سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناظرا

باب: -

صفحو :22

سانڊو

ڪولهي ڀڃندا ڪينڪي، جي مٽجي پيو مَٿير،

جنهن کي لڳو پُڇ پاسي ۾، ته جتي مٿو اُتي پير،

اَنۡهِر، ڪڇي (4) اڌ ماڻهو، مون ڪاهي ايندا ڪير؟

ڏسي پنجابي پري کان، پويان وٺندا پير،

مردن کي مُلڪ ۾، سُجهي ٿو هيءُ شير،

آءٌ سڏائي سانڊن کي، وڙهي وٺندس وير،

ڇتي ! نه مون کي ڇيڙ، نه ته ٿي ڪولهي سڀ ڪٽائين.

 

سانڊي

ڪولهي ڪين ڪُٽيندين، توکي اهو ’موتي‘(1) ماريندو،

گُڏي توکي گلول سان، نهوڙي نيندو،

آنڊا، بُڪيون، اوجهري، تنهنجو پُڇُ به پٽيندو،

’ڀارو‘ (2) تنهنجي ڀاڄي ڪري، کُرڙي کائيندو،

پِٽيا ! تو پوندو، تڏهن قدر ڪنوار جو.

 

سانڊو

ڪتي ! قدر ڪهڙا ٿي، مون سان ڪرين مذڪور،

آءٌ سهي سهان ڪيترا، سانڊي ! تنهنجا سُور،

سڄو ڏينهن سنئين ڳاٽ سان، گهمين ڪريو پُڇ ٽُور،

اچي ويهان تنهنجي اڳ ۾، تون مون کي ڏسين نه مُور،

ٿو ڀانيان مون تان خيال کڄي ويئي، تڏهن ڌڪيو ڇڏين دور،

لڳي اٿئي لَنؤ ’لَڌُو‘ (3) سان، جنهن جو ڪُني جيڏو ڪَپُور،

وڃي ڪڍاءِ پنجابيءَ مان پُور، مون سانڊيون سَوَ جُڙن ٿيون.

 

سانڊي

توکي سانڊيون سَو جڙن ٿيون، پر مون مان ڪيئي مذاق،

هونهين بَد ڀرين ٿو، ويهو عشق جي اوطاق،

آءٌ سڀ ڀاءَ ڪري ڀانيا، جي اچن هاري ٿيو هلاڪ،

ٻٻر هيٺ ’ٻروچ‘ کي، هيءُ وڃي پيو ويساک (1)،

قسم ڏيئي پڇ ڪانگتڙي کان، منهنجي ڏيندو ساک،

مون کي مدي ناهي من ۾، ڄاڻ ربّ رزاق،

هاڻي ماڪو پَوئِي ماڪ، تو کرو کڻي کِلايو.

 

سانڊو

تو پاڻهي کَرو کِلائيو، ڪري بڇڙي بد نظر،

ٻيو دٻايو ٿي دڙڪا ڏئين، مون کي زال ويهو ذر ذر،

ته ڪولهي ڀيل ڪُٽيندا، جيڪي ڪڇي ماڻهو ڪانئر،

مون هت ڪئين خان کپايا، منهنجي ڪنهن تي ناهه نظر،

مهنجي واحد مهندا واهه گرو، جو ڪُل مٿي قادر،

آءٌ مُڙيو وڃان ماٺ ڪريو، ٻيو ننگ سڃاڻيو نر،

سانڊي کان سڀڪا ٿي، تون سَتِي ڪر صبر،

چُپ ڪريو ويهه ”چانڊيو“ چئي، ڇو هُل ڪرين هر هر،

ڀوري ! ڀاڳ ڦٽو اٿئي، اهڙو وري نه ملندءِ وَرُ،

ٿي هَٿ ٻڌي حاضر، اچي پرچ پرين سان.

 

شاعر

پرين پرتا پاڻ ۾، ڪيو سانڊي سائو رنگ،

لکيل هئو لوح محفوظ ۾، عاشقن سندو انگ،

موليٰ تن مَردن جو، تو ننگيءَ مٿي ننگ،

قادر ! تنهنجيءَ قدرت جو، ڪو داتا ناهي دنگ،

هاڻي آزي ڪر ”عثمان“ چئي، مهر ڌڻيءَ کان منگ،

توبهه ڪئي تنگ، پڙهه ڪلمون ڪوڏ ڪريم تي.

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

مناظرو ڏيڏريءَ ۽ ڪانءَ جو

(چيل محمد جو)

]هڪڙو ڪمزور ڪانءُ کوهه تي اچي ويهي ٿو، ته هيٺان ڏيڏري کيس ڀڄائڻ لاءِ هڪل ڏئي ٿي. اوچتو ڪانءُ جي نظر وڃي مٿس پوي ٿي ۽ هو ڏسڻ سان عاشق ٿي پوي ٿو. ڏيڏريءَ کي چوي ٿو ته: اي ڏيڏري ! تنهنجو ٽرڪو ڪونجن جي ڪرڪي جهڙو سهڻو آهي، هاڻي آءٌ هتان مور نه ويندس، جو تنهنجي اکڙين جي دام ۾ قيد ٿي پيو آهيان. ڏيڏري جواب ڏئيس ٿي ته: اڙي ڪنا ڪانءَ ! تون مون کي ڪونج نه چئو، جو ڪونجون سدائين روهه ۾ رلنديون وتن. آءٌ ٿڌيءَ ڇانءَ ۾ ويٺي آهيان، تنهن کان سواءِ عشق ڪمائڻ سولو نه آهي، مون ڪئين عاشق ڪهي ڇڏيا. اتي ڪانءُ وري به کيس پنهنجي محبت جو يقين ڏياري ٿو، ان تي ڏيڏري ٽانءِ ۾ ڀرجي پاڻ کي حور ۽ پريءَ سان مشابهت ٿي ڏئي. اتي ڪانءُ کيس ڪوڙي چئي اُڏامي وڃي ٿو.[

تمهيد

ساراهيان سچو ڌڻي، جو آهي ربّ غفور،

آهي مرسل مصطفيٰ، نبي سارو نُور،

ڏيڏري ۽ ڪانءَ جو، ٻُڌو هيءُ مذڪور،

آهي ڪل ٻيو ڪوڙ، سچو نانۡءُ صاحب سندو.

 

ويٺو هئو کوهه تي، ڪوڏ منجهان ڪانگل،

هيٺان هيئن هڪل، ڏنيس ڏاڍيان ڏيڏري.

 

ڏيڏري

چئي: ڪارا ڪوجها ڪانوڙا ! تون ڪيئن آئين کوهه؟

نازڪ ڏسي ننڊ ۾، ويٺي ڪَيَئه ورونهه !

اسين سهڻيون آهيون، جيئن ڳاڙها پَنَن ٽُوهه،

ريلو ڏنئي روح، توکي ٻاڻ ٻجهائيو.

 

ڪانءُ

مون کي ٻاڻ ٻجهائيو، تو سان لڳم نيهن،

چُڳان پُڳان ڪينڪي، سُڪان سارو ڏينهن،

وسندو سانوڻ مينهن، سِر نيندوسانءَ سَٽ ۾.

 

ڏيڏري

سِر نيندين ڇا سٽ ۾، ڪانءَ ڪميڻي ذات !

نڪري وڃ نا محرم ! تنهنجي ناهه اسان سان بات،

متان پَوئي رات، ڏيڏر مڙني ڏيهه جا.

 

ڪانءُ

ڏيڏر مڙن ڏيهه جا، مر وڃن کائي،

دلڙي تنهنجي دام ۾، اکين اٽڪائي،

سانول ! تو وائي، ڪَر ڪين پيئي ڪونج جان.

 

ڏيڏري

ڪونجون مَٽ نه منهنجي، تون ڪوڙ هڻين ٿو ڪانءُ !

هُو ٿيون رُلن روهه ۾، اسان ويهون ٿڌيءَ ڇانءَ،

جيڪي نيهن ڳنهندا نانءَ،سي ڪئين ڪُٺاسين ڪانوڙا !

 

ڪانءُ

ڪانوَن جي ڪهڻ جو، توکي چري ناهه سماءُ،

چيٺ ته چڱائي پوئي، مڃ عاشق جي آهه،

پيارِي ! ڪر پرچاءُ، آيس پري کان پنڌ ڪري.

 

آيس پري کان پنڌ ڪري، آندو مون ناڻو،

گهميس پئي راڄن ۾، ٿي راڄن جو راڻو،

مومل ! ڇڏ ماڻو، ڏاهي ٿي ڙي ڏيڏري !

ڏاهي ٿيءُ ڙي ڏيڏري ! ماڻا مور نه ڪر،

کپي ويندس کوهه تي، ويندس مور نه گهر،

اها اصلئون پَرِ، ته عاشق ڪنهن نه اُٿاريا.

 

ڏيڏري

عاشق اڳ ٿي گذريا، تون ڪوڙو آهين ڪانءُ،

دغا تنهنجي دل ۾، ڏاهپ رکين ٿو ڏانءُ،

جي ڇڏي اچان ڇانءَ، ته چهٽي وڃي چنبن سان.

 

ڪانءُ

چُهٽان ڪين چنبن سان، تون منهنجو رک مانُ،

ڳالهائڻ تنهنجو ڳُڻن جو، وڏو تنهنجو شانُ،

آءٌ به آهيان خان، چئو نه ڪميڻو ڪانءَ کي.

 

ڏيڏري

چئجي ڪميڻو ڪانءَ کي، ڪني اوهان جي پَر،

ٽُڪر ڦريو ٻارن کان، ويهو تن جي گهر،

تيلاهون ويتر، نُهنڊون ڏيونِ نراڙ تي.

 

ڪانءُ

نُهنڊون ڏيُون نراڙ تي، جو مالڪ تن مارين،

هڪلي ڪڍن هَرن مان، آڀُون کائڻ نه ڏين،

اهي ڳالهيون ٿيون ڳارين، ماريون تڏ معصوم ٿا.

 

ڏيڏري

ماريو معصومن کي، ڪوجها ڪِنا ڪانءَ !

ڦاسائيندوَ مالڪ تن جا، ڪري ڏاهپ ڏانءَ،

مور نه ڏسندؤ ڇانءَ، پيا سُڪندئو اُسن ۾.

 

ڪانءُ

مر پيو سُڪان اُسن ۾، من رحم پوئي ڪو روح،

ڏي دلاسو دل کي، اچي من ورونهه،

ڏئي لغڙ جان لُوهه، کڻي ويندوسانءِ کوهه تان.

 

ڏيڏري

ڇا کڻي ويندين کوهه تان، مان ناهيان ويڳاڻِي،

سڀڪو ساري صاحب کي، ٿيندم ربّ ساڻي،

توڙي ڪانويلي آڻِي، ته به سوگهي آهيان سرن ۾.

 

ڪانءُ

جي تون سوگهي سَرن ۾، ته مان ويندس ماڳ مَرِي،

ڏي دلاسو دل کي، پوي هيانءُ ٺَرِي،

منهنجي ڪين سَرِي، ڏسڻ ٻاجهئون ڏيڏري !

 

ڏيڏري

ڏسڻ ڏيڏرين جو، توکي سڙيا ناهه سماءُ،

اسان جو پڙلاءُ، پَرين حُورن وانگيان.

 

ڪانءُ

پريون پنهنجي هنڌ تي، تو ڪيڏو ڪوڙ ڪهيو،

توبہ ڪيم تو ڪوڙيءَ کان، ٺاهه نه ڪو ٺهيو،

ائين چئي ڪانوَڙو، رمندو پوءِ رهيو،

ڪلمون جن ڪهيو، تن تي مهر اُٺي ”محمد“ چوي.

 

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

مناظرو ڪانءَ ۽ ڏيڏريءَ جو

(چيل مولا بخش تنيي جو)

]هن مناظري ۾ شاعر، ڳوٺ ٿرڙي جادو شهيد، تعلقي قنبر جو هڪ خيالي واقعو بيان ڪيو آهي. هڪڙو ڪانءُ، ڳوٺ جي ٻاهران کڏ جي ڪپ تي اچي ويهي ٿو ۽ ان کڏ ۾ هڪڙي ڏيڏريءَ تي عاشق ٿي کيس ڀڄي هلڻ جي صلاح ڏئي ٿو. پر ڏيڏري جواب ڏئيس ٿي ته: آءٌ هتي سکي ستابي، پنهنجن ٻچن سان گڏ، الله جي ذڪر فڪر ۾ مشغول آهيان. تون ڪارو ڪنو؛ تو جهڙا ڪئين مون موچڙا هڻائي مارائي ڇڏيا. ان جي جواب ۾ ڪانءُ به کيس گهٽ وڌ ڳالهائي ٿو، پر ڏيڏري سندس عيب ٻڌائي کيس لاجواب ڪري ٿي ڇڏي. ڪانءُ ته به پنهنجي ضد تان نٿو لهي. اهائي وائي وات اٿس ته: توکان سواءِ موٽي ڪونه ويندس، تنهنجي عشق ۾ اتي ئي مري ويندس. اتي سرائي بابو تنيو اچي ٿو لنگهي، جنهن ڪانءُ کي هدايت ڪئي ته: ڏيڏريءَ جي پچر ڇڏي هليو وڃ، جو هن کي اسان پاڻ هتي ويهاريو آهي. ته به ڪانءُ ضد تان نٿو لهي، پاڻ ڏيڏريءَ کي مارڻ جا گهاٽ گهڙي ٿو. آخر سرائي کيس ڪوڙڪي ۾ ڦاسايو پر وري قياس ڪري ڇڏي ڏنائين. آخر ٽنهي جو پاڻ ۾ پرچاءُ ٿئي ٿو.[

 

تمهيد

قصو ڪانءُ ۽ ڏيڏريءَ جو، شاعر ويهي ٺاهيو،

راهه وٺو رسول جي، جنهن اڳتي هلايو،

ساڻ مدد سيّد جي، ”تُنيي مولڻ“ ويهي بنايو:

ته ويٺو هوس ’عارب‘ جي گهر، ته اُڏرندو ڪانءُ آيو،

لَنوين لَنوين لهي پيو، جنهن ڏيڏريءَ سان ڳالهايو،

پوءِ شاعر ويهي ٺاهيو، وڻ هيٺان واهه تي.

 

پاڻيءَ سندي ڏيڏري، پاڻي ۾ پوڪاري،

وٺيو نالو ڌڻيءَ جو، ويٺي ٽِيڪاري،

ڪانءُ به آيو ٻاهران، ڏيڏريءَ کي ساري،

لهي ويٺو عارب فقير جي سرنهن تي، ڀاڙي خان ڀاڙي،

چيائين: ڏيڏري ! ڏاهي ٿي، ويهه نه وساري،

نڪري چڙهه پُٺيءَ تي، ته هلانءِ اُڏاري،

مِٺو پاڻي جبل مُلڪ جو، خوش ڪيانءِ پياري،

توکي مان ساري، مُٺو پيو آهيان تنهنجي ملڪ ۾.

 

ڏيڏري

ڏيڏريءَ چيو ڪانءُ کي: اُٿِي هتان ڀاڙيا !

نه ڏي نَرو هتي، ڪانوَ ڪميڻا ماريا !

مان الله جو نانءُ وٺي، ويٺي پوڪاريان،

پنهنجن ٻچن کي پاڻ ئي، ويٺي سيکاريان،

ڪين ڪڏهن ڌڻيءَ کي، پنهنجي واتان وساريان،

دل منهنجي درياءُ سان، پئي ٿي ٻچڙا پاليان،

آهيان غريب اصل کان، پئي ڏينهڙا گهاريان،

تو جهڙا ماريان ! سوين هڻي موچڙا.

 

ڪانءُ

ڪانءُ چيو ڏيڏريءَ کي: اڙي هتي ڇا اٿئي؟

ماڻهو شهر ٿَرڙِيءَ جا، سخت ڏنگا ڪُل ئي،

ايندءِ وهنجڻ ڪُور ۾، وٺي راند کيڏندئي،

ويهڻ ڪينڪي ڪُور ۾، ٿرڙي جا تُنيا ڏيندئي،

ٺاهي مٽيءَ جا لاپوڙا، محمد ميربحر وارا هڻندئي،

پوءِ ڄنگهه کان ڦيرائي هڻندئي، جو سڄي پوندينءَ ڏيڏري !

 

ڏيڏري

ڏيڏريءَ چيو ڪانءَ کي: مان ڪهڙو ڪيو ڏوهه؟

اهڙو ته اڄ ڏينهن تائين، ڪيو ڪنهن نه ڊوهه،

موچڙا جهلينِ ڪانويليون، ڪُني مٿان اندوهه،

پِٽيو، ڪُٽيو هليون وڃن، اوسرا کڻي پوءِ،

اَڃا اُڏي گهر وڃين، ته ٿُڪان هڻنئي جوءِ،

اهڙو ظلم پوءِ، ڪنهن سان خدا ڪين ڪري.

 

ڪانءُ

مون کي ڳالهاءِ ڪينڪي، مان آهيان جنگ جوان،

توکي چئي مان ڇا چوان، جو تو وٽ آهيان مهمان،

تون انڌي ڏي قرب مون کي، آهيان پکين ۾ خان،

ڪڙمي ڪاري سڀئي، ڏين عزت ۽ مان،

سڀني ڏي هليو وڃان، ٿي مڙني جو مهمان،

مون تي سڄي ملڪ جا، پکي پکڻ حيران،

منهنجو نالو ڪير وٺي، آهيان جنگ جوان،

پنهنجي مُلڪ جبل ۾، آهيان وڏو خاندان،

تون ڏس ڌري ڌيان، ته جوان، وڏو آهيان جڳ ۾.

 

ڏيڏري

تون جي جوان آهين، نڌڻڪي مان به ناهيان،

راڄ ڀاڳ واري، ڪانگل مان آهيان،

نڪري ايندس ڪينڪي، گهرڙا ٿي ٺاهيان،

دُعا اٿم الله جي، سُڃِي ڪين آهيان،

آهيان گَرڙي، ڪارڙي، سهڻي ڪين آهيان،

ٽُٻيون ڏيئي ٽهڙي جان، لِڱڙا ويٺي ساهيان،

نڪرڻ جهڙي ناهيان، جيتر اٿم حياتي ڏينهڙا.

 

ڪانءُ

ڪانءُ چيو ڏيڏري کي: مون کي آهين پياري،

ماري وڌو تنهنجي، قرب قَراري،

هڪ ٻوليون ڪرين مٺڙيون، ٻي ورتئي دل پياري !

سڄي آهين سونَ جي، سهڻيءَ صورت واري،

هاڪ تنهنجي حسن جي، خدا کينڊاري،

مان حيران هوس تو لاءِ، مس خدا آنۡ ڏيکاري،

هاڻي ٽپو ڏيئي نڪري اچ، اٿئي ربّ قهاري،

ٻيا به مٿان اٿئي مَلڪ خدا جا ماري،

ڏس پنهنجي خدا ڏي، ڪر نه قيام ڪاري،

توبهه ڪر زاري، ڇڏ وڏائي هٺ کي.

 

ڏيڏري

ڏيڏريءَ چيو ڪانءَ کي، اُٿي هتان ڪارا !

ڊوهه تنهنجي دل ۾، ڏئين مٿان جهارا،

ڏسين ٿو ٻلي جان، شل هچا پوئي هچارا !

چاقو هڻي اکين ۾، ڪڍي نه وٺانءِ تارا،

زال ڏيئي ٻين کي، هِت ٻَڌا اٿئي چارا،

وتن ملڪ رلنديون، ڪمينيون سارا،

شرم اٿئي ڪونه ڪو، بيهودا بيڪارا !

روئاڙين ٻار اَنڌا اچيو، ننڍڙا ويچارا،

کسيو ٽُڪر تنين کان، ڪندا اچو ڪانگارا،

آهيو اندر ڪارا، ڪانۡو ڪميڻا ڪُل ئي.

 

ڪانءُ

ڪانءَ چيو ڏيڏريءَ کي، ٽوڪي ڪر نه ڪارو،

کائين پرائي گهرئون، رڳو پَئي اُڌارو،

پوءِ قدر توکي ڪهڙو، جو ڪارو آ ڀلارو،

ڪارو جوڙيائين آسمان، جنهن ۾ چمڪ چوڌارو،

ٻيو اَٿئي اکين ۾، ڏس ڪارو تارو،

مون کي، ٻين سڀني کي، ڪهڙو نه آهي پيارو،

ڏيڏري ! وڌ مان آهيان، ڪُلنِي کان واڌارو،

تنهنجي سِر اڳيان رڳو آهيان ويچارو،

ويٺو هوندس واهه تي، سانوڻ ۽ سيارو،

لهي پوي پارو، ته به ٿڙڪان ويٺو ٿرڙيءَ ۾.

 

ڏيڏري

ڏيڏريءَ چيو ڪانءَ کي، آهين مون کان زور،

شڪل به تنهنجي سهڻي، ٻيو آهين مهانڊي جو مور !

کَنڀ کُٿل تنهنجا، آهين سڄو نور،

لولا ڦرين ٻارن کان، ٻيو ڪُنن جو آهين چور،

ڪانءُ توکي ڪنهن ڪيو، تون ڪتو آهين ڀونۡرُ،

بلا آهين بڇڙي، ٻيو جهنگ جو ڄڻ سورُ،

هتان اٿي هليو وڃ، دل تي ڪيو اٿئي تورُ،

سڀ کان اٿئي زور، ڏاڍي ذات خدا جي.

 

ڪانءُ

ڪانءَ چيو ڏيڏريءَ کي، هِتان اٿندس ڪين،

جيتر ٺاهه نه ٺاهيندو، وڏيري حمزي جهڙو امين،

ويٺو آهيان واهه تي، جهليو زور زمين،

ٻڌ منهنجي دل سان، سچ جي هيءَ بِين،

پڙهان ويٺو سُور جي، سڳوري ”يٰسين“،

پاڻ لڄائيندس ڪين، شل تنهنجي ڪکن تان قربان ٿيان.

 

ڏيڏري

ڏيڏريءَ چيو ڪانءُ کي، اٿي هتئون ڀاڙي !

ڇا هي ماريا مون ۾، ته پٽيانءِ نه ڏاڙهي،

وجهي هٿ ڳٿِر ۾، ڪڍانءِ نه ککاڙي،

هڻين ويٺو هِتَڙي اجائي ڄاڙي،

تپائي ڏنو تو آهي، مون کي ڏهاڙي،

کڻي ڪهاڙي، ڪپي نه وجهانءِ ڪنڌ کي.

 

ڪانءُ

ڪانءَ چيو ڏيڏريءَ کي، سوال منهنجو سڻ،

ٻُڌ ٿورو تون انڌي ! ڳالهه منهنجي جوڳڻ،

آءٌ چوانءِ سچ ٿو، سو ته تون به سڻ،

ڪڏهن وٺ مون غريب جو، ڪو ڏيڏري ! چوڻ،

پئي آهين پاڻيءَ ۾، ڪونهئي ڪو لڇڻ،

اٿئي ته اهو ٻُڌڻ، وڌيڪ ڇا چوانءِ ڏيڏري !

 

ڏيڏري

چئي ڇا تون چوندين، تنهنجو چوڻ اجايو،

منهنجو رهڻ ٿرڙيءَ ۾، مون کي خدا آ بچايو،

کائي پي هرڪو ويو، موٽي ڪونه آيو،

اهڙا ڏٽا مون نه ڏي، ڪونهيم ڪو رايو،

هاڻي ساجهر ڪر سعيو، وڃي ويهه وڻن تي.

 

ڪانءُ

وڃي ويهان وڻن تي، مون ڏي منهن ڪڍي نهار،

پري آهي پاڻ کان، ٻيو پاڻي وهي ٿو تار،

تڏهن ٿي مهڻا ڏئين، ٻيو ٽٻيون هڻي ٿئين غار،

ڳوليان مان تو جهڙيون، اها منهنجي ڪار،

هڻي چڪ چهنب سان، ڪريان ٽڪر چار،

ڏيڏري ! تنهنجي سِر جي، ڏاڍي آ درڪار،

هاڻي ٿيءُ خبردار، ڪڏهن ڇڏيانءِ ڪينڪي.

 

ڏيڏري

ڪڏهن ڇڏيندين ڪينڪي، ڇا ڪنا ڪندين تون؟

لکيل حق منهنجي ۾ ته لوڙڻو آهي مون،

ڇڏ ٽيڪو، ڀڄ ڀاڙيا ! گوڙ نه ڪر تون،

اٿئي ڪاٺي ڳئيءَ ۾، وڃي زور لائي تون،

کنيو وتين هيٺئون مٿئون، بانس ڪني بُونءِ،

هاڻي اٿي هتان تون، نه ته کائيندين کوسڙا دل کي.

 

باگو

باگو به پنهنجي کوهه تان اُٿيو، ٿرڙيءَ ٿي آيو،

جنهن اچي ڪُور تي، بيهي ڪانۡو سان ڳالهايو:

تو نڀاڳا ڪانۡو ڇو ڏيڏريءَ سان جهيڙو لايو؟

هاڻي ساجهر ڪر سعيو، ڇڏي ڏي ڏيڏريءَ کي.

 

ڪانءُ

ڪانءَ بيهي ڪُور تي، باگي سان ڳالهايو:

مان ماريان ٿو ڏيڏري، جنهن آهي مٿو کپايو،

تون به ڪر ڀڄڻ جو سعيو، ڪانءُ پيدا ٿيو اٿئي ڪُورتي.

 

باگو

باگي چيو ڪانءَ کي، تون آهين وڏو ڀاڙي،

ڪيتري نه ڏيڏريءَ سان، تون هڻين ٿو ڄاڙي،

ڏيڏري هت اسان کڻي آهي پاڻ ويهاري،

نڪي انّ کائي اسان جو، نڪي پئي پاڻي،

سڄو ڏينهن فراق ۾، آهي ويٺي ويڳاڻي،

تون ڪئن ڄاڻي واڻي، ٿو هتان کڻي ڏيڏري.

 

شاعر

سِرائي باگي کوهه تي، هڪ لِڪي دام ڌريو،

ڪانءُ انهيءَ هنڌ تي، ويهي هو کَريو،

ڪندو هو ڪانگيرو اتي، صبوح سويرو،

اڃا ويهي ڏنائين ڦيرو، ته ڦاسي پيو ڦڪل سان.

 

هٿ اچي ويو باگي جي، ڏنائين سورن سنديون خبرون !

چيائين مون سان ٿيون، ڪهڙيون زور ۽ زبرون،

ساهه سڪ ۾ ڏيڏريءَ جي، آهن ڏيل ڏهڪارون،

جي ڏيندين تون مارون، ته به پچر نه ڇڏيان ڏيڏريءَ جي.

 

سڪ ۾ سڪايل آهيان، اڙي سرائي باگا !

تڏهن ڪريان ٿو ڪُور تي، هر هر ويهي واڪا،

ته من پوي سڄڻ کي، ڪهل ڪُٺل تي ڪا !

ڪڍان ٿو فاقا، ملڻ واسطي محب جي.

 

باگي کي هن حال تي، قياس ڏاڍو آيو،

ڇڏي ڏنائين ڪانءُ کي، سمجهي جهلڻ اجايو،

هن رنجايو ڏيڏريءَ کي ۽ ڏاڍو ستايو،

وري سنبري ڪيائين سعيو، وٺان ضرور ڏيڏريءَ کي.

 

باگو

باگي چيو ڪانءَ کي: ادا ڪانءَ آءُ !

ته ڪيون قرب منجهان، سُٺو ڪو ٺهراءُ،

ڀاڙيا ! پنهنجي سِر جو گهر مالڪ کان بچاءُ،

باگو نالو اٿئي منهنجو، جهٽ ڪڍانءِ نه ساهه،

هاڻي ڄاڻي هڪ الله، ڪونه ڇڏيانءِ ڪُور تي.


(4). اَنهر، ڪڇي = ذاتيون.

(1) . موتي ڪولهي جو گلول سان سانڊا ماريندو هو.

(2) . ڀارو = موتيءَ جو پٽ.

(3) . لڌو = هڪ پنجابي جو نالو.

(1)  يعني عثمان کي هن ٻٻر هيٺ ويٺي ٻيو مهنو (ويساک) ڏٺو آهي.

* . هن مناظري جي روايت اتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان ”آصف“ کان ملي.

* . هن مناظري جي روايت اتر (تعلقي ڪڪڙ) مان غلام رسول جتوئي کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org