سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناظرا

باب: -

صفحو :21

ماءُ

پِسر پيارا ! پٽڙا منهنجا ! تون پيٽ منهنجي...

وِيرَ ! توکي مون کير پياري، ننڍڙو ڪر

لوليون ڏيئي لاڏ منجهان، هليس هنئين سان

تو لئي پير فقير به ڀيٽيم، پاند ڳچيءَ

هيءَ تان گل گلابي منهنجو، هجي سرس

ڄمار وڏي، اقبال بلند، شل هجي خوش

شادي خانه آبادي جو ڪيم، سهج منجهاران

ته پٽ پنهنجي جي آس ڏسان، ٿئي راس اسان ج

توکي خوشي ۽ حُب هنئين سان پرت منجهان

اڄ ساڳيو ٿو سُهمان ڏين، زوراور ضد

انهي انڌائي تنهنجيءَ جو، افسوس اندر

اکئين اوجاڳا ڏيئي مون پنهنجو سُک

سيءُ پوي، متان پٽم روئي، جنهن جو والي ڀاڳ

ٿوري بنا ٿي ٿڃ پياريم، هجي هميشه

پر شابس توکي پٽ هجي، تو پنهنجو پاڻ........

..........جي راءِ وٺي، تو ماءُ کي ڀَل مارايو،

جس هجئي، تو ڪَس قلب تان لاهيو،

ناموس وڌايئي، مون کي سهڻو پُٽ سامايو،

مارين، جوءِ کي ٺارين، تو بيشڪ ڀال ڀلايو،

هميشہ دعا ڪري ٿي، لک احسان ڀلي جا ڀانيو،

قدم ڪُڏايو، آهين آسابند اکين جو.

 

........ سندس کي پُور پيو، مزڪور سڻي سڀ سارو،

ڪري پيو، ٿيو ماءُ اڳيان لڄارو،

جان! جگر آءٌ تنهنجو، نوڪر آهيان نيارو،

دلشاد ٿئي، لهي مَن سندو مونجهارو،

بنجي عورت کي ڪَيَئِين هدايت هڪوارو:

سرچون پاڻ ۾، ڇڏي غير غبارو،

ماءُ، سا تنهنجي مائٽ، رک انهيءَ سان آرو.

هر عاجز تي، وسي نور نبيءَ جو نارو،

ٿئي موچارو، پڙهون ڪلمون ڪوڏ مان.

 

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

ٻهڳڻ هيءُ ٻيلي ۾، گَهڙِي نَٿو گهاري،

مومل ! تو ماري، ڏنا سُور سُکر کي.

 

چراخ

اسان آياسون تو مڻي، تون لاهه دماغ چري !

ههڙا وَرَ وري، ڪانه لهندينءَ ڪٿهين.

سيڙهه

ڇڏ ڦِڏا ڦڪڙي، مُلڪ ڪيئي سُڃ،

ڏائڻون چڙهنئي ڏيهه جون، مٿو ڪٽي ڪنئي مُڃ،

اهڙا ڪُڌا ڪُڃَ، ڪوٺ نه ڪنوارين کي.

چراخ

رن ! عيب ڪڍين ٿي اهڙا، صورت پنهنجي سار،

منهن اٿئي موچڙي جهڙو، ڏند، ڏاٺون اٿئي چار،

اهڙي بدبيڪار ! سِٺُون ڪرين ٿي سکرن تي.

 

مناظرو لومڙ ۽ ڳوهه جو

]هن مناظري ۾ هڪڙو لومڙ ڪنهن ڳوهه تي عاشق ٿئي ٿو، پر ڳوهه کيس پورو منهن نٿي ڏئي. لومڙ کيس چوي ٿو ته: تون ۽ آءٌ پڇ شريڪ آهيون، يعني ساڳيءَ جنس جا آهيون، تنهنڪري هڪٻئي سان پريت رکڻ ۾ ڪو اهم ڪونهي. جواب ۾ ڳوهه چويس ٿي ته: اڙي لومڙ ! اها ڳالهه برابر آهي، پر تون صفا بزدل آهين؛ جيڪڏهن ڪا لوڌ پٺيان پوئي ته جيڪر گوهيون ڏيئي وڃي ڪنهن جوءِ ۾ لڪين. اسين جتي پير کوڙيون اتي کپ کوڙي بيهي رهون. ٻيو ته تنهنجا ٿاڪ ٿرن برن ۾ ۽ اسين محلاتن ۾ رهون. تنهنڪري ڀڄي پاسو ڪر. انهيءَ ويڻ تي لومڙ ٻٽاڪ هڻي ڳوهه کي ريجهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته: اسين سڀني مرن جا بادشاهه آهيون. سيارو پارو اسان اڳيان سٽ جهلي نه سگهي. اسين سدائين ٽن پيرن ٿي هلي ڌرتي ڏڪائيندا آهيون: پر جي چوٿون پير رکون ته زمين جلي وڃي. اڙي ڇنال ! انهيءَ هوندي به اسان تان ٺٺوليون پئي ڪرين. هاڻي اکين اڳيان ٽر نه ته هڪڙي ئي ڌڪ سان پورو ڪري ڇڏيندوسانءِ.[

لومڙ

پڇ شريڪ ! تون پيچ پريت جا، پائين ڇو نه اسان سان ؟

تنهنجي سڪ سوراخ ڪيا ۽ دکي درد اندر مان،

چت چريو ڪيو چاهه چتاري، دوس نه آهي دهمان،

ڪهڙيون ساهه جون ساکان، جيڪو طالب ٿيو تنهنجو.

 

ڳوهه

لومڙ ! تون ٿو لاڏ ڪرين، ڏين اشرافن کي لوهيون،

لوڌ لڳيئي ڪڍ جيڪر، گانڊو ڏين ٿي گوهيون،

مفت ڪرين ٿو مذاق اسان سان، جود سنڀارج جُويون،

توتي ڪهڙيون ڏوهيون، تون چريو وتين چٽڪار تي.

 

لومڙ

مڙس جي ته مانَ جي، توکي ڪل نه آهي ڪائي:

اسان مالڪ ڪُل مِرُن جا، هي جُوءِ اسان جي جائِي،

پوهَه، مانگهه جي پاري ۾، ڏئي سيءُ نه ڪا سَٽ سائِي،

اسان هلي ٽن ٽنگن تي، آهي ڌرتي هيءَ دهلائي،

پير نه رکون اسين پَٽ تي، متان وڃي زمين زوائي،

تون ڇڙتل پائي ڇائي، ٿي ڪرين مسخريون مڙسن سان ؟

 

ڳوهه

تون ڇُڙتل، تنهنجي آڪهه ڇُڙتل، تنهنجو بڻ بنياد آ ڀاڙي،

اوبر کائي پيٽ ڀرين ٿو، اَوڙڪ ڏيان اُماڙي،

شانَ اسان جو شاهَن جهڙو، مانُ اسان جو ماڙي،

چنبا کوڙي چُهٽون جا ٿي، محل نه ڇڏيون مُهاڙي،

بار کڻون نِت باري، تون هلڪا گهمين ٿو هيڪلو.

 

لومڙ

ڳِلهُون ڦُوڪي شُوڪِين ٿي، تون پڇ ڪرين ٿي ٽُورو،

ٽَر اکين کان ٿيءُ پري، متان ڪم ڪيانءِ پورو،

تنهنجو سهج سمورو، ڇٽي ويندو ڇِڪ سان.

مناظرو ڪُتيءَ ۽ ڪُتي جو

(چيل نبي بخش جلالاڻي جو )

]هن مناظري جي شروعات ۾ ڪُتي کي ڪُتيٖ چوي ٿي ته: جيڪي ملنئي سو تون پاڻ کايو وڃين ۽ مون کي هڪڙو هڏو به ڪونه ٿو ڏين. تون کائي کائي مچي پيو  آهين ۽ منهنجو پيٽ وڃي پٺيءَ سان لڳو آهي. ڪتو جواب ۾ چويس ٿو ته: مردار ! رڳو مون کي ڏوهه ٿي ڏين، ڪجهه پاڻ ڏانهن به ڏس. پر تنهنجو ڏوهه ڪونهي، تنهنجو نسل ئي خراب آهي. ماڻهين خراب، چاچهن جو چاهه جنڊن تي، ۽ هڏي تان وڙهندي تنهنجي پڦي جي ٻانهن ڀڳي. هاڻي انهين افعالين ڪيئن منهنجو توسان روح ريجهي؟[

تمهيد

ساراهيان سچو ڌڻي، اصل کون اهڙو،

ڪُتي ۽ ڪُتيءَ جو، لڳو جهٽ پٽ جهيڙو:

ماريا ! تون ماس کائي، مچي ٿيو آهين ٻيڙو،

هڏ نه ڏين هڪڙو، ٿيم پيٽ سُڪي سوڙهو،

هڪڙا گُندلا ليٽائين غريبن جا، ٻيو ڇٽي نه توکان ويڙهو،

پاٽين هيٺان مانيون ڪڍين، هيءُ ڪم ڪرين ڪهڙو؟

هيءُ زمانو ضعيف آهي، جو مڙس نه زال ڀيڙو،

مئا ! سڄو ڏينهن جهيڙو، آهي تنهنجي ڪنڌ ۾.

 

ڪتو

مردار ! منهنجي ڪنڌ ۾، ڪي پاڻ ڏي ڀي ڀانۡءِ،

مئي ! پنهنجي مڙس مان، اميد هڏ نه لاهه،

تهنجون سُتئي پِيڙهيون سڃاڻان، موڳي ! تنهنجي ماءُ،

جنڊن تي ”جلالاڻي“ چوي، ٻَڌو چاچهن چاهه،

ڪري هوڏ هڏي تي، ڀڳي پُڦِهن جي ٻانهن،

هاڻي ڪيئن ٿئي ارواح، ڪُتي جو ڪتيءَ سان ؟

_________

مناظرو سانڊي ۽ سانڊيءَ جو *

(چيل عثمان چانڊيي جو)

شاعر هيءُ مناظرو سانڊي ۽ سانڊيءَ کي لڳ ڪندي ڏسي جوڙيو آهي. جھيڙي جي شروعات سانڊو ڪري ٿو، جو سانڊيءَ کي ڀڄڻ لاءِ آتو ڏسي گھٽ وڌ ڳالهائي ٿو. سانڊيءَ جواب ڏنس ته: شرم ڪرڻ گھرجيئي جو ڏينهن ڏٺي جو هاري ناري پيا ڏسن، باقي آءٌ تنهنجي حق ٻڌي زال آهيان ڪا ڳالهه وڃي ته ڪانه ٿي؟ تنهن تي سانڊو سندس ناز سان هلڻ ۽ پڇ لوڏڻ جي تعريف ڪري هرکائي ٿو، پر سانڊي جٺ ڪريس ٿي ته: هاڻي افعال نه سڌاريئي ته ڪولهين کي چئي هڏ گڏ ڀڃائينديسانءِ. اتي سانڊو ڪاوڙجي ٻڌائيس ٿو ته: ڪنهن جي مجال آهي جو مون مٿير سان منهن اٽڪائي؛ آءٌ ماري سڀني کي سڌو ڪري ڇڏيندس. نيٺ سانڊيءَ جي جٺ ڦٺ تي شرمندو ٿئي ٿو. آخر ۾ شاعر دعا گھري مناظرو ختم ٿو ڪري.

 سانڊو

سانڊِي ! ڪر سمجهه، تون ڀڙوي ڇو ڀڄين ٿي؟

 

سانڊي

ڀاڙيا ! آءٌ ڀڄان ٿي ، ڪر کَري[1] جو خيال،

ڪانگتڙو ڪول ويٺو آهي، دٻي نه ڪڍئي دال،

هاري ناري ايندا هن گھڙي، ماڙهو ڪاهي مال،

تون کودن جيئن کَسِين پيو، اٿئي بڇڙي بدچال،

آءٌ وڻِٺل وڃان ٿي ڪانه ڪا، آهيان ذاتي تنهنجي زال،

ڇڏ ڏنگائي ڏينهن جو، ڪجھه سانڊا ! ڪر سنڀال،

پوءِ بُرا بي افعال ! هر هر اچيو هٿين پوين.

 

سانڊو

هر هر اچو هٿين پوان، جو مِٺي لڳين ٿي حور،

 ڪانڊر تنهنجي ڪُهيو وجهي، چابڪ ([2]) اهو نه چور،

تنهنجو اٿن ويهڻ مون وڻي، جڏهن ٽِلين مهندا ٽور،

آءٌ به اَچيو ڀَر وٺان، تون جهِڻڪي هنيون نه جهور،

آءٌ چري ! ناهيان چور، آهيان سهڻي ! وارث سِرَ جو.

 

سانڊي

آهين سهڻا ! وارث سِرَ جو، تڏهن ٿي چوانءِ چڱائي،

مُٺا ! توکي مَٺئين لڳي، جهڪا وات ڪريان وائي،

اچڻ وڃڻ ڪنهن ادب سان، تو لڄ کڻي لاهِي،

آءٌ ڪُتي آهيان ڪانه ڪا، آهيان ڄامن جي ڄائِي،

پوءِ ڦُوڪيل ڦِڪائي، توکي ڪجهه به ٿئي ڪانه ڪا ؟

 

سانڊو

چئي: ڪجهه به ٿئي ڪانه ڪا، ڪهڙو شرع کان شرم؟

سمجهي ڳالهاءِ سانڊي ! ڇڏ ڌوتي اهي دم،

آءٌ لتون هڻي لاهيندوسئين، چوٽيءَ سوڌو چم،

پوءِ هم نڪا تم، اٿئي ڪاٺ ڪَپار ۾.

 

سانڊي

ڇو هڻندين ڪاٺ ڪپار ۾، ٿي اَٿئي کل خراب،

تو ستئي پيڙهيون سڃاڻان، تون ناهين ڪو نواب،

تو جهڙا ڪئين هت مٿو ڌوڻي مري ويا اکين آڻي آب،

قسمت جو هيءُ ڪم ٿيو، هئو لکيو منجهه ڪتاب،

هاڻي سِڪي مرندين سنهڙي لاءِ، کاڻا ! لهندين خواب،

اڄ اٿئي جوان جواب، تون ليڪي کان لنگهي وئين.

 

سانڊي

آءٌ ڇو ليڪي کان لنگهي ويس، تو کي سانڊي ! سڃاڻا،

تون وئين ناناڻي نُک تي، تڏهن ٿي ڏئين اولاڻا،

آءٌ خان هئس ’کامڻان‘ (1) جو، هئام ٿَرين بَرين ٿاڻا،

اُتي ڏيکاريائين اکين سان، اُهي پڊ به پُراڻا،

آسي پاسي اسان جي، هئا ڀاڳين جا ڀاڻا،

’ٻُسٽان‘، ’ڪُنري‘ وچ ۾ (2) ٽَرڙي ! ٽِڪاڻا،

اسان جا هت سؤ رنگ هئا سانوڻ ۾ نيلا نماڻا،

تنهنجون چاچيون، ماميون مري ويون، ڇِتيون ڪري ڇاڻا،

اڄ تون مُٺي ڪريو، ماڻا، ويڻ ڪڍين ٿي وَرَ کي.

 

سانڊي

ويڻ ڪڍان ٿي وَرَ کي، جو هَنۡش هڻين هيڏا،

مون ڪڏهن ڏٺا ڪينڪي، تنهنجا تؤنريون ۽ تڏا،

ڀاڙيا ! تنهنجا بند (3) وٽ، هئا کڏون ۽ کڏا،

ماڪوڙا کائي مري ويا، تنهنجا وڏيون ۽ وڏا،

پٽيا ! پاڪستان ۾ ويهو، ڪرين ڪم جڏا،

هاڻي تنهنجا حرامي هڏا، هن گهڙيءَ ڪولهي ڀڃندا ڪاٺ سين.


* . مرون، چراخ کي ميڙ ڪري وٺي ويو، سو سيڙهه کي سمجهائي ٿو.

* .هن مناظري جي روايت اتر (تعلقي اوٻاوڙي) مان فاضل قائمي کان ملي.

* . هن مناظري جي روايت وچولي (تعلقي سنجهوري) مان علي اڪبر کان ملي.

. نبي بخش جلالاڻي ’ڳوٺ ڌامر کي‘، تعلقي سنجهوري جو ويٺل هو. پورالي طبيعت جو هوندو هو. نڙ جا بيت آلاپ سان چوندو هو. سڄي عمر ڪنوارو رهيو. سندس بيت مشهور آهن.

([1] ) کري= کري جو راکو جو ڪانگ تڙي

(([2]  چابڪ = پڇ.

(1) . کامڻان = ديهه ۽ ڇن.

(2) . ٻسٽان جو ڳوٺ ۽ ڪنري جو شهر تعلقي ساماري ۾.

(3) . ٻاهريون بند ٻسٽان وٽان، اهو پراڻو بند اڀرندي ناري جي اٿل کان ڏنل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org