سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناظرا

باب: -

صفحو :7

لا اِلہٰ الا لله محمد رسول الله

مناظرو عاشق ۽ گهڙي جو

(چيل رضا محمد جو )

]هن مناظري ۾ شاعر هڪ عاشق جو ذڪر ڪري ٿو، جو پنهنجي محبوب جي مٿي تي گهڙو ڏسي حيران ٿي وڃي ٿو. عاشق، محبوب جي مٿي کي عرش اعليٰ جي بلندي ۽ ملڪوتي مڪان سمجهي ٿو، جتي رڳو نور ۽ الاهي رحمت آهي، تنهنڪري گهڙي کي ان اوج تي ڏسي، کانئس پڇي ٿو ته: ڪهڙي هنر سان تو اها منزل ماڻي آهي؟ جنهن جي جواب ۾، گهڙو پنهنجي تڪليفن جو بيان ڪري، عاشق کي ٻڌائي ٿو ته: سڪ ۾ ثابت قدم رهي، سختين ۽ تڪليفن سهڻ سان ئي، محبوب جو قرب حاصل ٿئي ٿو.[

عاشق

اي گهڙا ! گُم غار ٿِئين،                محبوب مٿئون ڇو بار ٿئين؟

لئي عاشقن آزار ٿِئين،          حيرت تنهنجي حيران ڪيو !

 

وَس جي هجي منهنجو وِلها !           تان دم اندر توکي دِلا !

ڪَستئون هڻان ڪوڙين ڪِلا،           ڪيڏو اٿئي نقصان ڪيو !

 

مَٽ ناجنهين پيزار جو،          ڏک ڏين تنهين کي بار جو،

ڏس مُلهه پنهنجي مقدار جو،           تو ڪم ته بيفرمان ڪيو.

 

گم ٿي سگهو گانڊو وڃين،             جيڪي ڇڏيندوسانءِ ڀَڃي،

نه ته لَههُ، منٿ منهنجي مڃي، مون بخش تو عصيان ڪيو.

 

بيڪار آهين بيخبر !           ڪنهن جو نه ڄاڻين ڪو قدر،

گوهر مٿان ٺُولها ٺِڪر !         تو ڪيئن اچي آستان ڪيو؟

 

سِڪندي لنگهيا هِن سال مون، هاريان هجون....................

محبن نه ڪڏهن ڏينهن ڏون،            گڏجي مون...................

 

تو ڪم ڪيا ڪهڙا تَتا !               جو هٿ پنهنجا ....... وڌا !

غم درد تنهنجا سڀ لٿا !              سُهڻل توکي سلطان ڪيو !

 

نا مون مثل مشتاق ٿئين،               نا غَم اندر غمناڪ ٿئين،

جذبي برهه بيباق ٿئين،         تڏ ڪنهن توکي خر، خان ڪيو؟

 

تون سِڪ اندر شائق ٿئين،              فرحت اندر فائق ٿئين،

چئو ڪئن لنگهي لائق ٿئين،           جو عرش تو ايوان ڪيو؟

 

سختي ڏٺئي نا سُور جي،               پيالِي پِيتيءِ نا پُور جي،

ٿيئي ڪيئن نوازش نور جي،            مَلڪوت تي تو مڪان ڪيو.

سل ته سگهو ساري خبر !              ڪهڙي ڪيئي حرفت هنر ؟

توکي .... سي اعلى قدر                اڄ عاشقن ارمان ڪيو !

 

گهڙو

جي سچ پڇين ساري خبر،              حرفت نه ڄاڻان ڪو هنر،

جڏ ڏک ڏٺم البت اَپر،          تڏ مس پهتس هن مان کي.

 

ٻُڌ تون حقيقت حال مون،                هُس خاڪ ۾ خوش خيال مون،

جت جَر اَڙهو ٿي جال مُون،              جَکَ نا رسيم ٿي جان کي.

 

کوٽي آيم تاٿئون کڻي،         ڪنڀار ڪوڏر سان هڻي،

پوءِ جئن تعدي اُن وڻي،         تيئن ٿي هنيائين ويران کي.

 

ماري جڏهن ڪيائين مِٽي،             پاڻي وجهي ڪيائين ڦٽي

چاڙهي تڏهن چڪ تي چَڪِي،  گردش ڏنائين گردان کي.

 

ٺاهي ڇڏيائين، ٺاهي رکِي،              ڪُنہ کي دلو ڪنہ کي دکِي،

ٿيس چاق مس چاٽُون چَکِي،            پر نا رسيس نِڌانَ کي.

 

ڦَٽَڙا جڏهن ڦُڪرا ٿيا،           ٺپڻين سندا ڪُٽڪا ٿيا،

ويتر ٻَهُون ٿيڙم ٻيا،            منهنجي جُسي جند جان کي.

 

سارو سُڪائي سربَسر،           نيئي نهائينءَ جي اندر،

قابو ڪيائين منجهه ڪَڄر،             آتش ڏنائين عريان کي.

 

اُن عشق جي آتش اندر،         سِڪ سور ٿي کاڌم سَڄر،

سارو سڙيس سورهَن پَهر،                هئي باهه هن بِريان کي.

 

جڏهين ٿيس پختو پَچِي،               منجهه رمز رانجهوءَ جي رَچَي،

امداد سان جانب اچي،           ڪيو دست هن ديوان کي.

 

ڏس سور مون صدما سَٺا،               ڦاڙيم چڱاين جا چِٺا،

تڏهين مليا مَنَ جا مَٺا،         محبت سندي مستان کي.

 

جي سوز سِڪ ۾ ٿا پچن،               ڏک سُور ۾ هردم هَسن،

آخر ”رضا محمّد“ رسن،         عشرت سندي ايوان کي.

 

جڏهن درد ۾ جاليو دِلي،                ويران ۾ ويتر وِلهي،

آخر ڀَلن جي ٿيو بِلي،           ڪيئون دست دلي جي دان کي.

 

چاهين ملڻ منٺارَ جو،           لاهي لٽو ڇڏ عارَ جو،

ٻيو وَس هلي ناچارَ جو،          پَس برهه جي بُستان کي.

مناظرو ڇتي ۽ محبوب جو

(چيل ڇتي جو )

]هن مناظري ۾، شاعر پنهنجي محبوب کي، وصل لاءِ ستائي ٿو، پر محبوب کيس اڃان عشق ۾ ڪچو ڄاڻي، الهڙ ۽ وات ڳاڙهو سڏي ٿو. ۽ چويس ٿو ته: تون نڪي اهو راز دل ۾ سانڍي سگهندين ۽ نڪا تو ۾ اها همٿ آهي، جو عشق ۾ پيش ايندڙ سختيون سهي سگهين؛ تنهنڪري اها پچار ڇڏي ڏي. پر عاشق کيس يقين ٿو ڏياري ته: آءٌ راز کولڻ ته پري رهيو، پر سر ڏيڻ کان به نه مڙندس، جيڪڏهن تنهنجي هٿان مئس ته به شڪرانو ڪندس. تڏهن محبوب پنهنجي عاشق سان نيهن نباهڻ جو وعدو ڪري ٿو.[

ڇتو

ڇنڇر ڇَم پِرينِ ڏي، ڏينهن جمعي جاني،

تنهن جي سڪ لڳي سيني ۾، هَي هَي حيراني،

ناسيندي نظر سان، تو ڪئي احساني،

تڏهن کان ”ڇتي“ کي، مُنهن نه چڙهي ماني،

ڪر عشق آساني، منٿ مڃ منهنجا پرين !

 

محبوب

منٿ مڃان ڇوڪرا ! تون عشق ڇا ڄاڻي،

ڳالهه ڪندو سانءِ ڳوٺ ۾، مار ڏيندءِ ماڻهي،

کير وهئي ٿو وات مان، تات نه وِجهه تاڻي،

ڀڄي تون بيزار ٿيندين، ڊيگهه نه ڪر هاڻي،

ڳهلا ! انهيءَ ڳالهه جو، تو ڀيد وڌو ڀاڻي،

ڪنهن سمجهايئي سياڻي، اڳي ته اهڙو ڪين هئين.

 

ڇتو

اڳ ته اهڙو ڪين هُئس، هئس مان اڻڄاڻ،

ته چڙهين منهن سامهڻي، نه ڦاسائين پاڻ،

جاني ! تو سان هاڻ، ٿي آهي ڄاڻ پڇاڻ،

تنهنجي صحبت ساڻ، پڪو ٿيو هانۡ منهنجا پرين !

 

محبوب

پڪو پڪو ٿو چوين، پر پڪن جا ٻيا پار،

تون وات ڳاڙهو ڇوڪرو، تو کي مُڇ نه آهي وار،

اچئي سختي ساهه تي، ته ڀڄي ٿئين بيزار،

چَٽ ٻڌئي ڪا چينچلي، ته پڌرا ڪرين پار،

جي ٿئي ڪا درڪار، ته وانجي سر ويهي رهين.

 

ڇتو

وانجهي سر ويهڻ جا، اسان اصل نه ارڪان،

عاشقن جي آڙاهه جا، جاٿي درس دُڪان،

موٽڻ، مُڙڻ ميهڻو، اسان سِر ڀي سانڀيُون ڪانَ،

ڀُلي ڀُلائي جي ٿئين، منهنجو تون مهمان،

هڏا ڪپي کٽ ٺاهيان، رَڳُون ڪريان واڻ،

واڻي کٽ ويهاريان، منهنجو وَڌي مان،

کَل لاهي پٿرڻي ڪريان، ليٽج لالڻ ! پاڻ،

رَتِي رت نه واريان، مان ڀانڊي تنهنجي ڀاڻ،

الله لڳ احسان، ڇائل ڪر ”ڇتي“ تي.

 

محبوب

ڇائل سڏين ڇوڪرا، تو کي ڪهڙي ڪاڻ قدر،

جتان ڪاٺيون ڪم اچن، اُهو جاني اڳتي جهَر،

عشق جي اسرار جو، تو کي پتو پاند نه پَر،

ڦاهيءَ چڙهندين ڦسڪڻا ! توکي ڪائي ڪَل نه ڪَر،

بيخنيالا، بي حوصلا ! توکي پوي ڪانه خبر،

هاڻي گهاٽ ڇڏي وڃ گهر، متان ڪاٺ وجهايانءِ ڪوڙڪا.

 

ڇتو

ڪاٺ وجهائين ڪوڙڪا، مان شڪر ڪريان ڇو نه !

تنهنجي مارڻ منجهان، مون کي ميهڻو آهي ڪونه،

تون آَنۡ ثابت سونُ، مان ڪُوڙو ڪَچ ڪنڀار جو.

 

محبوب

ڪُوڙو ڪچ نه ڪوٺ تون، آهين مِلڪ متاهه،

تنهنجي ڳالهئين ڳُڻن ڳڌو ۽ سوگهو ڪيو ساهه

هاڻي توسان ئي نباهه، ڪرڻو پيو ڪيچ تائين.

 

مناظرو سسئي ۽ ماڻس جو

(چيل گل محمد کوسي جو )

]سسئيءَ جا ڏير، جڏهن پنهونءَ کي کڻي وڃن ٿا، تڏهن سسئي اُنهن جي پٺيان وڃڻ جو ارادو ڪري ٿي. تنهن تي ماڻس کيس مائٽن جي ننگ، واٽ جي تڪليفن ۽ مصيبتن جو ذڪر ٻڌائي، پنهونءَ جي پٺيان وڃڻ کان روڪي ٿي. جنهن جي جواب ۾ سسئي چوي ٿي ته: پنهونءَ کان سواءِ منهنجو کائڻ، پيئڻ سڀ زهر آهي. پرهه، حياءَ ۽ لڄ جا پردا سڀ لاهي ڇڏيا آهن. ازانسواءِ منهنجو پنهل جي پٺيان وڃڻ به ازل جي لکئي موجب آهي. اِئين چئي، سسئي سر جو سانگو ڇڏي پنهونءَ پٺيان رواني ٿئي ٿي.[

 

ماءُ

امڙ ! اشرافن جو، ايءُ تان ڪم ڪچو،

ڪميڻيون ڪوهن ۾، وڃائين مَٿو،

وڃائين پَت پِيڙهيءَ جي، لائين لڄ ٽِڪو،

تن آيل اشرافن جو، ڪڏهن سُئو نه ڪَچو،

تنهنجو بُت نازڪ ناري، گلابي گل جِهو،

توتي ڪڏهن ڪونه پيو، سندو سج پاڇو،

مُٺِي ! اِئين مَ چئو، ته رُلي مران رِڻ ۾.

 

سسئي

جيڪو ٿي ڳجهه ڳرهين، سو سڀ سمجهان سماچار.

نَڪي آهيان ننڍڙي، نڪي آهيان ٻار،

نُڪا ٻوڙِي ڪَنن کان، نه بيهودي بيڪار،

جاڳيو منهنجي جِيءَ ۾، عشق سندو آزار،

عقل مت مري رهيو، ڪو ويچارو وِيۡچار،

حياءَ، لڄ، شرم کي، برهه ڪيو بيزار،

تون سمهين سيج پلنگ تي، ڪُڙمن ساڻ قرار،

مون کي سڄي رات سورن ۾، ٿا اُٿن هَول هزار،

تون گذارين گهوٽ سان، آءٌ دلبر ڪنان ڌار،

تون کائين کير کٽا گهڻا، اَنب چڱا آچار،

مون کي مُور نه مُنهن  اچي، پياري پرينءَ ڌار،

تون ڪرئين قيمتي ڪپڙا، ريٽا ريشم دار،

منهنجو مَنُ مُوڙهو رهي، جئن ويڙهيل هجن وارَ،

تون پايو ڳهه ڳچيءَ ۾، ڪرين هار سينگار.

منهنجو خان کڻي ويا، هوت هِنۡئين جو هار،

بُت رهيو ڀنڀور ۾، نيئي دل دلدار،

سُڌ نه اٿيئي سُورَ جي، ڏکن جو ڏهڪار،

تڏهن ٿي تقريرون ڪرين، وعظ وڏا ويچار،

جي رکينم هٿ هِنۡئين تي، امڙ ! ٿييئي اعتبار،

ته، مون کان وَڌ وکون وجهين، هوتن لئي هڪوار،

مون سان وِرهه جو وهنوار، تون جيجل ! ٿي جَهلُون ڪرين.

 

ماءُ

چئي: ڌيءَ ! ڌيان ڪر، تو پرت ڪئي پياري،

کوءِ وڃي کَڏ پيا، اُٺَ سندا آري،

ڌاريَنِ مٿي دل کڻي، تو رکي هيڪاري،

جَت ڪُلال ڪيچ جا، هئا ڪَچا قراري،

ڏِنگا ڏونگر مُلڪ جا، هو بيوفا باري،

جتن تو سان جيئري، ڪهڙي پت پاري !

سُتي ڇڏي ويا سيج تي، هو هليا واپاري،

ڪهڙي مُنهن ڪِيهون ڪرين، ڦِڪي ڦيڪاري !

بيحيا، بيعقل، بي پِتِي باري !

سرتين ساهيڙين وچ ۾، ڪئن ڪنڌ کڻندينءَ ڪاري !

جڏي ! هن جيئَڻ کان، اٿيئي بهتر بيماري،

تو جهڙيءَ ڌيءَ تنجڻن ۾، موت ڪوهه نه ماري؟

ٿي کريل ! خواري، ساري شهر ڀنڀور ۾.

 

سسئي

ڇا جي لاءِ ڪرئين ٿي، جيجل ! جهيڙو جنگ،

لکيو لوح قلم ۾، اصل منهنجو انگ،

پاريم ٿي پنهونءَ سان، واحد وڌل وَنگ،

اکر لکيائين عشق جو، نالي نام نسنگ،

وڻن ڪين وِهاڻا، تنهنجا پوش پلنگ،

آءٌ اکين آب وهايان، جئن سانوڻ ۾ سارنگ،

عاشق آرِيءَ تي آهيان، جئن پروانو پتنگ،

ڪاهي وينديس قاف مان، لتاڙي سڀ لنگهه،

وؤڙينديس وڻڪار ۾، مادر ! ٿي ملنگ،

ڪڏهن ورنديس ڪينڪي، ڌُرئون ڪنديس دَنگ،

جنهن جو ٻروچ سان ٻَنگ،سا ٻي ٻولِي ٻُجهي ڪينڪي.

 

ماءُ

ماٺ ڪري ويهه ماڙِيءَ ۾، سسئي ! ڪر صبر،

ڇو ٿي روئين رَتَ ڦُڙا، جال وهايو جر،

حياء آهي اکين ۾، سي اکيون هيٺ نه ڪر،

پنهنجي پرائي ماڻهوءَ جو، امان ! ادب ڪر،

ڪارو نه ڪر ڪُڙم کي، پَت سندي پِدر،

ماڻهو ڏين ٿا مهڻا، ٻيا چريا ڪن چٿر:

کري ڌيءَ کٽيءَ جي، هوءِ نڀاڳي نڌر،

ناناڻيءَ ناموس جي، نياڻي ! ڪر نظر،

اُٺن جو اکَر، ڪڏهن نه ڪڍج وات مان.

 

سسئي

جي ڇڏيان اکَر اُٺن جو، ته پوري نه رهندي پَتِ،

”ڪميڻيءُ مان ڪين ٿيو“، جانب چوندم جَت،

مادر ! جا منع ڪرين، سا مُور نه ڏي مون مَتِ،

دعا ڪرينم دل مان، ته توڏن ملان تُرت،

هوت پڄاڻا هِت، ڏينديس باهه ڀنڀور کي.

 

ماءُ

چئي: ڇا ڪنان ڇوري، تو کي ٿيا ڪُلَ ڪڙا؟

ڇو ڪريين ٿي ڪيچين لئي، تون ڏکي ! ڏاکڙا،

واسري وڻن ۾، آهن مِرُن جا ميڙا،

گهاٽا مِرُون گسن تي، جهنگل ۾ جهيڙا،

هِت هُت هوتن لئي ڪريين، ”گهوڙا ڙي گهوڙا !“

جيجل ! توکي جتن مان، ڪم ايندا ڪهڙا؟

سيڙهون رهن سڃ ۾، ٻيا گورخر گهوڙا،

مست سانڊا برن ۾، ڦوڪون ڏين ڦوڙا،

اچيو ڪن اُلرون، بلائون ۽ ڀولڙا،

بَدُون ڪئين بڇڙا، تو سان وڙهندا واٽ ۾.

 

سسئي

امڙ ! عاشقن اڳيان، بَدُونۡ ڇا بيهندا !

جن کي سڪ سَڄڻَ جي، تن کي ڇپر ڇا ڪندا؟

جيڪس انهيءَ گس تان، مون کي مِرُون ماريندا،

ته صدقي ساهه سدا، سندم ساجن يار تان.

 

مناظرو سسئي ۽ ماڻس جو

(چيل جاڙي خان مريءَ جو )

]سسئي جڏهن ننڊ مان جاڳي ٿي ۽ پلنگ تي پنهونءَ کي نه ڏسي ڪيچ وڃڻ تي گهري تڏهن ماڻس کيس چئي ٿي ته: سسئي ! توکي کٽياڻي سمجهي، پنهونءَ جا ڀائر ڇڏي ويا آهن، جيڪڏهن تون وڏ گهراڻي هجين ها ته شايد توکي ڇڏي نه وڃن ها، تنهنڪري تون انهن جي پٺيان وڃي، پنهنجي ڪڙم کي نه لڄاءِ. تنهن کان سواءِ واٽ تي جبلن جو اڙانگو پنڌ آهي، جتي جا جانور ۽ بلائون توکي جيئرو نه ڇڏينديون. ڏاهي ٿي، پنهونءَ جي پٺيان نه وڃ. پر سسئي ماءُ کي جواب ٿي ڏي ته: جي ڏيرن مون سان ڏنگائي ڪئي ته ڇا ٿيو؟ منهنجو پيچ پنهل آهي، ان ڌاران منهنجو جيئڻ اجايو آهي. پنهل کي هٿ ڪرڻ لاءِ مون کي جيڪي سختيون آڏو اينديون، سي سر تي سهنديس، پر وينديس ضرور. سسئي کي سندس سرتيون به ڪيتروئي سمجهائين ٿيون، پر هوءَ انهن کي به جواب ڏيئي سفر جو سانباهو ڪري ٿي. آخر ۾ شاعر، سسئيءَ جي سفر جون تڪليفون بيان ڪري ٿو ۽ سفر سهنجي ٿيڻ لاءِ ڌڻيءَ کان دعا گهري ٿو.[


* . هن مناظري جون ٻه روايتون اُتر مان احمد خان آصف (تعلقو ڪڪڙ) ۽ غلام رسول جتوئي (تعلقو واره) کان مليون.

†† . سوانح عمري معلوم نه ٿي سگهي آهي.

* . هن مناظري جي روايت اتر (تعلقي اوٻاوڙي) مان فاضل قائمي کان ملي.

. شعر جي سوڌائي ۽ سٽاء، توڙي اسلوب بيان مان ظاهر آهي ته هيءُ مناظرو ڇتي فقير سانگي جو چيل آهي. ڇتو فقير مشهور شاعر آهي سندس سوانح حيات لاءِ ڏسو رسالو ”مهراڻ“، نمبر 4، سال 1955ع.

* . هن مناظري جي روايت لاڙ (تعلقي ٽنڊي باگي) مان محمد طالب لوهار کان ملي.

. گل محمد کوسو، ڳوٺ ڪيٽي کوسو، تعلقي سجاول جو رهاڪو آهي. ڪجهه وقت اڳ پوليس ڪانسٽيبل هو، مگر هاڻي صوفي فقيرن جي صحبت ۾ رهي ٿو.

* . هي مناظرو خود شاعر جاڙي خان مريءَ جي زباني  قلمبند ڪيو ويو.

. جاڙو خان پٽ جلب خان پٽ جهنڊو خان مري بلوچ، ڳوٺ نندو خان مري، لڳ ٻوٻي، تعلقي سانگهڙ جو ويٺل آهي. اندازاً 1880ع ڌاري ڄائو. سندس عمر هن وقت اٽڪل 80 سال آهي. تعليم ڪانه پرايائين. شاعري ڄڻ کيس مائٽاڻي ورثي طور ملي؛ ڇاڪاڻ ته سندس پيءُ ۽ ڏاڏو ٻئي سگهڙ ۽ ڪيترن شاعرن جا راوي هئا. جاڙي خان، ننڍي عمر ۾ ئي سندس ڳوٺ جي شاعر ڪرم خان جي صحبت ۾ رهي، شاعريءَ جي واٽ ورتي. زمينداري ۽ فارغ البالي سبب، جاڙي خان سير سفر گهڻو ڪيو آهي. سندس ڪلام بيتن، ڏورن، هنر ۽ ڳجهارتن تي مشتمل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org