سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناظرا

باب: -

صفحو :15

چلم

مِٽي آڻي محبت مان، ڪئي ڪاريگر ڪَٺي،

چلم جوڙيائين تنهن منجهان، سهڻي صاف سُٺي،

پچايِائين پرت مان، ٻاري برهه بٺي،

ورنَہ ويا وٺي، ڪامل ڪچهريءَ لئي.

 

ڪامل ڪچهريءَ جا، آيا ڪوڏ منجهان قاضي،

تن پَلٽي پاڻي پرت جو، ترت ڪئي تازي،

آيا مور مجلس لئي، گوءِ کڻي غازي،

نرمل آيا نَڙ وٺي، ٿي مهمان نوازي،

واهه جا ٽوپي ٽِيلي سان، بنائي بازي !

پرين آيا پيئڻ لاءِ، پير ڀري پازي،

مانجهين پنهنجو موج سان، روح ڪيو راضي،

تن ڳايا ڳيت ڳڻن جا، اَثر آوازي،

متان ٻيڙي ٻٽاڪ هڻين، روڳڻ روازي !

ڪر نوڙت نيازي، آءٌ وڏِي وڏٖي جُڳَ جي.

 

ٻيڙي

اڄ نالو نانءُ ننڍن جو، وڏا ويا وينجهار،

جيڪي پرکين پِتل سون کي، مانجهي مڻيادار،

تن توڏن جي تَڙن تي، ناهي ڪا تنوار،

اها محبت مردن مان، نڪري ويئي،....

جيڪي چيٺي چلم کي، ڪندا هئا،....

وجهي پاڻي پِرت جو، محبت مان...

ڌوئي ڌمالي صاف ڪري، ڪن جلوءِ گر جا..

ڪاٺيون آڻي قرب مان، هئا دکائيندا.....

ڏيئي باهه برهه جي، ڪندا هئا مچ....

ٽانڊا چاڙهي ٽوپيءَ تي، ڪَٺا ڪارو.....

وجهي پِيئندا هئا پِرت مان، ڪري ڪچهري قربدار،

اهو زمانو گذري ويو، رُڳي رهي آهي گفتار،

هاڻي رسم رواج نرالا، نئون آيو سنسار،

مُٺ ۾ ٻيڙي پيئن سُريلا، صورتوند سرشار،

لڳان پِرينِ کي خوب پياري، بيحد باغ بهار،

وجهي کيسي ۾ خان هلن ٿا، جوان گهڻا جهونجهار،

هر دم هنج حبيبن جي، رهاڻ ڳچيءَ جو ٿي هار،

جهنگ، جبل، برپٽ، پاڻي، موج بحر بسيار،

اوکيءَ ويل ڪم اچان ٿي، مون ۾ ڳُڻ هزار،

تون چلم چؤڪَ چَنڊي ! مون سان ڪرين تڪرار،

پوءِ دوستن جي درٻار، متان مقابلو مون سان ڪرين !

 

چلم

 ٿيندو مقابلو مظهر جو، منڊيو جت ميزان،

سڀ ڪجهه ڳُجهِي، پَڌري، خبر ڏيندو خان،

ٻيڙي ! هڻ نه ٻٽاڪ تون، ڪر نهٺائي نادان !

تنهنجي قيمت ڪوڏيءَ جيتري، پر شِدو گهڻو شيطان،

انصاف اصلي، نقليءَ جو، ڪي ڪندا قدردان،

مون کي مرد گهرائينِ مجلسين، سَٿ مَنهَن سلطان،

وهارين وچ ڪچهريءَ ۾، سي جانب جنگ جوان،

هوندا ڪَلَجُڳَ سوڌا ڪاپڙي، مجاهد مردان،

مون ۾ جيسين دونهان درد جا، دُکن ٿا دُوران،

تيسين پيئندا پيار مان، سي شوق رکي شادان،

تو کي اَڌ پِي، اُڇلي ڇڏين، واهه جو مليئي مان !

ته به نرجي ! توکي ناس نه پِتو، بڪين ٿي بي ايمان !

لاٿئي لُچِي ! لَڄ لِياڪو، شرم نڪو ٿَئي شان !

ڇو ڪَرين ٿي مقابلو، نٿي هٽين نادان؟

ڇوٽو قد، بُري بيحد، بدشڪل بي ڌيان !

نڪي تنهنجو ڪنهن جاءِ ٺڪاڻو، نڪو مڙهه مڪان،

ڪريئين ٿي پُڙدَ پڌرا، ظاهر ساڻ زبان،

آءٌ ڪڇان ٿي ڪينڪي، تون هڻين تازا پئي تان !

”اميد علي“ امين ٿي. ٻُڌ ٻنهي جو ته بيان،

پوءِ ڪَل پوي ٿي ڪانه، ته ڪثر کڻندي ڪهڙي.

 

ٻيڙي

ڪثر اهي کڻنديون، جن جو واحد ساڻ وصال،

ڪهڙي لڙائي ”لغاري“ چئي، ٻَڌئي ٻيڙي سان ٻائيتال،

اِجهو چوري چَپ، چلم ! تنهنجي، ڪريان قيل مقال،

تو ۾ پِيل پاڻي پڌرو، ڪڍي ڪِنو جئن ڪلال،

ٽوپي جيڪا ٽانڊي واري، بيٺي آهي بحال،

تنهن ۾ چُغل چڱو ناهي، ڪندو زُهد جو زوال،

ڪهڙا ڪميني ! مثال، چلم تنهنجي چال جا !

 

چلم

چلم چڱي تو کان آهي، تون ته چَپران چَوڪ چَنڊي،

مُنهن تي سوڄي، کنگهه سوائي، ڀُڪ ٻڌين ٿي ڀنڊي،

ساهه جو چيڪو، لنگهي ليڪو، ڏس گردن ۾ گهنڊي،

اُڀ ساهيءَ جو لڳي هنبارو، ڦِڦڙ پون ڦُنڊي،

دمڪشيءَ جو چڙهي دورو، رُڳي لڏي پيئي مُنڍي،

ٻيلي ! ڪريو دوا دلبر جي، ڀَري ناڻي جي هُنڊي،

ڍؤ لڳي ٿو ڊاڪٽرن کي، جن ويٺي لڳي وَنڊي،

سچا موتي، معجون مفرح، شراب ڀريل بِرنۡڊي،

ڪراچيءَ منجهان ڪورس سُين جو، نه ته پارسل راولپنڊي،

هِتي گهرجي خوب خزانو، ٿَهِي نوٽن جي ننڍي،

ڪچو سَنۡکيو ڪم نه ڏيندو، جو ٿئي جان ٺَنڊي،

رمزن ڳالهه هئي رنڊي، اظهار سان ”اميد علي“ چئي.

 

سگهڙ

”اُميد علي“ امين ٿي، ٻُڌي ٻنهين جي گفتار،

ته سالڪ هڪڙي سخن کي، وينجهائِينِ وينجهار،

گهڻين ڳالهئين ڳوٺ نه ٻڌجي، ڪو ويراهو ويچار،

اڄ ڪلهه رسم رواج زماني جو آهي نرالو نروار،

سڀڪو راڻو پنهنجي راز جو، خود ئي خود مختيار،

ڇا تنهنجو ٻيڙيءَ چلم ۾، تون پنهنجي ڪر پچار،

جيڪي ڪندين سو ڪم اِيندئي، سالڪ پاڻ سنڀار،

هن دنيا جا دلدار ! تون قِصا ڪندين ڪيترا ؟

مناظرو ناس جي دٻلي ۽ چلم جو

(چيل مولوي نبي بخش ”نحيف“ جو )

]هن مناظري جي شروعات دٻلي ڪئي آهي. چلم کان ڪراهت ظاهر ڪندي، کيس گدلائي جو مهڻو ڏيئي چوي ٿي ته: تنهنجي ڏٺي منهنجو هنيون ڪچ ڪچ ٿو ڪري. ڏاڍا خار ٿا لڳنم، وس پڄيم ته ڪر ڀالا هڻانءِ، پر منجهايو انهيءَ ڳالهه اٿم جو تو کان ننڍي ٿي پئي آهيان. تنهن تي چلم چڙي جواب ٿي ڏئيس ته: ڏيڏريءَ جهڙي ! تون وري ڪا سهڻي آهين ڇا؟ هڪڙو ته تنهنجون واڇون ويڪريون، ٻيو تو ۾ ڌپ اهڙي آهي جو نعوذ بالله ! پوءِ به مون کي گدلو ۽ پاڻ کي پاڪ ٿي چوين ! اتي دٻليءَ هيڪاري ڪاوڙجي رد ڏنس ته: ملن مولوين ۽ اشرافن سان منهنجي جيءَ واٽ آهي، مون کي پنهنجي پڳ ۾ جاءِ ڏين ٿا. تنهن کان پوءِ آءٌ مسجدن جي مجاور آهيان. پر تو کي ماڻهو گهٽ سمجهي پٽ تي ٿا رکن ڇو ته تنهنجو  پير ئي دائري ڏانهن آهي. هاڻي ٻڌاءِ ته تنهنجو مان وڌيڪ آهي يا آءٌ ماڻهن کي زياده پياري آهيان. ان بعد ٻنهي جو جهيڙو وڌي ويو ۽ هڪٻئي کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳيون. تڏهن تماڪ اچي نڪتو، جنهن چين ته اوهين پاڻ ۾ نه وڙهو. اصل ۾ آءٌ ئي اوهان ٻنهي جو سينگار آهيان. تنهنڪري جيڪا جٺ ڦٽ ٿيڻ گهرجي سا مونکي.[

دٻلي

دم هڻي دٻليءَ چيو: ٿي چلم پاسيري پري،

تنهنجي گدلائي سبب منهنجو هنيون ڪچ ڪچ ڪري،

اي نڀاڳي ! تنهنجي سر تي باهه دوزخ جي ٻري،

ٿي وڃائين پاڪ پاڻي، جنهن کان ساعت نا سري،

ٿيون اچن مون کي جَڪَون، تو کي هڻان بڙڇيون ڀري،

پر منجهايو آهه مون کي ڳالهه جي هڪڙي ذري،

مان ننڍي آهيان وڏي تون، اي نڀاڳي نامور !

 

چلم

چلم يڪدم پئي چڙي، چئي: اي ڏهاڳڻ ڏيڏري !

پُر شڪايت تو ڪئي، بڪواس ڇا کئون ايتري؟

مجلسن جي مور آهيان، سڻج واڇن ويڪري !

عام توڙي خاص جي، مون سان محبت ڪيتري !

منهنجي بُڙ بُڙ جو عجيب آواز گويا بَينۡسري،

ناس جي آ باس تو ۾، ڇو هڻين ٿي گهيٻري !

مون کي گدلو ٿي سڏين ۽ پاڻ کي ڇو پاڪ تر؟

 

دٻلي

دانهن دٻلي کان وئي نڪري، چيائين: خير خير !

عيب منهنجا ٿي ڪڍين، آهين ڪميني ڪير ڪير؟

ڏس مُلن ۽ مولوين سان آهه منهنجو اير ڀير،

مان مجاور مسجدين جي، دائري ڏي تنهنجو پير،

پاڻ کٽ تي، تو کي پٽ تي، ٿا وهارين جئن ڏڦير،

آ شريفن جي سدا کيسن، پڳن ۾ منهنجو پير،

مان پياري آهيان يا تون؟ ٻڌائج سچ هينئر.

 

چلم

هي ڏهاڳا سڀ ٻڌي، ويو چلم جو چهرو ڦري،

چئي: ڪرين بُرڙي بکيڙو، ڳالهه تنهنجي ٿي ڳري،

ناس تنهنجي پيٽ ۾، پنهنجي فضيلت ڏس وري،

مغز ناسِيءَ جي ٻڌين ٿي، ناس جي ٺاهي ٿرِي،

’مان نه ڪنهن کي ٿي وڻان. توتي چُريون حُورو پري‘.

ته قيامت ياد ڪِينۡدئين جي لڳئي منهنجي گهَري،

هڪ سُڪل، ٻيو سِيٽ ڌارين، جُوت آهين ڪا چَٻر !

 

دٻلي

ڪوهڙي کامي وئي، ڪئي داڦَ دٻليءَ پڻ گهڻي:

چلم وارن جو اندر ڪارو ڪرين، ڄاڻي ڌڻي،

جي نه پَت توکي اچي، ڏس گوءِ پنهنجيءَ کي کڻي،

جي ڏسن پنهنجو اندر، توکي ڪندا پُرزا پَڻي،

ٿي اڃا ڀي اي بُري ! دورنگ دمڙا تون هڻي،

مان ڪيان ٿي ڪجهه ٺهيو، ڪا ڳالهه ڳت مون آ ڳڻي،

ته نه کِلايان هوند توتي، اي چري ! جنّ و بشر.

 

تماڪ

هي ٻڌي تن جو بَکيڙو، تُند ٿي آيو تماڪ،

چئي: وڙهو ڇو ٿيون ولهيون ؟ شل مُنهن اوهان جي هوءِ خاڪ !

ٻئي پليد آهيو، اوهان ڇا کئون سڏايو پاڪ پاڪ !

ڪم مون کي آڻيو ٻئي، پوءِ ڇو هڻو ٿيون ٻئي ٻٽاڪ؟

مان وچڙندڙ مرض آهيان، جت ڄمايان پنهنجو ٿاڪ،

آهيو بدعت ٻئي اوهين، ڪهڙا لتاڙيوَ ڪوٽ ڪاڪ !

بس ”نحيفا“ مس ڪيائون، ٿيون جڏهن بڇڙيون بَتر.

مناظرو چلم ۽ ڪؤنري جو

(چيل اسماعيل جو )

] هن مناظري جي شروعات چلم ڪئي آهي، جا ڪونري کي ڏسي چوي ٿي ته: اڙي ڪمبخت ڪير آهين؟ جواب ۾ ڪؤنرو چويس ٿو ته: انڌي ! اشرافن سان ائين سينو ساهي نه ڳالهاءِ، زال ذات ٿي ڪري مردن سان منهن اٽڪائڻ ڪمينن جو ڪم آهي. اتي چلم چويس ٿي ته: منهنجو مطلب مردن سان وڙهڻ ڪونهي، پر تون منهن ڪارو آهين، جو بدشد ٿو ڏين. ان بعد چلم ڪؤنري جا عيب ظاهر ڪندي چوي ٿي ته: توکي طهارت ۽ وٽ چيٺڻ ۾ استعمال ڪن ٿا ۽ تنهنجو ترو سدائين گند سان ڀريل هوندو آهي. ڪؤنرو جواب ڏئي ٿو ته: آءٌ مسجدن جو سينگار ۽ نمازين جو يار آهيان، هميشہ مسجدن ۾ رهان. پر تنهنجو ڪم رڳو موالين سان ۽ ويهين به سدائين اوتارن ۾. تنهنڪري آءٌ هر حالت ۾ توکان ڀلو آهيان. آخر ۾ چلم لاجواب ٿي ٿئي.[

تمهيد

اور نانءُ الله جو، من مؤن ڪڍي ميرُ،

چلم ڪؤنري پاڻ ۾، وڙهي پاتو ويرُ،

آهين ڪمبخت ڪير؟ چلم، ڪؤنري کي چيو.

 

ڪؤنرو

ڪؤنري چيو چلم کي، ڏمرجي ڏاهي:

اونڌي اشرافن سان، سِينو ڪيئن ساهي !

اها ڳالهه ”اسماعيل“ چوي، توکي واجب ناهي،

اهو ڪم ڪميڻين آهي، جو ڪن مردن ساڻ مقابلو.

 

چلم

مردن سان ناهي مقابلو، آهين ڪميڻو مُنهن ڪار،

مان ٿي ڪريانءِ ملاخطو، تون پٽي ڏين ٿو گار،

سُڃا ! صبر ڌار، نه ته پِڙ ڪنديسانءِ پڌرو.

 

ڪؤنرو

ڪهڙا پِڙ ڪندينءَ پڌرا، ڪانهي مون کي ڪَس،

مان تهدل آهيان تن سان، ڪهڙو ڏيندينءَ ڏس؟

حال ته پنهنجو پَس، جو ٻهِ ٽُنگي ! ٻوليون ڪرين.

 

چلم

ڪؤنرا ڪِنا، گند ۾ ڀِنا، تنهنجي تَري سان تعدي،

پلپل نيئي پُئِيءَ ۾، ڪن طهارت قاضي،

هردم هر جاءِ توسان، وَٽ ڌوئن نمازي،

بنائين ٿو بازي، ڪنديسانءِ جُٺ جهان ۾.

 

ڪؤنرو

ڪندينءَ ڪهڙي جُٺ، تون جهان جي آهين جوءِ،

اهڙي ڪنهن سان ڪين ٿئي، جهڙي ٿي آهي توءِ،

نَڙُ ٽُنبي نهائينءَ ۾، ٻي واري وجهنئي گوءِ،

بُڙڪِينۡ تنهن کان پوءِ، جڏهن پليت ! پَوئي پاڻي پيٽ ۾.

 

چلم

پليت چئو نه مون کي، ڪؤنرا ! ڌيان ڌَرُ،

ڳالهائين ٿو ابتو، اُونڌا ! اَدب ڪَر،

پٽيا ! ڪنديسانءِ پَر، جي اوتاري اچين منهنجي.

 

ڪؤنرو

تنهنجي اوتارن جي، ڪانهي ڪميڻي ڪاڻ،

مان مَرڪان مڪتب وچ ۾، ڀَلي ڀلارن ساڻ،

مِٺي ڇانۡوَ مسجِد جي، جت اچن پيارا پاڻ،

ٻُڏي ! هڻي ٻاڻ، تو وڌا موالِي مامري.

 

چلم

موالين سان مامرو، منهنجو اصل کؤن آهي،

وٺي وهارين وچ ۾، ٺاهه چڱي ٺاهي،

تن کي کير مکڻ مٺو ناهي، بنا محبت منهنجي.

 

ڪؤنرو

مُٺي ! محبت انهيءَ، آهن سڀئي تنهنجا سونهان،

وجهي ڪَيف ڪلور جا، دٻِي ڪڍنئي دونهان،

وڏيون هڻنئي ويهان، ته به سرخرو سڀني کي ڪرين.

 

چلم

ڪؤنرا ! تون ڪمبخت هَنۡيا ! آهين هالو،

تو ۾ پاڻي ٽِڪي ڪينڪي، پلپل ٿئين پالهو،

تنهنجو چڱو ناهي چالو، ڀيلا ! پيو ڀُڻ ڀُڻ ڪرين.

 

ڪؤنرو

چلم ! ڪمذات، ڪند فهم، تون اُبتڙ ڪين اَلاءِ،

پاڻي پاڪ ڌڻيءَ جو، ٿي بُڙُ بُڙُ ڪري ڦٽاءِ،

پئي ڌوڙ منهن ۾ پاءِ، ٿي مُلڪَن کي ماندو ڪرين.

 

چَلِي چلم جي ڪانڪا، ڪؤنري هنيس ڪان،

ڪؤنري تي قرب وڏو ڪيو، شريعت جي شان،

”اسماعيل“ وينداسي ايمان، ڪلمون جن جي قلوب ۾.

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

مناظرو ڪؤنري ۽ چلم جو

(چيل ڇتي فقير سانگي جو )

] هن مناظري ۾، تمهيد کان پوءِ، شاعر ٻن ٺڪرن (ڪونري ۽ چلم) ٺڙڪڻ جو بيان ٿو ڪري، جهيڙي جي شروعات ڪؤنري کان ٿي آهي، جو چلم کي ڌڪاري ٿو. جواب ۾ چلم به چئيس ٿي ته: توکي ڪنهن هت گهرايو آهي، جو اچي مون سان ٽڪريو آهين. ڪؤنري ورنديءَ ۾ چيس ته: مون سان گهڻو نه ڳالهاءِ، ڪتابن مان يا پاڙي وارن کان پڇي ڏس ته ڪنهن جو شان وڌيڪ آهي. چلم، ڪ‏ؤنري جا ويڻ ٻڌي پنهنجي سڳي عزيز حقي کي سڏ ڪري ڪؤنري کي گهٽ وڌ ڳالهائي ٿي. پر ڪؤنري ٻڌايس ته: منهنجون مجلسون عالمن سان آهن ۽ منهنجو گذر مسجدن سان آهي. تون پنهنجن مائٽن تي نه ڪڏ، ڇاڪاڻ ته منهنجا واهرو وريا ته پوءِ تون پڄي ڪانه سگهندينءَ، اتي ٻئي ڄڻا پنهنجو فيصلو ”ڇتي فقير“ وٽ کڻي ويا. جنهن ڪؤنري کي حق تي چيو. چلم انهيءَ فيصلي تي راضي نه ٿي ۽ پنهنجي برادريءَ جي چڱي مڙس ”مٽ“ وٽ اپيل کڻي وئي، جنهن جملي شاهد گهرائي بيان پڇيا. پر فيصلي ٿيڻ کان اڳ، ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. آخرڪار ”مٽ“ فيصلي جي امانت ’جام جمشيد‘ تي رکي، جنهن چلم کي ڏوهي ٺهرايو. ان بعد سڀني پاڻ ۾ ڀاڪر پائي صلح ڪيو.[

تمهيد

ساراهيان سو ڌڻي، جو آهي عالمن الله،

جنهن پيدا ڪيو مهربان، مرسل مٺو شاه،

ڏاتيون هٿ ڏاتر جي، آهي مرضيءَ جو بادشاه،

سڀڪو خوش گهَرن ۾، توڙي گدا شاه،

آهي هيڻن جو همراه، هر ڪو خوش پنهنجي حال ۾.

 

هرڪو خوش پنهنجي حال ۾، ڏس ڏاتر ڪيو ڏاءُ،

ٻه ٺڪر ٺهڪيا پاڻ ۾، جان ”سانگي“ ڪري سماءُ،

ڪؤنري، چلم پاڻ ۾، ڪيو اَبتر ويڻ اَلاءُ،

ڪاوڙ ڪؤنري کي لڳي، چئي: لاتو رن رياءُ،

چئي: مور نه توسان مائٽي، ڪا اصل اسان جي آءِ،

ريءَ اِجازت آءُ، ڪُٻا ! توکي ڪنهن چيو‘؟

 

ڪؤنرو

ڪُٻي ڪڍي ڪست مان، ڏنو جنگ جواب،

ته کُهِيَل توکي کڻندي آ، سڙي ! ڪونه ثواب،

پاڙي وارا پُڇ وڃي، ڪو قاضيءَ کان ڪتاب،

ته ٻه ٽي جهلين ٿي ٻوٿ جا، آهي بيشڪ تنهنجو باب،

اهڙو عزت آب، رن ! اٿئي علمائن ۾.

 

چلم

پهرئين ويڻ وڍي وڌي، گهُور ڪيائينس گهاءُ،

ساري سُڏڪِي پنهنجا، پئي مائٽ مِٽ سڳا،

ته: حقا ! هن وقت ۾، تون ادا ڪاڏهون آءُ،

ڪَر ! ڀڃندئي ڪوپري، جنهن جو اٿئي نَڙ بلغاري ناءُ،

ٽوپِرَ ! ٽَرندئي ڪينڪي، جن کي نه اٿئي سڌ سماءُ،

پوءِ صُبح انهيءَ سِراءِ، توکي چٿائينديس چڱيان ڪري.

 

ڪؤنرو

ڇا چٽائيندينءَ چڱيان ڪري، تنهنجو گَري ! ناهه غرض،

اسان جي مجلس مسجدن ۾، جتي پڙهن فائق فرض،

اهي اٿڻ سان اُٿي ڪري، ٿا ڪن آگي کي عرض،

پوءِ لَنڊِي ! ويهه لَرز، ٿي بي قربي  ! باتيون ڪرين.

 

چلم

ماريا ! ٻُڌ ڪُڙم اسان جو، هڪڙا ڪُپا ٻيا ڪينگر،

آهن ڀائر دين جا، هو ڪوپا قداور،

اسان کي مڃين اهي، جن کي ٺولها ۽ ٺڪر،

اچڻ سان انهن کي، ڍوئايان اڱر،

ناهن حاضر هتڙي، نه ته وِيرَ لاهنئي وَرَ،

هاڻي ڀڄي پري ٿيءُ ڀَر، نه ته لاهيندئي هاج هٿن سان.

 

ڪؤنرو

ڪُڏ ڪِين ڪينگرن تي، توڙي اٿئي مِٽ سَڪا،

اسين انهن کي مسجدن ۾، وجهون ڌوڙ ڌِڪا،

جهلينِ ٿڪون جهان جون، وڃي ڪُنڊن منجهه لِڪا،

اسين پڙهيا آهيون پڪا، پڻ ڪوڏيا ڪچهرين جا.

 

چلم

مرڪج ڪين مٿڀرو، مان آهيان ڪچهرين سونهن،

مون کي راڄ ويهارين وچ ۾، پوءِ ويهي ڪن ورونهه،

منهنجي ڪاڻ مجلس ۾، ٿا دود دکائين دونهن،

تون گهٽ آهين گُونهن، ٿو بَدُو ! بي آبو ڪرين.

 

ڪؤنرو

آب اسان کي اصلي، ڏاتر ڏنو آهه،

توکي گوءِ گپائين گَٺِ ۾، ٻيو نَڙ نواءِ،

ٽوپي ڀري ٽانڊن جي، ٿا بانڪا ٻارينئي باهه،

سمجهين ڪين جُٺين سان، تون ويٺي ڇائي پاءِ،

پوءِ ٿُڪن کان سواءِ، ٿي ڳهيلي ! ڳٽڪارا ڪرين.

 

چلم

مان ڳٽڪان ۽ ڳالهائيان، منهنجي لهندي هينئڙي هور،

مون کي ڇڪينِ خان کٽن تي، ڪن مجلس ڏاڍي مور،

تون هوندين جتين جي جاءِ تي، چغل، ڪچهريءَ چور،

هو وتن ’ڪؤنرو‘ ’ڪؤنرو‘ ڪندا، تون لڀين ڪونه لغور،

هٿن ڌوئڻ مهل حاضر هوندين، لنگها، لوري لور،

ڀڃي ڪنديسانءِ ڀور، پٺ پليت چُرڻ سان.

 

ڪؤنرو

مان چپ پليت چڱو، پت تون مَناهڻ (1) موڳي،

اسان هٿ ڌئاريون پيرن فقيرن جا، ڏاڍي سان خوبي،

توکي شريت وارن، ڪڍي ڪيو جٺ جوڳي،

انهيءَ شوخيءَ شِيڪي سان، آهين دوزخ جي ڪوڏي،

ٿي هوڏ هَڻين هوڏي ! تون کوٽِي خدائن سان.


* . هن مناظري جي روايت اُتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان ”آصف“ کان ملي.

. مولوي نبي بخش ”نحيف“ زرداري........... آهي. اٽڪل 1921ع/1340 هه..........

* . هن مناظري جون ٻه روايتون اتر مان غلام قادر (تعلقو ميرو خان) ۽ غلام رسول جتوئي (تعلقو وارهه) کان مليون.

. سوانح عمري معلوم نه ٿي سگهي آهي.

* . هن مناظري جون روايتون اتر مان احمد خان ”آصف“ (تعلقو ڪڪڙ) ۽ غلام نبي (تعلقو ڏوڪري) کان مليون.

. سوانح عمري لاءِ ڏسو حاشيہ ص 45.

(1) . مناهڻ= منع ڪيل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org