سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: ٻول جو بڻ

باب:9

صفحو :12

 

(الف) ڳُتيل ٻول

(مرتب لفظ ۽ پيچيدو لفظ پڻ ساڳئي مقصد لاءِ ڪم ايندڙ اصطلاح آهن.) اهو ٻول جنهن ۾ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ باندي صورتون شامل هجن انهن کي ڳتيل ٻول چئجي ٿو.

الانا صاحب (]1987[ 24-25) ڳتيل ٻول کي تمام گھڻي تشريح سان بيان ڪري ٿو ۽ ڪيئي مثال ڏئي ٿو، جيئن: /سپت، واڄٽ، پٽيتو، کٽمٺڙو، اڻهوند، اڄاڻ، اڻڄاڻپ، ڏتڙ، سڄڻ، سچيتائي، ڪپيتو/ ۽ انهن ۽ اهڙن ڪيترن ئي ٻولن جون اڳياڙيون ۽ پڇاڙيون، جيئن: /س-، ٽ-، -ايتو، -ڙو، اڻ-، اَ-، ڏُ-، سُ- ۽ ڪُ-/ کي ڌار ڪندي باقي ٻول کي مفرد قرار ڏئي ٿو. سندس ئي ڏنل ڪسوَٽيءَ تي ليکڪ جڏهن سندس ڄاڻايل مثالن کي پرکي ٿو تڏهن ڪيترائي مثال کوٽا ثابت ٿين ٿا. (انهن جو ذڪر ڳوپ/مرڪب ٻول جي وضاحت کان پوءِ ڪيل آهي.)

    پيچيدا (Complex) لفظ اهي آهن جن کي جيڪڏهن ٽوڙبو ته ان جا جزا مطلب وارا ٿيندا، اگرچ اهي سالم لفظ نه به هجن. مثلاً /سچار/ لفظ کي ٻن ٽڪرن ۾ ٽوڙي سگھجي ٿو: هڪ /سَچۡ-/ ۽ ٻيو /-آر/. اهي ٻئي سالم لفظ ناهن. /سَچۡ-/ جو سالم لفظ /سَچُ/ آهي ۽ /-آر/ جو سالم لفظ /ڪار/ آهي. اگرچ /سَچۡ-/ ۽ /-آر/ سالم لفظ ناهن تڏهن به اهي اچاريل ٽڪرا وري وري ٻين لفظن ۾ ڪم اچن ٿا ۽ مطلب وارا آهن.

هيٺين لفظن ۾ /سَچۡ-/ اچي ٿو:

سچائي = /سَچۡ- + -آئي/

سچِي = /سَچۡ- + -اِي/

سچُو = /سَچۡ- + -اُو/

سچيرو = /سَچۡ- + -ايرو/

مٿين لفظن ۾ /سَچۡ-/ هڪ پد آهي جو بنيادي صورت طور انهن ۾ نظر اچي ٿو. کيس بنياد يا پيڙهه (Base) سڏجي ٿو. (جتوئي (1983) 111)

/سَچۡ-/ (1) بنيادي صورت طور نظر اچي ٿو،

 (2) بنياد يا پيڙهه سڏجي ٿو،

 (3) سالم لفظ ناهي، ۽

 (4) مطلب وارو آهي.

ڇا انهن چئني فقرن ۾ هڪ تضاد موجود ناهي؟

/سَچۡ-/ جيڪڏهن ابتدائي ۽ سادو لفظ ناهي ته بي مطلب ڇو ناهي؟ (ڏسو ننڍي ۾ ننڍو معنادار ايڪو هيٺ جتوئي صاحب جو ڏنل ٽڪرو.)

(1)             ڇا /سَچۡ-/ ننڍي ۾ ننڍي بامعنى صورت ناهي؟

(2)            ڇا /سَچۡ-/ ڪيترن ئي ٻولن ۾ بنياد يا پيڙهه ناهي؟

(3)            ڇا /سَچۡ-/ کي وڌيڪ معنادار جزن ۾ ٽوڙي سگھجي ٿو؟

انهن ٽنهي سوالن جو جواب ڳولڻ کان پوءِ سولائيءَ سان ان نتيجي تي پهچجي ٿو ته /سَچۡ-/ ئي ابتدائي، سادو، مفرد، پهريت ٻول هئڻ گھرجي ۽ ان ئي صورت کي سالم سمجھڻو پوندو.

    /سَچۡ/+/اُ/ = سچُ (}اُ{ جي وڌڻ سبب واحد ۽ مذڪر جي نشاندهي ٿئي ٿي)

  +/اَ/ = سچَ (}اَ{ جي وڌڻ سبب جمع ۽ مذڪر جي نشاندهي ٿئي ٿي)

(اهي اسم ذات جا مثال آهن.)

+/او/ = سچو (}او{ جي وڌڻ سبب واحد مذڪر جي نشاندهي ٿئي ٿي)

+/آ/ = سچا (}آ{ جي وڌڻ سبب جمع ۽ مذڪر جي نشاندهي ٿئي ٿي)

+/اِي/= سچِي (}اِي{ جي وڌڻ سبب واحد ۽ مونث جي نشاندهي ٿئي ٿي)

+/اُون/ = سچيون (}اُون{ جي وڌڻ جي سبب جمع ۽ مونث جي نشاندهي ٿئي ٿي)

(اهي سڀ اسم صفت جا مثال آهن.)

+/اي/ = سچي

+/اَنۡ/ = سچن

+/ال/ = سچل

+/آڻ/ = سچاڻ  + /اِي/ = سچاڻِي

+/آرۡ/ = سـچـارۡ  + /اُ/ = سچارُ

  + /اَ/ = سچارَ

  + /او/ = سچارو

+/آئتۡ/ = سچائتۡ + /او/ = سچائتو

+ /اِي/ = سچائتي

    /سَچۡ/: هڪ ڌاتو، هڪ يڪپدو ٻول. بي عدد ۽ بي جنس (نادر، neuter)

جيڪڏهن اهو مڃيو وڃي ٿو ته /سَچۡ/ نه، پر /سَچُ/ ئي سالم لفظ آهي ته پوءِ اهو به مڃڻو پوندو ته سالم لفظ سدائين مذڪر ۽ واحد هوندو آهي. اتي وري ٻيو سوال اٿي ٿو ته اهو سالم لفظ اسم ذات ئي هوندو آهي يا اسم صفت به ٿي سگھي ٿو؟

/سَچُ/ ئي ڇو سالم لفظ آهي، /سَچو/ ڇو ناهي؟

/وڏو/ ئي ڇو ابتدائي لفظ آهي، /وَڏَ/ ڇو ناهي؟

    /وَڏۡ/ + /اَ/ = وَڏَ

+ /او/ = وڏو

+ /اِي/ = وڏِي

+ /آ/ = وڏا

+ /اُون/ = وڏيون

+ /اي/ = وڏي

+ /انۡ/ = وڏن

+ /اڙۡ/ = وڏڙۡ + /او/ = وڏڙو

+ /آ/ = وڏڙا

+ /اِي/ = وڏڙِي

+ /اُون/ = وڏڙيون

+ /اي/ = وڏڙي

+ /اَنۡ/ = وڏڙن

+ /آئي/ = وڏڙائي

+ /ايرۡ/ = وڏيرۡ + /اُ/ = وڏيرُ

+ /اَ/ = وڏيرَ

+ /او/ = وڏيرو

+ /آ/ = وڏيرا

+ /اِي/ = وڏيري

+ /اُون/ = وڏيريون

+ /اي/ = وڏيري

+ /اَنۡ/ = وڏيرن

+ /ڪ/ = وڏيرڪ + /او/ = وڏيرڪو

+ /آ/ = وڏيرڪا

+ /اِي/ = وڏيرڪِي

+ /اُون/ = وڏيرڪيون

+ /اي/ = وڏيرڪي

+ /اَنۡ/ = وڏيرڪن

+ /آئي/ = وڏائي

+ /آڻۡ/ = وڏاڻۡ + /اِ/ = وڏاڻِ

+ /اُ/ = وڏاڻُ

+ /اَ/ = وڏاڻَ

    /وَڏ/: هڪ ڌاتو، هڪ يڪپدو ٻول. بي عدد ۽ بي جنس (ناڌر)

الانا صاحب، ساڳيءَ طرح، مفرد لفظ جي مثال ۾ /ننڍو/ آندو آهي. ان کي جيڪڏهن جتوئي صاحب جي مثالن تي ڪيل بحث جي روشنيءَ ۾ ڏسبو ته ان جو سالم لفظ /ننڍُ/ يا /ننڍَ/ ٿيندو. ڇا /ننڍو/ هڪ مفرد ٻول آهي؟

    /نَنڍۡ/ + /اَ/ = ننڍَ

+ /او/ = ننڍو

+ /آ/ = ننڍا

+ /اِي/ = ننڍي

+ /اُون/ = ننڍيون

+ /اي/ = ننڍي

+ /اَنۡ/ = ننڍن

+ /اڙ/ = ننڍڙ + /او/ = ننڍڙو

+ /آ/ = ننڍڙا

+ /اِي/ = ننڍڙِي

+ /اُون/ = ننڍڙيون

+ /اي/ = ننڍڙي

+ /اَنۡ/ = ننڍڙن

+ /آئي/ = ننڍڙائي

+ /ايرۡ/ = ننڍيرۡ + /اُ/ = ننڍيرُ

+ /اَ/ = ننڍيرَ

+ /او/ = ننڍيرو

+ /آ/ = ننڍيرا

+/اِي/ = ننڍيرِي

+ /اُون/ = ننڍيريون

+ /اي/ = ننڍيري

+ /اَنۡ/ = ننڍيرن

+ /ڪ/ = ننڍيرڪ + /او/ = ننڍيرڪو

+ /آ/ = ننڍيرڪا

+ /اِي/ = ننڍيرڪِي

+ /اُون/ = ننڍيرڪيون

+ /اي/ = ننڍيرڪي

+ /اَنۡ/ = ننڍيرڪن

+ /آئِي/ = ننڍائي

    /نَنڍۡ/ : هڪ ڌاتو، هڪ يڪپدو ٻول. بي عدد ۽ ناڌر.

/وڏو ۽ ننڍو/ جيڪڏهن ڪنهن به طرح مفرد، ابتدائي، پهريت ٻول آهن ته /سچو/ ڇو پهريت ٻول ناهي؟، ۽ /سَچُ/ ڇو آهي؟ ۽ جي /سَچُ/ ئي پهريت ٻول آهي ته /وڏَ ۽ ننڍَ/ ڇو پهريت ٻول ناهن ۽ /وڏو ۽ ننڍو/ ڇو پهريت ٻول آهن؟ ڇا ڪنهن به ٻول جي جيڪا به ننڍي ۾ ننڍي صورت، جيڪا مذڪر ۽ واحد ئي هجي، هروڀرو اها ئي ڌاتو، پهريت ڌاتو ٿيندي؟ /وڏِي، ننڍِي ۽ سچي/ کي ڇو پهريت نه سمجھيو وڃي؟

/سَچُ ۽ سچو/ جيان /وڏو ۽ ننڍو/ به ڳنڍڙ ٻول آهن. انهن کي ڳتيل ٻول جي درجيبنديءَ ۾ رکڻ گھرجي.

 

(ب) ڳوپ ٻول

ڳوپ يا مرڪب اهو ٻول آهي جيڪو ٻه يا ٻن کان وڌيڪ آجيون صورتون شامل رکندو هجي ۽ ساڻس ڪا به باندي صورت مليل نه هجي.

    مرڪب }ڳوپ{ لفظ ان کي چئبو آهي جنهن ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ خودمختيار صورتون (مفرد لفظ) گڏيل هجن. اهڙن لفظن يعني مرڪب لفظن سان پروَس صورتن جو گڏجڻ بلڪل ممڪن نه آهي.

مرتب }ڳتيل{ ۽ مرڪب }ڳوپ{ لفظن ۾ اهو ئي ته خاص فرق آهي يعني مرتب لفظ اهو آهي جنهن سان هڪ يا هڪ کان وڌيڪ پروس صورتون شامل هجن... پر مرڪب لفظ جي حالت ۾، ٻه يا ٻن کان وڌيڪ خودمختيار صورتون (مفرد لفظ) گڏيل هونديون آهن، ليڪن ان سان ڪا به پروَس صورت گڏيل ڪا نه هوندي آهي؛ مثال طور: /گھرڌڻي، آگگاڏي ۽ پروَس/ لفظ. ڪڏهن ڪڏهن مرڪب لفظ سان ڪا موزون پروَس صورت ملائي، ان مان به مرتب لفظ ٺاهبو آهي؛ جيئن /پروسيڪو/ لفظ ۾ /پروَس/ مرڪب لفظ سان /-اِڪو/ پڇاڙي ملائي، مرتب لفظ ٺاهيو ويو آهي؛ تنهنڪري /پروسيڪو/ لفظ کي مرتب لفظ چئبو ۽ /پروس/ کي مرڪب لفظ چئبو. (الانا ]1987[ 30)

الانا صاحب ڳتيل ۽ ڳوپ ٻولن جي ٻڌايل ڪسوٽيءَ تي مرزا قليچ بيگ، ڪاڪي ڀيرومل ۽ ٻين عالمن پاران پيش ڪيل مثالن کي پرکي ٿو ۽ ڪارائتي ڇنڊڇاڻ پيش ڪري ٿو پر پاڻ جن ڳوپ ٻولن جا جيڪي به مثال ڏئي ٿو انهن مان گھڻا، ليکڪ جي ڄاڻ ۽ ڇنڊڇاڻ پٽاندر، سندن ئي ڏنل ڳوپ ٻول واري تشريح سان سهمت ٿيندي نظر نه ٿا اچن. انهن جو جائزو وٺڻ کان اڳ جتوئي صاحب (]1983[ 113) جي هڪ راءِ:

    مرڪب لفظ اهي آهن جن جي صورتن کي ٽوڙبو ته اهي سادا لفظ ٿي پوندا جن جي نرالي معنى هوندي ۽ آزاد صورت رکندا. جھڙوڪ:

ڪمبخت   =  /ڪم + بخت/

جھنگ ٻلو =  /جھنگ + ٻلو/

لٺ سردار  =  /لٺ + سردار/

هٿ ڪڙي  =  /هٿ + ڪڙي/

سَوپيري    =  /سَو + پيري/

نمڪ حرام =  /نمڪ + حرام/

ڀڳوانداس  =  /ڀڳوان + داس/

ورڪشاپ  =  /ورڪ + شاپ/

جتوئي صاحب اهو به مڃي ٿو ته پيچيدا لفظ اهي آهن جن جي صورتن کي مطلب وارن ڀاڱن ۾ ورهائي سگھبو. سڀ جزا يا پابند صورتون رکندا يا انهن مان هڪ آزاد صورت هوندي. ازانسواءِ انهن مان هڪ صورت، بنياد يا پيڙهه طور ڪم آيل هوندي ۽ ٻيون جوڙ طور استعمال ٿيل هونديون، جنهن جو صاف ۽ چٽو مطلب هي آهي ته ڪنهن به ڳوپ ٻول ۾ ڪا به باندي صورت مليل نه هوندي ۽ جي مليل هوندي ته اهو ٻول ڳوپ نه هوندو، ڳتيل (مرتب، پيچيدو) هوندو. سندس ان راءِ جي روشني ۾ /سچائي، سچيرو/ وغيره مثالن کي جاچيو ته اتي /سَچۡ-/ بنيادي صورت طور نظر اچڻ بدران بنيادي يا پيڙهه طور ڪم آيل آهي.

مٿي ڏنل مثال ۾ جتوئي صاحب /سردار، پيري، حرام ۽ ڀڳوان/ ٻولن کي سادو ٻول قرار ڏنو آهي. جاچڻ گھرجي ته ڇا اهي ٻول سچ پچ سادا آهن؟

سردار = /سر + دار/

پيري = /پير + اِي/

حرام = ]عربي. حَــرَمَ = هن منع ڪئي. ڏسو ج س ل)

ڀڳوان = /ڀڳ (ڀاڳ) + وان/

سادي لفظ بابت جتوئي صاحب جي هيٺ ڏنل راءِ سندس ئي ڏنل مثالن کي غلط ۽ اسان جي ڇنڊڇاڻ کي درست ثابت ڪري ٿي:

    ابتدائي لفظن کي سادا لفظ به سڏجي ٿو جن بابت ٻڌايو ويو آهي ته انهن کي بامطلب جزن ۾ ٽوڙي نه ٿو سگھجي ۽ نه ڪي انهن مان ننڍي ۾ ننڍي آزاد صورت يعني سادو سالم لفظ نڪري سگھي ٿو. انهن کي آزاد صرفيا به سڏجي ٿو. (]1983[ 112)

/سَر، پير، حرم، ڀاڳ/ سادا لفظ آهن. هتي اهو به پڌرو ٿئي ٿو ته جتوئي صاحب جي نظر ۾:

ابتدائي لفظ = سادو لفظ = ننڍي ۾ ننڍي آزاد صورت = سادو سالم لفظ = آزاد صرفيو! مختلف هنڌن تي انهن اصطلاحن جو اڻ-مقرر ورجاءُ جتوئي صاحب جي ڳالهه کي منجھائڻ جو ڪم ڪري ٿو.

الانا صاحب مرڪب يا ڳوپ ٻولن جا جيڪي مثال ڏئي ٿو (]1987[ 32-33)، انهن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿا. ليکڪ جي راءِ ۽ ڇنڊڇاڻ موجب اهي مفرد (سادو، پهريت) هجڻ بدران ڳتيل (مرتب) آهن:

    گھرڌڻي=/گھر + اَ + ڌڻي/. هتي ڌڻي(=/ڌَڻ + اِي) مرتب ٻول آهي.

    ڳوٺ وڏيرو = /ڳوٺ + اَ + وڏيرو/. هتي وڏيرو (= وڏ + اير + او) مرتب ٻول آهي.

    ڪُئامار = /ڪُئا + مار/. الانا صاحب (]1987[ 42) /مار/ جو ڌاتو /مَــرۡ/ ٻڌائي ٿو.

    آگ گاڏي=/آگ + گاڏي/. جيئن /مارِي، مار ۽ مرڻ/ جو ڌاتو /مَـــرۡ/ آهي (الانا ]1987[ 53) تيئن /گاڏِي، گاڏ ۽ گڏڻ/ جو ڌاتو /گَڏۡ/ ٿيندو.

    نالي چڙهيو = /نالي + چَــڙهه + يو/. جيئن /لکيو/ جو ڌاتو /لِکۡ/ آهي (الانا ]1987[ 42) تيئن /چڙهيو/ جو ڌاتو /چَــڙۡهه/ آهي.

    نام ڪٺيو = /نام + اَ + ڪُٺ (ڪُسۡ) + يو/

    دل گھريو = /دل + گُھرۡ + يو/

    چؤماسو = /چَو + ماسۡ + او/

    چؤواٽو = /چَو + واٽ + او/

    وڏ واتو = /وَڏ + اَ + وات + او/

    ڪار ڄڀو = /ڪار + او + ڄڀ + او/

    ٻه-مُنهين = /ٻه + مُنهن + اين/

    ٽه-ٽنگو = /ٽه + ٽنگ + او/

    اڳ-ڳڻتي = /اڳ + ڳڻت (=ڳَڻۡ + ات) + اِي/

    اڳ-ڪٿي = /اڳ + ڪٿ + اِي/

    ڀرجھلو = /ڀر + جھل + او/

    کائُو پٽ = /کا- + اُو + پٽ/. /کائڻ/ جو ڌاتو /کا-/ (الانا ]1987[ 41)

    مٿي کائُو = /مٿَ + اي + کا- + اُو/

    وات ڳاڙهو = /وات + اَ + ڳاڙۡهه + او/

    نالي مِٺو = /(نالي) + مِٺ + او/

    نالي چڱو = /(نالي) + چڱ + او/

    ڪاٺ ڪٽو = /ڪاٺ + اَ + ڪُٽ + او/

    وڏ کائُو = /وڏ + اَ + کا- + اُو/

    تتي ٿڌي = /تت + اِي + ٿڌ + اِي/

    ٿڌي ڪوسي = /ٿڌ + اِي + ڪوس + اِي/

    اڳو پوءِ = /اڳ + او (وَ) + پوء/

    آڳو پيڇو = /آڳ (اڳ) + او (وَ) + پيڇ + او/

مٿي ڏنل ڪجھ ٻولن ۾ پهرئين ٻول جي ڇيهه وٽ وائل جي واڌ ٿئي ٿي، جيئن /گھرَ ڌڻي، نامَ ڪٺيو، ڪاٺَ ڪٽو/ وغيره. اتي اها واڌ هڪ روپيي (صرفيي) يا صوتيي (وائيي) جو ڪارج ادا ڪري، وسطيدار ٻولن ۾ هڪ مخصوص معنى خلقن جو ڪارڻ ٿئي ٿي. عام اصطلاح ۾ انهيءَ کي اندر جوڙ (infix) يا وچياڙي چئجي ٿو. جيئن ڪو به اڳياڙي (يعني اڳجوڙ) يا پڇاڙي (يعني پٺجوڙ) رکندڙ ٻول هڪ مرتب يا ڳتيل ٻول ٿئي ٿو تيئن ڪنهن به اندر جوڙ (وچياڙي) رکندڙ ٻول کي ڇو ۽ ڪيئن هڪ مرتب يا ڳتيل ٻول جي دائري کان ٻاهر رکي سگھبو؟

ڳوٺَ وڏيرو معنى ڳوٺ جو وڏيرو. ڳوٺَ وڏيرو ۾ }اَ{ جي واڌ جو جو مفهوم پيدا ڪري ٿي پر ڪاٺَ ڪٽو، ۾ }اَ{ جي واڌ کي جو مفهوم اپائي ٿي ۽ ان جي معنى ٿيندي: ڪاٺ کي ڪٽڻ وارو. (/ڪٽڻ/ جو ڌاتو /ڪٽ/ ٿيندو.)

الانا صاحب مختلف صفحن تي ڪيترن ئي اهڙن ٻولن جا مثال ڏئي ٿو جن کي مرتب (ڳتيل) سڏيندي، انهن کان باندي صورت الڳ ڪندي، باقي ٻول کي مفرد سڏي ٿو. ليکڪ جي نظر ۾ انهن مفرد ٻولن مان گھڻا مرتب (ڳتيل) ثابت ٿين ٿا:

الانا صاحب جي نظر ۾

مرتب       ۽       مفرد ٻول

ليکڪ جي نظر ۾

حقيقي صورت

ڀلائي = ڀلو + آئي

ڀلو

ڀَلۡ  + او

اڇاڻ  = اڇو + آڻ

اڇو

اَڇۡ  + او

ڊگھاڻ = ڊگھو + آڻ

ڊگھو

ڊِگۡھ + او

ڏاهپ  = ڏاهو + پ

ڏاهو

ڏاههۡ + او

وڏپڻ  = وڏو + پڻ

وڏو

وَڏۡ  + او

وڏتڻ  = وڏو + تڻ

وڏو

وَڏۡ  + او

ٿڌڪار = ٿڌو + ڪار

ٿڌو

ٿڌۡ  + او

واڄٽ=  واڄو + ٽ

واڄو

واڄۡ + او ۽ واڄ

جو ڌاتو ٿيندو /وَڄۡ/

۽ ٻيا.

الانا صاحب علم صرف جا اصول ۽ قانون هيٺ اڳياڙين ۽ پڇاڙين جو ملائڻ تي بحث ڪندي جن ٻولن کي آزاد صورتن جو ممڪن گروهه هيٺ ڄاڻايو آهي، انهن ۾ هيٺ ڏنل ٻول به شامل آهن.

 

سڏيل آزاد صورت

/پڙهيل/. هن ٻول جو ڌاتو /پَــڙۡهه/ آهي. (ڏسو الانا ]1987[ 41)

/گُھريو/. هن ٻول جو ڌاتو /گُھرۡ/ آهي. (ڏسو /لکيو/ جو ڌاتو /لِکۡ/)

/پُڇڻ/. هن ٻول جو ڌاتو /پُڇۡ/ آهي. (ڏسو /ڇَپيو/ جو ڌاتو /ڇَپۡ/)

/ڌڻي/. هن ٻول جو ڌاتو /ڌَڻۡ/ آهي. (/ڌڻي/ جو /ڌَڻۡ/ هڪ روپيو آهي).

۽ انهن ۾ هيٺ ڄاڻايل ٻول پڻ آزاد صورت طور ڄاڻايل آهن:

/ڀلو، چڱو، ڊگھو، ڏاڍو، نرمل، ڪومل، سُندر، ڪارائو، هاري، ڌڙو، کنڌو، اڇو، ڪارو، ڳاڙهو، ڏاهو، مُکِي، وڏو، ٻُڍو، ٿڌو، گاڏي، ڪاٺي، ڌاڙو، ڏوکي، کاٻو، ساڄو، اپائڻ، ڪوڏر، گودڙي، گھڻو/ وغيره (ڏسو الانا ]1987[ 46-50)

ليکڪ انهن سڀني ٻولن کي ٻئيت يا ڳنڍڙ ۽ ڳتيل ٻول سمجھي ٿو. انهن مان گھڻن ٻولن جو ڌاتو /سَچۡ، نَنڍۡ ۽ وَڏۡ/ کي ذهن ۾ رکي پرکي سگھجي ٿو.

/نرمل/ کي ته پاڻ الانا صاحب ئي /نس مل/ جي بدليل صورت ۽ /نس/ ۽ /مل/ جو جوڙ سمجھي ٿو (]1987[ 118)، پوءِ ان کي آزاد صورت يا پهريت (ڌاتو/مفرد) ڪيئن سڏي سگھبو؟

الانا صاحب جڏهن پاڻ ئي /کائڻ/ جو ڌاتو /کا-/ ڏئي ٿو تڏهن، اهڙي حالت ۾، /اپائڻ/ کي مفرد ٻول يا آزاد صورت ڪيئن ۽ ڇو سڏي سگھبو؟

/ڪاٺي/ جو (ترت) ڌاتو /ڪاٺ/ آهي.

/هاري/ جو ڌاتو /هر/ آهي.

/گاڏِي/ جو /-اِي/ هڪ وائيو (صوتيو) آهي ۽ ان جي ڪري واحد ۽ مونث جو مفهوم وڌائي ٿو. /گاڏو/ جو ڇيهڪ /-او/ پڻ هڪ وائيو (صوتيو) آهي ۽ ان جي ڪري واحد ۽ مذڪر جو مفهوم وڌي ٿو. /گاڏا/ جو /-آ/ ۽ /گاڏيون/ جو /-اُون/ پڻ واريسِر جمع مذڪر ۽ جمع مونث جو مفهوم وڌائن ٿا، تنهنڪري انهن سڀني ٻولن جو (ترت) ڌاتو ٿيندو /گاڏۡ/. اندروني تبديليءَ سبب /گَـڏۡ/ جو ]اَ[ وڌي ]آ[ ٿيو آهي جيئن /مَــــرۡ، سَــڙۡ/ وغيره جو ]اَ[ تبديل ٿي /مارۡ، ساڙۡ/ ٿين ٿا يا /وَڌۡ، ٻَڌۡ/ جو ]اَ[ وڌي /واڌ، ٻاڌ (ٻانڌ)/ ٿئي ٿو ۽ پوءِ نوان ٻول /مارُو، مارِي، ساڙو، ساڙُو، واڌُو، واڌل، ٻاڌو (ٻانڌو)/ ٺهن ٿا.

ان ڳالهه ٻول سان /وَڏۡ، نَنڍۡ/ جا تفصيلي مثال نظر ۾ رکي ڀلو (ڀلِي، ڀلا، ڀليون)، چڱو (چڱِي، چڱا، چڱيون)، اڇو (اڇِي، اڇا، اڇيون)، ڳاڙهو (ڳاڙِهي، ڳاڙها، ڳاڙهيون) وغيره جو ڌاتو يا پهريت ٻول سولائيءَ سان ڳولي سگھجي ٿو.

/ڏوکي/ جو ڌاتو /ڏُکۡ/ هجڻ گھرجي ۽ آهي. (ڏسو الانا ]1987[ 25 ۽ 55، اُٺ ۽ اوٺي ۽ ڏٿ ۽ ڏوٿي.)

(ٻ) وَر-اورڪ ٻول

(ور-اورڪ ٻول لاءِ مڪرر لفظ ۽ تڪراري لفظ (Re-duplicate) پڻ استعمال ڪيا وڃن ٿا.)

     تڪرار (re-duplication) ڪنهن لفظ جي سڄيءَ صورت يا ڪنهن جز کي دُهرائڻ جي عمل کي چئبو آهي جنهن جي دهرائڻ سان لفظ يا ان جي حصي ۾ ڪا به تبديلي ڪا نه ايندي آهي. (الانا ]1987[ 61-62)

هن عنوان هيٺ اسان تفصيلي بحث کان پاسو ڪيو آهي ڇو ته اسان جي موضوع سان ان جو ڪو سڌو واسطو ناهي. هيٺ ڪي مختصر تفصيل ڏجن ٿا.

ور-اورپ جا ٻه قسم ڄاڻايا ويا آهن:

1.   مڪمل (complete) ور-اورپ؛ جيئن: پل پل، وک وک، دم دم، گھڙي گھڙي، وغيره.

2.  اڻپوري (in-complete) ور-اورپ؛ جيئن: جٺ ڦٺ، مَٽ سَٽ، جھُڙي ڦُڙي، هلڻ چلڻ، رلڻ ملڻ، جاچڻ جوچڻ، راند روند، ڏيتي ليتي وغيره.

تفصيلي بحث لاءِ ڏسو: الانا (]1987[ 62- 64)

ليکڪ هتي ڪجھ ٻولن ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ چاهي ٿو.

1)   مڪمل ور-اورپ جي ڪري جملي ۾ شدت پيدا ٿئي ٿي ۽ واسطيدار عمل هر هر ٿيندي يا هر واري ٿيندي نظر اچي ٿو. وک وک تي سوڀ ملڻ جو مطلب آهي هر وک تي سوڀ ملڻ.

2)  اڻپوري ور-اورپ جي ڪري پڻ جملي ۾ شدت پيدا ٿئي ٿي ۽ وسطيدار موضوع يا عمل جي شدت، وسعت ۽ گھرائي جو اظهار ٿئي ٿو.

(الف) ڪي ٻول لڳ ڀڳ ساڳئي قسم جي عمل يا معنى کي ورجائيندي نظر ايندا، جيئن: جُٺ ڦِٺ، مَٽ سَٽ، رِلڻ مِلڻ، ڏيک ويک، ميل ميلاپ وغيره.

(ب) ڪي ٻول ٻن مختلف مفهومن کي ظاهر ڪندي نظر ايندا، جيئن: جھُڙي ڦڙي (جھُڙ ڦڙ)، ڏي وٺ، ڏيتي ليتي، اچ وڃ، لوڇ پوڇ وغيره.

(ٻ) ڪي ٻول هڪ ٻئي جي ويجھن مفهومن کي ظاهر ڪندي نظر اچن ٿا، جيئن: ڀاڄي ڀتي، گاهه پٺو، سينڌ سرمو، رس رهاڻ وغيره.

(ڀ) ڪي لفظ معنوي حوالي سان هڪ ٻئي کان فرق رکڻ باوجود ڀرپور اصطلاحي مفهوم پيدا ڪن ٿا، جيئن: ماڻهو ڇيڻو، ڌوڙ ڌڪاءُ، لوڀي ٺوڳي وغيره.

(ت) ڪي ٻول اهڙا به آهن جن جو ٻيو جز بظاهر ڪا به معنى نه ٿو رکي پر اصطلاح ۾ هڪ وسيع مفهوم کي ظاهر ڪري ٿو، جيئن: وڻ ٽڻ. ٽڻ جي بظاهر ڪا به معنى ناهي پر وڻ جي ڪڍ اچڻ کان پوءِ ان جو مفهوم وڻ جھڙي ڪا به شيءِ ٿيو پوي. وڻ ٽڻ ئي ڪو نه هو معنى وڻ ته ڇا وڻ جھڙي ڪا به شيءِ ڪا نه هئي. وڻ ٽڻ ٻري ويو معنى وڻ ۽ وڻ ٻوٽي جھڙي هر شيءِ (يا وڻن سان گڏ موجود هر شيءِ) ٻري وئي.

(ٿ) سِڪ پريت، پيار محبت، وڻج واپار جھڙن ٻولن کي ڏسي اهو سوچڻو ئي پوي ٿو ته، متان ائين به هجي ته، ڪو هڪ ٻول، خاص ڪري پهريون، وڌيڪ آڳاٽو هجي ۽ مروج هجي، ۽ پوءِ ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ پنهنجا اثر ڇڏيا هجن ۽ ان جو ساڳيو مفهوم رکندڙ ٻول پوءِ مروج ٿيو هجي (يا وري پنهنجيءَ ٻوليءَ جو ساڳيءَ معنى وارو ٻول پوءِ رکيو ويو هجي) ۽ اهڙيءَ طرح معنى ۽ مفهوم کي زور وٺايو ويو هجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com