سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناظرا

باب: -

صفحو :31

شاعر

بکيا مرون بَر جا، گدڙ گهٻو ڪيوءِ [1]،

پَهَت مان پٽڪي جو، هَڏ ڪونه هوءِ [2]،

اُهڃاڻيءَ لاءِ اِنڊَ تان، کڻي لئي لاٿوءِ [3]،

آن به مڙس هوسين مهل ۾، مان تي ڪو گڻ ڪيوءِ [4]،

مانکِ به جنم تائين جاد هو، اهو گدڙ گُڻ سندوءِ [5]،

پوءِ جي مان جو ڦاڙي ڦٽايوءِ، سو تو جو ڪهڙو وير هو مان سان ”وٽ“ چئي؟

 

گدڙ

رکي الله، ائين مَ چئو، مان ٻڌو، تو مان گلاڪي آهي گهڻي،

آن به آپاتُو آيو هوس، ڇپر مان ڇڻي [6]،

پٽڪو ڏٺِين هُئِين پٽ ۾، تنهن کي وات وجهي وِيوئِين وڻي [7]،

زال به ڪيائين زاري، گندي لاءِ گهڻي،

تنهن اَرِٿَ جي اوگهاڙ جي، مانکِ کَپت ڇڏيو کڻي [8]،

شڪ نه ڪر، مان پانجي شرم مان، ڏُور نه نيان خواريءَ مان کڻي،

ڄاڻي ربّ ڌڻي، ته مان توجا ڪين هئا سڃاڻي ڪڍيا سَرمان.

 

شاعر

اسان ڪڏهن ڪين ڏٺا هئا، ڪپڙا ائين پٽان منجهه پيا [9]،

اسين به اِت هئاسين، آڌيءَ رات آئيا،

اُٿوڙي پانجي انگ تان، هئا مان لاچاران لاهيان [10]،

ماڻهو مرن ڳالهين لاءِ، ٿي ڪري وُنڌِ دنيا،

شڪ ڪري پنهنجي شرم مان، ڪيو ڪري وڃي ماڻِهيِن ۾ ٻاهر مٿا،

پوءِ جي مان جا ڦاڙي ڦِٽاياء، مِن جي مانکِ سگهو ورندي ڏي ”وٽ“ چوي.

 

گدڙ

بَڊِيگ هن پَٻَ جو، آن به حياتي هوس [11]،

راتو ڏينهن راڄان جي تي، اِنڊِين تان آئوس [12]،

نه ڪنهن جي غرض هُوئوئِين گهري جو، نه ڪنهن جي شيڪڻ لاءِ شونشوسِ،

چِين پرائو پانجي پيٽ ۾ نڪي وس لڳي وجهندوس [13]،

اُڃ مرندي اوئِيءَ جو، اچي وات ڪرٽي ويوسِ [14]،

تنهن ڏينهن اچي تنهنجي، پٽڪي مٿان پيوس،

هاڻِ جانسين تو جيئندوسِ، تانسِين آهيان ڪاڻيارو توجي ڪپڙ جو.

 

شاعر

گدڙ ! مان به آهيَه اَرِٿَ تَڪي، نڪوئي خراب ڪِينءَ کيٽُ،

تون راکو هِن راڄان جو، آهي ملڪ ڏنوءِ ميٺُ،

وڌندوءِ ”وٽ“ چئه، مانجا پُچان تان پيٽ [15]،

گدڙ ! پوندءِ گهيٽ، تون ڪاٽيندين قَيز ۾ [16]،

 

گدڙ

اوهان سانئر جي ساڃاءِ سين، آن به وڏو ڪرين تو وَسُ،

پر اوهان مان اَڻاتِ، آهيئِين، مانکِ جَنم ڪونهي جَسُ [17]،

اوهان جو عڪس، مان سين آهي مٽ ٿيو [18].

 

شاعر

گدڙ ! تون اڳيئي اهڙيون، ٿو ڪُساکِيون ڪرين،

اسين به هيڪڙيءَ مهل هاج وڃون، گهڙيو منجهه گهرين،

تون پُچَ ڏسين ٿو پٽ ۾، تن ٽولان تان نه ٽرين [19]،

مانڏِئي توائين مَرين، ڪِ اسان سانئران جا لُڳَڙَ نِيو ٿو سائو ڇِئين [20].

 

گدڙ

پُراڻي پٽڪي تان، تو مانکِ گاسِ ڏني گهڻي [21]،

آن به هيڪڙو ڀاءُ ڀائران جو، ٻيو هوس ڌن جو ڌڻي،

پَرَ مانکِ مُٺوءِ، ڪِيوءِ پِٽِين سِين پَڻِي،[22]

ڄاڻي ربّ ڌڻي، ته مانکِ توجي ميارن ماري ڇڏيو.

 

شاعر

اسان سانئران جي هرڪو وڃي بَيٿين ڳَران ڀڳو [23]،

اسان سانئران جو سڃاڻيو ڪو ڪونه کولي سڳو،

توکي ڍَڪِيانکِ ڍوري ۾، ڪينِ آهين لُڳِڙانکِ لڳو [24]،

حَياء هَڏهِين نه ڪرين، آهين ڪو سچي اصل جو انڌو،

هاڻِ جي تون آهين سٽاڻو سگهو، ته اُڇِي جُواڻان سان جواب ڪر [25].

 

گدڙ

جُواڻا سان جواب ڪِين آهي، پَرَ جهليو آهي ئِين جِندُ،

ڇڏيندين ئين ڪِين ڇپر ۾، نڪي ڄمار سوڌو ڄِندُ،

هِن نَئِين مان نڪريو، وڃي حب ۾ ڪرين ٿو هنڌ،

پڊ ڇَڏايو پنڌ، ٿو ڪرائين هن ڪپڙ لاءِ.

 

شاعر

داري ٻِيءَ دنيا کان، ليڙا وٺي لَڏِ [26]،

جي اَرِٿَ پارڻ اوکي ٿي ڇَئي، ته ڇوري کڻي ڇَڏ،[27]

هَٿُ نه چورين هَڏِ، ٿو کڻي مڏيون مُسافران جون.

 

گدڙ

پرڻئي ڳران پوءِ، مانکِ ڪا نه جوءِ کٽي ڏني آهن جَنِ [28]،

اڳيئي تان عڪسياڻيءَ مانسين آهن ريڌا ڪيا رَن،[29]

توجي ميار ڳران، مانڌئي وڍيندوسِ ڪُساکيءَ جا ڪَن،

اگهاڙي اِڃين تي، مر پائي پُچين لاءِ پَن،

ڀري منجهه ڀَن، وڃي پوندوس تو جي پِٽين تان [30].

 

شاعر

بڇڙي ”باکڙو“ چوي، ماڳِيا کڻي مَ ڪياءِ،

نڪو آهيءَ غرض گِلا جو، مرجات به مُياءِ،

اَرِٿَ توجي اگهاڙي، هيراسِين هُياءِ،

مان به هئا ڍوري ڍڪيا، سي ڪين تاڪا وٺي تو لاءِ،

پوءِ ٿي ارٿ اوڇاياءِ، جو پر هايائِيَه مان واري پٽڪي مان.

گدڙ

تِينءَ عقل آهي ئين ڪونه ڪو، اَهِين اصل جو اَڄاڻ،

هُن به ننڍي هوندي نه ڪيو، هاڻي ٿي پارائي پاڻ،

تنهن سين رهجي ويو روح ۾، مان جو ٻٽي ڏينهن ٻانڌاڻ،

عمر ڪونه کَئِين آهي ڪِلاڻ، هن کارو دي ارٿ جي کارائڻ جو [31].

 

شاعر

گدڙ پرائي جهَلي اَهِيءَ پَٻَ ۾، سا تو جي نڪاح جي ناهِه،

اهڙا تنهن کِه اڀرا ٿو طعنا ڏين تي لاءِ،

ويئي جي وَٽاءِ، ته اسندين اِن اوتاري سِين.[32]

 

گدڙ

اَڙجڻ ڪونهي ئِين اوتاري سين، مان وٽان مَر وڃي کندائون کڻي

اڳي مانکِ اَرِٿَ جي، ڪانهي رَهَه غليمان جي گهڻي،

هاڻِ جان تو ڳالهه ڳڻِين، ته مانک تو جِين ميارِين ماري ڇڏيو.

 

مناظرو سگهڙ ۽ گدڙ جو

(چيل مولا بخش تنيي جو)

]سگهڙ جي ٻنيءَ ۾ هڪڙو گدڙ اچي هريو، جو روزانو پوک کائي زيان ڪري ويندو هو. نيٺ سگهڙ ڪڪ ٿي چيو ته: هن انڌي گدڙ کي ڪل ئي ڪانه ٿي پوي، جو ٻيا سڀ ڇڏي مون مسڪين جي ٻني ڀيلي ٿو وڃي. جڏهن ڪتا اچي وٺندس تڏهن ڏاڍو بڇڙو ٿيندو. تنهن تي گدڙ ورندي ٿو ڏئيس ته: سگهڙ کي کپي ته سندس ٻنيءَ کان اڳ آگاهه ڪري. پر نڪا سگهڙ کي سمجهه آهي نه وري پوک ئي ڪڇي ٿي ته ڪنهن جي آهي. اسان جو روز رازق انهيءَ طرح ٺاهي ڇڏيو آهي، تنهنڪري اجايون دانهون نه ڪر. اڃا به سگهڙن جي بيتن ڀر ڊڄان ٿو نه ته جيڪر جوڳي سيکت ڏئي ڇڏيانس. تنهن تي سگهڙ چيس ته: جي مون کان ڊڄين ٿو ته ڀڄي پاسو ڪر، نه ته گهر ۾ گهڙي ماريندوسانءِ. اتي گدڙ وري به ساڻس حجت ڪري ٿو ته: ٻيا هيترا سارا  پکي ۽ جانور پيا پوک کي زيان ڪن، انهن کي ته چئين ڪونه ٿو باقي مصيبت اچي مون بيگناهه مٿان پئي آهي ! تنهن تي سگهڙ کيس صلاح ٿو ڏئي ته ملڪ ۾ ٻيون ٻنيون به پڪيون پيون آهن اهي وڃي کاءُ. پر گدڙ چوي ٿو ته: منهنجي دل کي اهو ڪارتهو ڪمرڙو وڻي ويو آهي، جنهن جا سنگ ٻين کان اڳ پڪا آهن.[

سگهڙ

ساراهيان سچو ڌڻي، جو آهي ربّ ستار،

وسيلو وِلهن جو، اَڙين جو آڌار،

نبي پيدا ڪيائين نُور مان، عالم پوءِ اظهار،

مِرن ۾ مردار، گدڙ کوٽو خارجي.

 

گدڙ کوٽو خارجي، اصل کان آهي،

ٻيو ڏيهه ڇڏيو، سگهڙ جي ٿو پوک پٽيو کائي،

اهو لُنڊو لوڌائي، ڏاتر ڪڍندو ڏيهه مان.

 

ڏاتر ڪڍندس ڏيهه مان، ٿيو موڳو سو مُردار،

ڪتا وٺندس قهر مان، خجل ٿيندو خوار،

ڀاڙئي کان ڀڄڻ جو، والي کسيندو وار،

ٿيو اَنڌي کي آزر، جو سمجهه نه رکي سُگهڙ جي.

 

گدڙ

نڪا سمجهه سگهڙ کي، نڪي پوک ٿي ڳالهائي،

رزق اسان جي روز جو، اتي ٺاهه ڇڏيو ٺاهي،

گهمِي ڦري هرڪو ئي ٿو ملڪ منجهان کائي،

پوءِ ڳؤرو ڳالهائي، ٿو ڊڄان ڊاءِ سگهڙ جي.

 

سگهڙ

جي ڊڄين ڊاءِ سگهڙ جي، ته ٽري ٽارو ڪر،

پڪي بيٺي اٿئي پڌري، اَڇڙي جال جوئر،

کائي تنهن مان خوشيءَ سان، پُور پِرهه جو ڪر،

تيرهون ڀاڳو تُنيَن سان، ثابت اَٿِي سَر،

پَتِ اچيئي ڪينڪي، ته وڃي پُڇي پَڪ ڪر،

سنگ ڀڃندين هڪڙو، ته گهڙي ايندوسانءِ گهر،

وجهي ڪوڏاريون قهر جون، ڊاهينديوسانءِ ڏر،

سُڪي ٿيندين سيءَ ۾، بڇڙو تون بدتر،

پوءِ دوست بيهندين در، تون پاڻهي پشيمان ٿي.

 

گدڙ

پِٽَ نه پاراتو ڏي، تون اهڙو نه ڳالهاءِ،

سيڙهُون سُوئَر اڳَئين، تون هرڻ ته ڪين هٽاءِ،

هيڙها، ڀورا ڪيترا، تون ڪانوَ ته ڪِين ڪڍاءِ،

اُمّت آهي رسول جي، خلقي آهه خداءِ،

منهنجو هوندو سڀڪوئي، جُڙيو پنهنجي جاءِ،

پوءِ کاڌي نه کُٽندياءِ، جو بيگناهه ٿو بيت چئين.

 

سگهڙ

بيگناهه ٿو بيت چوان، جو ڏنئي اُچائِين،

سنگ ڀڃين سڦرا، ٻيو سلا سُڪائين،

پيٽ ڀرجئي ڪينڪي، ٿو تَڪِين ۽ کائين،

ٿو لعنتي لڄائين، اڳيان پويان پانهنجا.

 

گدڙ

اڳيان پويان پانهنجا، ويا اِهو ڪم ڪري،

پاسي ٿيانءِ نه پوک کان، توڻي پير ڀري،

زميندار به زهل کان، ڪاوڙ ڪست ڪري،

ڪتا آڻي ڪيترا، مر دونهيون سَوَ ڪري،

پوءِ ڏس بَئنش ڪري، ته ڪهڙو ظاهر زور ٿئي !

 

سگهڙ

تون ڇا زور ٿيندين، مان ڇڏيانءِ ٿو ٽري،

انهيءَ مرم ۾ مري، ڇڏي وڃج هن هنڌ کي.

 

گدڙ

مان هيءَ هنڌ ڇو ڇڏيان، هت مون وقت گذاريو،

جتي جو مِٺو اسان کي ماڇڙو، کائڻ ۾ آيو،

هوءِ سڀ کان سوايو، سهڻا جنهن جا سنگڙا.

 

سگهڙ

سهڻي سنگن تي تون، پُرجهي پير پاءِ،

سوڀاري سگهڙ سان، اڙٻنگ هٿ نه اڙاءِ،

تُڪَ ٽرندئي ڪينڪي، وڃائي وجهندياءِ،

ٻيا به ملڪ پڪاءِ، انڌا ! وڃين نه اوڏاهين.

 

گدڙ

ڪارتُهو ڪمرڙو، جنهن جا اڳي سنگ پڪاءِ،

تنهن تي ”تُنيا“ منهنجي، اَٿِي روح رضاء،

پوءِ ويٺي کان بِنا، مور نه پچندئي ماڇِڙو.

 

سگهڙ

چار پهر رات جا، سگهڙ ويهي گهاريا،

انڌن جو ايمان ويو، ڪُل وِيُن ڪايا،

پوءِ لائق لوڌايا، تنهن ويل ”تُنيو“ چوي.

مناظرو مصري ۽ گدڙ جو

(چيل مصري جو )

]هن مناظري ۾، هڪڙو گدڙ، مصريءَ جو گهيٽو ماري کائي وڃي ٿو. تنهن تي مصري کيس چوي ٿو ته: اي گدڙ ! مون مسڪين سان اهو ظلم ڪيو اٿئي، جيڪڏهن سلطان خان ۽ بهادر خان جهڙن سان هٿ اٽڪائين ته جيڪر خبر پئجي وڃيئي. آءٌ به جيڪڏهن فاضل خان کي دانهن ڏيان ته جيڪر گهر ويٺي گهيٽو پهچائي وڃين. گدڙ جواب ڏئيس ٿو ته: مون کي لاچار ڪهڙو لڳو آهي جو گهر ويٺي گهيٽو پهچائي وڃان، ۽ نه وري اوهان کان ڊڄان ٿو، تون جن جا نالا ٿو وٺين انهن کي به سڃاڻان، ۽ انهن جي بهادريءَ جي پڻ خبر اٿم. تون ئي ٻڌاءِ ته موسي مٺاڻي، جو چوزو بک کان کنيم، براهم جي ڪڪڙ کڏيءَ مان ڪڍيم، جا بنهه نڪار هئي. چاڪر خان جي ڪڪڙ به کڻي ڀڳس، بکر جو ڇيلو ۽ دلاور جي جيڪا ٻڪري کاڌم انهيءَ ۾ منهنجو ڏوهه ڪونه هو، ڇو ته اهي مال جهنگ ۾ ڇڏيو پاڻ پيا بازاريون گهمن. باقي جي ’جمالين‘ جي ڪا شيءِ ڀل چڪ مان کڻي کاڌم ته ان جي مون تي ميار نه رکو.[

مصري

گدڙ ! گهرين ٿو گاريون، جهيڙ نه فقيرن سان،

گهُٽي منهنجو گهٽو ماريئي، ڇپي منجهه ڇانءُ،

چڪ هنيئي سامين کي، ڏاڙهڻ آيئي نه ڏانءُ،

مُڙين نه هڪ ڌڪ سين، توکي مارجي تان،

توبچي اٿئي تر ۾، جهپجي ويندين جان،

فرياد ڪندوسانءِ فاضل کي، نبن جو ٻڌو ٿئي نان،

سَٽ نه سهندين سلطان جي، ڏسي بهادر  ڪندين بان،

آهيان پيري پڪو رئيسن جو هلي آڏو ڪندوسانءِ آن،

’مصري‘ چئي معاف ڪندوسانءِ، جي گهٽو گهر ڏيئي وڃين.

 

گدڙ

گهٽو ڏيان گهر ويٺي، ڪهڙو لڳم لاچار؟

’موسو مٺاڻي‘ تڪيو ويٺي، مون لئي ماري ڄار،

چوزو کنيم چرچن ۾، گُوزو ٿيو مون کان گار،

بي ڊولي ڪڪڙ براهم جي، کنيم کُڏيءَ مان نڪار،

تنهن لئي ڪيائين مون سان، تڪڙ منجهان تڪرار،

’ڪُور‘ ’ڪُور‘ ڪيائين ڪتن کي، سانهان ٿيا پٺيءَ سردار،

کڻي ڀڳس چوکڙي چاڪر جي، سگهي نه ڪيائين سار،

نيئي ڪرايم قُوت ڪَلَهَن کي، ڏهاڙي نه وڻي ڏار.

ويس ويڙهي بکر جي، جت جمن جاڳندو ڏٺم يار،

کنيم الڙ ڇيلو آڳر مان، ڏنو بخش مون کي ٻڪرار،

فوجو منجهن فقير ٿيو، جنهن ڇيليون کارايون چار،

خلل متو آهه کُتيري ۾، دلاور دڙڪا ڏي ٿو ڌار،

کاڌم قضا سان ڪَنَن ٽُوري، ٻڪري بَري بيڪار،

ڪونهي قرب ’ڪاڇائن‘ ۾ نه ڳالهائين ري گار،

فوجا چئجان فاضل کي، اچي ڏس ! پنهنجن جا پار،

دل لڳاءِ دريافت ڪجان، خوشامد نه آهي ڪار،

رڍون ڇڏيو ريل ڇيل، پاڻ ڀَڻان گهمن بازار،

شيءِ مُور نه کان جمالين جي، ڀُل چڪ ناهي بار،

هاڻ ڪلمي جي آڌار، ڏسندس مُنهن محمّد مير جو.

 

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

مناظرو عرس ۽ گدڙ جو

(چيل عرس جتوئي جو)

]هڪڙو گدڙ عرس جتوئي جي جتيءَ جو پادر کڻي ويو، ۽ ان جي کڙي کائي اڇلائي ڇڏيائين. عرس کي جڏهن کڙيءَ ڇنل پادر هٿ آيو تڏهن ڏٺائين ته هيءُ ڪم گدڙ جو آهي، سو گدڙ کي جٺ ڦٺ ڪيائين ته: منهنجي جتي ڇو کنيئي ۽ کاڌئي؟ گدڙ جواب ڏنس ته: جتي کنيم ته ڳري ٿي پئي سو کڙي کان ويهي کاڌم. اتي عرس چيس ته: گدڙ ! تو خواه مخواه هارين سان اچي ضد ٻڌو آهي. گدڙ جواب ڏنو ته: منهنجي هارين سان اصل کان ئي دشمني آهي، هاڻي به پوک ۾ اچي پاٽي ان جي کائيندس پر سڄو ٻارو خراب ڪري ويندس آخر ۾ گدڙ دڙڪو ڏئيس ٿو ته: مون جهڙي تيمور پهلوان سان تڪرار نه ڪر ![

عرس

گدڙ تنهنجي بَت تي، چڙهي گيباڻا گَر،

ڪاهيندوسانءِ ڪست مان، رکي بونڊن ڀر،

کوٻلا ! آهين کر، پائي وِئين پادر کي.

گدڙ

پائي ويس پادر کي، آيس لاچارئون لڙي،

جُتي تو ”جتوئيءَ“ جي، ڪنهن ڪاريگر گهڙي،

پر ٿي پئي ڳرِي، تڏ کاڌومانس کڙيءَ کان.

عرس

کاڌئي ڇو کُڙيءَ کان، انڌا ! وڃئي ايمان،

ڪئن اونداهيِن جو پنڌ ڪري، آهي ”عرس“ انسان،

اي گدڙ ! لاهه گمان، تو ڇو ٻڌو حدث هارين سان؟

گدڙ

هاريءَ سان حدث، منهنجو اصل کان آهي،

پاٽي کائيندس پيٽ ۾، ويندس ٻار سڄي ڊاهي،

تنهن ۾ تنهنجو ڇاهي، جو ڪرين تڪرار تهمورن سان

 

مناظرو جمالي ۽ گدڙ جو

(چيل يار محمد جمالي جو )

]شاعر يار محمد جمالي جي لاٿل ماکي ڪو گدڙ کائي ويو. جمالي کيس چيو ته: تون نه اسان جي عزازت ۾ نه شراڪت ۾؛ ۽ نه وري ڪو پاڙيسري آهين جو توکي اها ڏاڍائي ڦٻي ويندي. گدڙ جواب ڏنس ته: مون رڳو مانارو کاڌو، باقي مال سڄو منهنجي مادي کائي ويئي؛ جنهن سان شوق ڪري شادي ڪئي هئم. هاڻي چئين ته ماکيءَ جا پئسا ڀري ڏيانءِ. اتي جمالي چيس ته: تون ايڏي اُرهه زورائي ڪري ’جمالين‘ جي جوءِ ۾ اچين ٿو، ياد رک ته هڪڙي فير سان هڻي ڦٽي ڇڏيندوسانءِ. گدڙ انهيءَ تي ٻڌايس ته: اهي دڙڪا ڏيئي مون کي ڊيڄار نه منهنجو پيءُ بئريسٽر هو، آءٌ سانگهڙ ۾ صوبيدار ٿي رهيو آهيان، ۽ هن وقت پينشن تي آهيان. تنهنڪري مون سان پوري پئي ڪين سگهندين. آخر ۾ شاعر، گدڙ کي دڙڪا ڏئي ڀڄائي ڇڏي ٿو.[

جمالي

ساراهيان سچو ڌڻي، جو صاحب ربّ سبحان،

قادر جي قدرت جي، ڪمي آهي ڪانه.

ماکيون ٿيون ملڪ ۾، پيو لاهي جڳ جهان،

حرص ٿيو سون، هلي وياسون، کڻي سڀ سامان،

ڪنگر، ڪهاڙي ڪلهي تي، دونهين سان دهمان،

هلي وياسين هُڙيءَ ۾، جت ماکين جو ته مڪان،

لاهي وڌيونسين لوٽي ۾، ٻي کاڌيسون ڪانه،

تڪڙ طعام پاڻ ۾، رکن ڪي نادان،

نه هو گدڙ منجهه گمان، ته ڪري ٿو جٺ ”جماليءَ“ سان.

ڪري جٺ ”جماليءَ“ سان، ويو کوليرو کائي،

نه ڪي ڏاڏاڻي ڏيهه جو، نه ڪي ڀَت ڀائي،

نه ڪي رهيو اسان جي راڄ ۾، نه اسان جو کٽل کنڌائي.

پاڙي جي پٽيل مان، ٿي نه چڱائي،

صاحبَ سڀڪائي، ڪري ويو جُٺ ”جماليءَ“ سان.

 

گدڙ

ڪئيسون جٺ ”جماليءَ“ سان، طرحين طرحين تعدي،

مون واپرايو ماناري کي، مال کاڌو مادي،

پرڻيو هوس پئسا ڏيئي، شوق ڪري شادي،

جهليم گهڻوئي جڏيءَ کي، پر ڪيئين ناحق نامرادي،

هاڻي حق ڪيو هادي، توکي ملهه ڏبو ماکيءَ جو.

 

جمالي

اسان تنهنجو پاڻ ۾، آهي وحدت سندو وير،

جمالين جي جُوءِ ۾ پايو اچين ٿو پير،

ته سڌي ڏيندو سانءِ سيني ۾، ڦَٽي ڪندوسانءِ فير،

جڏهن ٿيندا ٻير، مُلهه وٺندوسانءِ ماکي جو.

 

گدڙ

مُلهه ملئي ها ماکيءَ جو، پر ٿو وِلها وڃائين،

ماکيءَ ذري ميڻ لئي، ٿو ڳُيئُون ڳالهائين،

ناهين ٻار ٻروچ جو، ڪو اَهيڙي آهين،

اشراف ٿي اُٿي وڃ، نه ته پٽڪو ٿو لاهيئين،

متان تون ڀائين، ته گدڙ هيءُ غريب آهه.

 

جمالي

گَڏي ڪريانءِ گدڙ، منهنجو پَٽين ٿو پَـــٽڪو،

ٻَڌي ڪنهن ٻِر سان، لايئين سونٽين جو سَٽڪو،

ڳاڙهي مِري ڏيائين ڳئيءَ ۾، لايئين ٻِٽين جو ٻٽڪو،

ڪو چُتو آهين چَٽڪو، جو سامهون سِرائيءَ سان ٿيئين.

 

گدڙ

سامهون ٿيان سِرائي سان، توکي کٽل سڃاڻان خان،

ڏاڍو سڃاڻان تنهنجو، جيڪو ڏيندو هو مون کي ڏان،

ڇيلو ٻڪر ڇهين مهيني، ڳنهندو هوس ڳرهان،

هاڻي ماٺ ڪر مهربان، ته ڪريانءِ نه پُري پڌري.

 

جمالي

ڪندين پُري پڌري، تون گدڙ ڪهڙي گند،

ڦاسائي ڪنهن ڦِڙتيءَ ۾، سٽيندوسانءِ سَنڌ،

ڪتا ! تنهنجو ڪنڌ، ڪٽيندس ڪهاڙين سان.

 

گدڙ

ڪٽيو ڪنڌ ڪهاڙين سان، اوهان جمالي ٿا جڏا،

ٻُڪَ ٻَگهين جا ٻوٿ تي، ٿا چِچڙ پَٽِينَوَ چڏا،

بي دعوتا ڀَتن تي، لاهيو ويهو لَڏا،

پيا واجهايو ڀورن لئي، هلندي چُوپيو هڏا،

اهڙا ڳالهائيندين ويڻ وڏا، ته دَسيندوسانءِ ڌوڙ ۾.

 

جمالي

دسيندين ڇا ڌوڙ ۾، تون مڙس آهين معتبر،

ڌڪا کائين دِنيَن ۾، ٻارهوئي ڪُنِي ٻاهر،

هن ٽاڻي تون ٽر، نه ته پئي ڏيندوسانءِ پوليس ۾.

 

گدڙ

پئي ڏيندين پوليس ۾، آ اڳئي عملدار،

قاعدي ۽ قانو جو، آءٌ سالڪ سُويچارِ،

بابو منهنجو باليسٽر هو، تون حريفَ ٿيءُ هوشيار،

آءٌ به ’شاهپور‘ شهر ۾، هوس سلحدار سوار،

پوءِ جلدئي ’جهڏي گدام‘ ۾، ٿيس جانب جمعدار،

هلان هلي حُرن ۾، ٿيس سانگهڙ صوبيدار،

پنجويهه سال پورا ڪري، کڻان پينشن جو پگهار،

جڙيئي جواني ”جمالي“ يار، مون سان پورو پوندي ڪينيڪي.

 

جمالي

ڪڏهن پهچڻ جي ڪينڪي، ڪوجهي ڳالهه مَ ڪر،

ٻه پير ٻروچ کان، پَئي پاسو ڪر،

جتي سُجهن ’جمالي‘، اتي ڏاڍن کان تون ڏر،

کيٽي ۽ کِٽِراڳ جا، اٿئي خال کَٽر،

اچي ويندين اوچتو، ڪڏهن ويرين جي ور،

ته چارئي ٽنگون چُور ڪري، ڀڃي ڪندءِ ڀوڀَر،

وائڙا ! اجائي واءَ تي، سِيٽَ مَ سنوالي ڪر،

محبت جي ميدان ۾ چارئي پهر چر،

اها مصلحت منظور ڪئي، دانهه گدڙ ڌُر،

ته ڪنہ سالڪ کان صلاح پڇون، ته پرچون ڪهڙيءَ پر؟

وٺي ڀائر ڀائٽيا، آيو ننڍا وڏا نينگر،

آيو هلي اوطاق تي، ته خان ڪيس کيڪر،

چئي: ڀلي آيئو ڀائرو ! اسان ڇڏيو ڏُرت ڏمر،

ماني کارايون مردن کي، ڏاڍا ٻوڙ ٻڪر،

نه ته جوکو هو سڄيءَ سنڌ کي، کڻي پَت رکي پرور،

مِرون مُڙي ها ڪينڪي، هو ’ٻروچ‘ کي ٻڌيءَ جو ٻر،

اٺئي ضلعا هئا آزار ۾، جتي ڪَنبيا ٿي ڪَلٽر،

رعيت جي رڳڙي جو، وڃي گوڙ ٻُڌو گورنر،

ياد رکو ”يار محمد“ جو، حاڪم هيءُ هُنر،

پوءِ ٿيون شاديون ۽ شڪر، نڪتو رسامون راڄ مان.

 

مناظرو ڌراڙ ۽ مينهن جو

]هڪڙي مينهن روزانو ڀڄي وڃي ڀيل ڪندي هئي، جنهن تان ڌراڙ کيس منع ڪري ٿو. جواب ۾ مينهن کيس ٻڌائي ٿي ته: منهنجو توتي شروع کان ئي سولو ستارو ڪونه پيو ۽ نه وري تو منهنجي ڪا سار سنڀال لڌي. هاڻي مون هڪڙي جُوءِ ۾ ٻه چار ٻنيون جاچي ڇڏيون آهن؛ روزانو رات جو انهن کي ڀيلي ڍؤ ڪري اينديس. تنهن تي ڌراڙ ٻڌائيس ٿو ته: سڱر مال تي هميشہ کان منهنجي سنت آهي. توکي به سٽي سولو ڪندس. ڌراڙ جي ان دڙڪي تي مينهن حجت ڦٽي ڪري ڀيل کان بس ڪرڻ جو يقين ڏياري ٿي، جنهن تي ڌراڙ به خوش ٿي کيس سٺي کاڌي کارائڻ جو انجام ڪري ٿو.[


[1] . گهٻو = چرچو.

[2] . پهت = خيال.

[3] . اِنڊ = پاسو.

[4] . آن = آءٌ.

[5] . مانک = مونکي، جاد = ياد.

[6] . آپاتو = اتفاقي اوچتو، ڇڻي= لهي.

[7] . ڏٺين هيئن = مون ڏٺو هو.

[8] . اَرٿ = عورت، زال.

[9] . پٽان  =پٽن ۾.

[10] . اُٿوڙي = جدا ڪري.

[11] . پڊيگ = پڊ وارو. رهندڙ.

[12] . راڄان = راڄن، اِنڊين = پاسن.

[13] . چين = چم.

[14] .اوئي = کلي.

[15] . پچان = پچن تان = ڪپڙن تان.

[16] . گهيٽ = گهٽ، ڦاهو؛ قيز = قيد.

[17] . اَڻات = نااميدي.

[18] . عڪس = ضد، وير.

[19] . ٽولان = ٽول، شيون.

[20] . لڳڙ = ڪپڙا، ڇئين = ٿئين.

[21] . گاس = مهٽ.

[22] . پٽين = پٽون، پاراتا.

[23] . ڳران = کان، وٽان.

[24] ڍڪيانک = ڍڪيلن کي.

[25]  اُڇي = اُٿي.

[26] . گان = گهاء، وانگر.

[27] . ڇئي = اٿئي.

[28] . جن = ملڪيت.

[29] . ريڌا = ٺڳي.

[30] . اِڇين = اِئين.

[31] . ڀن = اوڙاهه.

[32] . کئين = کنيو. ڪلاڻ = ٺيڪو. کارودي = ڪاوڙيل.

[33] . اڙجندين= اڙجي ويندين. کندائون = ٽپڙ.

* . هن مناظري جي روايت اُتر (تعلقي ميرو خان) مان غلام قادر کان ملي.

* . هن مناظري جي روايت نور احمد جماليءَ کان ملي.

. مصري خان ولد متارو خان ڳوٺ جان محمد جمالي تعلقي هالا جو ويٺل هو، اندازا 1892ع/1310 هجريءَ ڌاري وفات ڪيائين. قرآن شريف ۽ ٿوري سنڌي پڙهيل هو.

* . هن مناظري جي روايت اُتر (تعلقي وارهه) مان غلام رسول جتوئي کان ملي.

[34] . تهمورن سان = تيمور جهڙن پهلوانن سان.

* . هن مناظري جي روايت اُتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان آصف کان ملي.

. حاجي يار محمد جمالي ڳوٺ جمالي لڳ سيڙچي تعلقي هالا جو رهاڪو آهي. فقط ٻٽي درجا سنڌيءَ جا پڙهيل آهي. سندس شعر گهڻو ڪري ظريفانو آهي.

* . هن مناظري جي روايت لاڙ (تعلقي ٽنڊي باگي) مان مقبول احمد بلوچ کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org