سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناظرا

باب: -

صفحو :18

تمهيد

اول ڪريان الله جي ساراهه ۽ ثنا،

ذات باقي باريءَ جي، جنهن تي ناهه فنا،

پڙهي صلواة رسول تي، ڪريان قصي بِنا،

ته پکڙجي وڃن پَنا، ملڪن ۾ مشهور ٿي.

 

ملڪن ۾ مشهور ٿي، وڃي هيءُ بيان،

ته گهِلُو واهه گلزار هو، جنهن جا جڳ مٿي احسان،

اَرزان اُن تي اَنّ ٿيو، ٿي کاڌو انس حيوان،

جاري رهندو هو جلهه سان، جابر جنگ جوان،

انقلاب هوس ازل ۾، لکيو قسمت ڪانُ،

آهيم ايءُ ارمان، ويا پُراڻا پُورجي.

 

ويا پُراڻا پُورجي، نوان ٿيا نروار،

اُبتا واهه وهائيا، سکر براج سرڪار،

تن واهن مان شاخون ٿيون، مئنر ٻيا مردار،

واٽر ڪورس وهي هليا، ڪڙِيا ٿيا بيڪار،

ڪسيون اَڏون اڳوڻيون، ڪپجي ويون ڪنهن پار،

پيشنگوئي پوري ٿي، جا ڪئي ماموئين مهندار،

ته ”پُراڻان پراڙ، نوان اَڏجئو نجهرا“.

 

نوان اڏجئو نجهرا، واٽر جي ڀَر تي،

واٽر وهي هليو، گهلوءَ جي گهر تي،

وچان وڍي اڌ ڪري، هليو ڇاتيءَ جي ڇَرَ تي،

سڌو ٿي سِرَ تي، چڙهي ويٺس چور جيئن.

 

چڙهي ويٺس چور جيئن، وهيو ڪري گڙگاٽ،

پاڻي پيتو ٻنئين، لٿي لوڪ اُساٽ،

گَهلُو ويو گهُوماٽجي، ڏسي گستاخي گهٽ ذات،

پڇائين واٽر کان، ڪري ڪاوڙ مان ڪڙڪاٽ،

چئي: واٽر ! مون تان واٽ، ڪئي تو ڪڄاڙئا.

واٽر

ڪئي مون ڪڄاڙئان، تنهن .........

ڳالهه نه سمجهئي ڳهيلا ! .........

تنهنجي مغروريءَ جي، ڪهڙي ڳالهه ڪبي !

ڏک ڏٺا هئي ڏيهه کي، بيحد بي سِببي،

چار مهينا چڱو وهين، پوءِ ڪرين چَبي،

آهيم ايءَ عجبي، ته ماڻهن کي ڪيئن مِٺو لڳين !

 

گهلو

ماڻهن کي مان مِٺو لڳس، جو آءٌ گهَلُو گهوٽ،

پرپٺ وڃي پُڇ ماڻهن کان، مون کي وري وري ڏيندا ووٽ،

ڪَپ ڪنارا ڏس ته منهنجا، گويا قلعا ڪوٽ،

پاڻيءَ سان مان پُر هوس، چرخا وهيا ٿي چوٽ،

تو ۾ پاڻي تڏهن ايندو، جڏهن ناڻي ڏيندا نوٽ،

آءٌ آهيان اَڻموٽ، تون واٽر واپس وڃ هليو !

 

واٽر

چئي: وڃان ڪيئن واپس، مون کي موليٰ ڏني موڪل،

تڏهن آيس تڪڙو، ترت رکي توڪل

ٿو ريج ڪرايان رڻِن ۾، گاهه ٿين گُل ڦُل،

....، آنن لوٽا، برسيم، لوسڻ ڪُل،

....ٻاجهه مان، عقل رکي اٽڪل،

نِسري، ڪڍنديون پوک پڪل،

اڄڪلهه، وارو آهي واٽر کي.

 

...کاهي واٽر کي، تون ڀُليو آهين ڀاڙي !

... ڪري نَم اچي، تون اجائي هڻ نه ڄاڙي،

...ڪين ڪڏهن، هڪ هٿ سندي تاڙي،

... جو هڪڙو، پَت نه تو پاڙي،

مغروري ڪر نه مون اڳيان، وڌ نه هڪ ٻاڙي،

نه ته وجهي ڇولين ۾ ڇاڙي، ڪٽائيندو سانءِ ڪولهين کان.

 

واٽر

ڪٽايو مانءِ اڳي ڪولهين کان، جن بند ٻڌا باري،

کامڙيا کوٽي کڏون ڪري، ويئي وچان ڪڍي واري،

پيٽ تنهنجو ويو پورجي، جَر نه ڪجهه جاري،

پڄي نه سگهين پٺاڻن سان، جن جي ٻولي نه ٻاجهاري،

بيلچن سان ڀنجو ڪڍي، توکي ماري ڪيائون مياري،

اڃا به ڪندين عياري، ته ٽُڪائيندوسانءِ ٽريڪٽرن کان.

 

گهلو

ڇا ٽُڪائيندين ٽريڪٽرن کان، جن ڏٺي اچي کِل،

ڍِڳن جيڏا هلن ڪيڏانهن، ڍلا هلن ڍِل،

ڊرائيورن کي دَز سببان سگهو ئي ٿيندي سِلهه،

نيئر ٻَڌي نَٿ جان، قابو هنيائونِ ڪِل،

منهنجي اڳيان بيهي نه سگهن، ڀڃي ڀرايانِ بِل،

اي واٽر ! ڇڏ وِلَلَ، ته لانگهو نه لوڙهي ڇڏيان.

 

واٽر

لانگهو لُڙهندم ڪيڪني، آهيان بِلاتو بلڪل،

سر تي چڙهي سوار ٿيو مانءِ، هاڻ هَنيا ! ڇڏج هُل،

مون مان راضي رعيت ٿي، تون منجهان ڪڪ ڪُل،

تو ڏڪار ڪيو هو ڏيهه کي، پوکي هڪ فصل،

قرضي ڪئي ڪڙمين کي، تنهنجو نقصانڪار آهي نسل،

منهنجو ڪونهي مُل، تڏهن سرس ٿيس سنسار ۾.

 

گهلو

سرس تون سنسار ۾، ڪڏهن ٿيندين ڪين،

وڃائي آهي واٽرن، زور گهڻي سان زمين،

گويا گڏهه پُٺ تي، رکي اٿن زِين،

هل ته واريون هارين کي، الله ڪارڻ اَمين،

جنهن جو وارو وڌ ٿئي، سو ويهي هن زمين،

ڪاوڙ منجهان ڪين، ڇوٽڪارو ٿئي ڇوڪرا !

 

واٽر

آءٌ ٿيس ڇوڪرو، تون چاچو چڱيرو،

هلو ته هلون هارين ڏي، ڇڏي جنگ جهيڙو،

جهيڙي مان جهان جو، ويران ٿئي ويڙهو،

پوءِ تَڙِ تنهين ٻيڙو، نيّت سچي جنهن جر جي.

 

شاعر

اچي لنگهيو اوچتو، هاري به هر کڻي،

جوڙي ڍڳن اڳ ۾، چُوني ڏيڍ مَڻِي،

ڪلهي ڦاٽل قميص ۽ گوڏ به گهاءِ گهڻي،

ويڙهه نه تنهن وڻي، گهلوءَ سان گمراهه جي.

 

هاري

چئي ! واٽر وڙهه نه وير سان، ڇڏ حاڪم سان حجت،

اڄ ماڻهن هُن کي مَٽيو، تڏهن تَتا ! رکين تهمت،

هو چار مهينا چُست ٿِي، وهيو ساڻ همت،

ته به توکان سرس اُپايائين، سُڪار هئا سَڀتِ،

تون سارو ورهيه وهائين، ته به قرضين جي ڪثرت،

وارو هرهڪ کي مليو، قادر جي قدرت،

هر هر ڀڳو پيو آهين ڀَڏي ۾، تو ۾ تِر نه آهي طاقت،

دٻيو دِڪا ڏينئي مانڊول کي، داروغا ساڻ دهشت،

تنهن موڪيءَ کان چرخي چڱي، جا هاڃا ڪري حرڪت،

تنهنجي آئي اُلفت وئي ڪُوڙ پيو ڪلفت،

هاڻ مئا ڪر مروت، نه ته ڳنڍو پٽائيندين پانهنجو.

 

واٽر

ڳنڍو پٽيندين منهنجو، ته تون به ٿيندين قرضي،

جهڙو واءُ لڳي جهان ۾، تنهن کي منهن ڏيڻ فرضي،

جڳٽ هلي جهان جو، ساڻ موليٰ جي مرضي،

منهنجي هن زماني ۾، سائينءَ ڪٿي آهي سرسي،

”ابڙو“ آهي عرضي، ته سائين ! سنڌ وسائين.

 

سائين، سنڌ وسائين، باري ! رکج ڀَرم،

لوئر براج وهي لاڳ ڪري، قادر ڪريج ڪرم،

سر سبز ٿئي سنڌڙي، گويا فردوس اِرم،

سرس زمين ملي سنڌين کي، نَهوَر عمدي نرم،

سائين ! عرض سندم، ڪلمي لڳ قبول ڪرين.

 

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله.

مناظرو اونهاري ۽ سياري جو

(چيل سعد الله: ”سپاهي“ جو )

] هن مناظري ۾، اونهاري اڳرائي ڪري سياري کي نندي ٿو ته: تو ۾ رڳو کرٽيو، کنگهه ۽ بيماري گهڻي ٿئي، تون مرضن جي پاڙ آهين. ان جي جواب ۾ سيارو، اونهاري کي چوي ٿو ته: جي آءٌ مرضن جي پاڙ آهيان، ته تون به گهٽ ڪونه آهين. تون هارين مزدورن کي لڪن ۾ لوساٽي ساڙي مارين ٿو. اتي اونهارو چويس ٿو ته: تو ۾ چوريون ٿين ۽ تو ۾ پارا پون جي وڻن ۽ پوکن کي ساڙين. ان کان سواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي تو ۾ خرابيون آهن، جن ڪري ماڻهو تو مان بيزار آهن. ان جي رد ۾ سيارو چوي ٿو ته: اي اونهارا ! آءٌ جيڪڏهن نه هجان ته توکي ڪير پڇي به ڪونه، منهنجي ڪري ئي ماڻهو تنهنجو قدر ٿا ڪن. هڪٻئي کان سواءِ پاڻ ٻئي جيڪر برباد ٿي وڃون. تنهنڪري بهتر آهي ته پاڻ ۾ صلح ڪريون ۽ ڀائر ٿي هلون. آخر ۾ شاعر دعا گهري مناظرو ختم ڪري ٿو.[

تمهيد

ساراهيان سچو ڌڻي، جو سائين آهه سبحان،

قادر پنهنجي قدرت سان، جوڙيو جڳ جهان،

جَهانِي جنسار لئي، خلقيائين اِنسان،

انسان تي احسان ڪري، ٺاهيا رات ڏينهن رحمان،

ڏينهن مان مهينا ٿين، مهينن مان سال جوان !

سال اندر ٿين چار مندون، سڻ تون اي سجان !

انهن منجهان ٻه مندون، اچي کريون هڪ ڏينهن خان !

هڪڙي آرهڙ اونهارو، ٻي سيارو سنسان،

ڏيئي دل سان ڌيان، ٻُڌو احوال اونهاري جو.

 

اونهارو

آءٌ آهيان اصلي، اونهارو اَصِيل،

تون آهين ظالم ۽ زور ذليل،

تنهنجي ذلالت جو، سڻ تون هيءُ دليل:

بنائين ٿو ماڻهن کي، روڳي ۽ مرضيل،

تو ۾ کرٽيو، کنگهه گهڻي، سڻ تون اي رذيل !

مون ۾ ٿئي کنگهه ٿي، ڪنهن ڪنهن کي قليل،

ڄاڻي پاڻ جليل، تون آهين پاڙ مرض جي.

 

سيارو

آءٌ آهيان پاڙ مرض جي، ته تون به ٿو ساڙين،

هارين، مزورن کي، ٿو اُسُن ۾ ڪاڙهين،

لُڪُن ۾ لُوساٽيو، ٿو ماڻهن کي مارين،

اڃا ٿو ٽِيڳَر ڏيکارين، ته آهيان آءٌ اعليٰ گهڻو.

 

اونهارو

آءٌ جي اعليٰ ناهيان، ته تون به ڇڏ تال،

سيءَ منجهه ساڙيو، ٿو مارين ماڻهن جا مال،

منهنجا آهن جڳ تي، بيحد گهڻا ڀال،

تو ۾ چوريون زوريون جام ٿين ٿيون جال،

چور تو ۾ زور ٿين، اها چاڪر تنهنجي چال،

ٺاروءَ واري کوهه کان، آءٌ لنگهيس ٿي ڪال،

توکي ڏنيون ٿي گاريون، اي ظالم ! هڪڙي زال،

چئي: مُئو، ماريو چٽ ٿئي، کڻي وڌو آهيس جنجال،

ساڙي اسان کي سيءُ سان، اچيو سال بسال،

پوءِ ڪري رب جلال، شل ڌڪجي وڃي دنيا مان !

 

سيارو

ڪيئن ڌڪبو دنيا مان، جو ماڻهن آهي مِٺو،

تو جهڙو ظالم هن زماني ۾، مون ٻيو ڪونه ڏٺو،

هيءُ تنهنجي ڪارنامن جو سڻ تون سارو چِٺو،

آراين، ڦٽن، ڦرڙين جو، تو ۾ نئون چنڊ ڏٺو،

ڀُٽُن، بلائن، نانگن جو تو ۾ اَٿو نڪو مٿو،

مون ۾ نه بَلا، نه نانگ، نڪو پِيَڻ جو پَتو،

پُڇ وڃي پِرت وارن کان، ته ڪير آهي سُٺو،

قرب وارا ڀاڪر پائي سمهن مون ۾ ڪَٺو،

اڃا به ڏيو ڏٺو، ٿو پاڳل پاڻ پڏائين.

 

اونهارو

آءٌ ٿو پاڻ پڏائيان، پر تو ۾ آهي ٻيائي،

هُنهئين تون هٺ ڪريو، ٿو ڪرين وڏائي،

منهنجي ڪا هِن ملڪ ۾ تو ٻُڌِي نِلائي،

سڀڪو ساراهي مون کي، تو کي ڌڪارين جائِي،

ماڻهن، مِرن، وڻن سان ڪانه ڪرين ڪا ڀلائي،

وڻن جا پن ساڙئين، وجهين ماڻهن ۾ جدائي،

پوڙهن کي پاڙان پٽين، اي سيارا ! سدائي،

مِرون ماري سيءَ ۾، ٿو ڪرين صفائي،

کير تو ۾ ڪين ڄمي، ويٺي ولوڙي ٻائِي،

باقي اُٺ تنهنجو استاد آهي، ڪين مڃنئي جائِي،

ٻُڍن، ٻارن کي تنهنجو، ٿو ڊپ رهي سدائي،

سمهيو سمهيو ڪڪ ٿين، ٻي کئون کئون جي وائي،

هاڻي ڪر ڀلائي، وڻ ڇڏي وڃ سنڌ جا.

 

سيارو

ويندس وڻ ڇڏي سنڌ جا، آءٌ آهيان هت مزمان،

تون به رهندين هت ڪينڪي، اي احمق بي ايمان،

پر تون ڇو هڻين ٿو مون تي بيهودا بهتان،

آءٌ ڪيئن ٿو جدائي وجهان ماڻهن ۾، تون سگهو ڪر بيان؟

آءٌ آهيان سَون سمان، تون ڇو وڙهين مون سان وهڙا !

 

اونهارو

آءٌ وڙهان ٿو توسان، جو مون گهر آئين پيهي،

وطن تنهنجو نه سنڌڙي، آهين تون پرڏيهي،

هماليه تان هلي تون، آئين هت ڪَهي،

وطن تنهنجو اِهو آهي، وڃ تون اواڏاهي،

نه ته وڃج تن وٽ، جن جو توسان لقب اچي ٺهي،

جن کي لقب ”سَر“ جو، توکي نهاريندا سيئي،

غريبن وٽ ڇا اٿئي، رڳو ڏڌ ۽ مهي،

شاهوڪارن وٽ اٿئي ياقوتيون، ٻيا ڪشتا پڻ ڪيئي،

بادام، بيضا، مرغيون، ٻيا گيهر اٿئي گيهي،

اي سيارا سجهنديئي، وڃي وارو ڪر ڪنهن وزير تي.

 

سيارو

ڇو وارو ڪريان وزير تي، آهيان آءٌ آزاد،

جتي وڻيم تت وڃان، ڇا ڪندين حرامزاد !

جي آءٌ نه اچان هن ملڪ ۾، ته ڪير پڇيئي وڻواند !

ڏکن بنا سکن کي، ڪير ڪندو ياد ؟

اهي قدرتون آهن ربّ جون، جن کي تو سمجهيو آهي راند،

تون نه هجين، مان نه وڻان، ٿيون ٻئي برباد،

هاڻي پائي ڳچيءَ پاند، اچ ته ملون پاڻ ۾.

 

اونهارو

اچ ته ملون پاڻ ۾، آهيون ڀائر ڀلارا،

آهن هڪ الله جا، اهي رنگ نيارا،

مون ۾ ٿئي گرمي، تو ۾ پون پارا،

فائدو ٻنهي مان ملڪ کي، سُڻ ڀائُو پيارا !

آهن احسان الله جا، ماڻهن تي اپارا،

”سپاهي“ سوال ڪري ٿو، اي سائين سچارا !

ڪر ڪرم هن ڪميني تي، اچي پرور پيارا !

عقل، علم ۽ سمجهه جا ڏي ڀري ڀنڊارا،

دين دنيا ۾ عزت ڏي، خلق خلقڻهارا !

رحمت جا رحيم ڌڻي، ڪي وسائج وسڪارا،

لڏيان هن دارا، ڪلمي ساڻ ڪريم جي.

 

لا الہٰ الا الله محمّد رسول الله
مناظرو ناڙي ۽ سنڌ جو

(چيل شريف جو)

[شاعر تمهيد طور الله تعالى، نبي صلعم ۽ اصحاب سڳورن جي تعريف ڪري ٿو. ان بعد زماني جي حالت ٻڌائي ناڙي ۽ سنڌ جو ......... ٿو. شروعات ناڙي کان ٿئي ٿي، جا سنڌ سان هوڏ جي پئي آهي ته سنڌ ڇا آهي جا مون مقابلو ڪري سگهندي؟ ناڙي پنهنجي ساراه ڪندي چوي ٿي ته؛ سنڌ جي مالوند ماڻهن جو گذر منهنجي چراگاهن تي آهي. مون ۾ گاه ٻنيون جام آهن. اَن بي انداز ٿئي. منهنجا ماڻهو پهلوان ٿين، جن مان هڪڙو هڪڙو سنڌ جي سون ماڻهن سان مقابلو ڪري سگهي ٿو. ان جي جواب ۾ سنڌ رد ڏئي ٿي ته: ناڙي ۾ اهي خصوصيتون برابر آهن، پر اتي پنج سال سڪار ۽ پنج سال ڏڪار ٿئي. پوءِ ڏڪار واري عرصي ۾ سنڌ ئي آهي جا ناڙيءَ کي پالي ٿي. ان زماني ۾ ناڙيءَ جا شير مرد فقط مانيءَ ٽڪر تي سنڌ ۾ ڪمائين ٿا. ان کان سواءِ ناڙيءَ جي مقابلي ۾ سنڌ ۾ اَنن جا انبار ٿين. اتي گجگاه ٻيلا ۽ ڪئين واهڙ ۽ نديون آهن، جنهنڪري پاڻ ناڙيءَ جا ماڻهو اچي هتي مٿو لڪائين. اتي چڱا مڙس اچي وچ ۾ پيا، جن سنڌ کي نصيحت ڪئي ته تون پاڻ ڏي ڏس ! ناڙي تنهنجي ڌيءُ ٿئي. انهيءَ تي ناڙي سنڌ آڏو پيش پئي ٿي ۽ سنڌ کيس چوري ۽ زوري ڇڏي هر جي پورهئي ڪرڻ جي نصيحت ڪري ٿي.]

تمهيد

ساراهيان سچو ڌڻي، سونهارو سبحان،

قادر جوڙيو قدرت سان، زمين ۽ آسمان،

نبي پيدا ڪيائين نور مان، جوڙي راس جهان،

چارئي يار رسول جا، ابوبڪر، عمر، عثمان،

علي حيدر شاهه، جنهن ڪنبايو ڪفران،

 

ڪي اوَٿَر، ڪي اونڌوڪار، ڪا ٿڌي ڪَيئين هير،

توڏهن جيڪا تقصير، ڪنهن جي لاهي ڪونه ڪو.

 

ڪنهن جي لاهي ڪونه ڪو، ٺاهه ڇڏيو ٺاهي،

ناڙِي، سنڌ مقابلو، ڏس ٻَڌو آهي،

منصف ويهي وچ ۾، قصو ٿو ٺاهي،

هو جو انگ ازل ۾، اڳ لکيو آهي،

چئي: سنڌ هي ڇا هي، جو مان سان ڪندين مقابلو !

 

سنڌ

مان سان ڪندينءَ مقابلو، مان ۾ آهن گنج،

تو کي پِٽَ پاڻيءَ جي، ٻيو رُلايو ٿِي رَنج،

هڪڙا ڏوهه پيٽ ۾، ٻيا کنيو وتين هنج،

ايڏا تو اهنج، ٿي مان سان ڪرين مقابلو !

 

ناڙي

چئي: سنڌ ساهي جهل پنهنجا، پوئتي ڪري پير،

منهنجا پَٽَ چڱا، پوٺا چڱا، ٻيا گهٽ چڱا گهير،

وسن مِهرانۡ ملڪ ۾، ٿين ساوا گاهه سوير،

سانگي اچن سنڌ جا، ڪاهي مال مٿير،

ميها متيرن کان اڳ، پچن ٿا ٻير،

اٿن طُرا، وتن ڌُرا، ڏنگا جن جا ڀير،

اٿن گهوڙا، وتن ڏوڙا، خان سخي سي شير،

ٿي وجهين مانۡ سان وير، متان سَٽ نه جهلين سنڌڙي !

 

سنڌ

سٽ ڏيندينءَ ڇاڪاڻ، مانۡ ۾ پاڻي اَنۡ الله،

سوين واهُڙَ نديون ۽ ڌڌڪن پيا درياهه،

ڪي ٻيڙا، ڪي ٻيڙيون، ڪي مٿئون مير ملاح،

ڪي مڇي، ڪي لوڙهه، ڪي بِههَ، وطن ڀريا واهه،

پوکن ساريون، پچن جُواريون، لابارو لاهيون، ڳوڌا ٻڌن ڳاهه،

اچن ماڻهو تنهنجي ملڪ جا، اچي سِرُ تڳائن ساهه،

انگين اگهاڙا، پيٽ بُکيا، ٿين مانيءَ تي همراهه،

ٻُڌ ٻوڙِي تون ڪن ڏئي، اهي رند تنهنجا ٿي راهه،

پوءِ سڀ چُڪينِ واهه، اچي سڻاوا ٿين سنڌ ۾.

 

ناڙي

تنهنجا سنڌي سنبري هلن، پهرا جاڳي پَٽ،

ڀري ڏاند ڪُنن جا، آڻي وڪڻن چَٽ،

ٻوريون آڻين ٻونگر جون، ڪن جوئر تي مَٽ،

کَپن ڪِينِ کُهين جا، پوءِ ڪڍي ويهن هٽ،

اهڙن ارڪانن سان، ٿي وجهين مون سان وَٽ،

متان ڏينئي سَٽ، ٽِيڪڻ ! متان ٽِنڊان ٿئين.

 

سنڌ

وِيَئي ڏينهن ٽِنڊن جا، هاڻي نه ٿي ساهه،

اچي ويٺو ملڪ ۾، فرنگي بيپرواهه،

ماري مڙني کي، پڃائي ڪيائين پاهه،

سڀڪو آهي هڪ جهڙو، غريب توڙي اُمراهه،

پوءِ ڪرين ويڌ وڻۡواهه، آهين سلامي سنڌ جي.

 

ناڙي

سنڌ سلامي بادشاهه جي، ان تي خلق اچي،

تنهنجو سؤ سنڌين جو، منهنجي هڪڙي تي نه اچي،

هڻ پاهڻ نهائينءَ ۾، ته ڪو ٺڪر بچي ؟

پوءِ مرجان ڪرهه مچي، جو سنڌ پوئي سُڌڙي !

 

سنڌ

سڄي ناڙي سنڌ ۾، ٿي عمر گذاري،

ٻُڌو ويڻ وِلهيءَ جا، جو مان کي ٿي ماري،

نِيمَڪ پايو پيٽ ۾، ويڙهيون ٿي واري،

مان ٿي ڪيانس ملاحظو، جو لڳي آ لاري،

هاڻي گوهر ٿي هاري، ڪنديمانس جُٺ جهان ۾.

 

ناڙي

ڪندينءَ ڇا جُٺ جهان ۾، وڃانءِ ٿي ٽَري،

ملاحظي جي ماڳهين، اَٿِي ڪانه ذري،

پٽي ڏس پانهنجي، دل جي تون دري،

وهلي وڃ وري، واڌو ويڻ نه ڪر تون.

 

سنڌ

تون پنج ورهيه سُڃي، پنج ورهيه سائِي،

اڳيون تَرڪو وڃَنئي، سي کپائي کائِي،

پورهيت آهين پڌري، در منهنجي دائِي،

پوءِ ڏئين نٿي ڏائِي، اهو هٺ هلندو ڪينڪي.

 

پرچاءُ

هاڻي چڱن اشرافن ڪيو، سنڌ ناڙي پرچاءُ،

گڏجي اوهان گذران ڪيو، نه ڪيو ويڌ وڌاءُ،

سمجهي اوهان ساهڙيون ٿيو، چِت ڇڏيو سڀ ساءُ،

ناڙي تنهنجي ڌيءَ آهي، تون سنڌ سندس ماءُ،

تنهنجو خراسان آهي، سنڌ ! ماٽيجو ڀاءُ،

اچي تنهنجي پيش پئي، ڇڏ وڏائيءَ واءُ،

سنڌ سڃاتو پاڻ کي، لڳو ناڙيءَ جو واءُ،

چوري زوري ڇڏ، هَرَ جو کٽيو کاءُ،

ڪلمون چئو تهانءِ، ڇٽندا سڀ ايمان سان.

 

لا الہٰ الا الله محمّد رسول الله

مناظرو زال ۽ مڙس جو

(چيل لائق جو )

]هن مناظري ۾، هڪ بدچال زال کي مڙس اشراف ٿي رهڻ جي نصيحت ڪري ٿو. پر زال بجاءِ نصيحت مڃڻ جي، مڙس سان مهاڏو اٽڪائي، کيس گهٽ وڌ ڳالهائي ٿي. جواب ۾ مڙس به سندس يارهن يارن جا نالا ڳڻائي کيس ڌمڪائي ٿو ته: جيڪڏهن هاڻي ڪا لچائي ڪيئي ته ماري ڇڏيندو سانءِ. اتي زال ڏٺو ته جهيڙي مان اٽلندو مڙس هٿان موچڙا کائينديس، سو ميٺ محبت ڏيکاري پرچاءُ لاءِ چيائينس، پر مڙس پرچڻ جي نه پيو ڪري. مڄاڻ ڪو مڙس به ٻهر پيرو هو، جنهن جي خبر زال کي هئي. تنهن وري مڙس کي طعنو هنيو. انهيءَ طرح زال مڙس ٻنهي جا پول پڌرا ٿي پيا، جي سگهڙ لڪي ٻڌي وٺي ٿو. آخر ۾ سگهڙ ”نڪا گهٽ گهوٽ ۾، نڪا ڪمي منجهه ڪنوار“ چئي، زال کي نصيحت ٿو ڪري ته مڙس سان سامهون ٿيڻ نه جڳائي.[


* . هن مناطري جي روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان اميد علي جروار کان ملي.

. سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 185.

* . هن مناظري جي روايت صالح محمد سمي (ڪراچي) کان ملي.

. مناظري جي آخري بند ۾ ”لائق“ غالبا شاعر جو نالو آهي، جنهن پاڻ کي اصل سيوهڻ جو پر هاڻي ڪراچي جو رهاڪو ڄاڻايو آهي. سندس وڌيڪ احوال معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org