سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناظرا

باب: -

صفحو :27

گڏهه

اچان ڇو نه وري، آ هيءَ هيريائي جي هِيرَ،

جيسين رتو راس ٿئي، تيسين ڀڳي سان ئي ڀير،

مون سان خان کُهِي ويا، ڪيئي مرد مٿير،

ڪڻڪون ڪل ’ڪوشن‘ جون، ڍاڙي [1] ڪيم ڍير،

هنن به هنر هلائيا، لَکين ڦند ۽ ڦير،

جنهن کي ربّ رکي، تنهن کي ڇا ڪندين ڇڳير !

ڏکاءِ نه ڏيل کي، نه ته ڏکيو ٿيندين ڏڦير !

”نِيّت صاف مرادان حاصل“ ڪڍ مَندي ۽ مير،

هڪڙي ڏينهن هليو ويندين، وچ ڌرتيءَ ڍير،

بکيل سان بَهش [2] نه ڪر، ڪُرٽو تون ڪَستير [3]،

”اَلحمدلله ربّ العالمين“ نه آهي ڇڙو تنهنجو ربّ، جهَٻير [4]،

کائڻ ڏي کوٽا ! ته پويئي برڪت ڍيرئون ڍير،

هلت انهيءَ سان حاصل ٿيندءِ، سرس سبحاني سير،

کائينديس هڪ ڪنڊ ڪڻڪ جي ڇڏ تون ڇوهه ڇڳير !

چئو ٻِي، ڪُچِر ! آهي ڪير، جو مون کي ڪڍي ڪڻڪ مان؟

 

ڪڙمي

ڪڍندوسانءِ ڪڻڪ مان، لائي لٺين لات،

ڀڄي وڃ ’بڪار‘ ڏي، ڪُرٽاڻي ڪمذات،

وجهي ونگ ڄنگهن ۾، ماري ڪندوسانءِ مات،

چڱو ٿي چَلِي وڃ، هنڙئون چُپ چپات،

پوندي ڪَلَ ڪُتن کي، پڇندئي سي نه ذات،

شهر جي ڇورن سان، نه آهي ڀيڻي بات،

ڪلهه ڀي سارو ڏينهن هُين، تنهنجي وائي وات،

ٻَڌل اٿئي ٻن ڏينهن کان، هوءَ تنهنجي ڀي ماسات،

وسيلي ! وري تون ڀي، اَئينءَ ٿيڻ هت گهات،

ٽي ٽي چڙهندئي ٽاڏ ڪري، ڏاتر ڏيندن ڏات،

جي ناحق اوڏو ناهه ٿيا، تن جي اعليٰ ذات،

’اِذاجاءَ اَجَلهُم فلايَستاءِ خرون ساعِة وّلا يستقدمون“ وائي اٿن وات،

”صُم بُّڪُمٗ عُمِيٗ فَهُم لايُبصرون“ انڌن ڇا اثبات،

گڏهه ! ڇڏ گوهين کي، وڃ نڪري راتئون رات،

وڃي هنڍاءِ هنئين سان، هي منهنجي مُک مصلات،[5]

تاڏي تَڙِ ڇڏڻ جي، تون ترتئون ڪر ڪا تات،

پوءِ اهڙيئي اثبات، وڃي بَڪ ’ڀَين‘ ڏي.

 

گڏهه

وينديس ڪين ڀَيَن ڏي، هتي رهنديس حال،

ڪڻڪ جي ڪنڊ ۾، لائينديس هيءُ سال،

تون ڀي ضد ڦٽو ڪر، ڇڏ انڌا ! هي افعال،

سِٽَن [6] سان سِڪ سرس آ، ٿيو روح بطال،

مران مُور نه رهان، پر رازق ڪيو رهوال [7]،

ڪو ڪنهن وٽ قسمت سان، ايندو آهي ابدال،

ڏسي سنگ سَرسڙا، انڌو ٿيءُ نه اکيال [8] !

ڇڏي ويندين هتڙي، هيءُ تون مڏيون مال،

ڇڏ ته مان مسڪِين پئي، پَلان تنهنجي پال[9]،

پوءِ انهيءَ حال احوال، ٿيندين ويجهو وصال کي.

 

ڪڙمي

ويجهو ٿيان نه وصال کي، تون گڏهه ! ڪر نه گِر،

ڪُتي ! ڪڻڪ اسان جي ۾، ايڏو اصل نه هِر،

ڪڻڪ جي ڪُنڊن تي، ڦيرا ڏيئي نه ڦِر،

هلندا هِت نه هرگز هيءُ، نال ته تنهنجا تِر،

ڪڻڪ ڏسي ڪمذات ڙي ! ٿي بيتالي آن بِرُ،

ڪُٽي ڪامُن سان وڃائيندوسانءِ سِرُ،

اکيون ٻوٽي انڌي ٿي، ڪڻڪ ۾ نا گهِرُ [10]،

نڪي ڏسي وائسي ڏوجهرن ۾ ڪِر،

پير جهلي پئي ڦِرُ، ڪُتي ! هن ڪڻڪ کؤن.

 

گڏهه

ڪُتا ! ڪڻڪ جا ڄٽ، تون ڪين ڦَٿڪ،

هاديءَ جي حساب کؤن هيا ! ڪجهه هَٽڪ،

مار نه مسڪينن کي، ڪم نه ايندءِ ڪَک،

هڪ دل آزردي [11] ڪري، توڙي اُڏائين لَکُ،

پوندئي رحم نه ربّ کي، ايهو ريب نه رکُ،

تنهنجي همراهن ۾ ڀي، ناهي اٿڻ جو سَتُ،

تَڪي ڏس تؤ ڪري، ته آهي پيهرَ جو ڪو پَهَتُ،

لڳل هجي لوڙهو، ته پوءِ ٽَپي ڏيان نه ٽَهَڪ،

پڌر ڏسي پوک کي، اچان ٿي ته اُڇَڪ،[12]

ڳالهائين ٿو ڳاٽ کڻي، ڪونهيئي شايد نَڪُ،

پيهَرَ ناهيئي پوک کي، بُري بات نه بَڪ،

هٺانهِن [13] ههڙن جو، آسرو نا رکُ،

ماري مورا [14] مَڪُ [15]، اُٿي پيهر ڏي تون پوک کي.

 

ڪڙمي

پيهر ڏيندس ڪينڪي، مَندي ڇڏج مير،

هرڻ هڪلي مان ڇڏيو، تون ڪُرٽاڻي آن ڪير؟

هَنئي ! ڪر حياءُ ڪجهه، ڇڏي فرق ڦير،

ڊٺِي ! [16] ڊِٺُ نه ڪر تون، ڏسي پنهنجو ڏير،

وٺي ڇوڪر ڪوٽ جا، ڪندوسانءِ مان ڇيڙ،

ڊڪائيندءِ ڊٻَ مان، لنگهائيندءِ نيڙ،

انهيءَ حال احوال ڇڏ تون، ڀُلي ! هيءُ ڀير،

پوءِ چُوتل ! جهل پير، ڪُتِي ! هن ڪڻڪ کؤن.

 

گڏهه

ڪُتا ! ڌڻي ڪڻڪ جا، ايڏي بڪ نه بَهه،

چاهه جو ”چنگل“ چئي، چَشڪو سرس چئو،

مان ڪندي سانءِ هينگ، ايندو گڏهن جو سؤ،

ڀيل ڪندي سانءِ بڇڙي، بچندءِ ڪينڪي جؤ،

ڪُرٽو ڪَوِيسَرِ [17] سان، کوٽا ! ڪين کَههُ،

منهنجو ڪڙم قبيلو ڪافي آ، ڪين جهليندين تؤ،

اُڏامندءِ اَڏُن تي فقط پيو رءُ،

هڪ جو سُور پيو، تون سِڪ سان سر تي سَههُ،

نه ته سڀئي ڪري ڍؤ، ڏينداسين ڪُڏ ڪڻڪ ۾.

 

ڪڙمي

اوهان ڏيندؤ ڪُڏ ڪڻڪ ۾، وريو حاڪم جو وارو،

مان ڀي ميلُ [18] وٺي ڪري، ڪاهي سؤ سارو،

بانٺا هڻي بدن کي، نر هڻي نعرو،

انهيءَ چاهه ”چنگل“ چئي، وٺائي چارو،

مڙني جو مَروٽي ڪري مُنهن ڪارو،

هڻندوسانءِ ڍاڪِل ڍڪ ڪري هيءُ ڍارو،

پوءِ ڏيئي هيئن ڏارو، پڄائيندوسانءِ ’پني‘ ۾ [19].

 

گڏهه

’پنو‘ عشق جو ٻَنو، تون ڪهڙي ڪندين ڪار؟

وسوڙل وٺ ٿئيئي، وائي هيءَ وسار،

ڍڪ جا دڙڪا تون، اسان کي نه ڏيار،

هڪڙا هيڏي، هڪڙا هوڏي، ڀڄي ٿيندءِ ڌار،

ڪاهيندين ڪيئن ڀلا تون، انهيءَ ئي آڌار،

سج لٿي ٿي بيزار، ڦِڪو ٿي ڦٽو ڪندين.

 

ڪڙمي

ڦڪو ٿيندس ڪينڪي، آڻيندس ڪي يار،

لٺين ۽ لوڙهين سان، جيڪي ڏيندوَ ڏاڍي مار،

ٿيها ڏيئي ٿڪائيندا، جيڪي توکي ٻار،

پاڻيهي پَڙٻاٽن [20] سان، پوندينءَ وڃي پاتار،

ڌڪي هِن ڊِٻُن ۾، پوندءِ سُرت سنڀار،

لچي لالچ جي ڇڏ، لائق ٿي، اڄ لار،

توکي به نشو ناتي جو آ، گهڻائيءَ جي گينوار،

پوندءِ پتو تڏهن، جڏهن ڦري ويندءِ چوڌار،

”نفسي نفسي“ اُت ڪندينءَ، هوندءِ اها تار،

منهنجا ساٿي سُرت ڀريا ٿئي، تون ڄاڻين ٿي ٻار،

توکي ڪاهي ئي چوتار، وڃي ڍاڪل هڻندئي ڍڪ ۾.

 

گڏهه

پر تنهنجي ئي يارن جي، هاڻي آهه پَرک،

مان ڀي وڃان ’کُري خان‘ ڏي، جاتي آهن گڏهن لَکَ،

ڪلهه کان وٺي ڪُرٽو تون، مارين ٿو پيو جَک،

هاڻي پَٽايان ٿي ڪَک، دانهه تنهنجي ڏيهه جا.

 

ڪڙمي

تون پٽائين ڪَکَ، ته مان ڪيان پيهر کي وارو،

ڳَلا، ڳٿا ڳنهي ڪري، پيهر ڏيان سارو،

هڻي کاهِه [21] خفو ڪري، هڪ ڇڏيان چارو،

ماڻهو مڙيئي وٺي ڪري، توتي ڪيان مارو،

ڦير [22] ۾ ڦاسائي توکي، هڻان ڍنڍ ڏي ڍارو،

ڇورا ڇني ڪندئي، پاڻيهي لَهَنوارو،

وٺي گس غمن جو، هلندينءَ هڪوارو،

پنبڻ کان ڪندينءَ پوءِ پاڻيهي ڪنارو،

صبح سنگهارو، وڃي تاريندوسانءِ تار مان.

 

گڏهه

ڳنهه نه نالو تار جو، اسان اَڏ به ڀانيون بلا،

وڃان هاڻي ئي، تون ڪَر نه ڪار ايها،

تون ڏاڍو، مان هيڻي، منهنجي توبهه زاري آ،

”چنگل“ چئي چُوتل ڏس، ڊني ڊاءَ صفا،

هنگي هَروماء مڙيئي، ڪَيا ڪاج ڪنا،

جنهن کي ضامن ڪلمون آ، سو پهرين پتڻ پار آهه.

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

مناظرو هاري ۽ سيڙهه جو

(چيل قاسم جو)

]هن مناظري ۾، شاعر تمهيد کان پوءِ هاري ۽ سيڙهه جي جهيڙي جو سبب بيان ڪري ٿو ته: هڪڙي هاري باراني پوک ڪئي، جنهن ۾ جوئر ۽ ٻيون وليون هيون. ان ۾ سيڙهون اچي هريون، جي روزانو نقصان ڪري وينديون هيون. هڪڙيءَ رات هاري گهٽ جهلي ويٺو ته سيڙهه نظر آيس، تنهن کي چيائين ته: اسان هيڏي محنت ڪري تنهنجي لاءِ ٻني ڪانه پوکي آهي. جيڪڏهن هٿ آئين ته ڏاڍي ڦيهه ڪڍبئي. سيڙهه جواب ۾ چئي ٿي ته: اوهين ڪيترا به پهرا ويهاريو پر اسين پتا کائي وينديونسين. تنهن تي هاري ڳوٺ جي ڪتن جا ڊپ وڌس. پر سيڙهه انهن ڪتن جا پرڪار ٻڌائي چويس ٿي ته: آءٌ اوسي پاسي جون سڀ سيڙهون گڏ ڪري سڀئي ٻنيون ڀيلائي ڇڏينديس. پوءِ ڏسان ته مون کي ڇا ٿا ڪريو؟ پوءِ سيڙهه، هاري کي منٿ ٿي ڪري ته: اسين قسمت سانگي هن ملڪ ۾ آيا آهيون. اسان جو روز ائين ئي لکيو آهي، تنهنڪري اي هاري ! تنهنجي ٻنيءَ مان جيڪڏهن ٿورو ڪي گهڻو کاڌم ته توکي رنج نه ڪرڻ گهرجي.[

تمهيد

ساراهيان سچو ڌڻي، جو جوڙي جوڙ جلال،

ٻيو رفيق رسول آهي، جنهن جلوو آهه جمال،

مرُونءَ جي مذڪور جي، هت ڪيون ٿا ڳالهه:

ماهه مهنو ’چيٽ‘ جو، سنباهيون ٿا سال،

گَجِي آئي گاجڙي، ڇوليون ڏيئي ڇال،

ٻَهُون ريج ٻَنا ڀريا، جُواريون پوکيائون حال،

وليون تن جي وچ ۾، کنڊريون ڪي خوشحال،

ڪڍي گل گوشن منجهؤن، ڪيئون هڙ حصال،

ڏسو هَنئِي جا حال، جو پاڙئون ول پٽي وڃي.

پاڙئون ول پٽيو وڃي، ڏسو هَنئِي جو رنگ هي،

پاڙئون رن پٽيو وڃي، سُڃي اِها سيهه،

پوکياسون چُوپا چپٽين سين، ڪري ڏکن سين ڏيهه،

سي کريل کايو وڃي، جنهن کي کڙهه ناهي کيهه،

ڦري ڪڍندئي ڦيهه، جي اچين هٿ هاري جي.

 

سيڙهه

ڪڏهن هٿ اچون ڪينڪي، توڙي چوڪس ٿيو چاري،

رڙهيو اچون رات جو، وٺي مهل موچاري،

ڪنهن جو ڪيون ڪينڪي، زيان ذرو ذاري،

تو پُٺيءَ سيهن جي، ..... خواري؟

جيڪي هوندءِ پِتا هاري، ...... سريونءِ پڌرا.

 

هاري

چي: ڇا پَٽائيندس پِتا، تون ڪٻر آهين ڪير؟

ساجهر اُٿي صبح جو، تنهنجو کڻنداسون پير،

جي ڏر مان نڪرين ڏينهن جو، ته ڍونڍو ڪيونئي دير،

ڪٽي توکي ڪهاڙين سان، ڇڏايون اِها هير،

گهڙيو پنهنجيءَ گور ۾، هاڻي شمر ٿي آهين شير،

سڀ سڌاري سير، ڪنداسون پيهر قابو پوک جو.

 

سيڙهه

چئي: ڪندين قابو پيهر پوک جو،اسان جا ڪنڊا اٿئي ڪانَ،

لنگهيو پئون لوڙهن مؤن، ڳٿا ڪيو ڳانَ،

وجهيو وات ولين ۾، اسين مُچا هڻون مانَ،

ڏيئي لوڏ لٺن تي، خوشيون ڪيون خان،

ٿيندءِ سُور صبح جو، جڏهن ظاهر ڏسندين زيان،

هيا ! ٿي حيران، ڳالهيون ڪندين ڳوٺ سان.

 

هاري

چئي: ڪندس ڳالهيون ڳوٺ سان، تنهنجون اِهي آءٌ،

وٺي ڪنگر ڪنگرا، ٿِڦي آڻيندس ٿانءُ،

ڪري ٽنگيندس بکا، ڪنهن ٿوڻي تي ٿانءُ،

ڏسي ڏيل ڏرندينءَ گهڻو، هَئِي ! ڦاٽندءِ هيانءُ،

لوگها تنهنجي لنگهڻ جا، سوگها ڪندوسانءَ،

پوءِ ڪميڻي ڪٿانءُ، کَر لنگهندينءَ کَدڙي؟

 

سيڙهه

چئي: ڪڏهن رهون ڪينڪي، توڙي سوين ڪيو ساٺ،

اچون ويرا ويرَ جو، پاڻ آهيو پياٺ،

پونديونسين پِتَن ۾، وجهي ڪَرٽن ۾ ڪڙڪاٽ،

وڙهيو تنهن ولين ۾، ڊوڙي ڪنديونسين ڊاٽ،

اسان ڪيئي ڪڙمي ڪنبايا، وڏا انهيءَ واٽ،

ڇو ٿو هلاک ٿين، ويهه موڙها ! ڪري ماٺ،

اها اسان جي آٽُ، ڪنهن ڀڳي آ ڪانه ڪا.

 

هاري

چئي: ڪنهن نه ڀڳي آ ٽڙي، نه ڪا تَڙي آيَوَ تَڏ،

هَئِي ! اها هارين سان، کؤنس کڻي تون ڇڏ،

نه ته سڏي تنهن کي، گُڏي ڪندوسانوَ گَڏ،

ڪندس پهه پَئُوڻ جو، وڏي کوٽيندس کَڏ،

اڏيندس اٽَڪل جو، مٿئون تنهن جي مَڏ،

رڙهي نڪرنديون رات جو، ڏکيون اُتانهون ڏڏ،

هڻي ڀڃندو سانوَ هڏ، جڏهن پونديون اچي پئوڻ ۾.

 

سيڙهه

چئي: کنيل تنهنجي کَڏ جي، بيشڪ پوندي بانس،

ڪڍي ڏيل ڏَر مان، نڪين نَوسيندياس،

ڏيئي لَت لڪڙين تي، لوڏي ڏسندياس،

وٺي پاسو پئوڻ جو، پار لنگهي پوندياس،

سڏي تن سهيلين کي، آءٌ هُل هڻي هلندياس،

لتاڙي لوڙها آءٌ، پَيل ڪري پلندياس،

ڪپي تن ڪانن کي، وات وڏا وجهندياس،

کوٽي کائيندياس، ڪڍي ڳَرٽ ڳَنن جا.

 

هاري

چئي: کائينديون ڳَرٽ ڳَنن جا، آءٌ ڪتا آڻيندس ڪاهي،

پَٽِيندو پُڇڙين مان، بيشڪ سي باهي،

جي ڪانڊربيون ڪُڪڙ جان، ته لوڏَ وجهندو لاهي،

ڇڪندو چَڪن سين، وات وجهي ٺاهي،

ڳريل سي ڳاهي، ذرڙا ڪندو زور مان.

 

سيڙهه

چئي: ڪندا ذرڙا زور مان، تنهنجا ڪُتا ٻاريندا ڪان،

جوان ! اسان وٽ جنگ جو، سڀَ آ سامان،

ڪانڊارجي هڻو ڪست مؤن، باري تِکا بانَ،

لنگهيو پئون لوڙهن مان، تُڪليون ڪري تان،

ڪُتو بيهي ڪينڪي، گهُري امن ۽ اَمان،

جوان بچائي جان، لڪي ويندءِ لوڙهه کؤن.

 

هاري

چئي: لڪي ويندو لوڙهه کان توسان چري ! ڏيندا چوٿ،

منهنجو وينڊو، واڳُون ويڙهه جا، آهين سي اڻموٽ،

ڪڪڙ، مانگي ڪين ڇڏجي، ڪونڌر ٽپائن ڪوٽ،

ڀؤنر تليهر پَر ۾، ٻَڌجن ڪين ٻَرڙوٽ،

ڏکڻ ڏينڀو ڏر ۾، گهُمريون ڏيندءِ گهوٽ،

ڪري اُونڌ اَلوٽ، کڻي ڪڍندئي گور مان.

 

سيڙهه

چئي: گهٽڻ، گهيرن مؤن، ڪِني آهي ڪم،

وينڊي وڙهڻ ڇڏيو، واڳو منجهه وهم،

ڪڪڙ اچي ڪينڪي، جنهن کي گوجو آهي غم،

مانگو در مهتن جي، سو درس ڏئي ٿو دم،

ڀؤنر به ڀونڪڻ ڇڏيو، جنهن جو قوت ٿيو آهي ڪم،

ويو تاءُ تليهر کان، جنهن جي قُوّت ٿِي آهه ڪم،

ڏکڻ ڏسي ڪينڪي، جنهن کي اکين ۾ آگم،

ڇو ٿو اسان سان اهي، اجايا ڪرين اَچم،

سڏي سيهون جم، وجهنديونسين ويڌ وَلين ۾.

 

هاري

چئي: وجهندينءَ ويڌ ولين ۾، کَريل ! لاهه خيال،

نه ته ڊوڙائيندءِ ڪتا ’ڊگهه‘ جا، بڇڙا آهن بحال،

ڪهڪائيندءِ ڪتو ڪورين جو، ايندئي بُل هڻي سو بال،

چي شرع ڪندئي شڪاري، وائر جهلندئي وال،

جَنڀي ايندئي جوکين جو، ڇوهون ڏيئي ڇال،

ڏاڪر تي ڏاهرين جو، ڪندئي هُل هنبال،

گُڏي تنهن گولوءَ جو، پِڃي ڪندئي پيمال،

رهندئي ڪين رازن جو، توڙي تڙيل ! ڪرين تون تال،

گِهلي ’گنهوراڻين‘ جو، اچي حيلا ڪندئي حال،

ايندئي ميڙ ڪري مهاڄڻ جو، لهندءِ سار سنڀال،

ماري ماڇين جو، مچي ڪندئي ملال،

ڪندئي زور زوال، سهڪائي ڪتو ’سوهين‘ جو.

 

سيڙهه

چئي: ڇا سهڪائيندو سوهين جو، قدر اسان جي ڪير؟

اٿئي ڪَرَن سُڪو ڪورين جو، ڇانهيري ڇَپير،

شل ! اچي شڪارين جو، جنهن کي هڏن جي آ هير،

ٿو جُهون ڏئي جوکين جو، ڪري گِرهه مٿي گير،

ڏاڪڙني ڏاهِرين جو، ڏئي ڀونڪيو نَرا  ڀير،

گوبو ڇڏي گولوءَ جو، پل نه ڪو هڪ پير،

اَٿِي روازي ڪتو رزان جو، ڇا وڙهي وٺندو وير؟

غم ۾ گنهوراڻين جو، ٿو چَپ چٽئي چٻير،

ماڻهو ڏسي مهاڄڻ جو، ڪندو بازار منجهه بهير،

اَٿي مدو ڪتو ماڇين جو، جنهن جي چُلهن سان چهير،

ڳاٽ کنيو ڳرواڻين جو، سانجڻ ڪري سوير،

آهي سِڪڻو ڪتو سوهين جو، جهن جي کاري ساڻ کهير،

ڦند ڦِٽا ڪر ڦير، وجهنديس ويڌ ولين ۾.

 

هاري

ڇا وجهندينءَ ويڌ ولين ۾، توکي موڪل آهي مَر،

ڪڏهين ڇڏيندا ڪينڪي، هاري پنهنجو هَر،

تو ڪميڻي ڪڙمين سان، کؤنس ٻڌي آهي کَر،

ڏسجانءِ ويس ولين جا، ٿينديون لوڏ لَهر،

کِنڊري پونديون خيال سان، ڪنديون گل گنبور،

ڪيئن تن ۾ ”قاسم“ چئي، پتا ڪندو پرور،

هڪڙا چاڙهينداسون ٻوڙ ٻنين ۾، گهڻا آڻينداسون گهر،

پٽي تن پِتن مان، ڪنداسون شيءِ شهر،

ويندو ڏولائو ڏيهه مان، ڪندو مهر منوّر،

ولين جا ويتر، ڏسجانءِ کرا خيال تون.

 

سيڙهه

چي: بُرا ! ٻول نه بڇڙو، واڌو ڏي نه ويڻ،

نه ته رڙهي ڪنهن رات جو، سڀ سڏائيندس سيڻ،

ورسائيندس ولين سان، جيڪا ڀر ۾ هونديم ڀيڻ،

اٿئي سور اسان جو، ڏکيا توکي ڏيڻ،

جڏهن اُڙهين ٿي ڪِيڻَ، ته ڪرين ها صلاح سيهن سان.

 

هاري

چئي: ڪهڙي صلاح سيهن سان، مِرُون مردار !

هر، ڪِيڻ حاجڙي، آ ڪِرت اسان جي ڪار،

ٻيا مُلڪ ٻَهُون اٿئي، بيحد بيشمار،

ٻڙي ! هن ٻنيءَ ۾، هِرين ڪيئن هيڪار؟

گهمري سان کايو وڃين، وليون ڏسين جي چار،

ظاهر تنهنجي زبان جو، اٿم وهم وڏو ويچار،

ڪني رن مڪار ! مَن اچين هٿ هارين جي.

 

سيڙهه

چئي: هٿ به اينديس هڪڙي، ٻيو دَڙا ! ٿئي دَل،

سنڀري ٻَڌنديون سندرا، ڪنديون سي ڪهڳل،

اچي پوندئي پوک ۾، وجهي ٻارَن منجهه ٻَهل،

ايندئي سيڪ سَلن جو، ڪُوڪيو ڪندين ڪهل،

آياسين قسمت سين ”قاسم“ چئي، ڇڏي ماڳ محل،

آهيون ٻٽي ڏينهڙا، تون جُوءِ پنهنجي جهل،

هاڻي جنگ ڦٽي ڪر هل، نه ته سَڪندين ڪاڻ سَلن جي.

 

هاري

چئي: ڇا سڪندس سلن ڪاڻ، سَلا ٿيندا سَٻر،

ڇا کائيندينءَ کودڙي ! سُڃي آهين هڪ سِر،

ڪڪيڙ هڪڙي ڪنڊ کان، ڪتريو وڃ ڪَٻر !

ڪانهي ڪُل ٻنيءَ کي، تنهنجي کائڻ جي خبر،

موڪَ وسندا مِينهڙا، جال پيئنديون جَر،

ڏسجانءِ ڪهڳل ڪانن جا، ٿيندا ڪوٽ ڪپر،

پوندا پيها پرڳڻن تي، ٿيندي جهارن جي جهُونگر،

قادر ربّ قدرت ستن، ڪندو اَنّ اَپر،

لڏي پچنديون لال ٿي، جيڪي پوکايون پرور،

ڪڙمي سڀئي ”قاسم“ چئي، سائين ڪندو ستر،

ڪندا لابارا لاڏ مان، وٺي لاهيارن لشڪر،

پوکون لهي پٽ ٿينديون، ٿيندا پالها پَٽ پَڌر،

مال اچي ماڻهن جا، ڇُڙيو کائڻ جهنگ جهَر،

تون رَلِي ويندينءَ روهه تي، ڪندينءَ ٻَٺ ٻاهر،

ندوري نِبتر ! تون بنڊل کائيندينءَ بُکَ کان.

 

سيڙهه

چئي: بنڊل کائون بک کؤن، آ قوت اسان جي ڪار،

ٻَڌ ڪن ڏيئي ڪڙمي ! هيءَ گوش لائي گفتار:

آيونسين سفر سانگ جي، لهي ڪنهن لاچار،

زيان ڪيوسين ضرورت کان، جڏهن بک ڪيو بيزار،

هاڻي بخشيو هن بنديءَ کي، جيڪي بُري تي آهن بار،

ڪنبان ٿي ”قاسم“ چئي، اڳيؤن سخت سُجهي سرڪار،

دشمن شل دور ٿين، ڪرم ڪري ڪلتار،

وٺو راهه رسول جي، جو سچو آهي سردار،

سيئي لنگهندا پار، جن ڪلمون پڙهيو ڪوڏ مان.

 

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

مناظرو هاري ۽ گدڙ جو

]ڪوهستان ۾ هڪڙي هاري جي کير سان ڀريل کلي ٻنيءَ ۾ پيئي هئي. صبح جو اچي ڏسي ته اُها ڦاٽي پيئي آهي ۽ کير زيان ٿي ويو آهي. هاري سمجهي ويو ته اها لچائي گدڙ جي آهي، انهيءَ واقعي کان متاثر ٿي شاعر هيءُ مناظرو جوڙيو آهي. هاري کيس چوي ٿو: اڙي گدڙ ! تنهنجي کليءَ سان شايد اڳيئي دشمني هئي تڏهن لوڙهي مان لوگهو ڪري اچي کلي خراب ڪيئي، ڀانئجي ٿو ته تنهنجا ڏينهن به اچي کٽا آهن. جيڪڏهن ڪنهن چالاڪ شڪاري جي ور ٿو چڙهين ته خبر پئجي ويندئي. گدڙ پهريائين ته هاري کي صفا جواب ٿو ڏيئي ته: مون کي تنهنجي چارين جي پرواهه ڪانهي، پر پوءِ موچڙن جي ڊپ کان ڀڄي ’سنهڙي‘ ڳوٺ ۾ ويو جتي ’عبدالله‘ جي ڪڪڙ کنيائين آخر ۾ شاعر چوي ٿو ته: آهي ڪو مڙس جو هن گدڙ کي سيکت ڏئي ![


[1] . ڍاڙي = ڀيل ڪري.

[2] . بهش = ضد.

[3] . ڪستير = ڪاوڙ ڪندڙ.

[4] . جهٻير = گهڻن وارن وارو.

[5] . مصلات = مصلحت.

[6] . سٽن = سنگن.

[7] . رهوال =هلندڙ، هوشيار.

[8] . اکيال = وارا.

[9] . پال = ڇپر، پاسو.

[10] . گهر = لنگهه، گهڙ.

[11] . آزدي = آزادي.

[12] . اُڇڪ = تکي، جلد.

[13] . هٺانهن = مزورن.

[14] . مورا = ڪنڊيون.

[15] . مڪ = گهڻا.

[16] . ڊٺي = ضد ڪندڙ.

[17] . ڪويسر = سياڻو.

[18] . ميل = ميڙ.

[19] . پني ۾ = پني عاقل جي ڍڪ ۾.

[20] . پڙٻاٽن = ٽپن.

[21] . کاهه = کاهي، کڏ.

[22] . ڦير = واڙ وانگي ٺهيل ڦاسائڻ جي جاءِ.

* . هن مناظري جو متن ڇپيل ڪتاب ’خوش نصيب هاري‘ مطبوع فردوس پريس حيدرآباد سنه 1953ع تان ورتل آهي.

* . هن مناظري جون ٻه روايتون هڪ اتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان ”آصف“ کان ۽ ٻي ڪراچيءَ مان صالح محمد سمي کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org