سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناظرا

باب: -

صفحو :10

مارئي

سدائين سهج ۾، منهنجا ويڙهيچا وطن،

ڪڪر ڪارونڀار ڪيو، اُت بادل ٿا ڀَڄن،

وسن ٿا وڏڦرا، بوندون بس نه ڪن،

ڀَريا تَل تراين جا، اچي اوهيرن،

ٿيا کيٽ کُنڀين جا، ڪيون گلزاريون گاهن،

موٺ اَنگوريا مُونگهٽڙا، مٿي تن ماڳن،

گهيٽا پاس گهَرن جي، آهن ڌالا ڌاڃورن،

ڪَٻهه، ڪَلُوريا ڪيترا، ڇٻر ساڻ ڇٽن،

کيهه ڦٽي آهه کاهڙ ۾، ڪئي ساول ساوڙين،

ٻيا جي ڳم، ڳنڍير ٿيا، ميڻو گاهه منجهن،

مکڻيون ۽ مانڌاڻا، ٻي کيرُل ساڻ خوشين،

ٻُڪن، ٻوڙي، ٻيڪَهُون ۽ لُنب لنوارون ڪن،

پُڇَر گاهه پٽن تي، ٻي ڪوتڪ ساڻ ڪَرن،

ٽيلهه ٽڙي ٽوپ ٿيا، پوڄ ڪيا پَٿَرن،

سدائين سبزيءَ ۾، ڊاڀُوري ڊڀن،

ڪانو گاهه ڪَوِيهه ٿيو، ٻيو جهِلوُرو جهوڪن،

سسئي، سِيارج، سُونگڙو، ٻيو چُوپو گاهه چون،

ڪَتڻ گاهه ڪيترو، ٿيا ڦير به ڦَڙِيهَن،

ڦاڙهه، ڦُونۡهاري ڦَر ڦُل، سينڌو گاهه سندن،

جهِل، آڏيري، جهُوپٽ، لاڻو لَس پَٽن،

ڪانۡئِل، ڪڪڙو، ڪِينجهر ڪيترو، ٻيو چيالَڪُ گاهه چون،

اڱاري، ٻوٽِي، ٻُوهه گهڻا، ٻيا ڪانڊيرا ڪهڪن،

ڏير، ڏاٽو، سِنجُ ساماڻو، ٻيا لانۡٺِيا لهريون ڪن،

کِپ، گهَمڻ، ڪالاچ ڪنڌين سان للهڪارون لاڻين،

هزار داڻِي ٻي جا ناڙِي، ۽ مٽري ٿئي ماروئڙن،

ڏنگڻي، ڪوري ڪيتري، ٻيا سونهڙا سُونۡهَن،

ڀُرٽ، ڀَچُٽي پاڻ ۾، ٿيو ڊامڻ گاهه ڊٻُن،

ڪنڌين ڪِرانۡڃُ ڪڪوريو، ٻي چانۡهَڪ چوڙيلين،

ٻَرٽُ گاهه ٻَهون ٿيو، ٻي پَنِ مٿي پوٺن،

ناڙا جِي نانۡڀُون هڻيو، ٿا لُوڻيءَ ساڻ لڳن،

چَمَڪَ، چِيهو، چَوڪَڻِي، ٻي ڪانۡهِين، ڪنگورن،

ڪَل، ڪَٽهر ڪارونڀار ڪيا ۽ سوجهِي تن سَرن،

مونو گاهه مُنڍيريون، ٻي ڀَتر پاس ڀِٽُن،

اوئن گاهه آمِينۡگُ ٿيو، ٻيو کَرسو کاراهَن،

ڌراڙ کٿوري خوشبوءِ ڪئي، ٻي سَٽئِي سنگهارن،

جهِنۡجَهڻُ به جهَمڪا ڪيا، ٻيا سُوڌا سالارن،

اِڪَڙُ، اُبَت ڪنڊڙي، ۽ ٻيو واهو وَلهارن،

نِڌو به نروار ٿيو، ٻيون ٽُوهه وليون ٽَهڪن،

سِڻ سڀئي سُرها ٿيا، مٿي ٿاڪَ ٿَرن،

هڪڙا ڦوڳ ڦُلاريا، ٻيا جهليا گل به گولاڙن،

سُڀوڙي سائي ٿي، آهه ڀيڙِي ڀَنۡگورَن،

گُوار گُداڙي، گهُونۡ گهَٽَڙِي، چِيڻوٺيون چمڪن،

ماڇَنگۡ ٿيا ”مري“ چئي، ڦِري ڦوٽهڙن،

وَڻَ ويڙهي جي ويس ڪيا، مٿي مُلڪ ماڙيچن،

جوُءَ انهيءَ ۾ ”جاڙو“ چئي، مارن مالَ چَرن،

سونهن ٿا ساڻيهه ۾، جهُوپا جهانگيڙن،

ٻيا جي لَس لهي  پيا، سي ڏٿ ڏوٿيڙن،

ميڙيو تن ميهن کي، چِڀڙ چوُپا ڪَن،

ريڀڙ، رانۡهانۡ ڪيترا، ڇيهه ڪيا ڇانۡهَن،

مانۡهَن، موٺ، مُڱن سان، ڪيئون منجهه ڪانڀن،

پَهريُون آهن پٻيرُن لاءِ، ٻيون لکين لِيارن،

ڦِرن ٿيون ڦوڳيءَ لاءِ، ٻيون پِپُون منجهه پَٽَن،

ڇِنيو اچن ٿيون ڇوهه منجهان، ڳاٽ ڀريو ڳاڱين،

چاڙهيا اَٿن چاهه مان، سي سَڱر سرتين،

ويهو ٿيون ورهائين سي، ڏويُون جي ڏؤنۡرن،

لُلر، مَرِيڙا، لُوڻڪون، اهو مَرڪُ ماروئڙن،

سانۡئونۡ، ڪِرنگههُ ساماڻو، ٿيا سُک سانگيڙن،

نئين سج جا نانۡگلِي، سا ڇاڻِين ساڻ ڇَڄَن،

شاعر جو شمار ڪري، ڳڻي ڇا ڳڻجن !

اِهي ٻانۡهياريون ”ٻروچ“ چئي، اُت ولر ڪيون وتن،

سي سڳر ساهيڙين، ڪئن وساري ويهي رهان؟

 

ڌوتي

سَڳر ساهيڙين جا، ٿيون پنهواريون پري،

قسمت هن ڪوٽ ۾، توکي آندو قيد ڪري،

تو سانگياڻيءَ سان سومرو، ٿو سڀئي سهج ڪري،

ٿو سڱ ٿئي سانگين سان، تنهنجو ڀلو ڀاڳ وري،

مير مُنۡجَنۡدو مارن ڏي، ڪي سوين ساٿ ڀري،

اهي ٻول ”ٻروچ“ چئي، جي ڪامل ٿو ڪري،

تنهنجي ڳالهين ڳُڻَ ذري، سڀ ملهائيندو سومرو.

 

مارئي

سڀ ملهائي سومرو، ڪامل ڏيئي ڪن،

مُنڌ موٽائي موڪلي، وڃي مارئي منجهه مِٽَن،

”مري“ چئي ملير ۾، وڃي ٿيان سَرهي سنگهارن،

مرڻ تان هِن مُئيءَ جو، وڃي ٿئي منجهه ٿرن،

ٻڌي ڳالهه ”ٻروچ“ چئي، اچي ڪانڌي ڪُل ٿين،

ڪُلها جي هو ڪارڻي، سي ڍاٽي ڍول ڏين،

لَٽي لوڙهه لَتُن سان، هو ويڙهيچا ورن،

پَٿر پنهوارن ۾، ٿئي منهنجو ماڙيچن،

کاهُڙَ منجهه کَٿَمانۡ، ڌوٿيڙا ڏين !

جي ڪلمون پاڪ پڙهن، ڇُٽا سي ڇهين کان.

لا الہٰ الله محمد رسول الله

مناظرو مارئي ۽ مومل جو

(چيل ميان بيگ انڍڙ جو )

] هن مناظري ۾ مارئي، مومل کي محلاتن ۾ ويهي حسن جي زور تي، ماڻهن کي ڦرڻ ۽ قتل ڪرڻ جو مهڻو ڏيئي، جهيڙي جي شروعات ڪري ٿي. جنهن جي جواب ۾ مومل چويس ٿي ته: تون ڏوٿياڻي ۽ غريب ٻڪرار ٿي ڪري مون تي ٺٺولي ٿي ڪرين ! مون جيڪڏهن محل اڏائي مال خزانا ٿي کسيا، ته ان لاءِ ته پرک ڪري ڪو عقل وارو ور پاڻ لاءِ چونڊيان. توکي ڪهڙو قدر بادشاهيءَ جو ! تو مان رڳو ٻڪرين جي ڌپ پئي اچي. شايد انهن ئي افعالن ڪري عمر سومري کي نه وڻئين، جنهن لوڌي ڪڍيئي. جواب ۾ مارئي ٿي چويس ته: افعال ته پاڻ تنهنجا بڇڙا آهن، جو راڻو ڇڏي ويئي. عمر ڪهڙو به آهي ته به تنهنجي ڪاڻي (راڻي) کان وڌيڪ آهي. اتي جهيڙو وڌي ويو ۽ آخر ٻئي ڄڻيون قاضيءَ وٽ فيصلي لاءِ ويون. قاضي مارئيءَ کي حق تي ٺهرايو. آخر مومل وڃي ڏاگهه چڙهي.[

تمهيد

ساراهيان سچو ڌڻي، مولو آ مُلڪن،

جنهن جا هن جهان ۾، چارا چِٽَ چَلن،

روزُ ڏئي ٿو سڀڪنهين، چڱن خواهه مَٺن،

’مُومل‘ ’مارئي‘ پاڻ ۾، وڙهيون ڪِن ويڻن،

لائي جهڙڳو جهيڙي جو، ڪيو تماشو تن،

مارئيءَ ڏنس مهڻو، ته مومل ! هاريئي مَن،

هڻي لاڙو لَنۡڊيءَ جان، وڃي ويٺينءَ جهَروڪن،

ٽَڪا وٺي روڪڙا، پئي کَپايَئِي خانن،

ترسَ نه اٿئي تن، نه درد اٿئي ڪو دوستيءَ جو.

 

مومل

درد گهڻو هوم دوستيءَ جو، پرٿي ڳوليم ڳُڻن ڳهير،

محبت ڀريو هو مينڌرو، جنهن ثابت رکيو هو سِيرُ،

کٽ ڏِسي کوهه تي، اچي نامئي ڪيو نظير،

تنهنجو ڪوڪِڙ قوت ڪرير، ٿي ڪاوڙ ڪرڙائي ڪرين !

 

مارئي

ڪاوڙ ڪرڙائي نه ڪيان، سچ آکيومانءِ سوال !

نه اٿئي مزو، نه ماڻهپو، نه ٻچو اٿئي ٻال،

هڪ ٿي کجڪائين خانن کي، ٻيو طرح ڪرين ٿي تال،

مٿان عيب رکي ملوڪن تي، مومل ! ميڙيَئي مال،

خون ڪَيَئي پئي خَچري ! پُرس ڪيئي پامال،

سچ پچ تنهنجو حال، بيحد ٿيندو بڇڙو.

 

مومل

اَلله نه ڪندو بڇڙو، اهڙا ڍِنگَ نه ڍار،

مهڻا ڏي نه ملوڪن جا، تون غافل ! اهڙي گار،

ٻَڪر ٻڪريون پانهنجا، تون چَلاڪي وڃي چار،

عمر کي نه آئڙئين، اهڙيئي آچار،

ڌڪي ڙي ڌَنارِ ! ميان ڪڍيئي محلات مان.

 

مارئي

چئي: ميان نه ڪڍيو محلات مان، هُن جو اَپر هو آرو،

وڌومانۡس اسم الله جو، مٺو موچارو،

ڪيهر پنهنجي قرب سان، بيگ رکيو بارو،

موٽايائين ماڳ تي، شوق ڏيئي شارو،

توڻي دورنگ دويارو، نه ته ’ڪاڻي‘ جهڙو ڪين هو.

 

مومل

هُو سخن جو سچار آ، تون ڪوٺين ڇو ’ڪاڻو‘؟

جيءَ اندر ۽ جان َ ۾، آ سوڍو سِيباڻو،

پوءِ مَلُ ڪري ماڻو، وڃي ڍولئي ڍَٽُ وسائيو.

 

مارئي

سدائين سمهين سيج تي، ڍٽ اٿئي ڍول،

تو ڪئي حرڪت همير سان، ڪوڙو تنهنجو قول،

شاهه پُرجهئي ڪينڪي، تو رَڪ قبوليو رول،

ڏوهو ڏهي ڪينڪي، ڀؤ کان ڪڍيو نه ڀول،

آيَئي ڪو ته ٻول، جو دَرڙِي ! پاڙيئي دل جو.

 

مومل

دَرڙِي ! دل کي ڀاڻو، آهه راڻو ساهه سينگار،

ڳَمَ پڪي مَکِڻي، تون بُک مُئِينءَ بازار،

سدائِين سج تي، ٿا پاڻ پچائين ايلپنوهار،

تڏهن ڌڪي ڙي ڌنارِ ! عمر ڪڍيئي اڱڻ مان.

 

مارئي

عمر جي عدل جي، هر جا هر هنڌ هاڪ،

کاڌائين ڪس ڪارڻي، نه ته ڪرئي ها کني سان خاڪ،

لڳندءِ تارونءَ وارا طاق، تڏهن باهه مرندئين بڇڙي !

 

مومل

باهه لڳي بڇڙين کي، توکي ڄَٽِ ! نه آهي ڄاڻ،

پَئِه ڏسي پانهنجو، مُنڌ ! ڪرين ٿي ماڻ،

راتيان ڏينهان رِڍن کي، گهُمي گهُمي ڏين گهاڻ،

قرب تنهنجو ڦولڙهيون، ۽ کٿو تنهنجو کاڻ،

آئڙينءَ ڪين عمر کي، اصل ان اهڃاڻ،

پَٽ هڻين تون پاڻ، بر ڇَٽِ بڇڙي نه ٿيءُ.

 

مارئي

بر ڇٽ بڇڙي ناهيان، تون ڪرين پٽ پوشاڪ،

ويهي واٽن وچ تي، اچي وسايئي ڪاڪ،

اسان جي مال مڏيءَ کي، آهي کاڌ پنهنجي خوراڪ،

پوءِ ٿيءَ ڪين هلاڪ، اڃا منهن کڻي مٿي گهمين !

 

مومل

مارئي، مُٺي ! ماٺ ڪر، تون سُڻ قلبئون ڪُوڪَ،

ڪيئي لَک لنگهي ويا، هن ماڙيءَ هيٺ ملوڪ،

ڪنہ روح ريجهايو ڪينڪي، ٿيا سوڍي جا يار سلوڪ،

جيئن جيئن ٻولي ٻولَ هو، ٻولي ڏٺم ٻُوڪ،

تڏهن ڀاڪر پائي ڀُوڪِ، جوهر پوشيان جان سان.

 

مارئي

جنہ لئي جوهر پوشين جان سان، سو محل ڇڏي ويو ماڳ،

تو ڪوڙ ڪمايو ڪامڻي ! سورنهن ڏينهن سهاڳ،

ڏيئي ويُئي ڏهاڳ، ڍوليو ويٺو ڍٽ ۾.

 

مومل

ڍوليو ويٺو ڍٽ ۾، هُتِ پانَہ جهلي پير،

توکي اُڌرائي آندئين اُٺ تي، کوهئون کڻي کٿير !

ڪابَج نڪتئي بڇڙي، تڏهن موٽائي مُڪئي مٿير،

ٻاهئون ٻُٽي ٻير ! هُت پيرون پڪا اٿئي پٽ جا.

 

مارئي

پيرون پڪا هن پٽ جا، اهي مَرڪُ اسان جو ماڪ،

اهي ڪم ته ڪرٽاڻين جا، جيڪي اَڏائِن اوطاق،

چالاڪي سان چگهن کان وٺن کاڌ خوراڪ،

مَرُ پيا چڪن چاڪ، جو بقا ناهه بجاج کي.

 

مومل

بقا ناهِه بجاج کي، تون کوڙا ڇڏ خلل،

مقابلو مُلن وٽ ڪريون، رکي شرط شَهل،

سمجهائيندا سمجهه مؤن، پڙهيا سي پُرجهيل،

ڪمهليون قاضيءَ ڏي هليون، جهليون ڪنهن نه جهَل،

هن به ڦولي فرقان مان، ڪڍيو مسئلو تنهن مَهل:

’جنهن حق رکيا پِئه جا، تنهن جا وڏا عمل‘.

اتي گُجَر غمناڪ ٿي، ڳوڙها وهيس ڳل،

پوءِ ماٺ ڪئي مومل، جو ڪتابن ڪوڙي ڪئي.

 

مومل موٽي آئي، پوءِ هارائي هاري،

ڏاگهه سٿايائين ڏکن کؤن، ڪري تهدل تياري،

مُڙي ڪين مرڻ کان، هُيس اندر اَنڌاري،

ٽاڏ ڪري ٽپي پيئي، ٿي سڙي سچاري،

رکي ڪلمي سان ياري، وينداسون ايمان سان.

لاالہٰ الا الله محمد رسول الله

مناظرو ليلان ۽ چنيسر جو

(چيل طالب پليءَ جو )

] هن مناظري ۾ ليلان، چنيسر اڳيان عاجزي ڪندي چوي ٿي ته: ڪونروءَ جي مڪر جي مون کي ڪل نه هئي ته ڪو هار جي عوض ڀتار کسجي ويندم. هاڻي تون منهنجي عيبن کي نه ڏسي ۽ مون کي پنهنجو ڪر. پر چنيسر چيس ته: ليلان ! مون تنهنجا عيب اڳيئي گهڻا ڍڪيا آهن. مون کي اها به خبر آهي ته تنهنجو عشق  ساميءَ سان آهي، ۽ مون سان رڳو مڪر ڪيو پئي هلين، هينئر جيڪو تو ڪم ڪيو آهي تنهنجي لاءِ تون ئي ڏوهاري آهين. هاڻي جيڪو سودو ڪيو اٿئي ان تي پختي رهه ۽ مونکي ڇڏي ڏي. ليلان اڃان به حجت ڪري چويس ٿي ته: مونکي تو کان جدا ڪرڻ لاءِ اها هار واري سازش سٽيل هئي. مونکي خبر پوي ها ته اهڙو ڪچو ڪم ڪين ڪريان ها. ليلان ائين عاجزيون ڪندي رهي ٿي پر چنيسر چوي ٿو ته: ليلان ! جيئن ڀڳل شيشو ڳنڍجي نه سگهندو آهي، تيئن منهنجي دل به تو کان ڀڄي پيئي آهي، هاڻي پيار جو ساڳيو ناتو ڳنڍجڻ مشڪل آهي.[

ليلان

داغ تنهنجو داسڙا ! مون کي ماري ٿي ميار،

اچي مل عجيب تون، سگهو سڄڻ يار !

مون تان ڪم ڪَچو ڪيو، بيحد بُردبار،

جو محب مٽيم مڻئي تي، ڪيم ڪَچِي ڪار،

فريب ۽ ڦند جي، سڌ نه هيڙم سار:

ته ڪا ريڏِي رنن ۾، آهي ايئن اَپار،

مڙس کسينديون مون کان، دوست ڪنديون ڌار،

جيڪي ٿيڻو هو سو ٿيو، وري ايندو وار،

هاڻ حال پسي هيڻيءَ جو، ڪر ڀلائي ڀتار !

محب مٺا منٺار، اچي ڪر وَڙ ويچاريءَ تي.

 

چنيسر

شيشو ڀڳو نه ڳنڍجي، سڄو نه ٿئي اَنڌو،

جو مٽيئِي وَر مڻئي تي، هاڻ مور نه اُو ملندو،

تو تان ڪم ڪچو ڪيو، جنهن جو ناهه سَنڌو،

ٻيو ڪري نه ڪوئي، ايئن بڇڙائي بندو،

هاڻ ويهه وڃي ان سان، جنهن سان سِيل سندو،

چنيسر توکي چَرِي ! وري نه قرب ڪندو،

هاڻي ناهي سُٽُ تَندو، جو اُميريءَ اُجارجي؟

 

ليلان

جيڪي ڪن ڪچايون، تن جون ڪانڌ ڍڪينِ،

ٿوريءَ گهڻيءَ ڳالهه تان، هيئن تندو نه تاڻِينِ،

نه وجهن گهُنڊ مُنهن ۾، نڪي ڇوهه ڇنڊينِ،

سهيو وڃن صدما سڀئي، عاقل جي آهينِ،

ڏکيون سکيون سر تي، ساڻ کڻيو سانڍينِ،

نڪي لڄائين لوڪ ۾، نڪي راڄ رَنۡجينِ،

سدائين سَرها هلن، ڪنهن کي اَنت نه ڏينِ،

پڌرائيءَ کان پانهنجو، پيا پاڻ پَلِينِ،

جي آهن اندر ۾ غمگين، ته به ٻاهر ڪڍن نه ٻاڦڙي.

 

چنيسر

داغ تنهنجو دل مٿي، سانڍيم گهڻيئي سور،

نيٺ نهايت ڪڪ ٿي، هليس هن دستور،

ڪُٺي ! تنهنجي ڪار جو، ڪهڙو ڪيان مذڪور !

عمر ساري سور ڏنئي، ڪيئي ڪياءِ ڪلور،

رهڻ تنهنجو راڄ ۾، هو مون لئي مٿي جو سور،

ڪڏهن نه ڪنڌ هيٺ ڪَيُئِي، مُٺي ! هُيين مغرور،

جي سياڻي هجين ها سکر تون، ته مڙس نه مٽين ها مور،

تو پاڻهي ڪئي پاڻ سان، منهنجو ناهه قصور،

هيج رکيئي هار تي، دوست ڪيئي دور،

وڌيڪ پنهنجي ور کان، توکي ڪهڙو هو ضرور؟

ڪڙهي ! انهيءَ ڪم جو، پاڻهين پيُئي پور،

سودو ٿيو سو نه ڦري، ايءُ دانائن دستور،

ٿي ڏنگي مون کان ڏور، مٺي ! ڇڏ هي مامرو.


* . هن مناظري جون ٻه روايتون اتر مان محمد عالم عباسي (تعلقو سکر) ۽ محمد حسن ”مشتاق“ (تعلقو پنو عاقل) کان مليون.

. فقير ميان بيگ، انڍڙ قوم جي ’خضراڻي‘ پاڙي مان هو، ۽ ڳوٺ ملان علي تعلقي پني عاقل جو رهاڪو هو. پارسي ۽ عربيءَ جي ڪجهه ڄاڻ هيس. صوم صلوات جو پابند هوندو هو. سندس ڪلام گهڻو ڪري بيتن ۽ ڪافين تي مشتمل آهي. سندس وفات توڙي ڄم جا سن معلوم نه ٿي سگهيا آهن.

* . هن مناظري جي روايت ٿر (تعلقي عمرڪوٽ) مان محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي کان ملي.

. سوانح عمري لاءِ ڏسو حاشيہ ص 62.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org