سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناظرا

باب: -

صفحو :30

رئيس

گدڙ ! پوندين غار ۾، ڏکيا ڏسندين ڏينهن،

سانوڻ سائو نه ٿيندين، مٿان پونئي مينهن،

منهنجي ڪڪڙ نيئي ڪيئن، جنهن کي آسرو هو آنن جو؟

 

گدڙ

چئي: موليٰ سندي ملڪ ۾، ٿا اسين گهمون شينهن،

جيڪا وڻي من کي، سا تاڻيو ڪريون تيئن،

تڏهن ڪندين ڪيئن، جڏهن ٻي به نيندو سانءِ ٻوڙ لاءِ؟

 

رئيس

ٻي نيندين ٻوڙ لاءِ، ته مُٺا ! کائيندين مارَ،

’مَڪڙ ڪتو‘ منهنجو، آهي چؤ قبلو چوڪيدار،

ڦاڙهيون ڦرن سوڌيون، جهلي ٿو جهنگار،

گدڙ ! ڇڏ تڪرار، نه ته مارائيندوسانءِ ’مڪڙ‘ کؤن.

 

گدڙ

تنهنجي ڪتي ’مڪڙ‘ جا، پڇ ته ڏيانءِ پار:

جنهن کي سُڌ نه سَهي جي پوي، سو ڪندو ڪيئن شڪار؟

اٿئي اهي پار، اڃان ٿو مَرڪائين ’مڪڙ‘ کي.

 

رئيس

مرڪايان ٿو ’مڪڙ‘ کي، آهي بيشڪ بهادر،

هُو چڪ هڻندئِي چيلهه ۾، اسان هڻونءِ پادر،

ڏکيا ! هاڻي ڏر، نه ته مفت جهليندين موچڙا.

 

مناظرو رستم ۽ گدڙ جو

(چيل رستم فقير رند جو )

]هن مناظري ۾ شاعر تمهيد طور مناظري جو سبب ٻڌائي ٿو ته: هڪڙو گدڙ اچي هريو، جو ’رندن‘ جي کري مان روزانو ان کائي ويندو هو. هڪڙي ڏينهن صلاح ڪري همراهه کري تي چاري ٿي ويهي رهيا. گدڙ کي کٽي کنيو سو اتي اچي نڪتو. جوان ننڊ مان جاڳي پيا، گدڙ گوهي ڏيئي ڀڄڻ جي ڪئي. اتي رستم فقير هڪل ڪيس ته: رندن وٽان خبرداريءَ سان ڀڄجانءِ، نه ته ڪهاڙين سان ڪٺو پيو هوندين. گدڙ جواب ڏنس ته: دڙڪا ڏيئي ڊيڄار نه، مون ’ديوان بولچند‘ ۽ ’نواب‘ جهڙن کي ئي ماري مڃايو، تون ڪهڙي ڏاڙهي آهين. باقي خدا جي طرفان جيڪي امر هوندو ان تي راضي رهبو. اتي فضل رند چيس ته: تو لغارين جي پوک کائي ڏٺي آهي، تڏهن ٿو مستي ڪرين، پر هاڻي اسان سان هٿ اٽڪيو اٿئي. ڀڄي جند ڇڏاءِ نه ته ڪهاڙين سان مئو پيو هوندين. گدڙ انهيءَ ڳالهه تي ڪوبه ڌيان نه ڏيئي، ٻنيءَ ۾ وڃي ڪڻڪ کائڻ لڳو. پوءِ ته مڙس ٻنيءَ کي ڦري ويا. فضل وٺي جو ڪهاڙي هنئي ته گدڙ کي ڪنڌ ۾ وڃي لڳي. مرنديءَ وير گدڙ فضل تي اها ميار رکي ته: ٻولائي وڙهين ها ته خبر پوئي ها. مڙس جو ڪم آهي ٻولائي وڙهڻ ائين وڙئون وڃائڻ توکي واجب نه هو.[

تمهيد

ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن جوڙيو جڳ جهان،

ٻيو ساراهيان سيّد کي، جنهن جو ربّ رکيو مان،

ڪريان قصو هڪڙو، بندا ! سُڻ بيان،

کائي ڪڻڪ کري مان، اچي مِرون ٿيو مستان،

هليو اچي حڪم سان، ٻي ڪاڻ آڻي ٿو ڪان،

جاڳيو کڻي جوان، ته پيو آهي مار مرونءَ جو.

 

پيو آهي مار مرونءَ جو، اتي ’فضل‘ ڪيو ڦند،

سڏيو چوي سنگتين کي، اچي ڏسو رستم ! رنگ،

جانچي ڏسونس جوءِ ۾، دشمن ڪري ويو دنگ،

کائي ويو کري مان، گدڙ ڪري گند،

راڄ مِڙي رنگ، اچي ڏسن گرڍ گدڙ جا.

 

ڏسي گرڍ گدڙ جا، اُت سڀني ڪئي صلاح،

کائي ماني کري تي، اچي جمع جوان ٿيا،

سمهي رهيا سٿن تي، رکي دل دغا،

وڙهنداسون ويريءَ سين، ڪندو خير خدا،

گدڙ به اچي گهوگهٽ ڪيو، ڪل ته پيس ڪا،

سڌو آيو ’صادق‘ تي جنهن کي ڪيا ننڊ نَشا،

اچي نڪتو ’عثمان‘ تي، ويو کائي کوڙيءَ مان،

ڦيرو ڏنائين ’فضل‘ تي، پير جهلي پنهنجا،

جوان جاڳيو ننڊ مان، رکي سُرت سماءَ،

هڪل ڪيائين حڪم مان، هن ڇُلي ڇال ڏنا،

”رستم“ چئي ’رندن‘ کان، هونش ڪري هلجا،

نه ته جوان ! انهيءَ جاءِ، ايندين، ڪم ڪهاڙين جي.

 

گدڙ

ايندس ڪم ڪهاڙين جي، مون کي ڇوڪر ڪندين ڇا؟

کائي ويندو هوس کري مان، هوندا هئا لک ’لغارين‘ جا،

غرض نه آندم ڪنهن غنيم جي، هو ’بولچند بادشاهه‘،

دٻايم ديوان کي، سوين ها سمهندا،

’نواب‘ جهڙا نر هئا، تن جا به مون کَرا پئي کاڌا،

اِنهيءَ ريت ”رستم“ چئي، پي هليس هميشا،

پوءِ جُڙِي هوندي جيڪا، رضا منهنجي ربّ جي.

 

رستم

جيڪا رضا رب جي، ته آهين گهَڙي هڪ مزمان،

باتيون ڪرين ٿو ’بولچند‘ جون، تو دٻايو ديوان،

هي کرو اٿي ’خانومل‘ جو، ٻيو اٿئي ’جسومل‘ جوان،

سڌر اسان جو سيٺ اَٿِي، ٻيو ’ڪندومل‘ ڪپتان،

جنهن سان ’رند‘ ٻڌل اٿئي، ريڏا، مرد مڙئي مستان،

’چاڪر‘ جي چئي ۾، اٿئي ’سوڀو‘ منجهن سلطان،

متان ٿئي بَڇ بندوقن جي، وڃين مرين مٿي ميدان،

انهيءَ ريت ”رستم“ چئي، تون گدڙ لاهه گمان،

نڀاڳا نادان، ايندين ڪم ڪهاڙين جي.

 

گدڙ

ايندس ڪم ڪهاڙين جي، جڏهن ’فضل‘ ايندو ڦيرو،

آءٌ به کائي ويندوسَئين کري مان، پِتا ڏيئي پيرو،

راڄ منهنجو ”رستم“ چئي، اٿئي جوان جهجهيرو،

ڏيئي باهيون بِرهه جون، نه جلائينم جيرو،

نه ته آڻيان ٻيا به گرڍ گدڙن جا، ويندئي کائي سڀ کرو،

پِيندئي پوءِ پَرو، جڏهن هنگي ويندئي هنڌ ۾.

 

رستم

چئي: هنگي ويندين هنڌ ۾، اٿئي ازل مون هٿان،

هت ’رند‘ سڀئي ربڏا، اٿئي مرد ملاح،

ڳَن ڏيندا سَئين ڳُئِيءَ ۾، ويندءِ پَرزا ٿي پساهه،

چِٿي ڇڏيندا سُئين چنبن سان، سَٽ نه جهليندئي ساهه،

اِنهيءَ ريت ”رستم“ چئي، ڪو آيئي موت مٿا،

وڃ ڇڏي هوڏ هِتا، نه ته ايندين ڪم ڪهاڙين جي.

 

گدڙ

ايندس ڪم ڪهاڙين جي، ڪرين ٿو کلن جئن کڙڪا،

’فضل‘ ٿو ڦاڏون هڻين، ڏين ديمين جا دڙڪا،

آءٌ به کائي ويندوسئين کري مان، پِتا ڏئي ڀڙڪا،

انهيءَ ريت ”رستم“ چئي، پيو ول ڏسيو وڙڪان،

مير ! متان مُڙ جا، آءٌ به سنجهي ايندو سَئين سِرَ تي.

 

رستم

سنجهي ايندين سِر تي، اٿئي ويٺا مرد ملنگ،

جان ڀڄي ويندين ڀؤ کان، جان جهليندين جهنگ،

جان رکنداسُئين ڪهه ڪهاڙين جا، ڪي عضوا ڪري انگ،

ٽنگِيندئي ٽُورو ڪري، ٻيسانگيءَ ٻلنگهه،

اکيون ڪڍندئي اَنگهن ۾، ڪي ڪارا اچي ڪنگ،

اِنهيءَ ريت ”رستم“ چئي، ڪي راڄ ڏسندئي رنگ،

گدڙ ڪِنا گَند، ايندين ڪم ڪهاڙين جي.

 

گدڙ

ايندس ڪم ڪهاڙين جي، مون کي ڪِنو چَيئي ڪوهه؟

ڪڻڪ ته هئي ’ڪندي مل‘ جي، تنهنجو ڪهڙو ڪيم ڏوهه؟

سوا لَپ کاڌي هئم ’سانوڻ‘ جي تنهن لاءِ ٻڌو ٿئي توهه،

منهنجو مقابلو مردن سان، توکي جانب ڀانياءِ جوءِ،

اِنهيءَ ريت ”رستم“ چئي، وڃي ڳُڙ اَٽو ڳوهه،

پَرپُٺ وڃي پوءِ، چُنِي اوڍ چِٽن سان.

 

رستم

چُنيون اوڍين چِٽن سان، جيڪي هجن بيهودا بَئيمان،

اسين غرض نه آڻيون گونر [1] جي توڻي اُڀ ٽُٽي آسمان،

تون گدڙ ! ٿو گلائون ڪرين، بيهودا بي مان،

بَڇ ڪندوسئين باشن کي، ويندين چنبن ۾ چؤلان،

ويندين پيرن سوڌو پُرزا ٿي، حال کڄي حيران،

اِنهيءَ ريت ”رستم“ چئي، گدڙ لاهه گمان،

نڀاڳا نادان، ايندين ڪم ڪهاڙين جي.

 

گدڙ

ايندس ڪم ڪهاڙين جي، پر سُڻ خان خبر چار:

وٺا مِينهن وطن تي، ڪيا سائين ربّ سُڪار،

آءٌ به سک ويٺو هوس ساک [2] تي، ٻچا وٺيو ٻار،

اِنهي ريت ”رستم“ چئي، اتي آندي اَٿم سڀ ڄمار،

ٿيندو ڌڙ سسيءَ کان ڌار، ته به ڪڏهن مُڙندس ڪينڪي.

 

رستم

مِرون مُڙيو ڪينڪي، هِي اَمالڪ آيو،

ڪُرٽو ٿيو ڪڻڪ ۾، کڻي بانشن بتلايو،

بَڇ ٿي بانشن کي، سيٺ ڪيو سعيو،

پهرئين ڪهاڙي پِڙ ۾، ’فضل‘ فير ڪيو،

اِنهي ريت ”رستم“ چئي، ڪڙڪو ڪنڌ ڪيو،

سورهيه سير ڪيو، ڏئي ٿو سِر سنجهي مان.

 

گدڙ

ڏيان ٿو سِر سنجهي مان، چڙهي آيو موت مٿي،

دغا اهڙي دل ۾، ڪُپت ڪين ڪجي،

وڙهين ها ويجهو ٿي، جوان هجين ها جي،

جي ٻولائين ”ٻروچ“ چئي، سورهيه آهن سي،

ته خان ! ٻڌائين ها خبرون، چٽيون ’چاڪر‘ کي،

پير نه کوڙڻ ڏيانءِ ها پِڙ ۾، وڃين ها سڌو سيٺين ڏي،

پوءِ ڪرين ها ڪي، وڃي پچارون پِڻهين سان.

 

رستم

اتي ’فضل‘ ڦِري ڏني، ورندي ورائي،

مرڻ موت مٿي تي، اصل کان آهي،

گدڙ ! ٿو گلائون ڪرين، توکي جوان نه جڳائي،

کرو رکيو مون خوشيءَ مان، لابارو لاهي،

تون به روز ايندو هُئين رات جو، ڪڍيو مانءِ پِتا پچائي،

ڪُٽي ڪڍيو مانءِ ڪڻڪ مان، ٻُٽ به ٻولائي،

اِنهيءَ ريت ”رستم“ چئي، آهين بيٺو لڄ لاهي،

هاڻي ڄَٺ ! ڄمائي، ٿو ڪرين ميارون مردن تي.

 

گدڙ

ميارون مردن تي، منهنجون انهيءَ پر آهين،

کاڌي لاءِ خوار ٿي، وڙئون نه وڃائِين،

سامون جهليندا ڪي صوبا، جن تي عدالتون آهين،

منهنجا حقي حرف حق جا، توتي عزت جا آهين،

اِنهي ريت ”رستم“ چئي، ڀلي ٻيا ٻُڌائين،

پوءِ انهيءَ پر آهين، منهنجون ميارون مردن تي.

 

مناظرو جوسب ۽ گدڙ جو

(چيل جوسب موندري جو )

]سگهڙ جوسب (يوسف) موندري جي اُٺ وڃائجي ويئي سا چئن ڏينهن کان پوءِ جهنگ ۾ وڃي لڌائين. اتي ان جو کير اِيزڪ (کلي) ۾ ڏهي، اُها ’سنگهر‘ جي ڀر ۾ رکي، اٺيون ورائي اٿي هليو، موٽي اچي ڏسي ته ڪو گدڙ اِيزڪ گهلي ويو آهي، ۽ ان کي ڪا ڪاٺي لڳي آهي جنهن کان ٽنگ ٿيڻ ڪري کير هارجي ويو آهي. جوسب اها حقيقت اتي جي شاعر ’اسحاق ٻري‘ کي چوائي موڪلي ته: هي گدڙ تنهنجي پٽ جو هو، تنهن کي تون سمجهاءِ. اسحاق ٻري، جوسب جي دانهن کي پنهنجي ڳوٺ لاءِ گهٽتائي سمجهي انڪاري جواب ڏياري موڪليو ته:

”گدڙ اسان جي گام جو، اهڙو ته ڪين آهه،

اُٿيو آڌيءَ رات جو، چڱي ٻولي ٻڌاءِ،

ڏؤنري ڏٿ بنان، هوند ٻيو کاڄ ئي ڪونه کاءِ،

”اسحاق“ چيو آهه، اهڙو سڌاتو رو سنگهر ۾.“

جوسب اهو ٻڌي کڻي ماٺ ڪئي. ٻن ٽن ڏينهن بعد انهن ساڳين ٻرن مان ٿوهر نالي ٻرو، جوسب وٽ آيو ۽ چيائين ته: ٻه ننڍيون پٺيون اُٺين جي کير تي سانڍيون هئم، سي ٻئي گدڙ کڻي ويو آهي، هاڻي جيستائين بيت نه ٺاهيندين، تيستائين نه اُٿندس. جوسب چيس ته: اسحاق وٽ وڃ جو هو انهيءَ گدڙ جي طرفداري گهڻي ٿو ڪري. پر هو اسحاق وٽ ڪونه ويو ۽ ويٺو ئي رهيو. مجبور ٿي جوسب سڄو مناظرو ٺاهي ڏنو، جنهن ۾ گدڙ جون سڀ حجتون ڀڃي ان کي شرمسار ڪيائين پر آخر ۾ گدڙ چيس ته: ”منهنجو ڪونه هو ڏوهه. تون پاڻهي لاڙي ويو هونس پٽ ۾“. اهڙيءَ طرح مياري ڪيائينس، جنهن جو جواب جوسب پوريءَ طرح ڪونه ڏنو. جڏهن هن مناظري جي خبر لس ٻيلي جي مشهور شاعر وٽ باکڙي، کي پيئي تڏهن هن پڇاڙيءَ جو بيت جوسب جي پاران ٺاهي گدڙ کي مياري ڪري ڇڏيو.[

يوسف

گدڙ مون تان گَٻوڪيو، تنهن ڪوڙي ڪئي ڪشرت [3]،

سو چُتو نه ڇڏي چوريءَ جي کوٽي خصالت،

تنهن ويهي ويچار ڪيو پنهنجي دل منجهه دريافت:

ته هي آهن مونجهه ۾ پنهنجي مال جي، هاڻي ٿيو اسان لاءِ اُپت،

سو ڪڍي اِيزڪ ڪانبي مان، ويو ڪنهن وير وقت،

ناحق نه ڄاڻي نڀاڳي، پسو مونسين هيڏي ڪي حرڪت،

اسان جي اَڙِي ڪانه ٿيندي، حڪم سين حضرت [4]،

پر انهي لوٺئي کي لعنت، جنهن پسو ڪهڙو مونسين قضيو ڪيو.

 

گدڙ

قضيو توسين ڪهڙو ٿيو، سانئر ! مون کي سَل،

تو کي ڇَهِي ٿوريائي پئي، تو آهي خالي ڪيو خلل،[5]

اهو نه مناسب مرد کي، جو وري پوءِ اُٺائي عمل [6]،

هاڻي دشمني ڌانڌل، ڏس ٿوري ڳالهه تان ٿي پيو.

 

يوسف

ٿوري ڳالهه تان ٿي پيو، ته تو به آهن وڃايا وَڙ،

بيگناهه غريب جي هُنهِين پَٽياءِ هَڙ،

تنهن ايزڪ لاءِ اَڌوڪ ۾، مون به قابو هنئي هُئي ڪڙ [7]،

پر انهي گَٻي گدڙ ! تو مُٺو مِرون پاڻ کي.

 

گدڙ

سانئر ! پاڻ سڃاڻ، ڪڇ پڇ اسان سان ڪينڪي،

ادب رک اشراف تون، سَرچي اسان ساڻ،

تون به ٿو سانئر پاڻ کي سڏائين، هيڏانهن به گهٽ مَ ڀانءِ گمان،

آءٌ اڳئي ٿو اهڙيون ڪريان، ٻئي ڪنهن جي رکان نه ڪاڻ،

سمجهه پروڙجي پاڻ، نه ته ڪڏهن ٺهنداسون ڪينڪي.

 

يوسف

چئي: ٺهنداسون ڪڏهن ڪينڪي، ته آءٌ به توتي ڪندس ڦيري فريادي،

بکيا مرون برجا ڪياءِ بَدو ! بيدادي،

تو جا منهنجي کَلي نيئي کاڌي، تنهنجو پتو ڏينم پيچرو.

 

گدڙ

پتو ڪهڙو ڏيانءِ پيچرو، جيئن وسان ڳالهه ويئي،

اسين مهٽيو پنهنجي مڙسيءَ  سين، ٿا ڪريون اهڙيون اڳيئي،

پر هن ههڙي هيڏي هاڃي جي، مون کي پهريان ڪانه پيئي [8]،

هاڻي جند اڙايم ’جوسب‘ مان، ناحق کَلِي نيئي،

هاڻي ميارون مڙيئي، ٿو مڃان تنهنجون مٿي تي.

 

سانئر ! پاڻ سڃاڻ تون، رجوع ڪر مَ رياءُ،

مون ڇڏيا ننڍڙا پنهنجا، ڪي واجهائيندا وياءُ،

تن کي ماءُ نڪا ناني، نڪو ٻيو سڱ سِياءُ،

آءٌ به ٿو ڪريان ڪاپا ڪيترا، تن لئي ڪوڙين ڪَنبيا [9]،

اسان جي پَر آهيئي اها، پر تون ٿي ڪست مان ڪاوڙئين.

 

يوسف

گدڙ ! توکي گلا جي، ٻي لڄ نڪا مرجات،

نڪا ڇڏين ٻي جات، نڪي سڃاڻين ڪنهن سانئر کي.

 

گدڙ

ٻيلي سانئر ! انهي تنهنجي شغان جو، مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو [10]،

تنهنجي مون زياني ذري جيتري به ڪانه ڪئي، تو آهي خالي خلل ڪيو،

مون ٻڪر به کاڌا آهن ٻُرنَ جا، تنهن ۾ تنهنجو وڃي ڇو [11]،

باقي اڳي تنهنجي ايزڪ جو، هئو پلئو مون تي پيو،

سو بيشڪ آءٌ باسيان ٿو، جو حرف حقي مون تي هو،

پر انهي ڌَتُوريئي جي ڌڻ ۾، منهنجو بابو ڀائي هو [12]،

تنهان ئي پوءِ ڪيو مون، تنهنجو البت اندازو،[13]

پر منهنجو به ڪونه هو ڏوهه، تون پاڻهي لاڙي ويو هُونسِ پَٽَ ۾ [14].

 

يوسف

جي پاڻهي لاري ويو هوس پٽ ۾، ته به تون هُنئين بَدو منجهس ڀائي،

پڻهي پيدا مَ ٿيو، ماڻهين مَ ڄائي،

تو ته باقي ڄاپي سامائِي، مٿو اڙايئي پئي ماءُ جو.

 

وٽ باکڙو

جي پاڻهي لاڙي ويو هوس پَٽ ۾، ته به هئي پُچين وٽ پيئي [15]،

نڪا هياس ساهه سرير ۾، نڪين ٿي وچ ڇڏيو ويئي،

نڀاڳا نيئي، کاڌئي سا کار ڪري.

 

مناظرو مٺو ملاح ۽ گدڙ جو

(چيل مٺو ملاح جو )

]هن مناظري جو سبب شاعر تمهيد ۾ ٻڌائي ٿو ته: هڪڙي هنڌ ملاحن درياءَ مان پلا ماري رکيا. اتي ڪو گدڙ گهمندي ڦرندي اچي نڪتو جو هڪڙو پلو کڻي ويو. ان بعد شاعر کي گدڙ گس تي گڏجي ويو جنهن کي چيائين ته: اڙي گدڙ ! تون چالاڪيءَ سان چوري به ڪري ويو آهين ۽ پاڻ به بچائي ويو آهين، نه ته اهڙي جٺ ٿيئي ها جو سڄي عمر ياد ڪرين ها. تنهن تي گدڙ جواب ڏنس: پلو ويو اٿئي هڪڙي پئسي جو پر تون ڏهوڻي ڪاوڙ پيو ڪرين، ۽ خواه مخواه مون کي پيو خوار ڪرين. اُهو ڪو ٻيو گدڙ آهي جو پلو کڻي ويو اٿئي، جيڪڏهن توکي منهنجي چڱمڙسيءَ تي اعتبار نٿو اچي ته هلي منهنجو گهر گهمي ڏس. ان بعد ٻئي هڪٻئي سان سوال جواب ڪن ٿا. آخر ۾ گدڙ شاعر کي چوي ٿو ته ميان ڪلمون ڀري صلح ڪر.[

تمهيد

ساراهه ڪريان ٿو سبحان جي، سڻجان ساڻ ڪنن،

ملاح هليا ٿي موج ڪريو، جتي سيرون ٿيون سُڄن،

اتي پيو دؤر درياء ڪري، جتي سيسر پيا سَٽجن،

گهاتو پهرئين گهاءُ سان آيا پلا ماري پرين،

رکيَئون اچي پنهنجي راز سان، جتي هيون ڀيڻيون سڀ بَندن،

گدڙ آيو اتهين گست ڪندو، وٺيو پٺيان ٻار ٻچن،

رزق ته هن کي رازق ڏنو، پيو کائي منجهه خوشين،

پوءِ سڃاڻي سَڱن، توکي کڻي عيبن کان آجو ڪندو.

 

ملاح

توکي عيبن کان آجو ڪندو، پر گدڙ ڪرين ها غور !

مُڙئين ڪين هيءَ تان، تون آهين لُچ لغور !

چوري ڪري وئين چُستيءَ سان، نهاري تون نور !

جي مُنهن پوين ها ملاح جي، ڪنئي ها ڪهاڙين ڪور !

اهي تورون ڪري تور، تون بچي وئين هن بحر کان.

 

گدڙ

بچي ويس هن بحر کان، هئس عقل جو اڪابر،

پلو وڃايو ٿَئِي پئسي جو، پر ڏين پيو ڏهاڪن جو ڏر،

مون کي خلق ۾ ٿو خوار ڪرين، توکي ڇڏيان پيو ڇوڪر !

پت ٿئيئي پل ۾، هلي گهمي ڏسين مون گهر،

ٻيا ڏسيو سڀ سڌر، ٿو گلا ڏين غريب کي.

 

ملاح

گلا ڏيان ٿو غريب کي، ڪريو سارِي ڳالهه سهي،

مَٺِي لڳي ٿَئِي مِٺوءَ جي، اٿئي هٿان ڳالهه پيئي،

ڪهاڙين سان ڪُهي، لوڙهي ڇڏيندوسَئين لڙ ۾.

 

گدڙ

لوڙهي ڇڏيندين لُڙ ۾، سو ڪانهي تنهنجي ڪاڻ،

آءٌ به گهمان پيو گهرن ۾، پاڙا پليو پاڻ،

کِيان پيو خوشيءَ مان، اهي چڱيان مڙئي چاڻ،

اٿلايو اِها آڻ، سا موٽائي ڏين ٿو منهن ۾.

 

ملاح

موٽائي ڏيان ٿو مُنهن ۾، آءٌ تنهنجا سڀئي سُڃاڻان،

پيڙهيون ڪندوسَئين پڌريون، تنهنجا نور به ناناڻا،

لُچن ۽ لغورن جا هئا اُتي ٿَم ۽ ٿاڻا،

جي نه پهچنئي ها پل ۾، ته ڪري ڇڏين ها ڪانڌي سڀ ڪاڻا،

صحيح ٿو سڃاڻان، ته هوئين گدڙ انهيءَ گس تي.

 

گدڙ

هوس انهيءَ گس تي، توکي چڱو نه ڪير چوندو،

اشرافن جا اوچتا، اچين نالا وٺيو نِوَندو،

آءٌ وڙهي پوئين ها ويل انهيءَ، وڃين ها ڪيچين ڏانهن ڪَهندو،

اهي سڀ سور سهندو، مُڙيو وڃان ”ملاح“ تان.

 

ملاح

مڙيو وڃين ٿو ”ملاح“ تان، ٿي ڀائرن سندو ڀاءُ،

چڱو مَٺو تنهنجو، ويهي نبيري نياءُ،

پلو ورائي ڏي پرت مان، ته نڪري دنگ دغاءُ،

ڏسي لُڊاڻي جا لَئا، وڃي ڪَؤنرَ چر ڪاڪ جا.

 

گدڙ

آءٌ ڪَؤنر چرندس ڪاڪ جا، تنهن ۾ تنهنجو ڪڄاڙو؟

آءٌ ڦريس پئي ڦَرن سان، وٺيو ولين جو واڙو،

قُوت ته مون کي ڪريم ڏنو، ڪَيم چَهر منجهان چاڙهو،

پُڇي اهو پاڙو، وڃي گس وٺ ٻئي گدڙ جو.

 

ملاح

ڪيئن گس وٺان ٻئي گدڙ جو، تو ڪئي آهي ”مِٺوءَ“ سان مذاقَ،

ماري ڇڏيندءِ ”ملاح“ چئي، جيئن مٿان پوئي ماڪ،

ڪهڙي تنهنجي ساک، آءٌ پت ڪريان ڪيئن پِير تي.

 

گدڙ

پَت نٿو ڪرين پِير تي، ته ويوسئين چوري ڪري چڪ،

ڪڏهن ڏيندوسئين ڪينڪي، هڻي ويوسئين ڌاڙي سندو ڌڪ،

لاهي سارو شڪ، ڀر ڪلمون ڪريم تي.

 

ملاح

ڪلمون ڀريان ڪريم تي، آهي مون کي سڪ سچي،

ماڙيون انهيءَ مير جون، ڏسندس اکين ساڻ اچي،

انهيءَ بِلي ساڻ بچي، ڪلمون ڀريم ڪريم تي.

 

ڪلمون ڀريم ڪريم تي، اَٿم تن اندر تار،

اُڪاريندو اوکِيون، اڙين جو آڌار،

مؤکي ڪا سڪرات ڪندو، ملڪ جو مختيار،

چارئي يار رسول جا، مٺي محمّد جا مختيار،

حَسن مير حُسين جا، پيو پرين پڇي پار،

هاڻي ڪلمي جي آڌار، سڀ لنهگندا لڪيون.

 

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

مناظرو وٽ باکڙي ۽ گدڙ جو

(چيل وٽ باکڙي جو )

]هن مناظري ۾، هڪ گدڙ شاعر ”وٽ باکڙي“ جو پٽڪو کڻي ٿو وڃي. ان تي ’وٽ‘ گدڙ کي پٽڪي جي گلا ٿو ڏئي ۽ گدڙ به پنهنجي مجبوري بيان ڪري ٿو ته: منهنجي گهر واريءَ کي گنديءَ جي ضرورت هئي سو لاچار ٿي جهنگ ۾ پيل پٽڪو کڻي کنيم. اهڙيءَ طرح ٻنهي ڄڻن جي وچ ۾ سوال جواب شروع ٿين ٿا. جيئن ته شاعر وٽ باکڙو توڙي گدڙ ٻئي ڪوهستان جا آهن، انهيءَ ڪري سنڌي ٻوليءَ جي ڪوهستاني محاوري ۾ ئي سندن هڪٻئي سان سوال جواب هلن ٿا. شاعر وٽ باکڙي جي مهڻن ۽ ميارن تي گدڙ چوي ٿو ته: منهنجي ته سڄي عمر انهيءَ پڊ ۾ گذري آهي، وس پڄندي ڪنهن جي به شيءِ کي ويجهو نه ويس، البته هڪڙي ڏينهن اُڃ مرندي هڪڙي اوئيءَ جو وات ڪرٽي ويو هئس ۽ ٻيو تنهنجو پٽڪو لاچاريءَ حالت ۾ کنيو اٿم، هاڻي جيستائين جيئرو هوندس تنهنجو مياري رهندس.[


* . هن مناظري جي روايت وچولي (تعلقي سنجهوري) مان جمال رند کان ملي، جنهن خود شاعر کان ٻڌي قلمبند ڪئي.

. فقير رستم رند، ڳوٺ محمد خان رند تعلقي سنجهوري ضلعي سانگهڙ جو ويٺل آهي. مشهور شاعر بچائي فقير رند جو شاگرد آهي. هن وقت سندس عمر اٽڪل پنجاهه (50) ورهيه آهي. گهڻو ڪري بيتن، مناظرن، ٽيهه اکرين وغيره جي صورت ۾ ڪلام چيو اٿس.

[1] . گونر = گورنر.

[2] . ساک = پاڻيءَ جي شاخ.

. يوسف پٽ جمال ذات جو موندرو، کارڙي ناڪي (لس ٻيلي) جو ويٺل هو. ننڍي هوندي کان ئي اُٺيون چاريندو هو. اُٺيون چاريندي، بيت چوڻ شروع ڪيائين. 1943ع ڌاري وفات ڪيائين. سندس ڪلام بيتن تي مشتمل آهي. ]ٻيلابن جا ٻول.[.

[3] . ڪشرت = دشمني.

[4] . اڙي = تڪليف ڪانه ٿيندي.

[5] . ڇهي = نقصان.

[6] .عمل اُٺائڻ = ڪروڌ ڪرڻ.

[7] . ايزڪ = کلي؛ اڌوڪ = پٽ جو پاسو؛  ڪڙ= پير ڪڙڻ، نهارڻ.

[8] . پهريان ڪانه پئي = اول ۾ ڪل ڪانه پئي.

[9] . ڪنبيا = ڪم.

[10] . شغان = گلا.

[11] . ڇو = ڇا.

[12] . ڌتوريئي = ٿوهر جو ”ڌتورائي“ پاڙو.

[13] . اندازو = انديشو.

[14] . لاڙي = لاڙڻ، اُڇلائڻ.

[15] . پچين وٽ = ڪپڙن وٽ.

* . هن مناظري جي روايت وچولي (تعلقي هالا) مان قاضي نور احمد کان ملي.

. مٺو عرف چتون مير بحر، مٽياريون، ضلعي حيدرآباد جو رهاڪو آهي، هن وقت سندس سندس عمر اٽڪل 65 ورهيه ٿيندي. نڙ جا بيت، ڏور، ڳجهارتون ۽ ڪافيون گهڻي تعداد ۾ چيون اٿس.

* . هن مناظري جي روايت ڪراچي مان صالح محمد سمي کان ملي.

. وٽ باکڙو، ويٺل ڳوٺ جمن باکڙو تعلقو وندر، نزديڪ جبل پٻ نوراني، علائقي تاراضيءَ جو هو. سندس شاعري ۽ وڌيڪ احوال لاءِ ڏسو ”ٻيلاين جا ٻول.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org