ڪم نه ٿي اچي، ۽

(2)             ٻيءَ صورت يا ٻين صورتن سان ملي لفظ ٿئي ٿي.

جتوئي صاحب معنى ۽ (اڳ- يا پُٺ-) جوڙ هجڻ يا نه هجڻ جو شرط نه ٿو رکي. سندس خيال آهي ته /سَچۡ-، ڪُنڀۡ-، لوههۡ، چَمۡ-، ڌَڻۡ-/ وغيره صورتون جيئن ته پنهنجي منهن لفظ ٿي ڪم نه ٿيون اچن تنهنڪري باندي صورتون آهن ۽ اهي لفظ تڏهن ٿينديون جڏهن ڪنهن ٻيءَ صورت سان ملن. الانا صاحب شرط رکي ٿو ته باندي صورت اڳ- يا پٺ- جوڙ ٿي ڪم اچي ٿي ۽ پوءِ اتي ان لفظ/ٻول ۾ معنادار ٿئي ٿي، اڪيلي صورت هئڻ جي حالت ۾ ان جي ڪا به معنى نه آهي. هتي سوال ٿو اٿي ته ڇا /سَــچۡ-، چَـمۡ-، ڪُنڀ-، ڌَڻۡ-/ وغيره صورتن جي اڪيلي سر ڪا به معنى نه آهي؟ جي معنى آهي، ته الانا صاحب پاران ڏنل وصف موجب انهن صورتن کي باندي صورت سڏي نه ٿو سگھجي. پر جتوئي صاحب معنى جو ڪو به شرط نه ٿو رکي، پاڻ رڳو اڪيلي سر ڪم اچڻ جو شرط رکي ٿو يعني اهي يا اهڙيون صورتون جيڪڏهن اڪيلي سر ڪم اينديون ته انهن کي باندي صورت نه چئبو ۽ لفظ/ٻول چئبو.

هو ته سچ پچ سمهيو پيو آهي.

ان جملي ۾ /سَچ/ جي آوازن تي ڌيان ڏيو. ڇا ان جملي ۾ استعمال ٿيل ٻول /سَچُ/ (]=س+اَ[+]چ+اُ[) آهي يا /سَچۡ/ (]=س+اَ[+]چ[)؟ ۽ ڇا ان جملي ۾ /سچ/ جي ڪا معنى آهي يا نه؟

ليکڪ جي راءِ موجب ان جملي ۾ ڪم آيل ٻول /]س+اَ[+]چ[/ آهي ۽ جملي ۾ انهيءَ جي هڪ معنى به آهي، تنهنڪري /سَچۡ/ ۽ اهڙين ٻين صورتن کي باندي صورت سڏي نه ٿو سگھجي. اهڙين ڪجھ صورتن جو ذڪر سنڌي ٻوليءَ جي هڪ خصوصيت واري باب ۾ ڪيو ويو آهي ۽ ٿورو بحث ٻول/لفظ جي وصف بيان ڪرڻ کان پوءِ ڪنداسون.

/پروَس/ ٻول ۾ /پَر/ ۽ /وَس/ کي ٻه آجيون صورتون قرار ڏيندي /پروَس/ کي الانا صاحب هڪ مرڪب يا ڳوپ (compound) ٻول قرار ڏئي ٿو (وڌيڪ بحث ڳوپ ٻول جي سري هيٺ)، پر /پرديس، پرڏيهه، پرذات، پرکنڊ، پرمار ۽ پرواس/ جھڙن ٻولن ۾ /پر/ کي هڪ آجي صورت سڏبو يا باندي؟ ڄاڻايل ٻولن ۾ /پر/ هڪ اڳجوڙ طور ڪم آيل آهي.

/ڏُڪر يا ڏڪار/ ۽ /سُڪر يا سڪار/ ۾ /ڪر يا ڪار/ هڪ آجي صورت آهي پر /کنگھڪر يا کنگھڪار/ ۾ /ڪر يا ڪار/ کي هڪ آجي صورت سڏبو يا باندي؟ ڄاڻايل ٻول ۾ /ڪر يا ڪار/ هڪ پٺجوڙ آهي. ليکڪ جي نظر ۾ اهڙا ڪي ئي اڳجوڙ ۽ پٺجوڙ ٿي ڪم ايندڙ ٻول موجود آهن جيڪي اڪيلي سر به هڪ معنى کي ظاهر ڪن ٿا (تفصيلي بحث جوڙ جي سري هيٺ).

هاڻي، اسان جي آڏو هڪ ٻول /اڻاٺ/ آهي.

(1)              /پاڻياٺ، لوڻاٺ، ڪلراٺ/ وغيره ٻولن ۾ /-آٺ/ هڪ پٺجوڙ آهي ۽ ٻول جي اشتقاق ۾ واسطيدار شيءِ جي هجڻ، جھڙو، وارو جي معنى پڌري ڪري ٿو.

(2)             /اڻپورو، اڻ ڌوتل، اڻپڇيو، اڻهوند/ وغيره ٻولن ۾ /اڻ-/ هڪ اڳجوڙ آهي ۽ ٻول جي اشتقاق ۾ نه، کان سواءِ، ڪجھ کُٽل وغيره جي معنى ڏئي ٿو.

/آٺ/ ۽ /اڻ/ (اڳ- يا پٺ-) جوڙ ٿي ڪم اچڻ باوجود ڇا اڪيلي سر ڪا معنى رکن ٿا يا نه؟

جامع سنڌي لغات ٻڌائي ٿي:

    آٺِ ج آٺون: ث. ]سن. آوَشيش = بقايا، اوبر[ ڪنهن شيءِ جو اڇلائڻ يا نه کائڻ جھڙو حصو. ڇيڇڙو (گوشت جو)- اوٺ. بچيل کاڌو - جُوٺِ - اوبر. پڇاڙيءَ واري ڳالهه. دنگ - حد - ڇيهه.

-   آٺ تي بيهڻ: ...

    آٺو: ]سن. اُڇّشَٽ = اوبر؛ اَشُد = ناپاڪ[ ...

(نوٽ: ليکڪ کي ڄاڻايل ڌاتن سان اختلاف ڪري سگھڻ جو حق آهي.)

آوشيش،  اَڇشٽ  ۽  اَشُد کي /آٺ/ جو بنياد قرار ڏيندڙ ج س ل وڌيڪ ٻڌائي ٿي:

    آٺرڻ : مصدر. ]سن. 1- آسۡتَرنۡ ( آ = چڱيءَ طرح + سۡٿا = چُرڻ کان بس ڪرڻ، بيهڻ)، 2- آشۡتَريه = مٿي تَرِي بيٺل[ ...

    آٺارڻ : آٺرڻ مصدر مان متعدي ]سن. آ= چڱيءَ طرح + سۡٿِر = قائم ...[

    آٺيرڻ : آٺرڻ مصدر مان متعدي ...

    آٺڻ : مصدر ]سن. آسۡٿَرن = آٺرائڻ[ ...

(نوٽ: معلوم ٿيو ته /آٺ/ جو ڌاتو آوشيش، /آٺو/ جو ڌاتو اڇشٽ يا اشد، /آٺرڻ/ جو ڌاتو آسترن يا آسٿا يا آشتريه ، /آٺارڻ/ جو ڌاتو آسٿر ۽ /آٺڻ/ جو ڌاتو آسٿرن آهي يعني ڌاتو جي حوالي سان آٺ جو آٺو سان ۽ انهن ٻنهي جو آٺڻ سان ڪو تعلق ناهي!)

آٺ جي حقيقي بناوت ڪيئن آهي، انهيءَ کي الڳ رکندي، ليکڪ چوڻ اهو ٿو چاهي ته انهن سڀني ٻولن جو ڌاتو (يا ترت ڌاتو) /آٺ/ معلوم ٿئي ٿو ۽ ان جي نه رڳو هڪ معنى آهي پر پنهنجي سر سادي صورت طور ڪم به اچي ٿو.

اچو ته /اَڻ/ کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪيون. ج س ل ٻڌائي ٿي:

    اَڻو ج اَڻا: ذ. ]سن. اَڻ = ذرو[ تمام ننڍو ذرو. ذرڙو. جزو ...

    اڻوٺِ: ث. ڪمي - قلت - اڻاٺ.

    اڻوٺائي ج اڻوٺايون: برسات جي ڪمي ...

/اَڻو/ = /اَڻ + او/. /آٺو/ = /آٺ + او/

/اَڻ/ انهن ٻولن ۾ ڌاتو طور ڪم آيل آهي ۽ ان جِي نه رڳو هڪ معنى آهي پر پنهنجي سر هڪ سادي صورت طور به ڪم اچي ٿو.

ان ڪري اهو تصور ته باندي صورت اڪيلي سر لفظ/ٻول ٿي ڪم نه ٿي اچي يا لفظ جي اشتقاق کان ٻاهر ان جي ڪا به معنى نه آهي، هڪ غلط تصور معلوم ٿئي ٿو.

 

رُوپيو (Morpheme)

عام طرح ڪم ايندڙ اصطلاح صرفيه ۽ صرفيو آهن.

هر ان ٻولياڄاڻي (لسانياتي) ايڪي کي رُوپيو (صرفيه، صرفيو) سڏجي ٿو جنهن جي ڪا نه ڪا معنى هجي. جتوئي صاحب (]1983[ 112) بِي.بلاخ ۽ جِي.ايل.ٽرئگر جي حوالي سان ٻڌائي ٿو ته هر اها اچاريل صورت جا آزاد هجي يا پابند، جنهن کي مطلب وارن جزن يا ٽڪرن ۾ ورهائي نه سگھجي تنهن کي صرفيه }روپيو{ سڏجي ٿو. ڪي عالم ساڳيءَ ڳالهه کي ٻين لفظن ۾ هيئن به بيان ڪن ٿا ته روپيو اهو ننڍي ۾ ننڍو معنادار جزو آهي جنهن ۾ ڪنهن به هڪ ٻول کي ورهائي سگھجي هر آجي توڙي باندي صورت هڪ روپيو سڏجي ٿي. /سُپتيو، ڪُپتيو، ڏُچَر، اڄاڻ، عقلمند، آسروند ۽ ڏٺل/ جھڙن ٻولن ۾ /سُ-، ڪُ-، ڏُ- ۽ اَ-/ جھڙا اڳڄوڙ /پت، چَر، ڄاڻ، عقل ۽ ڏٺ/ جھڙيون آجيون صورتون ۽ /-مند، -وند ۽ -ال/ جھڙا پٺجوڙ هڪ هڪ روپيو آهن.

 

ننڍي ۾ ننڍو معنادار ايڪو

     ننڍي ۾ ننڍي معنادار جزي مان مراد اهو جزو آهي جيڪو اڳتي وڌيڪ ڇيد ڪرڻ سان يعني ڀڃڻ سان وڌيڪ معنادار جزن ۾ ورهائي نه سگھجي پر جيڪڏهن ان کي اڳتي ڀڃڻ جي ڪوشش ڪبي ته حاصل ٿيل جزن جي }بڻائتي{ معنيٰ ۾ فرق اچي ويندو يا مورڳو ان جي ڪا به معنى نه رهندي. (الانا ]1987[ 20، ايڇ.اي.گليسان جي حوالي سان)

     ابتدائي لفظن کي سادا لفظ (Simple words) به سڏبو آهي. اِهي اُهي لفظ آهن جن جي صورت کي ٽوڙي نه ٿو سگھجي. جيڪڏهن ٽوڙبو ته ان جا جزا بي مطلب (meaningless) ٿي پوندا (مطلب مان هتي مراد لغوي معنى نه آهي مگر اهڃاڻي معنى آهي) مثلاً /کَٽَ/ جا ٻه جزا ٿي سگھن ٿا: هڪ /کَ/ ۽ ٻيو /ٽَ/. اهي ٻئي اتي بي مطلب آهن. /رستو/ جا ٻه جزا /رس/ ۽ /تو/ آهن ۽ اهي ٻئي اتي بي مطلب آهن. ڇاڪاڻ ته سادي لفظ جي صورت کي گھٽائي ان مان ڪو به سالم لفظ معنى وارو ڪڍي نه ٿو سگھجي، تنهنڪري کيس ننڍي ۾ ننڍي آزاد صورت (minimum free form) به سڏجي ٿو. (جتوئي ]1983[ 110، بي.بلاخ ۽ جي.ايل.ٽرئگر جي حوالي سان)

/اَڄاڻ/ کي وڌيڪ /اَ-/ ۽ /-ڄاڻ/ ۾ ڀڃي سگھجي ٿو جن مان هر هڪ جي ٻول جي اشتقاق ۾ هڪ معنى آهي پر /ڄاڻ/ کي اڃا وڌيڪ ٻن جزن /ڄا/ ۽ /ڻ/ ۾ ڀڃيو ته اتي اهي ٻئي جزا بي معنى هوندا.

ننڍي ۾ ننڍي معنادار ايڪي جي مٿي ڏنل وصف کي ذهن ۾ رکي جتوئي صاحب پاران باندي صورت طور ڏنل ڪجھ مثالن جيئن: /سَچۡ-، ڪُنڀۡ-، چَـمۡ-، ڌَڻۡ-/ وغيره تي هڪ ڀيرو وري سوچڻ جي دعوت ڏجي ٿي. ڇا اهي ننڍي ۾ ننڍي معنادار جزي جي وصف تي پورا نه ٿا لهن؟ جي، ها (۽ ليکڪ ها ئي چوي ٿو) ته انهن کي سادو لفظ مڃڻو پوندو.

/سَچۡ، ڪُنڀۡ، ڌَڻۡ، چَمۡ/ + /اُ/ = سچُ، ڪنڀُ، ڌڻُ، چَمُ

                    ........ + /اَ/ = سچَ، ڪنڀَ، ڌڻَ، چمَ

ڏسي سگھجي ٿو ته /اُ/ ۽ /اَ/ ٻول ۾ واحد ۽ جمع (۽ مذڪر) جو مفهوم وڌائن ٿا، ٻول جي بنيادي معنى جيئن جو تيئن برقرار رهي ٿي. چئبو ته انهن ٻولن کي پنهنجي هڪ معنى آهي ۽/پر اهي پنهنجيءَ ڌاتوئي صورت ۾ عدد ۽ جنس کي ظاهر نه ٿا ڪن. سنڌي ٻولي جو هر ڌاتو ٻول، هر هر ثابت ٿيندو ته، پنهنجيءَ اصولي صورت ۾ ڪنهن به عدد، جنس ۽ حالت کي ظاهر نه ٿو ڪري. (تفصيل لاءِ ڏسو سنڌي ٻوليءَ جي هڪ خصوصيت ۽ ڌاتو ٻول جي سري هيٺ)

 

ٻول/لفظ (Word)

بي.بلاخ ۽ جي.ايل. ٽرئگر جي حوالي سان آندل، لفظ جي هيٺ ڏنل تشريح کي الانا صاحب (]1987[ 21) نئين ۽ انوکي سڏي ٿو:

    لفظ (مفرد) اها ننڍي ۾ ننڍي خودمختيار يا آزاد صورت آهي جنهن کي اڳتي ٻين ننڍن بامعنى يا معنادار صورتن (خودمختيار يا پروس) ۽ جزن ۾ هرگز ڀڃي نه سگھي. ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو ته ننڍي ۾ ننڍي بامعنى خودمختيار صورت کي لفظ (مفرد) چئبو.

ڌيان سان ڏٺو وڃي ته اها لفظ/ٻول جي وصف ناهي، اها ته مفرد لفظ يعني سادي ٻول جي وصف آهي ۽ ان ڪري ئي الانا صاحب کي ڏنگيءَ ۾ مفرد لکڻو پئجي ويو آهي. اصولن، لفظ/ٻول جي وصف اهڙي هئڻ گھرجي جيڪا رڳو مفرد لفظ جي وصف ۽ وضاحت تائين محدود رهجي ويل نه هجي پر ٻول جي سمورن قسمن کي گڏيل نموني بيان ڪندي هجي.

پاڻ الانا صاحب (]1987[ 33) جيڪا وضاحت ڏني آهي اها ڪي قدر وڌيڪ بهتر معلوم ٿئي ٿي:

    لفظ مفرد يا خودمختيار صرفيه، يا خودمختيار صرفيه ۽ پروس صرفيه جي ميل، يا ٻن يا ٻن کان وڌيڪ صرفين جي ملائڻ سان ٺهن ٿا.

ان جي ڀيٽ ۾ اڃا وڌيڪ بهتر وصف جتوئي صاحب (]1983[ 110) ٻڌائي ٿو:

    لفظ اهو اچاريل ايڪو آهي جيڪو اڪيلي سر ٻوليءَ ۾ بامعنى مستقل حيثيت رکي ٿو.

ٻول ڳالهايل ٻوليءَ جو هڪ ايڪو آهي. اهڙي قسم جي اورپ (utterance) کي ظاهر ڪندڙ، لکيل نشان لفظ آهي. آواز يا آوازن جو اهو ميڙ جيڪو ڪنهن به ٻوليءَ جي گرامر يا ٻول-کاڻ (Vocabulary) جو ايڪو جوڙيندڙ هجي. هڪ ٻول ٻوليءَ جو اهو ننڍي ۾ ننڍو يا وڏي ۾ وڏو ايڪو آهي جيڪو گھٽ ۾ گھٽ ڪنهن هڪ ننڍي ۾ ننڍي خودمختيار معنادار جزي کان ويندي ٻن يا ٻن کان وڌيڪ آجين توڙي باندي صورتن تي ٻَڌل ٿي سگھي ٿو.

 

ٻول جا قسم

1.                       پهريت (Primary) ٻول

(ڪٿي ڌاتو ته ڪٿي بنيادي ۽ ڪٿي ڪٿي سادو، ابتدائي يا مفرد لفظ پڻ ساڳئي مفهوم ۾ ڪم آندا وڃن ٿا.)

ننڍي ۾ ننڍو معنادار جزو/ايڪو ۽ هڪ آجي صورت رکندڙ ٻول کي پهريت سڏجي ٿو يعني جيڪو پاڻ يڪي سِر، هيڪلِي، پاڻ تي ڀاڙيندڙ صورت رکندو هجي، پاڻ ڌاتو (پاڙ، بنياد، اصل، Root) هجي ۽ اهڙي ئي حيثيت ۾ ڪم آيل هجي اهو ٻول جنهن کي وڌيڪ معنادار جزن ۾ ٽوڙي نه سگھجي ۽ جنهن سان ڪا به باندي صورت مليل نه هجي.

    ابتدائي لفظ اهي آهن جن مان ٻيا لفظ ٺهي نڪرن، ۽ خود ٻئي مان ٺهيل نه هجن. سنڌي زبان ۾، جيئن اڳي ٻڌايو ويو آهي، لفظ /وڏائي/ ٺهي نڪتو آهي /وڏو/ مان، تنهنڪري وڏو ابتدائي لفظ آهي ۽ وڏائي ثانوي لفظ آهي. (جتوئي ]1983[ 110)

    اهو لفظ، جو هڪ ئي خومختيار صورت وارو هجي، ۽ جنهن سان ڪا به پروَس صورت ملايل نه هجي، اهڙي لفظ کي مفرد لفظ چئبو آهي. ماهرن اهڙن لفظن کي بنيادي لفظ (Primary word) به سڏيو آهي. (الانا ]1987[ 24، ايل.بلومفيلڊ جي حوالي سان)

الانا صاحب ](1987[ 23 ۽ 24) /ڇوڪر، پيءُ، پُٽ، پَت، هاٿي، ڄاڻ، ننڍو/ وغيره کي مفرد لفظ جو مثال سڏي پيش ڪري ٿو. جتوئي صاحب /وڏو/ جو مثال آڻي ٿو.

ڇا اهو درست آهي ته /وڏو ۽ ننڍو/ سان ڪا به پروَس صورت يا ڪو رُوپيو (صرفيو) يا ڪو وائيو (صوتيو، Phoneme) مليل ناهي؟ جي ائين درست آهي ته پوءِ اهو به مڃڻو پوندو ته /وڏِي ۽ ننڍِي، وڏا ۽ ننڍا، وڏيون ۽ ننڍيون/ ۽ اهڙيءَ طرح ٺهندڙ ٻين ڪيترن ئي ٻولن سان پڻ ڪا به ٻي صورت يا ڪو به ٻيو روپيو يا ڪو به ٻيو وائيو مليل ناهي ۽ اهي پڻ مفرد، پهريت يا سادا ٻول آهن؟ (انهيءَ موضوع کي اسان ايندڙ صفحن ۾ بحث هيٺ آندو آهي.)

2.                      ٻِئيت (Secondary) يا ڳنڍڙ (Composite) ٻول

(ڪٿي ثانوي ۽ رِلمل اصطلاح به ڪم آندا وڃن ٿا.)

ڪنهن به آجي ۽ باندي صورت جي مليل يا ڪن به آجين ۽ باندي صورتن جي ميلاپ يا ڪن آجين صورتن جي گڏپ توڙي ڪن به صورتن جي تڪرار/ورجاءَ وسيلي وجود ۾ آيل ٻولن کي ٻئيت يا ڳنڍڙ سڏجي ٿو. ٻين لفظن ۾ ايئن به چئي سگھجي ٿو ته پهريت ٻول کان سواءِ ٻيو هر قسم جو ٻول ٻئيت يا ڳنڍڙ ٻول آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com