سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناظرا

باب: -

صفحو :25

ڪڙمي

ڪندين نا هاج هَرن جي، مار جهلندين موڪ،

پُڇ پٽائيندين پانهنجو، لُنڊو چوندئي لوڪ،

ڏيندءِ بُک ”بخش علي“ چوي، ساڙي ڪندءِ سوڪ،

ٽُڪيا ! ڪندءِ ٽوڪ، نه ته هلي وَهه هرن ۾.

 

ڏاند

نه وهندس هُوند هَرن ۾، توڙي ڏيندا بُکَ،

اڳي ڀي سنڀران ڪينڪي، مان سندا وڏيرن سُکَ،

وڏيرا پنهنجي وَڏنوۡ کؤن، نا وجهن ڪانا ڪَکَ،

مون اڳيان رهندا ڏُکَ، پايو وتان پيٽ ۾.

 

ڪڙمي

پايو وتين پيٽ ۾، تون پنجاريءَ جو پهلوان،

کائڻ جو ڌيان پوئي ٿو، وقت وَهڻ بي ڌيان،

ڪوڙا ! وهندين ڪينڪي، تان مرد لاهيندءِ مان،

لڄي نه ٿِين نادان ! جو هَنگيو وڃائين هَر کي.

 

ڏاند

پايو وتان پيٽ ۾، مان پنجاري جو پَر،

وڏيرو ٿي هڪڙو، هي آهن سڀ سَکر،

وجهن نوڙيون نڪ ۾، ڀوريو ڀاڻ ڀتر،

جن جا سُور سڄَر، ڇو بيگر وَهان تِن جي.

 

ڪڙمي

بيگر اٿئي بڇڙي، چڙهي ڀڃندءِ چيلهه،

هڪڙو چڙهندءِ ڪينڪي، ٻه ٽي چڙهندءِ ٻيلهه،

ڏيندءِ ڪاٺيون ڪُونَ ۾، ٻٻرن سندا سيلهه،

جي هلي وَهين ٿو هيلهه، ته سوکو ڪندءِ سيگهه ۾.

 

ڏاند

وَهان ڪين هَرن ۾، اَٿئي جوان جواب،

ڪو ٻيو به آهي ڳوٺ ۾، ڪِين بَڻِي بَگي جي باب ؟

ڳالهائين ٿو ڳُئيءُ مؤن، بي تالا، بي آب !

توڙي ڪُهي ڪرين ڪباب، ته به اوڙَ نه هلان هڪڙي.

 

ڪڙمي

اوڙ نه هلين هڪڙي، هڻ مُنهن تي هٿ کٻو،

تڙيا ! انهيءَ تڪرار جو، آهي مصنف ڏاند ڏَٻو،

سَڙهَه ! سمجهئي ڪينڪي، ٿو ڪرين چَپ چٻو،

آهين ڇُرڙ ٻِج ڇَٻو، تڏهن ڪرين ٿو ڪوڙ تون.

 

سڙهه ڏاند سَٽي ڪُٽي، ڪُڙمي ويو ڪاهي،

دانهن ڏَٻي کي ڏک مؤن، ڏني راهڪ سِر ساهي:

سمجهايو هن سڙهه کي، جنهن لڄ ڇڏي لاهي،

ٺانگر ڏيو ٺاهي، نه ته ڪَن ڪٽائيندو پانهنجا.

 

ڏٻو

ڏٻي چيو سَڙهه ڏاند کي، ٻڌ روڳي ۽ راڙي !

نحس ندورا ناحقي، ٿو ڪُٽائين ڪياڙي،

جن مڃيو اَمر مالڪ جو، تن پَت سَڀا پاڙي،

جي ڀڄي ٿيا ڀاڙي، سي مالڪ وڌا مامري.

 

مالڪ وڌا مامري، فرمايو فرقان،

”آتاء مرون النّاس بالبّر“ ڇڏ نُوسي تون نسيان،

سَڱ تي سَتن زمينن جو، مون کنيو بار بجان،

تون هڪ هَر ۾، حيران، گُٿل ! ٿو گوهيون ڪرين.

 

شاعر

وٺي چوڻ ڏٻي جو، اُڙهو اَچي سڙهه ڏاند،

کٻي سڄي ۾ ٻئي ڍڳي، ڪنهن پلؤ نه ورتس پاند،

ڪُڏي ڪُڙمت جِي ڪار ۾، رمي کٽيائين راند،

وهڻ جي وَهه واند، پئجي ويس پيٽ ۾.

 

مناظرو ڪڙمي ۽ ڏاند جو

(چيل صاحب سومري جو )

]هيءُ مناظرو، شاعر صاحب سومري ۽ سندس ڪاري ڍڳي جي وچ ۾ آهي. ڍڳو پهريائين کوسن وٽ هو، جو پيٽ ۾ پهار لڳڻ ڪري ڪم ڪار کان ويهي رهيو. انهن کوسن تي واڻين جو قرض هو، تن قرض ۾ اهو ڍڳو ڏيئي جند ڇڏائي. ڍڳو ڪنهن به ڪم جو ڪونه هو، مرڳو کاڌو به اچي ڳچيءَ ۾ پين، تن ’سومري‘ کي ڏيئي جند ڇڏائي. شاعر اهو ڍڳو پوءِ انهيءَ سومري کان ورتو، جنهن ساک ڏني ته ڏاند سچو وهو آهي. شاعر صاحب سومري هن کان هرن جو ڪم ورتو، پر ڍڳو ڪيڻ ۾ وهيئي نه. اها حالت ڏسي شاعر چوي ٿوته: ڍڳا ! تنهنجي ڪوڙائيءَ جي مون کي هاڻي خبر پئي آهي. توکي ٻين ڍورن کان جدا سٺو چارو ڏنم، تنهجو هرڪو خيال رکيم، هاڻي جي ڪيڻ ۾ نٿو وهين ته بادشاهه پير جي يارهين ۾ ڪهي ٻٻرن کي کارائي ڇڏيندوسانءِ. يا وري ڪوهستان ۾ بروهين کي وڪڻي ڏيندوسانءِ جي روهن ۾ رولي ماريندئي. پر ڍڳو انهن دڙڪن کان ڊڄڻ وارو هوئي ڪونه، تنهن پنهنجي سموري خبر ٻڌائي چيس ته: تون ڪم گهڻو ٿو وٺين ۽ کاڌو ٿورو ٿو ڏين. انهيءَ هوندي به تنهنجي ٻني ڪالهه کيڙي اٿم. باقي جي مون کي وڪڻي ڇڏيندين ته به خدا رازق آهي، ڇڏيندو ڪونه. آخر ۾ ڏاند، شاعر کي سمجهائي ٿو ته: مون کي مٺو نه گهر ۽ منهنجي پوري پرگهور ڪر ته ڌڻي تعاليٰ توکي درجا ڏئي ۽ پڻ پٽڙو ڏئي.[

تمهيد

ساراهيان سبحان کي، جو خالق خلقڻهار،

عربي، عالم جو ٿيو، اوٽ اَجهو آڌار،

قصو ڪاري ڏاند جو، ٿو اڄ ڪريان اظهار،

ڪارا ! تنهنجي ڪوڙائي جو، وهم اٿم ويچار،

نه حيضي وَهين ٿو هر ۾، نه ڪِيڻ سندي ڪار،

توکي سوڪ چاريم سربستي، ٻَڌي ڍڳن کان ڌار،

ته به قدر پيئي ڪونه ڪو، مڄو ! ٿئين مردار،

وڏي ڪري ونگار، تنهنجون ٻوٽيون ٻٻَرن کي ڏيان.

 

ڏاند

ٻوٽيون ٻَٻَرن کي ڏئين، توڙي مردار ڪرين ماري،

قسم آ، انهيءَ ڪِيڻ کان، ٿي ڪل وڃي ڪاري،

اصل هوس اتاهون جو، وڌو ’کوسن‘ هو کاري،

پهار لڳي پيٽ ۾، اوجهه وڌائون ڏاري،

ڏکيو ٿي پيس ڏيل ۾، مرض وڌم ماري،

پوءِ سوکو ڪيائون سربستو، گاهه چڱو چاري،

ڪاهي ڏنائون قرض ۾، جو وياج هو واڌاري،

مهتن ڏاڍا مٿا ڏنا، چاهه منجهان چاري،

موڙيءَ ڪاڻ مٿو ڏنائون، پر ڇڏيو مان کنڌوئي کاري،

پوءِ اچي ڪاري کان ڪڪ ٿيا، ويچار وڌن ماري،

پوءِ ڀڳوان کي ساري، سڏي ڏنائون ”سومري“ کي.

 

هاري

ڪارا ! تنهنجي ڪوڙائي جي، ڪل ته پيم ڪانه،

رکيم ساک ’سومري‘ تي، جو بَدو ٿيو بي ايمان،

ڪل نه ڏنائين ڪوڙائي جي، ته آهي ڪو نادان،

نڪي پڇيم پاڙي وارن کان، نڪي ڌريم ڌيان،

تنهنجا پسئا مون پرپٺ ڏنا، اهو اٿم ارمان،

هاڻي ڪارا ! ڪر ايمان، ڪرت هلي ڪِيڻ جي.

 

ڏاند

ڪرت نه ڪريان ڪيڻ جي، بيحد ڪيم بس،

پڇي ڏسين ها پاڙي مان، ڏيهه ڏينئي ها ڏس،

’سومري‘ ڪانه سچي ڪئي، ته هي ڪو عيب اٿس،

هن دغائي رکي دل ۾، چرٽي وڃائي چس،

هاڻي سَتيا ’صاحب‘ ڪري، چاري ڪرائينم چس،

وڪڻڻ تنهنجي وس، اڳتي قسمت ڪاري جي کَٽي.

 

هاري

ڪارا ! تنهنجي ڪڍڻ لئي، ڏاڍو آهيان لاچار،

نه ڪي وَهين ٿو هَرَ ۾،نه ڪرين ڪيڻ سندي ڪار،

نه ڪي پاس ڪنئي ٿا پڙيءَ ۾، ڏسي پيٽ پهار،

ڏيندوسانءِ ’روهيلي‘ کي روڻ لئي، ڀلي ڪرئي ڪار،

هڻندءِ نٿ ناکوٽن ۾، آٿر ڪري اَنبار،

مَڏي وجهندءِ مٿؤن، ٻيا چاڙهيندءِ ٻار،

چُٽا وجهندءِ چيلهه ۾، ’بروهي‘ کڻي بار،

رَلايو وتندءِ رڍن سان، رُلائيندءِ آروپار،

ويهندين گُڏيا واٽن تي، محڪم جهليندين مار،

موٽائي ايندءِ ماڳ تي، جلدي ڪري جار،

چڙهندين ڪيئن چاڙهين کان، گهٽ اڙانگا گهار،

هڻندءِ پاهڻ پٺيءَ تي، ڏاري وجهندءِ ڏار،

هڪلي ويندءِ هنڌ تي، لاهيندءِ پوءِ بار،

چُٽا ڇڏيندءِ چڻگون، انڌو ڪندءِ آزار،

لڳندءِ ڪرڳل ڪانگن جا، ڪندءِ پٽڻ جي پچار،

ڳُوڻ ٻَڌي ڳئيءَ تي، ويهندءِ واهي ٻار،

توکي صلاح ’صاحب’ جي، اُت ياد پوندي يار !

ڪر ڪِيڻ سندي تون ڪار، متان مارينئي روهه ۾.

 

ڏاند

چئي: رولي مارين روهه ۾، توڙي هڪلي هلن هاڙهي،

دائم دڙڪا ٿو ڏئين، جيئن ٻار ملان پاڙهي،

ڪيڻ ڀرين تون ته قهر جي، ٻيو ڏينهن مٿان ڏاڙهي،

ٻَڌين ڏنگا ڇري ڏاند سان، جو سُهمن سان ساڙي،

ڦيريو وڃين ٿو ڦُد کان، لاڪن سان لاڙي،

متان اوکي هڻين اک ۾، ماڻهو ڪاڻو چون ڪاري،

متان ’صاحب‘ سڀاڻي، مون تي ٻَٻَر کلون ڪن ٻيڻيون.

 

هاري

’صاحب‘ چوئي سچ ٿو، تون مڄو ٿي نه مر،

ڪِيڻ جا ڏکيا ڏينهن ٽي، پوءِ بيٺو هوندين گهر،

ڏاند ! وڏو آهين ڏيل ۾، ڪُٺا ڪونڌ ڪپر !

توکان ننڍا ٿا نار وَهن، هاڪارا هُو هَر،

هڪڙا ڪُلها ڏين ڪِيڻ کي، ٿا ڪارا ! وَهن ڪثر،

هڪڙا گور وَهن ٿا گاڏي ۾، جن نه انگ ڪو اکر،

توکي چنگهون ڏيو چت ۾، کڻي پائڻا به پڃر،

پر بيهودي سان بر، ’صاحب‘ ايندين ڪيترو؟

ڏاند

’صاحب‘ ڏيج نه سمهون، توکي لائق هيئن ناهي،

سڄي تنهنجي سانوڻي، مون ڪالهه ڇڏي ڪاهي،

ٻَڌءِ ڏنگيري ڏاند سان، مُهڙ منجهه ملائي،

سوالي ڏنئي ’ساکُو‘ کي، وڌائين ڊنڀن سان ڊاهي،

ڪاوڙ ڪاري تي ڪِيڻ جي، تو آٽ رکي آهي،

ڪڏهن ٻُڌي تو ڪانه ڪا، ٺَٺَ ڪَنڍي ٺاهي،

مَينڍُ ٻَڌو اٿئي مِلس جو، ٽوڙهو ٽوڙائي،

ٻُري وجهين ٻين کي، مون کي ٻَڌين ٺوٺن تي ٺاهي،

سوڪ وجهين سوُائن کي، مان ويهان واجهائي،

ڏکيو آهيان ڏيل ۾، مون کي وهم وڏو آهي،

ڏوراپو هن ڏک جو، مون اڄ ڏنو آهي،

ڏي قُوت ڪاري کي تون داناءُ ! دل لائي،

تو پئسا ڏنا هئا پنهنجا، توتي وياج ته ڪو ناهي،

سَتيا ڪر ’صاحب‘ تون، ته توکي خاوند کَٽائي،

هاڻي مرسل مِٺائي، پرور ڏيندءِ پُٽڙو.

پورو ڪريون ٿا پرت مان، قصو ڏاند سندو،

مرسل مون تي مهر ۽ قادر قرب ڪندو،

سچو سائين” صاحب“ کي، پرور پٽ ڏيندو،

ڪلمون جو پڙهندو، سو جايون جنت ۾ لهي.

 

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

مناظرو هاري ۽ ڍڳي جو

]هڪڙو ڍڳو ڪتر کائڻ کان انڪار ڪري ٿو، هاري کانئس سب پڇيو. جواب ۾ ڍڳو چوي ٿو ته: هيءَ ڪنڊن جهڙي ڪتر به کائڻ جهڙي آهي؟ هڪڙو سڄو ڏينهن ڪم ۾ وهائين ۽ ٻيو بانٺا هڻين، سو هاڻي هي پنهنجا ڪونار وغيره مون وٽان کڻي وڃ. هاري عجب ۾ پئجي ويو ۽ چويس ٿو ته: نامراد ! اڄ هرن جي ڏينهن تنهنجا اُبتا پار ٿو ڏسان. جيڪڏهن سو نٿو ٿين ته مار به کائيندين ۽ ساڳيا هر به وهڻا پوندءِ. پر ڍڳي ڪم کان صفا جواب ڏيئي ڇڏيو. پوءِ ٻئي ڄڻا آيا امين وٽ. جو هاري کي ڏاند جي سٺي سنڀال لهڻ جي هدايت ۽ ڍڳي کي جٺ ڦٽ ڪري، ٻنهي جو پرچاءُ ڪري ڇڏي ٿو.[

 

هاري

ڪَڪڙا ! ٻڌاءِ ڇو نه، کاڌي تو ڪُتر؟

ويٺو رهين واڙي ۾، چري ٿئين نه سُچر،

ڍڳا ! اچي ڍڪي ٿي، ٻَڌڻا آهن جو ٿَر،

هاڻي ڏي اُتر، تو ڪتر کاڌي ڪينڪي؟

 

ڍڳو

چئي: هاري ! کڻ پنهنجي ڪتر ۽ ڪُونار،

ڪنڊن جهڙي ڪتر کان، ڪهڙو پيم لاچار،

صبح کان سانجهيءَ تائين مفت مارين مردار،

نڪو پاڻي پيئڻ لاءِ، نه ڪا کائڻ ۾ خنڪار،

هاري حرام ڪار ! کڻي وڃ ڪونڊي کي.

 

هاري

تنهنجا اڄ ڏسان ٿو، ڍڳا ! اُبتا پار،

پڇ پٽائي پانهنجو، مفت جلهين ٿو مار،

پاڃاري نه پري ڪندس، جي حيلا ڪرين هزار،

نه ته ٿيءُ سچار، هلي وَهه هرن ۾.

 

ڍڳو

اڄ ڪڪڙو نه آهه ڪلهوڪو، ڀُلج نه ڀورا !

کولي ڪر ظاهر، جي ڪيا تو ٿورا،

آڪهه پاليان سڄي تنهنجي، اڃا ڪُلها منهنجا ڪورا،

پوي ٿو توکي شرم ڪونه، اي نادان نسورا،

ڪڏهن ڏنئي ڪونه ڏورا، ڪو آنو اوتڻيءَ جو.

 

امين

نڪا گهٽ گهوٽ ۾، نڪا ڪمي منجهه ڪنوار،

صبح آيو وچينءَ تي، ڪڍ ڪوڙ ڪڪڙا يار !

سڀڪو ڏيندو حساب ڪتاب، ڌڻيءَ جي درٻار،

ڪونهي قصور ڪڙميءَ جو، گهرندس قرض لهڻيدار،

تون لڪيو چَرِين ٿو لوسڻ کي وڃايو وقار،

لهو ٻئي ٿا هڪٻئي کان، اُتر آڱر چار،

هاڻ تڪڙ ڇڏيو تڪرار، پرچي وڃو پاڻ ۾.

 

مناظرو ڪڙمي ۽ ڪانءُ جو

(چيل پير بخش جو)

]هڪڙي هاري اڃان هر کي مٺئي کان مس جهليو ته ڪانءُ ۽ ڪانويلي اچي هر تي ويٺا. هاري کين اُڏارڻ لاءِ هڪل ڏني پر نه اٿيا، ۽ هاري سان مدو اٽڪائي بيٺا. ڪانءُ چيو ته: اي هاري ! اسان کي ٻنيءَ مان ٻج کائڻو آهي سو ڇا به ڪرين، اسين ڪونه وينداسون. هاري چين ته: جي نٿا اڏرو ته ڪمان هڻي ماري ڇڏيندوسانو. پر ڪانءُ نه اٿيو، اتي هاري چالاڪي ڪري ڪانويليءَ کي ڊيڄاريو ته: ڪانءُ نٿو اُٿي پر تون ڀڄي جند ڇڏاءِ، ڇاڪاڻ ته ڪان هڻندس ته سهڻا پر ڇڻي پوندءِ، پر ڪانويلي به هئي هوشيار تنهن هاريءَ کي صفا جواب ڏنو. ان بعد هاري کين سندن پڇ پٽڻ ۽ تير ڪمان سان مارڻ جا ڊپ ٿو ڏئي، ته جواب ۾ ڪانءُ وري هر ڪيرائڻ جو دڙڪو ڏئي ٿو. سندن اهو جهيڙو متو آهي جو مناظرو ختم ٿئي ٿو.[

تمهيد

ڪانءُ ۽ ڪڙمي جي، ٻُڌو هيءُ خَبر:

جوڙو جوٽي هٿ ۾، ورتو ڪڙميءَ مٺيو هَر،

ڪانءُ ڪانويليءَ کي وٺي، ويٺو مٿان هَر،

ڪانگا ! ڇڏ قهر، اُڏي وڃ اِتهين.

 

ڪانءُ

اُڏان اتان ڪينڪي، ويٺو ميڙيان ٻج،

هجئي وسعت وڙهڻ جي، ته ڪانگو ماري وجهه،

نه ته لهئي سارو سج، ته به ٻنيءَ کان ٻاهر نه وڃان.

 

ڪڙمي

ٻنيءَ کان ٻاهر نه وڃين، توکي لڳو آ وجهه،

ڪڍي ڪان ڪمان مان، توکي غازي هڻن گز،

اُٿي ڪانويلي ڀَڄ، نه ته تنهنجا ٿا پَرَ ڇڻن.

 

ڪانويلي

منهنجا ٿا پَر ڇڻن، جو نار نالي ناهيان،

چڙهان شوق شڪار تي، پائي ڦيري فڪل سان،

ڪڍانءِ رت چنبي سان، جو دڙڪو ڏنو اَٿِي ديوَ کي.

 

ڪڙمي

ديو سڏائين پاڻ کي، ڪين جهليندين سٽ،

آءٌ نه ڪڙمين آڏو، متان ڏئي نه ڇڏينئي مَت،

پُڇ پٽيندئي جهَٽ، پرٿڻ. ”پير بخش“ چوي.

 

ڪانءُ

پڇ پٽيندا ”پير بخش“ چوي، آءٌ لنڊو ٿي نه سگهان،

ويهي ڪُڙمي آڏو، آڀون تان نه ڀڃان،

پوءِ ڪيو قُوت وڃان، واهيري ويل وڻن جي.

 

ڪڙمي

واهيري ويل قُوت ڪندين، اڳيان ٽنگي ايندئي ڄاري،

ڪانءَ ماريندئي ڪيترا، مهل وٺي ماري،

اڃا ڙي ڀاڙي ! هڻين هوڏ هارين سان؟

 

ڪانءُ

هڻان هوڏ هارين سان، پر اڃا ڪا ڏاڍي،

مکڻ ڳوليان مَٽيءَ مان، چهنب وجهي چاڏي،

گلم وجهن غازي، سي به وڃايان وٺين سان.

 

ڪڙمي

ڪانگ ! وڏو آهين، تون حرامي حرڪتي،

هجني شابس هوشياريءَ کي، وڏي اٿئي ڇاتي،

کائين ٿو مٿو ماڻهن جو، تون وڏو آن واتي،

هنانءِ ٿو ڪاتي، نه ته اُٿي وڃ اوڙَ تان.

 

ڪانءُ

اوڙ تان اُٿان ڪينڪي، هت کانوان جِيت جَوان،

اٿئي همت هٿن ۾، ته کڻ تِير ڪمان،

هڻ، جي همّت اٿئي، هتان ويندس مان نَه،

هِت قُوت منهنجو آهه، آهيان الله جي اَمان،

تو سمجهو ڇا جوان ! ڪيرائيندوسانءِ هَر هڪل سان.

 

ڪڙمي

ڪرائيندين هَر هٿن مان، آهين ڪهڙي ڏاڙهي؟

هڪل سان هليو ويندين، تون آن وڏو ڀاڙي،

رڳي ٺلهي هڻين ڄاڙي، ٻيو اٿئن افعال ڪونه ڪو.

 

مناظرو هاري ۽ ڪٻر جو

]هن مناظري جو سبب اهو آهي جو هڪڙي ٻنيءَ ۾ ڪٻر اچي آکيرا ڪيا، هاري جنهن پيهو پئي هڪليو، تنهن سامهين ڪٻر کي چيو ته: هتان اُڏامي وڃو نه ته ڳوڙهن سان ڳاهي ڇڏيندوسانو. ڪٻر حجت هلائي ته: اسين ابن ڏاڏن کان وٺي هتي رهون، اسان جا آکيرا هتي، هاڻي اُڏامي ڪيڏانهن وڃون؟ هاريءَ چيس ته: ڪيڏانهن به وڃو پر هن ٻنيءَ مان اُٿو، نه ته ڪاوڙ آيم ته آکيرو ڊاهي ڏيندوسانءِ. اتي ڪٻر به وٺي هل ڪيو ۽ هاريءَ به وٺي دڙڪا ڏنا، اتي ڪٻر ڊوڙي وڃي ڪانون کي وٺي آئي. پريان ڪو ڳيرو ويٺو هو، جنهن سمورو حال ويٺي ڏٺو. تنهن ڪٻر کي سمجهايو ته: جنهن جو نمڪ کائجي، ان جا ڳڻ ڳائجن، ۽ نه جهيڙو ڪجي. تون وري ڪانون کي وٺي آئي آهين ! ان تي ڪٻر هيڪاري ڪاوڙجي ڳيري سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿئي ٿي. آخر ۾ ڳيرو کيس چوي ٿو ته: جيڪڏهن اهڙا جهيڙا ڪري سڀني سان ڦٽائيندينءَ ته اڳتي لاءِ سڀئي پکي سنگن لاءِ سڪنداسون.[


* . هن مناظري جي روايت اتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان ”آصف“ کان ملي.

. صاحب پٽ آچر عرف امام بخش ڊکڻ سومرو، ڳوٺ گل محمد ٻٻر تعلقي جوهيءَ جو رهاڪو آهي. سندس جنم 1881ع ڌاري ڳوٺ محمود ٻٻر تعلقي جوهيءَ ۾ ٿيو. سندس ڪلام گهڻو ڪري مزاحيه ۽ سٺن تي مشتمل آهي، هن کي اڪثر ”صاحب سٺڙيو“ ڪري چوندا آهن.

* .  هن مناظري جي روايت ٿر (تعلقي ننگرپارڪر) مان منگهارام ”اوجها“ کان ملي.

* . هن مناظري جي روايت اتر (تعلقي وارهه) مان غلام رسول جتوئي کان ملي.

* . هن مناظري جون ٻه روايتون اُتر مان محمد يعقوب  ٻرڙي (تعلقي ٺل) ۽ غلام نبي (تعلقو ڏوڪري) کان مليون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org