سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناظرا

باب: -

صفحو :3

ڀائي خانو مل کوهي کڻائي، جنهن ۾ ڪي هيڪاندا ڏيڏر اچي پيا. ڀائي کوهيءَ جي پچر ڇڏي، جمڙائو واهه  تان پاڻي ڀرڻ شروع ڪيو، پر پنڌ هو پري سو وري اچي ساڳي کوهي کڻايائين، پر ڏيڏر ڪٿان ٿا نڪرن (571):

مارو وجهين مرشد، دولهه درياء شاهه،

پر تڪڙ ۽ تاءُ ڪبو ڪونه ڪڃرن سان،

اتي ڏيڏر چيس ته:

ڪڃر نه چئجانءِ قوم کي، سمجهي سيٺ ڳالهاءِ،

صلاح وٺي سڀني جي، وڃي کوهي ٻي کڻاءِ.

خانو مل ورندي ڏني ته:

اسين پئنچ ڊڄون پاپ کان، ڏسيو سائينءَ جي سرڪار،

جهڙا اٿو پرڪار، ته گهلي ڪڍانۡوَ گپ مان.

پر ڏيڏر چيس ته:

گهلي ڪڍندون گپ مان، ڪي ڍڳا ۽ ڍور،

اسين وٺايون ڪين واڻين کان، اهڙا آهيون اٺور،

ڏيئي ڪڙيي جي ڪور، ڀائي توکان ڀڄي وينداسون.

شاعر حاصل فقير وسائي پوٽي پنهنجي گهوڙي کي مکڻ ٿي کارايو ته چاڻو ڪانء کڻي ويو، جنهن تي فقير چيس (573) ته:

ڪانگ تنهنجي ڪُٽ ڪري قادر ڪمائي،

مکُڻ منهنجي گهوڙيءَ جو تون کاڻان ! وئين کائي،

ڇڏين نٿو ڇيهه تائين اها ارڏائي،

تو آهي ملهائي، پڳ پنهنجي پيءُ جي.

ڪانگ آڏو ورندي ڏني ته:

پڳ منهنجي پيءَ تي اها اصل کؤن آهي،

وڌو وسائي پوٽا ! تنهنجي انهيءَ مهڻي مسائي،

تو ڦونڌي لاءِ فقير ! ڇو ايڏو قصو ڪيو آهي؟

مون کي هن مرض جو، ڪنهن ڏس ڏنو ڏاهي،

تو سواسير مکڻ جو، وڃ پڪو پهچائي،

ته دوا توکي درد جي ڏيان ٺاهوڪي ٺاهي،

قوّت باهه جي لاءِ ڏيان معجون ملائي،

تنهن لاءِ تڪليف ورتم، ڇڏيم توکي رنجائي.

شاعر ڪؤڙو لغاري ۽ سرڻ، جا سندس پيهي تي وٺ اڇلي ٿي، پاڻ ۾ تکا ٿي وڃن ٿا، جنهن تي سرڻ ڪؤڙي کي پنهنجي ڀاءُ سانباهي جو دڙڪو ڏئي ٿي (611) ته:

سڏ ڪنديس سانباهي کي، جنهن جي آهيان ڀيڻ،

اهو اهڙو اٿئي ڏيڻ، جو ڪؤڙا ! ٽرندئي ڪينڪي.

پر آڏو ڪؤڙو چويس ٿو ته مون کي ڀاڻين جو ڊپ نه ڏي:

سَٽيندوسانس سؤنٽن سان، ۽ گهوٻاٽا ڪندس گهاءُ،

اهو پنهنجو ڀاڙي ڀاءُ، ڏيکارجانءِ ته ڏينهن جو.

سرڻ چوي ٿي ته ماٺ ڪر ماٺ ”هو اهڙو اٿئي کک، جو ڏسيو ڏيل ڏريو وڃي“. انهيءَ تي ڪؤڙو ٿو چويس ته ميدان تي آڻينس ته سهي ته:

ڏسان تنهن جو ڏيل، ته ڪهڙي صورت اٿس ساڻ،

اهو ڀاڙيو ڀاڻين آڻ، ته چتائي ڏسان تنهن چٻ کي.

شاعر مرزو نوحاڻي ۽ هڪ چٻ پاڻ ۾ چپ پئجي وڃن ٿا، جنهن تي آخر چٻ دڙڪو ڏئيس ٿي ته آءٌ پنهنجا سڀ طرفدار پکي پرند ٿي گڏ ڪريان (616) ۽

جوڙي توسين جنگ، آءٌ ٿي لڙائي لايان،

هاڻي ٿي سڀئي سڏايان، پکي هڪڙي پلڪ ۾.

آڏو مرزو ٿڌي نموني ۾ ٿو سمجهائيس ته اهي

ڀائر ڀيڙا ٿي اچي ڏيندئي خرچ مڙئي کائي،

پوءِ ڪانهي ڀلائي، ماسي ! گهڻي ميڙ مان.

مناظرن ۾ انهي قسم جي فڪاهت ۽ ظرافت ڄڻ بيت بيت ۽ بند بند ۾ سمايل آهي.

(د) نج ٻولي ۽ محاورن جو استعمال: مناظرا ٻهراڙيءَ جي شاعرن جا چيل آهن، جيڪي نج سنڌي ماحول جو نيپاج آهن ۽ نج سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ آهن. انهيءَ ڪري سندن شعرن ۾ نج ٻولي ۽ محاورن جو استعمال فطري آهي. مٿي چئي آيا آهيون ته مناظري جي سٽاء ’سانگ‘ واري آهي جنهن ۾ ڌريون ڄڻ اداڪار بنجي پنهنجو طرف پيش ڪن ٿيون. مناظرن ۾ ڪيترن ئي قسمن جون ڌريون آهن جن ۾ نظريا، وصفون، وٿون، جانور توڙي انسان اچي وڃن ٿا. اسان جي سڄاڻ شاعرن جهڙي ڌر تهڙي ٻولي ۽ جهڙو ڪردار تهڙو بيان ڪم آندو آهي. عورتن جي حالت ۾ عورتن جي زبان استعمال ڪئي آهي، چڱن مڙسن جي حالت ۾ سنجيده الفاظ ڪم آندا آهن، ته هلڪڙين ڌرين جي حالت ۾ سندن زبان جي هلڪائي ظاهر ڪئي آهي. هنن نه فقط جدا جدا ڪردارن جي سندن حسب حال مخصوص زبان ڪم آندي آهي، پر ڪن ڌرين جي حالت ۾ جا ڌر جي مادري زبان آهي، سا ئي مناظري ۾ پڻ استعمال ڪئي آهي. ’پيرو ڪلوئي ۽ بصر مينگهواڙ‘ (685) توڙي ’محمود کٽياڻ ۽ گنگو مينگهواڙ‘ (693) وارن مناظرن ۾ هڪ ڌر مينگهواڙ آهي، ۽ انهيءَ ڪري شاعر ان جي زباني پڻ سندس پنهنجي مينگهواڙن واري ٻولي ۾ پيش ڪئي آهي. فطري طور، شاعر جتان جو هوندو اتي جي لهجي ۽ محاوري مطابق ٻولي ڳالهائيندو. مناظرن جا شاعر سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن جا باشندا آهن ۽ ٻهراڙيءَ جا رهندڙ آهن، جنهنڪري خالص مقامي ٻولي سندن فطري زبان آهي. انهيءَ ڪري انهن شاعرن جي مناظرن ۾ سنڌ جي جدا جدا خطن جي ٻولي ۽ اتي جا خاص الفاظ ۽ اصطلاح ملن ٿا، جي سنڌي ٻوليءَ جي مقامي محاورن جي مطالعي لاءِ هڪ قيمتي سرمايو آهن. مثلاً هيٺين مناظرن ۾ خاص طرح مقامي محاورن جا مخصوص الفاظ ۽ اصطلاح ملن ٿا: کٿو ۽ بوڇڻ (122)، سٿڻ ۽ منجهلو (125)، گدڙ ۽ شينهن (284)، ڪڙمي، هرڻ ۽ گدڙ(367) ملان ۽ گدڙ (499) وارن منظرن ۾ سري جي اتر اڀرندي (روهڙي ڊويزن) ڀاڱي جي ٻولي جا خاص الفاظ ۽ اصطلاح ملن ٿا؛ ڪؤنرو ۽ چلم (155) اٺ ۽ گهوڙو (264) اٺ ۽ ڏيڏري (276، 278)، ڪانءِ ۽ ڏيڏري (304)، ڪونج ۽ چَتون (317)، ڀنڀوري ۽ مڇر (336) وارن مناظرن ۾ لاڙڪاڻي واري ڀاڱي جي مقاميءَ ٻوليءَ جا ٽاڻا ۽ نشان ملن ٿا؛ جواني ۽ پيري (102) واري مناظري ۾ ٺٽي ڊويزن جي ڏاکڻي اراضي (ميرپور ساڪرو) يعني کاري جي ٻوليءَ جا اهڃاڻ نظر اچن ٿا؛ سهڻي ۽ سهيليون (73)، ڪنڊي ۽ ڄار (171)، سانڊو ۽ سانڊي (293)، ۽ ٻين ڪن مناظرن ۾ مهراڻي جي ٻولي (ٿرپارڪر ضلعي ۾ سنڌو جي وادي ۽ ٿر جي ڀٽن جي ڪنڌيءَ واري سرحد جي ٻولي) جا مخصوص لفظ ۽ اصطلاح آندل آهن؛ هاري ۽ گدڙ (391)، جوسب ۽ گدڙ (415)، وٽ باکڙو ۽ گدڙ (423)، ۽ مير ۽ گدڙ (539) وارا مناظرا سڄي جا سڄا ڪوهستان ۽ لس ٻيلي واري محاوري ۾ چيل آهن. حاصل فقير ۽ ڪانگ (573)، ڪانهيو ۽ ڪهه (653، 660) ۽ ڪانهيو ۽ ٻٻر (671) وارن مناظرن ۾ ٿري محاوري جا خاص الفاظ ۽ اصطلاح ملن ٿا. مجموعي طور سان هنن هڪ سؤ ستونجاهه مناظرن ۾ سنڌ جي هر ڀيڻي ۽ ڀاڱي جي ٻولي ڳالهائي وئي آهي.

مواد جي نوعيت ۽ ترتيب

مناظرا، عام سنڌي شاعريءَ جي هڪ مکيه ۽ عام مقبول صنف آهي ۽ انهي ڪري مناظرن جو جهجهو مواد موجود آهي، جنهن سڄي کي سهيڙڻ لاءِ وقت گهرجي. جيتوڻيڪ مناظرن کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته به ڪافي مواد اڃا باقي آهي، جو قلمبند ٿي نه سگهيو آهي. هن مجموعي جي ڇپائي هلندي چار اهم مناظرا مليا جي ضميمي طور شايع ڪيا ويا آهن. هن ڪتاب ۾ جملي هڪ سؤ ستونجاهه مناظرا شامل آهن، جن مان وڏو تعداد يعني هڪ سؤ اڻونجاهه نج سنڌي بيتن ۾ چيل آهن، هڪ صنف ڪافي (105) ۾ چيل آهي، ۽ باقي ست موزون شاعري جي سانچن ۾ سمايل آهن[1]. سڄي مجموعي ۾ فقط هڪ سرائڪيءَ ۾ چيل مناظرو (217) شامل آهي. سڄي مواد کي هيٺين يارهن حصن ۾ وراهي سلسليوار ترتيب ڏني وئي آهي؛ شروع ۾ اهي مناظرا ڏنا ويا جن ۾ هڪ ڌُر عشق آهي يا موضوع عشق ۽ محبت آهي؛ ان بعد اهي مناظرا جن ۾ ڌريون سنڌ جي عشقيہ داستان جا ڪردار آهن؛ ان کان پوءِ خيالي ۽ عقلي ڌريون، بيجان ڌريون، گهر جا ڀاتي، ڪي مخصوص ڪردار (ملان، موالي، فقير ۽ بخيل)، ٻه جانور، ٻه پکي، هنري ۽ ڪو جانور، ڪو خاص ماڻهو ۽ ڪو جانور، خود شاعر ۽ ٻي ڪا شيءِ، ۽ آخر ۾ ڪي به ٻه شخص، ضميمي ۾ ڏنل مناظرا عشقيہ داستانن جي ڪردارن بابت آهن.

جيڪڏهن معنوي لحاظ سان مناظرن جو جائزو وٺي انهن کي مختلف ڀاڱن ۾ ورهائجي ته معلوم ٿيندو ته مجموعي طور سان مناظرا ڪم از ڪم ڇهن قسمن جا آهن: (1) اهڙا مناظرا جن ۾ ظاهر ظهور هڪ ڌر روايتي نظريي توڙي سماجي قدرن موجب ٻئي کان بهترين تسليم ٿيل آهي؛ مثلا: عقل ۽ عشق، علم ۽ ڌن جي وچ ۾ مناظرا، جن ۾ عشق ۽ علم کي وڌيڪ درجو ڏنو وڃي ٿو؛ (2) نون رواجن ۽ نين رسمن جي شروع ٿيڻ سببان، نئين ۽ اصلي شيءِ جي وچ ۾ ڀيٽ ۽ مقابلو، جيئن ته ”ٽوپي ۽ پڳ‘، ”ٻيڙي، چلم ۽ حقو‘، ”واٽر ڪورس ۽ گهلو واهه‘ يا ”موٽر ۽ جيپ‘ جا مناظرا؛ (3) اهڙيون ڌريون جي روايتي طور هڪٻئي جون مخالف يا مدمقابل آهن، جيئن ته ’سس ۽ ننهن‘، ’زال ۽ مڙس‘، ’ملان ۽ موالي‘، ’فقير ۽ بخيل‘ (4) اهڙيون شيون جي واقعي ڀيٽ ۽ مناظري جي قابل آهن، مثلاً ’سون ۽ لوهه‘، ’جواني ۽ پيري‘، ’سيارو ۽ اونهارو‘ ۽ ’گهوڙو ۽ ڏاند‘ وغيره (5)؛ محض خوشطبعي ۽ مذاق خاطر ڪن به ٻن ڌرين جي وچ ۾ مناظرا، جيئن ته ’اُٺ ۽ ڏيڏري‘، ’سانڊو ۽ سانڊي‘، ’هيڙهو ۽ ڦوسي‘، ’مرزو نوحاڻي ۽ چٻ‘ وغيره؛ ۽ (6) اهڙيون ڌريون جي پنهنجي پنهنجي شخصيتن جون مالڪ آهن ۽ سندن وچ ۾ سوالن جي ڏي وٺ ٿئي، جيئن ته ’سسئي ۽ سهڻي‘، ’مارئي ۽ مومل‘ وغيره.

جملي شامل مناظرا هڪ سؤ سترهن 117 شاعرن جا چيل آهن، جن مان پنجهٺ شاعرن جا حالاٽ هٿ ڪري مختصر طور حاشين ۾ ڏنا ويا آهن. ستٽيهن شاعرن جي حياتي جا احوال سر دست ملي نه سگهيا آهن ۽ پنڌرهن مناظرن[2] جا شاعر گمنام آهن جن بابت ڪجهه به چئي نٿو سگهجي. شامل مناظرن جو وڏو تعداد پهريون دفعو هن ڪتاب ذريعي شايع ٿي رهيو آهي؛ هڪ سؤ سترهن مناظرن مان فقط نَو مناظرا اهڙا آهن، جي هن کان اڳ شايع ٿيا آهن [3]. سڀ کان آڳاٽي ۾ آڳاٽو شاعر جنهن جو مناظرو هن مجموعي ۾ شامل آهي، سو شيخ ابراهيم (زنده 1776-1818ع؟) آهي. انهيءَ لحاظ سان چئبو ته گذريل ٻن سؤن ورهين کان وٺي مناظرا رائج آهن. ٽالپوري عهد ۾ مناظرن جي مقبوليت جو اندازو خير شاهه جي ٺاهيل ”ٽوپي ۽ پڳ“ جي جهيڙي مان لڳائي سگهجي ٿو جو عوام ۾ ايترو مقبول پيو جو سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿي ويو، ۽ غالباً سڀ کان اڳ ۾ ڇپجي شايع ٿيو.

مناظرا نه فقط لوڪ ادب جو جز آهن، پر معياري سنڌي ادب ۾ پڻ اهميت رکن ٿا. لغت جي لحاظ کان مناظرا ٺيٺ سنڌي لفظن ۽ اصطلاحن سان ڀرپور آهن. معنوي لحاظ سان پڻ اڪثر مناظرن جو معيار اُچو آهي. جڏهن ڌريون پاڻ ۾ اٽڪن ٿيون ته سُرهي ويڙهه ڪن ٿيون. هڪٻئي جي خلاف سندن بيانن جو معيار پڻ بلند آهي. شاعر انهيءَ کل ۽ خوشطبعي ڪندي به ڪي دانائي جا گفتا چئي وڃن ٿا. مثلاً مرزو نوحاڻي ۽ چٻ پاڻ ۾ اٽڪن ٿا، ۽ شاعر چٻ جي واتان چوائي ٿو ته ماڻهو خواه مخواه اچي ٿا گهر ويٺي ستائين.

’نه ته وسئون ڪين وڙهن، چٻون ڌاران چورت جي،

بيشڪ ! چرچ بنا چٻون به ڪنهن سان ڪين وڙهن. لفظ ’چٻون‘ معنيٰ خيز آهي جو احمقن سان پڻ لاڳو ٿي سگهي ٿو. حاجي ڄام چانڊيو هڪ ٽوپلي کي پٽ تي ڪريل ڏسي ٿو جنهن کان خبرچار پڇي ٿو. آخر ۾ ٽوپلو چوي ٿو (682) ته:

جڏهن مون مان ڪيچي ڪڪ ٿيا، ويا ڄاڻي ڇڏي ڄام چئي.

اهي ته خوشطبعي جا گفتا آهن، پر ڪي مناظرا خيال جي ڳوڙهائي ۽ گفتي جي سنجيدگيءَ جا سهڻا مثال آهن، جن ۾ سوالن جوابن، دليلن ۽ مثالن توڙي مهڻن ۽ ميارن جو معيار ڪافي بلند آهي. جن قابل شاعرن مناظرن ۾ بحث ۽ حجت کي علمي معيار موجب نباهيو آهي، تن مان شاهه محمد ديدڙ جا چيل ٻه مناظرا (1، 17) پڙهڻ وٽان آهن ”مر ملڪن منجهه مقال، ٿئي شاهه محمد جي شعر جي“. عشق ۽ عقل جي مناظرن ۾ بحث ۽ حجتون عاقلانه بلڪه فلسفيانه آهن. ’دلي ۽ طالب‘ جي مناظري ۾ شاعر رضا محمد (42) دلي جي دردن کي بيان ڪيو آهي ۽ دلي کي داد ڏنو آهي، پر شاهه محمد ديدڙ جهڙي داناءَ شاعر (17) دلي جي دکن جي ڀيٽ ۾ عاشق جي سڪ سوز کي ساراهيو آهي. سنڌ جي عشقيہ داستانن جي سورمين کي هڪٻئي سان منهن مقابل ڪرائڻ ۾ سمجهه ۽ دانائي کپي، جنهن جو مناظرن جي سڄاڻ شاعرن صحيح ثبوت ڏنو آهي: سسئي ۽ سهڻي، مارئي ۽ مومل، سسئي ۽ مارئي، ۽ ليلان ۽ چنيسر کي جنهن رمز ۽ رٿا سان شاعرن هڪٻئي جي منهن مقابل ڪيو آهي ۽ جنهن نموني ۾ هر هڪ جي واتان پنهنجي نڪته نظر جي وضاحت ڪرائي آهي سو قابل داد آهي. ضميمي ۾ ڏنل (783) سهڻي ۽ ڇٽي پير جو مناظرو ڪافي آڳاٽو چيل ٿو ڏسجي ۽ اسلوب بيان جي ڳوڙهائي ۽ گفتي جي سنجيدگيءَ جي لحاظ سان ڄڻ ڪلاسيڪي حيثيت رکي ٿو.

ن . ب

مناظرو عقل ۽ عشق جو

(چيل شاهه محمد ديدڙ جو)

]هن مناظري ۾ شاعر، اول تمهيد طور الله تعاليٰ، نبي صلعم ۽ اصحابن سڳورن جي ساراهه ڪرڻ کان پوءِ، عقل کان اڳرائي ڪرائي آهي. عقل، پنهنجي ساراهه ۽ بيعقل جي هجو ڪري پاڻ کي ’جبرئيل‘ سڏي ٿو، جو عرش جو رهاڪو آهي ۽ سڀني ملائڪن ۾ عزت وارو آهي؛ چوي ٿو ته حضرت نبي صلعم جن سان معراج واري رات به ’عقل‘ (جبرئيل) رفيق هو. ان جي جواب ۾ عشق، عقل جي سڀني حجتن کي ڀڃندي چوي ٿو ته، معراج واري رات به آخرڪار ڪنهن منزل تي عقل (جبرئيل) روڪجي ويو، ۽ پوءِ عشق ئي وڃي منزل مقصود تي پهتو. آخر ۾ عقل هارائي ٿو.[

تمهيد

سارهه ڪر سائينءَ جي، جنهن اُپايو عالَم،

قدرت سان قادر ڪيا، جنّ، پَري آدم،

عجب آدم جي مٿان ڪيو، عشق اچي آگم؛

هر ڪنهن کي هادي ڪيو، محو اندر ماتم،

لهان ڪونه لَکَن ۾، ڪو لوڪ اندر لاغم،

سڀڪنهن کي آ سُورَ جو، اولو ۽ آچَم،

عشق سندي آڀَم، هر جو هوش وڃايو.

 

پيدا پرور پاڪ ڪيو، منجهئون عشق امين،

مٺو محمّد مصطفيٰ، راحم راهبرين،

ڏِيو ساري ڏيهه ۾، ٻاريو داڙو دين،

مشعل مُلڪن ۾ ٿيو، ڪامل قرب قرين،

مِٺو منزّه مجتبيٰ، هادي حَسن حسين،

شَرف تنهن جي شان ۾، مُڪو حقّ آمين،

”محمّد رّسول الله والذين معہ اشداءُ“ ڪيو يار يقين،

”سيماهم في وجوههم من اثرالسجود“ هي طالب لئي تسڪين،

سارو جسم جَبين، تنهن جو نور نسورو.

 

اڪمل اڳوڻن جان ٿيا، اربع يار عجيب،

سالم صاحب سِڪ جا، ناطق نيڪ نجيب،

پهريون اڪبر ابوبڪر، هيڻن هوت حبيب،

ٻيو فاروق فياض آهه، ترحم تَن طبيب،

ظاهر ذوالنّورين کي، مليو قرب قريب،

صاحب جبر جلوي جو، آهي علي شير عجيب،

چارئي نوري نُور مؤن، ٿيا لائق لال لبيب،

سيکاريا تن حق جا، سڀئي امر اديب،

اهڙا نيڪ نجيب، آهن داڙو دين جا.

 

دادلا دل ٺار ٿيا، هادي منجهه حَرمين،

ڪامل قوّت اڳرا، اوجارا عَينين،

هادي حلم حياء جا، حال پُرس حَسنين،

پيارا پاڪ نبيءَ جا، سالڪ سي سِبطين،

اوجاريا امداد سان، تن دين ڌڻين دارين،

شہ حمزه عباس جي، شل نيڪ چمان نَعلين !

هجان هادين سان سدا، دُور نه ٿيان دن رين !

سائين منهنجي سِر جا، سيّد الثّقلين،

اصحابن جي آرزو، ٿيان رَئِي سندن رجلين،

اکيون هي اثنين، سِڪن تن جي سڪ ۾.

 

ڀلي برڪت تن جي، ٿو درس پنان دل تنگ،

ڪندا خوش دل خير سان، گوهر جان گل رنگ،

قوت ڏيندا قلب کي، خوش ڪندا خوش رنگ،

جوڙيان ٿو ڪا جوش مان، ’عشق‘ ’عقل‘ جي جنگ،

”شاهه محمد“ شوق مان، ٿيءُ نڪري يار نسنگ،

مستيءَ جي ميدان ۾، ڇڏي لاڳاپا لنگهه،

بيٺا ’عشق‘ ’عقل‘ اچي، کڻي تيغ تُفنگ،

ڇٽڪايائون ڇوهه مان، سندا خوض خدنگ،

ڏس رازق جا رنگ، ته ڪهڙو ڪثر ڪمال ٿئي !

 

عقل

پهريون آيو ’عشق‘ تي، ’عقل‘ هڻي هاڪو،

وڌو آڻي واءَ جيان، تنهن وڏو ئي واڪو،

ته عشق ! اسان جي ڳالهه سڻ، دٻدٻو ڌاڪو،

جي ڪنهن اچي مون سان رکيو، محبت سياڪو،

”العقل نصف الڪرامت“ پِرين پهاڪو،

فهم فضيلت سان لهي، عيشي علاقو،

”الانسان لا يعقل خوش“ ڏس چڙهي ڏاڪو،

بيعقل باڪو، ته به ڪنهن کي وڻي ڪينڪي.

 

بيعقل کي ڀر ۾، سياڻا ڪن نه سڏ،

توڻي سڳو ڀاءُ هُئي، مامو ڀائٽيو هڏ،

موڳو مَنَهنۡ مارڪي، ڪين وهارين گڏ،

چريو چون ٿا تنهن کي، رُليو روئڻو رڏ،

ڪم فهم، ڪم هوش آهه، ڏکيو سدائين ڏڏ،

ٿُڪون هَڻِي ٿَڏ، ٿا پَٽن تنهن جو پاڙ کان.

 

سدائين منهنجو رهي، سهنجو سياڻو،

توڙي هُئي اجنبي، فضيلت هاڻو،

توڙي بدروءِ، بدشڪل، ڪوجهو ۽ ڪاڻو،

سڏي وهارين سَٿ ۾، سڀ کي سياڻو،

عشق ! اوراڻو، ٻُڌ ته ٻولائي ڏيانءِ.

 

ري عقل رس نه رهي، نڪي صلح نه جنگ،

ري عقل جي نه بڻي، نڪو روپ نه رنگ،

ري عقل جي نه وڄي، چڱو چپن ۾ چنگ،

ري عقل نه ڇڏي، تکو تير تُفنگ،

ري عقل نه سگهي، لکي ڪاتب انگ،

ري عقل نه آدمي، جيئن مرون مست ملنگ،

ري عقل حق نا لڀي، توڙي وجهي وڏائي ونگ،

سندا خوض خدنگ، ’عقل‘ چلايا ’عشق‘ تي.

 

عشق ! ٻڌج احوال، اڃا چوانءِ ٿو اڳتي،

’عقل‘ نالو مَلَڪ جو، جو آهي دُرس دلال،

جبرئيل جنهن جو ڪيو، اسم عَمّ نوال،

ڪئي تعريف تنهن جي، قادر ربّ ڪمال،

”ذي قُوّت عِنۡدَ ذِي العرشِ مَڪينِ مطاعِ ثم

آمين“ اهڙو چيو ذوالجلال،

اهڙو جوهر آهيان، ناطق نور مثال،

سڀڪنهن کي سيني اَندر، ٿو خوض اٿاريان خيال،

ٻئي جي ناهه مجال، جو مٽ ثاني منهنجو ٿئي.

 

عشق

بس ڪر انهيءَ بات کان، ڦُنڊ نه، تو ۾ ڦير،

ڇڏ هستيءَ جي حال کي، ڪڍ مستي، جهَل پير،

جيڪو جوان جنگي اچي، شملو ٻَڌي شير،

منجهه ميدان اسان جي، شاهي جي شمشير،

ڌڪ سان ڪري ڌار ڌڙ، ڍونڍ ڪيائين ڍير،

ڪُوپا ڪنڌ ڪُلهن کان، دم ۾ ڏين دلير،

لاهي سانگو سِر  جو، نائِينِ گردن زير،

عاشق بنان ٻيو ڪير، جهلي جنگ اسان جي.

 

اول عاشق جان اَچي، سو ويو سِر ڏيئي،

پهريون انهيءَ کي ڏيان، روئڻ، جهُرڻ ٻيئي،

هستي تنهن جي حال تان، ورهن کي ويئي،

شرم، شِيڪا شان جا، ڇڏي سڀيئي،

گانۡگهو گِلا جو کڻي، پور انهيءَ پيهِي،

سهائي تي ساهه ڏين، مانجهي مڙيئي،

مان تنهن مَنۡجهيئِي، ٿو جوڙيان جاءِ رهڻ جي.

 

ڪڍي ڪريان تنهن کي، نينهن اندر نانگو،

سڀ وڃايان سوز ۾، سورهيه جو سانگو،

سُڪائي تنهن کي ڇڏيان، جئن ڀُرٽ ٿئي ڀانگو،

ڳچيءَ ۾ تنهن جي وجهان، گِلا جو گانگهو،

خواري خلق جي کڻيٖ، ٿئي در در جو دانگو،

نڪري ٿئي نيشان جان، برهه سندو بانگو،

لنگهائي لانگهو، ڪريان عاشق سوري پاڻ ڏي.

 

ڏياري ترڪ طمع کي، لاهيان تنهن جي لڄ،

بُک ڏک ۾ بيران ٿئي، ڇڏي چَسڪا چَڄِ،

کائي ڪين خوشيءَ کان، روئي ڪري رَڄِ،

کڻي خواريءَ جا اُهو، ڇَنڊي مٿي تي ڇَڄ،

قرب قرينو ڪَڄ، وساريانس وجود مان.

 

پوءِ لاهيندا ليکي منجهئون، تنهن کي خويش عزيز،

هزارين اُن کي ڪندا، توڙي طلب تميز،

لڳندي ڪين انهيءَ کي، لوڪينۡ ڳالهه لذيذ،

وڻندس ڪين وجود کي، هيءَ دنيا، هر چيز،

وَتندو ويڳاڻو اُهو، موڳو مثل مريض،

هوندس دل هڪ هوت ڏي، هن جو ذڪر حفيظ،

قابو منجهه ڪُريز، ٿو آڻي عاشق کي وجهان.

 

عقل ! عاشق تنهنجو، توڙي خوش رهي،

طرحين تلافين سان، لک تعظيم لهي،

توڙي شاهِي کي رسي، توڙي تخت ٻَهي،

توڙي تاج سڪندري، دارا نام ڪهي،

هلئي پُڄاڻا هتڙئون، سو سهاپ سهي،

هاڻ ڏس پروڙ پهي، ته هُت جو سهنج نه ساريئون.

 

عقل ! عاشق تنهنجا، هليا هزده هزار،

ڪيڏو دم ’داراءَ‘ هو، ساڻ تفنگ ترار،

ڪاڏي ’شہ جمشيد‘ ويو، ڪاڏي ’جام نگار‘؟

ڪاڏي ’رستم دستان‘ ويو، ڪاڏي ’اسفنديار‘؟

ڪاڏي ’شہ بهرام‘ ويو، ڪاڏي ويئي ’گلنار‘؟

کپي سڀيئي خاڪ ٿيا، مٽيءَ ۾ مسمار،

ڪين نيائون پاڻ سان، ويا سَکڻا مؤن سنسار،

پوءِ ڌڻيءَ جي دربار، هو لوڏي هٿ هليا ويا.

 

عقل ! عاشق منهنجا، توڙي ڏسن رنج،

راضي رضا تي رهيا، رنج کنيائون هنج،

آڏا حضرت عشق جي، هارن هردم هنجهه،

”العشق نار اذا وَقَع فَيِ الۡقلۡبِ يُحرق ماسِوي

الحبيب“ سامين ڌاريا سَنج،

سوز لڪائي ساهه ۾، خوب جهليائون کنج،

مُور نه ڏين مَن جو، ڪو ماڻهو اڳيان منجهه،

ڏينهن ڏکيا هي پنج، گذارين ٿا گودڙيا.

 

نفي ڪري ناسوت، ٿا مرد وڃن ملڪوت ۾،

جذب ڪري جبروت کان، ٿا لعل لنگهن لاهوت،

”مُوتوا قبل انت مُوتوا“ ڪاملن جو قوُت،

”الاولياء لا خَوف عليهم“ محو ڦِرن مضبوط،

مرڻ تن تان معاف ٿيو، سي سدائين ثابوت،

پسي حضرت حُسن کي، ٿيا سالڪ منجهه سُڪوت،

هَلِي مؤن هاهوت، پوءِ ’هُو‘ سين گڏيا گودڙيا.

 

مرڻ تن تان معاف ٿيو، مري جي جِيَن،

”طالب الموليٰ مُذَڪر و طالب الدّنيا مخنث“

ڏنڀ دنيا کي ڏِيَن،

فنا ٿي في الله ويا، پُر پيالا پِيَن،

”العشق نار يّهۡديِ اِليَ النّورِ“ جُسا جَلائيَن،

”الفقر فخري“ پڙهي، ڇٽا کان ڇِيهَن،

وِچئون سڀ وين، حرف حسابي حق جا.

 

عقل

بس ڪر عشق علام ! ٻڌ تون ڳالهه اسان جي،

خود ثنائيءَ جا عقلي، ڪهين ڪوهه ڪلام؟

آءٌ جو عقل آهيان، ڪل جو عشق امام،

صحيح مَلَڪُ سبحان جو، ڪل عقل انام،

جبرئيل مشرف آهه، تهدل طرح تمام،

پرينءَ پيغمبر جي مٿئون، ٿي آندم سهسين سلام،

پهچايم ٿي پاڪ کي، پرور جا پيغام،

مُشرف مَلَڪن ۾، آهيان نيڪ نظام،

ايڏو قرب ڪمام، موليٖ مَلڪن ۾ ڪيو.

 

آيو هوس اَڀن ڏَنۡهُون، لاءِ محمّد مير،

صحيح شب معراج جي، اصل وٺي اڪسير،

هو بُراق بهشت جو، قوّت منجهه ڪثير،

سرور تنهن تي سوار هو، پِرينۡ پاڪ پذير،

اقصيٰ مسجد کان هليو، نوري نيڪ نظير،

هم رفيق حضور ۾، ٿي هليس مثل وزير،

رسايم رسول کي، منجهه مجلس ماهه مُنير،

”فڪان قاب قوسين او ادنيٰ“ قرب قوي قدير،

مليو محمّد مير کي، تنهن سڀ ذوق ضمير،

توڻي حال حقير، ته به هوس انهيءَ شب هوت سان.


[1] . چار مثنوي جي طرز تي (14، 107، 255، 276)، هڪ مربع جي نموني (42)، هڪ مخمس (245) ۽ هڪ مسدس (211) نموني ۾ چيل آهي.

[2] . ص ص 14، 107، 122، 284، 287، 289، 357، 362، 391، 399، 442، 464، 466، 589 ۽ 724.

[3] . ص ص. 1، 14، 112، 271، 383، 415، 647، 693 ۽ 730.

* . هن مناظري جي روايت لاڙ (تعلقي ميرپور ساڪري) مان علي محمد ”عاجز“ کان ملي.

[4] . شاهه محمد ديدڙ، ميرن جي آخري دور ۾ ڳوٺ ديدڙ تعلقي قنبر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. مشهور شاعر ”حسين فقير ديدڙ“ سندس نانو هو. هن وقت جي ضرورت مطابق علم پرايو ۽ درس تدريس ۾ مصروف رهيو. 16- رمضان 1309 هه / 1892ع ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪلام گهڻو آهي، جنهن ۾ مولود، مداحون، خطبا، معجزا، حڪايتون، ٽيهه اکريون، جنگ نامو ۽ مناظرا شامل آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org