سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه لطيف جو علامتي شعور

 

صفحو :10

سر بلاول جي ڪردارن جو علامتي تصور

بلاول، شاهه جي رسالي جو آخري سر آهي.  مضمون جي لحاظ کان هن سر جا ٽي ڀاڱا آهن : پهريون ڀاڱو سمن جي صاحبي ۾ جادم جکري جي سخاوت بابت آهي، ٻيو ڀاڱو سومرن جي دور جي اهم شخصيت، ابڙي سردار جي همت ۽ سومرن جي عورتن جي سام جهلڻ واري مضمون تي مشتمل آهي، ۽ ٽئين ۽ آخري ڀاڱي ۾ وڳنڌ فقير سان حڪمت ۽ ڏاهپ واري گفتگو آهي جنهن ۾ چرچي جي چاشني به بظاهر موجود آهي.

معنوي لحاظ کان هن سر کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهرئين حصي ۾ جادم جکري  ۽ ابڙي سردار جي همت، سخاوت ۽ پوري انسان ذات سان ڀلائي کي هڪ ئي تصور (Concept) ۾ ڏٺوويو آهي. جڏهن ته ٻئي حصي ۾ وڳنڌ جي ظاهري صورت، هلت چلت ۽ ڪردار تي روشني وڌي وئي آهي، هن سر ۾ چار داستان آهن، ٽن ۾ جادم جکري، ابڙي سردار ۽ انساني معاملن تي ويچار ۽ چوٿين داستان ۾ وڳنڌ بابت فلسفيانه نڪتا ڏنا ويا آهن.

هن سر ۾ سنڌ جي تاريخ جي ان دور کي سامهون رکيو ويو آهي جنهن ۾ سنڌي سماج، ادب، علم، هنر، ثقافت، سياست. معيشت ۽ اخلاق ۾ پاڻ ڀرو ٿي چڪو هو. شاهه جي رسالي ۾ موجوده ترتيب جو اهم راز  به اهو آهي ته رسالي جي شروعات ۾ سرڪلياڻ رکي اهو تصور پختو ڪيو ويو ته جيئن خدا جي وحدانيت، نبي اڪرم صلعم جي محبت، انسان ذات سان قربت ۽ سنڌي سماج ۾ اتحاد وارو  پيغام عام ڪيو  وڃي ۽ رسالي جي آخري سر بلاول ۾ اهو نڪتو ظاهر ڪيو ويو ته ڪلياڻ جي مضمون تي عمل پيرا ٿيڻ ڪري سماج ۾ جيڪي عزت، آسودگي ۽ باوقار زندگي گذارڻ وارا نتيجا سامهون آيا، انهن کي اجاگر ڪري، سنڌي سماج تي علامتي عمل (Symbolic activity) ذريعي لطيف سائين جي پيغام کي تڪميلي صورت ڏني وڃي.

هن سر ۾ جيڪي ڪردار ڏنل آهن انهن جي حيثيت پنهنجي سماج ۾ مڃتا واري ۽ امر آهي. ان ڪري ئي بقول تنوير عباسي، لطيف سائين جا سڀ ڪردار رڳو انسان نه آهن پر ان کان گهڻو مٿي آفاقي حقيقتن جو روپ آهن (1)  ڪردارن جي آفاقي حيثيت مڃڻ سان ئي علامتن جي ڄاڻ ملي ٿي. علامتن (Symbols) سان اها وابسگي دراصل تصوف جو مسئلو آهي يعني جز جو ڪل ۾ سمائجڻ وارو فلسفو ان ڪري جز کي سمجهڻ کان سواءِ ڪل جي حقيقت تائين رسائي ناممڪن آهي. اهڙي ريت ڪائنات جي بنيادي تصور کي سمجهڻ کانسواءِ، قدرت جي مڙني مظاهرن سان شناسائي ٿي ڪو نه سگهندي، ساڳي وقت جيسين اسين فرد جي ضرورتن کي ناهي سمجهيو تيسين خالق جي راز کي پروڙي نٿا سگهون. اچو ته هيٺ هن سر جي ڪردارن جي علامتي عمل جو اڀياس ڪريون.

 هن سر جا مکيه ڪردار سمو، هالارڌڻي، ڪڇڌڻي ڀٽڌڻي، جکرو، ڏونگر، شاهه، سلطان، راهو، ابڙو، پاڳارو، علاوالدين، ۽ وڳند آهن مٿيان ڪردار معنوي لحاظ سان ٽن مضمونن ۾ ورهايل آهن علاوالدن جو ڪردار ظاهري طور تي حمله آور ۽ جابر قوت جي علامت طور استعمال ٿيو آهي. تاريخي طور تي اهڙيون قوتون پنهنجي موت پاڻ مرن ٿيون.

وڳند جو ڪردار، ناپاڪي، نهٺائي ۽ ڪشاده دلي جو اهڃاڻ آهي. لطيف ان جي حيثيت جي تبديلي جو خواهشمند آهي، اهائي تبديلي انسانيت جي معراج پائڻ جو ذريعو آهي سمو، ڪڇ ڌڻي ابڙو وغيره هڪ ئي معنوي حيثيت جا حامل، همت، آگهي، سُرت، ساڃهه، ۽ فياضي جي سر چمشي طور ڏنل آهن.

لطيف سائين هن سر جي سڀني ڪردارن کي انساني زندگي سان وابسته مسئلن جي آگاهي جو ذريعو بنائي پيش ڪيو آهي ۽ انهن جي ڏاهپ ۽ سماجي شعور سان ئي مسئلن جو حل ڳولڻ جي صلاح ڏني اٿس. مان جو خول، جسم، جي غلامي اختيار ڪرڻ جو نالو آهي. اها روش اختيار ڪرڻ سان، فرد ڪل جي ڪائناتي فهم کان محروم رهجي وڃي ٿو.  فرد جيسين خودي جي خول مان ٻاهر نڪري ڪنهن سمي، جهڙي دانشور ۽ ابڙي جهڙي همت ڀرئي انسان جي شعور مان فائدو ناهي ورتو، تيسين جسم جي غلامي کان نجات حاصل نه ٿو ڪري سگهي ۽ اهائي روش فرد کي ڪل جي ڪائناتي شعور سان روشناس ڪري ٿي.

ڪڍي گهل گهران، صلح ڪر سلطان سيـن،

ته تون تــــنهن دران، ڏيـهاڙي ڏاڻ لــــــهين.                                                                                               

(1-2)

جسم جي غلامي انسان کي مالڪ جي فهم کان محروم ڪريو ڇڏي ٿي ان. ڪري اڳ ۾ ان جهنجهٽ کان پاڻ آزاد ڪرڻو آهي. اها آزادي حاصل ڪرڻ واري قوت هر ماڻهو جي پنهنجي پنهنجي ڪوشش ۽ طلب جي انداز تي مدار رکي ٿي. لطيف چوي ٿو.

سما تو  سر ڇٽ،  نات  پاڳارا پرس ٻـــيا،

 ڳهڻ تنهنجي ڳچڙي، اچي جال جڳـٽ،

جن جيهائي پٽ، تن تيــــــهائي بکـيا.

                                                                                      (1-4)

ڪوشش ۽ سعيي جي سلسلي ۾ چوي ٿو؛

سموتن سڏ ڪري، جــــن تــــي وڏو وير،

اٿي ته آجي ٿيان، پائــي پاکـــوڙي پـــير،

توريءَ ٻيو ڪير، سرنين جا سوٺا سهي،

                                                                   (1-6)

جنهن تي وقت پوي ٿو، جنهن کي درد ٿئي ٿو سوئي ڪوشش ڪري ٿو ۽ سائين جو سوالي بڻجي ٿو. قومن جي معراج جو واسطو  به درد سان آهي. درد جي مسلسل دٻاءُ جي پيش نظر، انسان ۾ اندروني تخليقي صلاحيت پيدا ٿئي ٿي ۽ قومن ۾  مردانگي ۽ حوصلو پيدا ٿئي ٿو. تنهن وقت ئي آدرشي انسان، سندن رهنمائي وارو بار کڻڻ لاءَ تيار ٿيو پوي ٿو ؛ منزل ۽ مقصود تي اک رکڻ ۾ ئي ڪاميابي جو راز مضمر آهي. زندگي جو نصب العين مقرر ڪرڻ ۽ ان ڏانهن وڌڻ وارو ئي سر خرو ٿئي ٿو، نه ته سڀ ڪوششون ۽ قربانيون ضايع ٿي وينديون.

تـــــڙ تـــــڙ ڪـــيم ترس، سَرُ نهارج سڀرو،

ڌيندءِ لک لطيـف چئي، راڄ راهو جي رس،

 

وِلها جي ونهيا ڪيا، پاڳ تنهنــجي پس،

ڪوڙين لاهي ڪس، جي ڳالهائي ڳاٽ کڻي.

 (1-9)

جيڪي ماڻهو پنهنجي وابستگي ڪنهن ارفع انسان سان ڪن ٿا ۽ سندس سام  يا پناهه ۾ اچن ٿا، سي حساب ڪتاب کان بچيو وڃن ٿا.

سرڻين  جي  سک  لئه،  سام  کنئي  سردار،

جي آيون ابڙي جي آڌار، سي سونگ نه ڏينديون سومريون

 (1-14)

ڇاڪاڻ جو ابڙو ڪو عام رواجي انسان نه آهي بلڪ هو اعليٰ گڻن جو مالڪ ۽ افضل انسان آهي.

ابــــڙو، وڏو  وڙو،  سُــوڙو،  سمو  سونهن سڀن،

تنهن در سڀ اچن ڪنڌ نه ڪڍي ڪڇ ڌڻي.

 (18.1)

انسان جو ڪو نه ڪو پيدائشي، يا بطور ڪنيت ۽ خطاب جي تعريفي نالو هوندو آهي انهن مان ڪيترن جي صرف هڪ فضيلت هوندي آهي ۽ ڪن کي محض سڏڻ  لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. پر انهن نالن ۾ معنوي لحاظ سان حقيقت ۽ واقعيت تمام گهٽ هوندي آهي. نالن ۾ هڪ مخصوص تاثير جو مقولو مشهور آهي پر ان هوندي به سعادتِ ازلي هڪ ٻي شيءِ آهي جيڪا هر ڪنهن جو مقدر نه آهي. مٿيون بيت هر ان هستي ڏانهن منسوب ڪري سگهجي ٿو جيڪا ڪائناتي شعور ۽ روشني عطا ڪري ٿي. هي اهڃاڻ سرورِ ڪائنات صلعم جو آهي جيڪا هڪ جامع صفات هستي آهي جنهن جا نالا سڳورا دنيا جي سڀني ماڻهن کان زياده ۽ جنهن  جي ذات مبارڪ پنهنجي نالي جي سڀني صفتن مطابق ۽ ظاهري توڙي باطني طور عامل ۽ ڪامل آهي، اهڙا ٻيا بيت به آهن، جيئن :

جکرو جس کرو، ٻيا مـڙيئي ملهه      (3.2)

جـکرو جس کرو، ٻيا مڙيئي انيرا      (4.2)

 سندس شان جي شاهدي قرآنِ حڪيم مان حاصل ڪندي لطيف چوي ٿو:

جکرو    جوڙي،   پاڻ    ڌڻي    پيدا   ڪيو.

جکري جيهو جوان، ڏسان ڪو نــه ڏيهه ۾.

مهڙ مڙني مرسلين، سرس سندس شان،

فڪان قاب قوسين او ادنيٰ، اي ميسر ٿيس مڪان،

اي آگي  هو احسان،  جنهن هادي ميڙيم ههڙو.

 (10.2)

شاهه لڪم دين ڪم ولي دين جو قائل هو. ڇو ته صوفين وٽ دل صاف رکڻ اهم آهي ۽ نه ڪي تعصب ۽ نفرت. صوفي تڏهن ته هر هنڌ رحمتِ الاهي جي پالوٽ پسن ٿا.

ڪري آس اپار، پارِيَ جهليو نه رهي،

ٻيلي، گرنار، اٺو گـــنگا جر جـــــکرو،

                                                                                    (13.2)

ڏمريو تان ڏي، پرچيو تان پاٽ ڀـــــري،

جنگ جکري کي، ٻئي چڱيون چت ۾.

                                                                                       (5.2)

خداوند ڪريم جي ورهاست جا اصول ئي نرالا آهن. جي ڪنهن پل ڏمري ته به رحمت جو هٿ ڪونه لاهي، جي پرچي ته پالوٽ ڪري. من جي مير لاهڻ ۽ اندر کي اجرو ڪرڻ سان رحمت جي پالوٽ پاڻ زياده ٿئي ٿي. ان لاءِ نفس کي نڪيلي وجهي قابو ڪرڻو پوندو. لطيف اهڙي رهمنائي ڪندي چوي ٿو  ؛

ليبي  لعنتي  کـــي،  جو  اَڻِيَ  ۾  آهـــي،

انـــڌو  مــون  عليل  سيـن،  سيـنو  ٿــو  ساهي،

عـلي شاهه! اچيج تون تنهن ڪافر تي ڪاهي،

لڻي ولجهه   لاهي،  مٿو  مجوسي   جو.

 (1.3)

نفس جون چار حالتون ٿين ٿيون. پهرين حالت اماره آهي جيڪڏهن ان جي اصلاح ڏانهن توجهه نه ڏنو ويو ته پوءِ اهو پنهنجي سرڪشي ۾ ترقي ڪري ويندو ۽ انسان مان حيوان، حيوان مان درندو ۽ درندي  مان شيطان بڻجي پوندو. انڪري ان کي نڪيلي وجهڻ ضروي آهي. هن بيت ۾ لعنتي، عليل، علي شاهه، ڪافر ۽ مجوسي جون علامتون ڏنل آهن. لعنتي، ڪافر ۽ مجوسي نفس اماره ڏانهن اشارو آهي. عليل انسان جو پنهنجو بيمار وجود آهي. علي شاهه دانائي، فهم ۽ فراست جي علامت آهي، هن ۾ لطيف سرڪش نفس کي تنبيهه ڪرڻ لاءِ ۽ پاڻ بچائڻ لاءِ دانائي جي دروازي (حضرت علي رضه) کان فهم جي خواهش ٿو ڪري.

وڳند وري آئيو، بدوســــين بدبوءِ،

خداوند ڏي خوشبوءِ، ته سرهو ٿيا سپرين.

 (5.4)

نفس کي قابو ڪرڻ لاءِ جتي فهم ۽ بصيرت جي ضرورت آهي اتي خدا جي خوشنودي به درڪار آهي. نفس اماره جي حالت تي اچڻ کان اڳ ۾ اصل نفس لواما کي تائيد غيبي سان الهام ٿيندو آهي ۽ گناه کان باز رکڻ لاءِ خبردار ڪيو ويندو آهي.اها تائيد غيبي مختلف طريقن سان ٿيندي آهي ڪڏهن  انسان کي صحيح دليل ۽ خيال جي ذريعي گناه کان روڪيو ويندو آهي. ڪيترن کي فرشتو باطن ۾ آواز ڏيندو آهي، جيئن حضرت يوسف عليه السلام جي ۽ حضرت لوط عليه السلام جي رهنمائي فرمائي وئي. اهڙي طرح هر انسان اها رهنمائي ۽ قرب حاصل ڪري سگهي ٿو. هتي وڳند هڪ ناتوان ۽ ڪمزور انسان جي علامت ۾ ورتو ويو آهي. انهي سلسلي جا ڪجهه بيت هي آهن؛

وڳند وري آئيو، نــسوروئي نـــــرگ. (10.4)

وڳند وري آئيو، ڪنو ٿي ڪوجهو. (6-4)

وڳند وري آئــــيو، بـــدو بي  نـــــماز (11-4)

مٿين ٽنهي بيتن ۾ وڳند کي انساني نفس جي علامت طور ڏيکاريو ويو آهي. عطر کي پاڪائي جي اهڃاڻ ۾،  نرگ بڇڙائي آهي ته سرڳ ان جو ضد، جتي بي نماز ڪم آيو آهي، اتي ان جو ضد باز جي علامت ڏني وئي آهي جيڪو آسمان تي اڏامي ٿو. اهڙي ريت باز تتر جو طالبو آهي ته انسان (وڳند) سرهاڻ جو، ابوالقاسم قشيري لکي ٿو ته اخلاق حميده ۽ خير جو مرڪز روح آهي ته ٻي طرف نفس، ٻنهي جي جنگ جڳن کان جاري آهي. وڳند ( سچي انسان) تي شيطاني قوتن جو حملو جاري رهي ٿو پر هو  انهن تي روحاني قوتن سان غالب رهي، سرخرو ٿئي ٿو. حاصل ڪلام ته سر بلاول ۾ شيطاني وجود تي حاوي ٿين جا گس ٻڌايل آهن ۽ انهن قوتن جي نشاندهي ڪئي ويئي آهي جيڪي موجوده زندگي کي سرڳ ۾ تبديل ڪري، انساني عاقبت کي سنواري ۽ سڌاري سگهن ٿا.  انهن ڪردارن ۽ علامتن کي هر ڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي فهم ۽ سوچ مطابق پرکي معنيٰ حاصل ڪري سگهي ٿو  پوءِ سماجي ماهر هجي يا سياسي رهبر، شاگرد هجي يا صوفي ڏاهو.

 

حوالا

1-عباسي، تنوير؛ شاهه لطيف جي شاعري شاهه ثقافتي سوسائٽي ڪراچي1976ع ـ ص122.

2-مقالات سيرت؛ وزارت مذهبي امور، حڪومت پاڪستان اسلام آباد ـ 1986ع ـ ص 84

 

شاهه سان منصوب ٻه روايتون

 

شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جي سڃاڻپ ۽ سنڌي زبان جو سرواڻ آهي. ان ڪري اسان تي لازمي آهي ته لطيف جي ڪلام جي نئين سر، سچائي، خلوص ۽ فهم سان تحقيق ڪريون، بقول سرج الحق ميمڻ ؛

اسان جي بزرگن پنهنجي وقت جي ماحول۽ دائري ۾ رهي ڪم ڪيو، ۽ ان ڪري هو تصوف کان اڳتي نه وڌيا، پر نوجوان ٽهي جو ذهن به جيڪڏهن انهن ساڳين ڏانوڻن ۾ گرفتار رهيو ته پوءِ اسان ان تهمت کان ڪڏهن آجا ٿي نه سگهنداسين ته سنڌي رڳوسنڌي ٽوپي سان سڃاتا وڃن (1).

سراج جي انهي ءَ خيال سان آءُ بلڪل متفق آهيان ته اسان جي بزرگ عالمن پنهنجي ماحول مطابق لطيف جي فڪر کي سمجهيو، پرکيو ۽ ان جي تشريح ڪئي. ان ڪري ئي انهن تصوف کي صرف ۽ صرف عقيدي جو بنياد ڄاتو. جڏهن ته تصوف هڪ اهڙي راءِ آهي، جنهن ۾ انسانيت جو معراج، عبادتن جو عروج ۽ سچائي جي واٽ ڏيکاريل آهي. تصوف اهو پڻ ٻڌائي ٿو ته خودي جي خوءِ ختم ڪري، مخلوقات خدا جي فلاح ۽ بهبودي لاءِ پاڻ ارپي ڇڏجي،

ادب کي پرکڻ لاءِ اڄ نوان طريقا ۽ نوان ماڻ مقرر ٿي چڪا آهن، جيڪڏهن اسين ادب ۽ شاعري جي پرکا جي انهن طريقن کان منهن موڙي ڇڏيندا سون ته پوءِ لطيف جي ڪلام جي ڪيترين ئي چڱاين ۽ سچاين کي سمجهي ڪونه سگهنداسين. لطيف رحه جي شخصيت۽ زندگي جا پڻ ڪيترا اهڙا پهلو آهن، جن کي يا ته بنهه غلط طريقي سان اسان آڏو پيش ڪيو ويو آهي، يا انهن کي عقل، فهم ۽ جديد نظرين مطابق پرکيو نه ويو آهي، نتيجي ۾ لطيف کي فقط هڪ ڪرامتن جو صاحب ۽ رڻ ۾ رهندڙ صوفين جو سرتاج ڪري پيش ڪيو ويو آهي.

شاعري جا ڪيئي قسم آهن، پر انهن مان ٻه قسم نهايت اهم سمجهيا وڃن ٿا، هڪ جذباتي ۽ ٻيو دماغي يا عقلي. جذباتي شاعري جواني جي جولاني ۽ ظاهري لڳاءُ جو رد عمل آهي، جڏهن ته دماغي يا عقلي شاعري تجربيڪار ذهن جي پئداوار آهي، جنهن  ۾ عقل ۽ فهم جو استمال سوچ ۽ سمجهه جي ماپن سان ڪيو ويندو آهي نڪي دل جي اشاري تي.

بقول عارف شاهه گيلاني ؛

شاهه عبداللطيف جي شاعري تي پڻ اها حقيقت صادق اچي ٿي، ڇاڪاڻ ته اسين سندس شروعاتي شاعري ۽ ڪبيرسني جي شاعري ۾ نهايت آساني سان تميز ڪري سگهو نٿا. هر نئين شاعر وانگر، شاهه پڻ ابتدا ۾ اهڙا شعر چيا  جن ۾ آتش جذبات جي اپٽار هئي، مگر جڏهن سندس فن پختو ٿيو، تڏهن هو تصور جي انهن حدن تائين پهچي ويو، جو سندس پر جوش ترنم ۾ ماڻهو گم ٿي وڃي ٿو (2)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com