سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناظرا

باب: -

صفحو :9

تمهيد

ساراهيان سچو ڌڻي، وڏي صفت ستار،

رازق روزينو ڏئي، پنهنجي توهه تبار،

بيان ٿئي نه بشر کؤن، اِلاهي اسرار،

ليل منجهارئون لطف سان، وري ڪري والنهار،

هڪ جا راحت جهڙي رَين ٿي، الٰهي اسرار،

نَس نيڻن ننڊ هئي، جيءُ جميعت جار،

صاحب جي ثناءَ سان، ٿي دل ڪيو ديدار،

خاصو خواب خمار، ٿي روح ڏٺو رنگ جهڙو.

 

روح ڏٺو رنگ جهڙو، سندو خواب خيال:

هڪ جو شاهي شهر هو، بازارين برحال،

باغ، باغيچا، بنگلا، مهند موچارا مال،

ماڻهو صورت سڦرا، تن حليمت حال،

خان ويٺو هو کٽ تي، لائق ’مجنون‘ لعل،

بانَوَ پيرانديءَ هئس، ’رانجهو‘ درس دو چال،

اڳيئون تن امرائن جي، هو طرح تماشي تال،

راڳي رنگ رباب هئا، سُر سوادي سال،

جي ڪو اهو ڏسي احوال، سو ماڻهو ئي مخمور ٿئي.

 

ماڻهو ئي مخمور ٿئي، ڪري نت نظير،

گلم، غاليچا، گلرنگي، هيرا لعل حرير،

سڀئي سيج بند هئا، صوفي رنگ سرير،

لاشڪ جا ’ليليٰ‘ هئي، حاضر تاٿي ’هِيرَ‘،

’سسئي‘، ’سهڻي‘ پاڻ ۾، ويون ڏسڻ تماشو تدبير،

وِچڙي وييون واٽ تي، ڀڃي ساهيڙپ جا سِيرَ،

مهڻي پيون پاڻ ۾، نپٽ وهائي نير،

’سسئي‘ ’سهڻيءَ‘ کي هنيو، ڪو طعنو وانگي تير:

خوار ڪَيئِي جنهنِ کِير، سو پيتئي پَروان ۾ !

 

سهڻي

جو يتيم پَروان ۾، سو کير ناهه خوار،

سسئي ! سڀ سڃاڻ تون، اصل کؤن اطوار،

ٻانڀڻ پوٿيءَ ۾ ڏٺو، پيءُ تنهنجي پِرڪار،

ويهي ويچارو لڳو، روئڻ زاروزار،

ته ڪارو ڪندي هيءَ ڪڙم کي، جنهن جو انگ اُبتو آر.

ٻانڀڻ تو کؤن بانولي، بيشڪ ٿيو بيزار،

نڪي مستڪ چُميَئِي ماءُ ڪو، نڪي پينگهي مليئي پِيار،

ڪر عقل جو آچار، ساميءَ لوڙهيئي سِيرَ ۾.

 

سسئي

ساميءَ لوڙهيو سير ۾، هئو امر سندو الله،

سڀڪا تنهنجي سهڻي ! آهي عالَم کي آگاهه،

مَنَهُنۡ اندر ميهار جي، ڪيو وئين ٿي ڪاهه،

سوٽ سڳوئي پانهنجو، ريٽيئي ڪهڙيءَ راهه؟

ڪاڻي ڪانڌ ڪلال جِي، ڪيئن ٻڙي ! وڻي هيئي باهه؟

پيڪن پييئي ڪينڪي، ڏنئون سهڻي تو صلاح،

پر ٻوڙي وڌءِ ٻِپُڙي، دلي منجهه درياهه،

پوءِ سختي آيئي ساهه، مڇيون کائي ويئي ماهه کي.

 

سهڻي

مڇيون کائي ويون ماهه کي، اهو رنگ سندو رحمان،

کٽيءَ سانڀيئي سسئي ! ڌيءُ ڪري سان ڌيان.

جڏهن سامائجي سَر ٿئين، سونهن ڏنئي سبحان،

مڙي کٽي اچي مُچ ٿيا، سورهن سؤ سبحان،

طلب رکيو سڀ تنهنجي، ٿي آيا جُنگ جوان،

مڙئي مڱيندا ڪيو، ٿي نار ! کارايئي نان،

خبر انهيءِ خواري جي، ٻُڌي جڳ جهان،

منڌ ! انهي منجهه مانَ، لڙڪي مرين ها لڄ ۾.

 

سسئي

سهڻي ! توکي سچ چوان، مُڙين ڪين مُهاءَ،

ڪثر تو کؤن ڪيتريون، سوجهي ڪر سماء،

موهي ملوڪن کي، گهر ويٺي ڪن گهاءَ،

تو جان وڃي ڪانڪا، دوڙي ٻئي دراءَ،

اصل وئين ڇيڪ ڇُڙي، نڪي پليئي پيءُ ماءُ،

’ميهر‘ ساڻ مجاز جو، ڪو باري هوءِ بناء،

لوڙهي لهرين وچ ۾، ڌوم اتي ڪيئي ڌاء،

تنهن ڪاڻي کي ڪهڪاءُ، قطري جيترو ڪونه پيو.

 

سهڻي

ڪاڻي کي ڪهڪاء نه پيو، ته به ’ميهر‘ مون منٺار،

مَکيو وتي مينهُن سان، سرس ڪيو سينگار،

وتن شينهن شيڪيا گهڻو، تنهن سان تڪرار،

ويهي وڄائي وِنجهُلي، دم کڻي دلدار،

هن ڀر هرڪو ٻڌي، نڙُ تنهين نروار،

اٿئي ذات جتن جي، جي عالم جڳ اوٺار،

زالانۡ ڇڏيو پانهنجون، پُرن ولايت پار،

ميهرَ من ۾ هيڪڙو، آهي پِرين دل پيار،

جي بَدُو اُٺائن بار، مَٽ نه ميهر جي ڪريان.

 

سسئي

ميهر آهي مزدور، ٻيلي ٻانهون ٻين جو،

پيٽ نه پاپيءَ کي پوي، ته ڪري ڪِيههَ ڪَلُور،

بکئي جي باهوڙ جو، آهي ماڻهن ۾ مذڪور،

اهڙي ڪاڻ اَلهوٽ ٿي، وئين ٿي وهلور،

ڪو سؤٽ ڏنو هوءِ سور، جو ڪاڻي ڏنہ ٿي ڪا هيئي؟

 

سهڻي

چئي: ٿي ويڻ وڏا ڏئين، سسئي ! پاڻ سنڀار،

باغَ ڏيئي بادشاهه نيئي، اَرڏي ! رکين آر،

ٿي مذاقون مون ڪرين، ڪامڻ ! چڱي ڪار،

نولکي مؤن نڪري، جڏهن ڀِرِي وئين بازار،

تڏهن تنهنجي طبيعت جي، گلا ٿي گينوار !

نقلانۡ پِيَئِي نار ! جو وئين بڇڙي ٿي بُستان مؤن.

 

سسئي

چئي: اڃا اِنهان اڳتي، سهڻي ! آهين سَر،

ڪشي ڪوٽارن جان، ٻَڌءِ ڪا مَ ڪمر،

هٿئون مينهن ڇڏين ها هڪڙي، ته ملئي ها سٺ ستر،

ڪوڏن جهڙي ڪشتي ڪيئي، ظاهر منجهئون زر،

سو خرچ نه ساريئي سکڻي، هُيَڙءِ آر اَپر،

وئين لڙهندي منجهه لهر، مُنهن پٽيندي پانهنجو.

 

سهڻي

ڪيئن مُنهن پِٽيوءِ پانهنجو، سسئي ! وئي سرواڻ،

 ڪيچئون ڪيچي آئيا، ماڳ تنهنجي مهماڻ،

پلڪ تنهن پنهل کي، ٻکين پئين پاڻ،

تنهنجي طبيعت جا پيا ڄام پنهل کي ڄاڻ،

ڇڏي نر نڪاح وِيُئي، اَرڏو ڀڃي آڻ،

وئين مُنهن پٽيندي پاڻ، ڪي رِيهانۡ ڪندي روهه ۾.

 

سسئي

چئي: ريهان ڪيم روهه ۾، ته به هليس پٺيءَ حق،

توکي وڌو تار ۾، نهوڙي ناحق،

پنهنجي ئي پيڪن جا، نَپي ويٺئين نڪ،

وڏا ويچارن سان، لوٺي ! لاتئي لڪ،

پئي خواري منجهه خلق، ته به مُور نه سِکنين  سهڻي !

 

سهڻي

تون ڪئن سِکئين سسئي، جو گهوٽ ڇڏي ويئي گهر،

آيو آرياڻي ! وري، هوند دانَہ تنهنجي در،

نانگن وانگي نڪري، ٿئين ٻنڀي کؤن ٻاهر،

ٻک چڙهئين ٻڪرار جي، جو بَدُو گڏيو هوءِ بر،

اتي واليءَ ڪيئي ور، نه ته شرم ويو هوءِ شرمندي !

 

سسئي

چئي: حق وارن جو حب ۾، رکي شاهه شرم،

بلائن کؤن ”بخش“ چئي، قادر ڪري ڪرم،

ڏس پَلڪون پنهل ڄام جون، قُربونَديءَ جو ڪم،

ڪيف قابل کؤن لٿو، جنهن کيپ وڌو هوس خم،

لوڙي لڪن مؤن لڌو، اچي پنهنجو هوت حرم،

سچو ڪر تون سهڻي ! عمل جو آچم،

جنهن ڏي رخِ رکيو وئين ٿي، ٻَڌيو ناحق جي بم،

تنهن کي تِرَ جيترو نه پتو، مرندي ويل مرم،

هاڻي رن مٿي تي رم، اڳتي چور چلان ڪرين.

 

سهڻي

تڏهن سچ تي آئي سهڻي، ٿي سُهميو ڪري سوال:

نه ٿيءُ تار تمام تون، نه ٿيءُ زور زوال،

اڳيئون مير مجني جي، هل ته ڪيون هي حال،

راءُ رانجهو ڀي ٻُڌي، اهو ئي احوال،

جنهن ڏي فرق ٿيو في الحال، قابل مُنهن تنهن ڏي ڪندا.

 

مُنڌن ڇڏيو مامرو، انهيءَ ريت رهي،

’سسئي‘ ’سهڻي‘ پاڻ ۾، ويون تت وهي،

مهند ملوڪن جي، ويٺيون ٻِٽ ٻَهي،

تن حقيقت حال جي، تن جي ڪول ڪَهي:

صورتوند ! صحيح، شرع ڪر شتاب سان.

 

شرع جا شتاب سان، پُرڌائون پارَ:

اصل هئا عشق جا، سنگ صاحب سردار،

باطني برهه جي، هئي توڙئون جن کي تار،

اَپر عالم تي گهڻو، سوُنهَنِ ري سينگار،

شابس شاهن ڪئي، ٻنهيءَ کي ٻيهار،

دوني آهيو، دادليون، عشق سندي آچار،

سچي ڪيائون سسئي، حق پارئون هيڪار،

صبر ڪري سهڻي، ويٺي تنهين وار،

باسيائين ”بخش“ چئي، سندي مُنۡڌَ ميار،

سهڻي، سسئيءَ کي اُٿي، پرچايو سان پيار،

ٻيئي پرتيون پاڻ ۾، ڪن پرت جي پچار،

جي لهن ڪلمي سار، سي ڇٽا سڀ ايمان سان،

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

مناظرو سهڻي ۽ سهيلين جو

(چيل طالب پليءَ جو )

]سهڻي جڏهن گهڙو کڻي ميهار سان ملڻ لاءِ درياءَ جي ٻئي ڀر وڃڻ لاءِ تيار ٿئي ٿي، تڏهن سهيليون کيس پاڻيءَ جي جانورن ۽ خوفناڪ ڪنن جو ڊپ ڏياري کانئس درياءَ پار وڃڻ جو سبب ٿيون پڇن. سهڻي کين ٻڌائي ٿي ته: منهنجو ميهار يار، درياءُ جي هن ڪپ تي مينهون پيو چاري آءٌ گهڻيئي پاڻ کي پليان ٿي، پر ڪارين ڪنڍين جي چڙن جون چينگارون منهنجي هيانءَ کي وڍيو وجهن، منهنجي من ۾ تار فقط ميهار جي آهي. ٻيو ڪي به ياد ڪونهيم. اَهڙيءَ اَٿاهه حب جي اڳيان درياءَ جا جانور مون کي ڇا ڪندا ! آءٌ ڪنن ۽ ويرين جي وچان وڃي محب ميهار سان ملنديس. سرتيون اُن ڳالهه تي اعتبار نه ڪري وري به چونس ٿيون ته: تون عشق جو مکر ٿي ڪرين؛ شايد ميهار توکي کير ۽ مکڻ جام کارايا آهن، سو اُنهن  کاڌن لاءِ ٿي لڇين، ڦٿڪين، نه ته سچ ٻڌاءِ ته ڇو ٿي ميهار وٽ وڃين؟ جواب ۾ سهڻي اُنهن کي چئي ٿي ته: سرتيون ! آءٌ ته ميهار جي محبت ۾ بيمار آهيان. اوهان کيس نه ڏٺو آهي، پر جي هڪ وار ڏسوس ته مون کان اڳي ئي گهر گهوري وڃي ميهار سان ملو ها. آخر ۾ شاعر، سهڻيءَ جي درياءَ ۾ گهڙڻ ۽ ٻڏڻ جو بيان ڪيو آهي.[

سهيليون

سهڻي ! وڃ مَ سِير ۾، اڳيان سَوَ سينسار،

ڪُميون ڪڇون ڪيترا، هلن لک هزار،

واڳُون وَتن وَلر ڪيو، ٻي لُڌڙن جي لَلهڪار،

مانگر وتن مست ٿيو، ٻِرُو ڪَن ٻاڪار،

اهڙي منجهه آزار، ٿي وڃين ويرين سامهون !

 

سهڻي

وڃان ٿي وِيرين ۾، جِت چَرن ڪُنڍيون ڪاريون،

مينَهون مُحب ميهار جون، مڙئي موچاريون،

ڍِڪن ڀُڻيون ڍوري ۾، هُو ڀليون ڀٽاريون،

سڻي چينگارون چَڙن جون، هينئون ڦٽي ٿيو ڦارون،

 مون ڇا ڪندا ڇولين ۾، سَينۡسر سينگاريُون،

آءٌ ور ڏيئي واريون، ويندس پار پرينءَ جي.

 

سهيليون

پَري پار پِرينءَ جو، تون ڪيئن ويندينءَ ويچاري؟

هڪ وهڪرو تيز وهي، ٻيو رات انڌاري !

دهشناڪ درياءُ ۾، هُل هوڪا هزاري،

ڏسيو ڏڪي ڏيل ٿو، توبهه ڙي زاري !

ڪانهي اهڙي ڪُن ۾، ڪا ترڻ جي تارِي،

جتي ڪانه چلي چارِي، اُت ڪئن وڃين ويرين سامهين؟

 

سهڻي

وچان مَر ويرين وچ ۾، اديون ! ڙِي آئون،

آهن اِنَ اوڙاهه ۾، باري بَلائون،

وينديس، ويهنديس ڪينڪي، منهنجو ارواح اُتاهون،

ڪنديس ڏاڍي ڪَست مان، آءٌ ڪُنَن ۾ ڪاهُون،

سڀ لنگهي لَڪائون، وينديس پار پِريِنءَ جي.

 

سهيليون

چون: مَڪر اٿيئي من ۾، تال ڪرين تڪرار،

ڪونهي توکي اصل ڪو، عشق جو آزار،

تو کاڌا آهن خوشيءَ مان، مَکَڻ وٽ ميهار،

ڏونۡرا کاڌءِ دل تي، ٻيا کير کَٽا اُن ڌار،

لُڇِين پُڇِين اِن ريت ٿي، بَهُڪين ٿي بِسيار،

سڻاءِ سچو سماچار، ته وڃين ڪئن ويرين ۾؟

 

سهڻي

چئي: وڃان ٿي ويرين ۾، مون کي عشق جو آزار،

محبت يار ميهار جي، بِرهه ڪيو بيمار،

آنۡ نه ڏٺو ڙي اديون ! منهنجو ساهَڙُ ڄام سچار،

جي ڏسو ها جيڏيون ! مَنَ گهُريو ميهار،

ته گهَرتَڙ گهوري گهوٽ تان، اَئينۡ وڃو ها اُن وار،

ڪين ڪُڇوها ڪجهه ڀي، نڪي تَوَڏ ڪريو تڪرار،

آهي سُڌ انهن کي، لڳي جن لغار،

جي ڪٽين ڪُٽ لُهار، تن ڪهڙو قدر سون جو؟

 

شاعر

ڪهڙو قدر سون جو، ويا قدردار،

عشق نه پروڙجي اصلي، عقل جي آڌار،

هِت نه ڏِس ڏاهپ جي، نه ڪو هلي ويچار،

اهو پروڙين پرت مان، لڳي جن لغار،

ميخون محبت سنديون، مَڙهيون سان ميهار،

اهڙي سان لاچار، سهڻي گهڙي سير ۾.

 

سهڻي گهِڙي سِير ۾، ڪري الله تهار،

ڏسي دهشت درياءَ جي، لڙهي ڪين لغار،

ڪاهيو ويئي ڪُنَن ۾، ترت ڪريو تڪرار،

مُڙي نه موجون ڏسي، ويئي ڪاهيندي قربدار،

سَڪَ ساهَڙُ ڄام جو هئس اندر ۾ آزار،

پر قادر قدرت جو ڌڻي، سائين ربّ ستار،

جيڪي چاهي سو ڪري، آهيس ڪل اختيار،

لکيو پَري ڪين ٽَري، جا قلم ڪئي ڪار،

بهانو پيو بحر تي، پر ڪم ڪيو ڪلتار،

لُڙهي پيئي لهرين ۾، پهتي نه پَرئين پار،

سهڻي ويندي سِير ۾، ڪري چيو ڪوڪار،

”اچي اَڻ تارن جي، ساهَڙُ ! لهه سنڀار،

موليٰ لڳ مسڪين جي، مدد ڪر ميهار !

تو بنا ناهه ڪو، تُرهو اندر تار“.

 انهيءَ طرح ”طالب“ چئي، پلپل ڪيائين پُڪار،

مدد جن ميهار، سي ڪيئن رهنديون سِيرَ ۾ !

 

سي ڪيئن رهنديون سِير ۾، جن کي محبت من،

پيتائون پيالو پرت جو، ”ساهَڙ“، ساهَڙ“ ڪن،

وڃن پيون وِيرين مان، ڏي هلنديون حبيبن،

ڀؤ نه اٿن ڪو بحر جو، نڪو وقت ڏسن،

انهيءَ پَرِ پِرينِ ڏي، واڪِينديون وڃن،

جي پهتيون ته پئون ٻارهن، ڀلا ڀاڳ سندن،

جي مري ويون وچ تي، ته گهوريون تان سڄڻن،

سهڻي سجائي ٿي، انهيءَ اهڃاڻن،

هڪ ڏينهن هُنۡهِينۡ مري ها، ڀَرئي بهانن،

پَر ٻُڏيءُ جا ٻيڻا ٿيا، اندر سِڪ سڄڻن،

”طالب“ طلب جي کي، سي ملن محبوبن،

ڪلمون جي ڪهن، وڃن اهي ايمان سان.

لا الہٰ الله محمد رسول الله

مناظرو مارئي ۽ ڌوتيءَ جو

(چيل جاڙي خان مريءَ جو )

]هن مناظري ۾ هڪڙي ڌوتي، عمر جي پاران مارئي وٽ اچي، ان کي عمر سان شادي ڪرڻ لاءِ ويس وڳن ۽ زر زيورن جي لالچ ڏيئي هرکائي ٿي. ڌوتي کيس چوي ٿي ته: تنهنجا مارو نهايت مسڪين آهن، پر جي تون عمر سان فقط ٻه لفظ کلي ڳالهائين ۽ شاديءَ جو انجام ڪرين ته اُهي سڀ شاهي خزاني مان مالا مال ٿي ويندا، ۽ ٿر جا ويءُ جن ۾ اُهي مال چاريندا آهن، سي به کين بخش ٿي ملندا. پر مارئيءَ جواب ۾ پنهنجي غريب مارن جي عزت؛ لوئيءَ جي لڄ ۽ وطن جي ڏک بک کي عمر جي بادشاهي، محل ماڙين ۽ طعامن کان  وڌيڪ ڄاڻائي اميد ڏيکاري آهي ته: شل ! آءٌ موٽي ملير وڃان ۽ اُتيئي مران، جيئن منهنجا ڏوٿي مون کي کٿيءَ جو ڪفن ڏيئي هٿن سان لوڙهه لٽين. هن مناظري ۾ خاص طرح هڪ بيت آهي، جنهن ۾ شاعر، مارئيءَ جي واتان ٿر جا گاهه ٻوٽا ۽ وليون ڳڻايا آهن.[

تمهيد

عمر آندي مارئي، جهنگئون جهنگ جهَٽي،

قابو ڪيئين ڪوٽ ۾، پئي پنهنجو پاڻ پَٽي،

ڌوتي جا ڌوٻياڻي هئي، ويئي وٽ سانگياڻي سَٽي،

چئي: جهِڄ مَ جهانگيڙن لاءِ، اهي مارو ڇڏ مَٽي،

اهي مونجهارا ”مري“ چئي، ڇڏ قلب تان ڪَٽي،

ويهه ڪامڻ ! ڪانڌ ڪَٽي، هيءُ سَڌر اٿئي سومرو.

 

مارئي

ٻُڌي منڌ ماڙيءَ ۾، نيڻ وهايا نير،

اهو ويڻ وجود ۾، آهي قلب اَندر ۾ ڪِير،

آهن مون اندر ۾، جهانگيڙن جا جهِير،

سُرِهو تن سنگهارن سين، سچو اٿم سِير،

مارن جي ”مري“ چئي، اٿم اندر منجهه اُڪير،

اهي ويڙهيچا وِير، ڪئن وساري ويهي رهان؟

 

ڌوتي

ويڙهيچا وَلهار ۾، ٿا رهن سُک سدا،

سمجهه سياڻي ! ڳالهه کي، اٿئي سچي صلاح،

مٿو ڌوئي منڌ ! تون، سگهي سينڌ چِٽاءِ،

پوشاڪون پهرڻ جون، واري ڪيم وراءِ،

چوٽي ڦُل چڱا اٿيئي، کڻي مينڍي منجهه مڙهاءِ،

نَٿَ بُولو نَڪ ۾، لعلن ساڻ لڳاءِ،

جهالَر، جهُومڪ، جهُومڪيون، سوني ساهه سندياءِ،

مانگهه موچاري ڍولڻ سان، دهري دل سين لاءِ،

هار وڏي تون حرص مان، سيني ساڻ هنڍاءِ،

نُورا گهڻي ناز مان، قربئون ڪڙيون پاءِ،

بازوبند ٻانهن ۾، سي موتين ساڻ مڙهاءِ،

ٻانۡهِين جا ”ٻروچ“ چئي، سا چوڙن ساڻ چڙهاءِ،

منڊين ساڻ ”مري“ چئي، چِيچون سڀ چِٽاءِ،

سانگي تنهنجي ساءِ، سڀ پهرائيندو سومرو.

 

مارئي

پهريو جي پنهوار گهمن، کاهڙ منجهه کٿا،

اهي زيور پائي زيب سان، مون ڪڏهن ڪين ڏٺا،

پائين ٿيون پنهواريون، اُت لوين جا لَٽا،

مارن ساڻ ”مري“ چئي، مون پيتا کير کٽا،

تن سانگيڙن سَٺا، ڪئن وساري ويهي رهان؟

 

ڌوتي

سانگيڙن جي سِير جي، وائِي وات وسار،

ماڙين منجهه ”مري“ چئي، تون سهجئون ڪر سينگار،

ويندو ويڙهيچن ۾، ٿي سومرو سوار،

تنهنجو مان مٿي ڪندو، وڃي پرچائي پنهوار،

آڻي ڪندو اوڏڙا، سانگي سيئي سنگهار،

اَنگل تن جا آر، سڀ مڃيندو سومرو.

 

مارئي

چئي: انگل ۽ آرا، ڪن مُور نه ماڙيچا،

ڪڏهن ڪندا ڪينڪي، اهي سانگيڙا سَرچاءِ،

ڏوٿين سندي ڏيهه تي، آهن ماڳ به مِينهَن جا،

اچن مهل اَجهور جي، اُت مالَ مارن جا،

سونهن ٿا سانجهِن جو، دُونهان ڌراڙن جا،

ڀريو ڏين ڀٽاريون، ساڙها سنگهارن جا،

”مري“ چئي ملير ۾، اُهي سانگي آهن سکيا،

سَڱَ هن سومري سان، هو ڪڏهن ڪين ڪندا،

اهي جوڪس جهانگيڙا، ڪئن وساري ويهي رهان؟

 

ڌوتي

جهِڄِين جهانگيڙن لاءِ، ڇو ٿي تون ڇُڳير!

ويڙهيچي وَلهار ۾، ويندو دانَهه شير دلير،

مُلڪ تنهنجي مارن کي، ڏيندو وِيُ مڙوئي ويڙهه،

سَرچي ساڻ سومري، پوءِ ڇڏيندا ويڙهيچا وير،

ڏيندا ماڙيچا مبارڪون، تنهن ۾ فرق نه اٿئي ڦير،،

ڇڏ ٻاڪارڻ ”ٻروچ“ چئي، ڏي پلنگ مٿي پيرُ،

تنهنجون مرضيون مِير مٿير، سڀ مڃيندو سومرو.

 

مارئي

مِير تنهين مسڪين جي، ٿا ڪامل ڪورَٽ ڪَنِ،

مَراڙِيءَ جيئن من ۾، ٿا توراڙا تُرَن،

ته راجا ساڻ رعيّت، اهڙا ڪم نه ڪَن،

”مري“ چئي مُلڪ ۾، ٿا وَنۡهيا راڄ وسن،

وسئون ڪين وساريون، ڪي مَڱيون مڱيندن،

ٻوڙيا ڪين ”ٻروچ“ چئي، ڪي حق به حاڪمن،

پلپل پُورَ پون، مون کي مارو ۽ ملير جا.

 

ڌوتي

مارو تنهنجا ملير ۾، ٿيڙا ٿَر ٿَري،

قيد ڪاٽي ڪوٽ ۾، تون ويندينءَ مفت مري،

موٽائين ٿي مارئي، چوڻ هيءُ چري.

حاڪم ساڻ هندورن ۾، ويهه نازڪ، ناز ڀري !

تنهنجا ويڙهيچا وري، هيءُ سڌاريندو سومرو.

 

مارئي

هندورا هِن حاڪم جا، آءٌ ٻاري هڻان ٻَن،

لَٻر جي لوين جا، مون وڇاڻا وڻن،

ويڙهيچا وَلهار ۾، ڦوڳَن منجهه ڦِرن،

مال ته ماڙيچن جا، منجهان چاهه چرن،

ٻُرن ٿا ”ٻروچ“ چئي، سانۡڀَر سنگهارن،

جي ڀِٽن پاس ڀِرن، ڪئن وساري ويهي رهان؟

 

ڌوتي

ڀِٽُن جي ڀِرڻ جا، تون لاڳاپا کڻي لاهه،

مرضي مير تنهنجي، رکي ٿو رضاء،

ٿي مانائتي مارئي ! ڳڻي ڳالهه هنڊاءِ،

صاحبزاديون سومريون، سڀ دڙڪي هيٺ دٻاءِ،

ٿيندينءَ راڻي راڄ جي، ويهي حڪم هلاءِ،

تن ٻانهِينِ کي ”ٻروچ“ چئي، تون سائڻ ٿي سمجهاءِ،

سڀ ساري سانگيڙا، آڻي ملائيندو سومرو.

 

مارئي

سائڻ ڪيئن سڏايان، جو اٿم ساروڻي سرتين،

جيڏين جا ”جاڙو“ چئي، ٿا پلپل پُور پون،

پُسيون جن جي پاند ۾، آهي ڏونرا ڏٿ سندن،

لامون هُت لِيارن جون، پڪن جيئن پچن،

کٻڙ جي اُن کيٽَ جا، ڇُڳا ٿيو ڇڻن،

ساميڙي مَڪ ”مري“ چئي، ڪئي سوڙهي سنگهارن،

هِنۡئين منجهه هُرن، ولر ويڙهيچن جا.

 

ڌوتي

ڇڏ تون هور هِنۡئين جا، ڇو هيڻا ڪيڙءِ حال؟

جيڏين جي ”جاڙو“ چئي، مُٺي ! ڇڏ مقال،

ٿي ڪنجيءَ ڌڃاڻي ڪوٽَ جي، رک مڏيون خزانا مال،

تن سانگين جي سنڀال، سهجئون ڪندو سومرو.


* . هن مناظري جي روايت ٿر (تعلقي عمرڪوٽ) مان محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي کان ملي.

. سوانح عمري لاءِ ڏسو حاشيہ ص 62.

* . هن مناظري جي روايت خود شاعر جاڙي خان مريءَ کان ملي.

. سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 53.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org