سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه لطيف جو علامتي شعور

 

صفحو :2

لطيف سائين رسالي ۾ انيڪ علامتون ۽ انهن جون اڪيچار معنائون ۽ ويچار ڏنا آهن. هر هڪ بيت ۾ سوچ جا سوين سلسلا آهن، هيٺيون بيت پڙهو :

سَگهن سُڌ نه  سور جي، گهايل ڪيئن گهارين،

پيل پاسو پٽ  تان، واڍوڙ نه وارين،

پر ۾ پڇن پرين لئه، هي! هنجون هارين،

سڄڻ جي سارين، تن رويو وهامي راتـڙي.

 (شاهواڻي_يمن ڪلياڻ،1_18)

هن بيت ۾ سگها اهڙي علامت آهي، اهڙي ماڻهو ڏانهن اشارو آهي، جيڪو هر دور ۾ خوش ۽ بي پرواهه رهي ٿو. کيس ڪنهن به سور يا درد جو پرو ڪونهي. اهڙا ماڻهو ٻين ڏکويلن جي ڪهڙي خبر رکندا ؟ انهن کي ڪهڙي ڪل ته دردمندن ۽ سورن جي ستايلن رات ڪيئن گذاري هوندي ! سگهادولتمند به ٿي سگهن ٿا، انهن کي مسڪينن ۽ محتاجن جي حال جي ڪهڙي ڄاڻ ؟ اهي ته صرف ٽڪا ڪمائي ڄاڻن. مايا جي ڇايا سندن من ميرو ڪري ڇڏيو آهي. سندن من ۾ ڪا اجرائي يا چڱائي ڪانهي.

مسڪين مارو، سورن ۾ ورتل سانگي، ڏٿ تي گذران ڪندڙ پهنوار، هاري ۽ محنت ڪش، سڄي رات بک ۽ ڏک ۾ اکين تي ويهي، ٻارن کي دلاسا ڏيندي گذاريو ڇڏين ٿا، پر سندن پاڙي وارن کي سورن جي سڌ ڪانهي :

پاڙي  ناهه پروڙ، ته ڪا رات رنجائي گذري،

ٻانڀڻ ٻروچن جي، گهائي وڌي گهـور،

هڪ سسئي ٻيا سور، ويا پٽــينــدا پاڻ ۾.

 (شاهواڻي_سر حسيني،5-9)

علامتي نظام کي سمجهڻ لاءِ اسان هڪ نظر ان جي درجه بندي تي وجهنداسون. ٻوليءَ جو علامتي نظام هن جديد دور ۾ وڌيڪ سولائيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو. علم ڪهڙو به هجي، عمراني توڙي طبعي، هر هڪ جي جدا جدا ٻولي ٿئي ٿي، توڙي جو ڪن حالتن ۾ ساڳيا لفظ ڌار ڌار علمن ۾ ڪم اچن ٿا، ته به انهن جون حالتون ڌار ڌار هجڻ ڪري، انهن جون علامتون به مختلف ٿين ٿيون.(36)

يونگعلامت کي انفرادي نه بلڪه اجتماعي احساس جو مظهر سمجهي ٿو.حادثاتي (Accidental) يا وقتي نٿو ڄاڻي بلڪه ترقي پذير ۽ سماجي (Social) سمجهي ٿو. ان سان گڏ هو نشان (Sign)، اشاري (Signal) ۽ علامت (Symbol) ۾ واضح فرق ٻڌائي ٿو. اشاري کي هو نشان جي سڌريل صورت سمجهي ٿو، پر ان کي علامت جي قريب تر سمجهي ٿو. اشاري جو ڪم صرف جنسي توانائي جي تبديلي آهي، پر علامت انهن ٻنهي کان وڌيڪ سڌريل ۽ مڪمل وجود رکي ٿي.(37)

مٿين راءِ مطابق لفظ ڪن حالتن ۾ نشانآهن ۽ ڪن حالتن ۾ اشارو۽ انهن جي وڌيڪ ترقي يافته ۽ مڪمل صورتعلامتآهي. حالتن مطابق لفظ  پنهنجي ڌار ڌار معنيٰ ڏي ٿو. جهڙي حالت تهڙي معنيٰ. اهڙي ريت لفظ جا ٽي طبقا ٿي پون ٿا. هيٺ لطيف سائين جا ٽي بيت انهيءَ سلسلي ۾ پڙهندا :

ساٿر صحت سپرين، آهي نه آزار،

مجلس وير  مٺو  ٿــئي، ڪوٺيندي   قهار،

خنجر تنهن خوب  هڻين،  جنهن  سين  ٿئي  يار،

صاحب  رب  ستار، سوجهي  رڳــون  ساهه جون.

 (شاهواڻي،سر ڪلياڻ، 3_5)

پريـان    سندي   پار   جــي،  مڙيئي    مٺائي،

ڪانهي   ڪڙائي ،   چکين   جي  چت  ڪري.

(شاهواڻي، سر ڪلياڻ، 3_11)

مٺايان     مٺو    گهڻو ،   ڪـڙو    ناهه   ڪلام،

سڪوت    ئي    سـلام ،    پريان    سندي    پار  جو.

 ( شاهواڻي، سر ڪلياڻ، 3_10)

پهرئين بيت ۾ مجلس وير مٺو ٿئي۾ لفظ مٺوحالتن مطابق نشان جي معنيٰ ڏي ٿو. هت جيڪا هستي ڦٽن تي ٺاريندڙ ملم لڳائي ٿي، ان جو نشان پتو ڏيندي لطيف فرمائي ٿو ته توڙي جو اها هستي بارعب ۽ غضبناڪ آهي، پر سندس رهاڻ ۾ ڏاڍي مٺاس آهي. اها هستي جنهن کي پنهنجو ڪري ٿي، تنهن کي پنهنجي منفرد ادا سان مٺا گهاءُ لڳائي ٿي ۽ سندس ساهه جون رڳون نچوئي ٿي.

هن بيت ۾ عام شيون به آهن ته خاص به.آزار، مجلس، خنجر، يار ۽  رڳون عام شين جا نالا آهن ۽ خاص شين ۾ قهار، رب ۽ ستار اچي وڃن ٿيون. مٿڀري معنيٰ واري  شاعري ۾ صرف شين جو اظهار ناهي هوندو، پر اهي سڀ شيون ڪنهن اعليٰ حقيقت کي سمجهڻ جو ذريعو هونديون آهن.

ٻئي بيت ۾ لفظ مٺائي پنهنجي حالت مطابق اشاري (Signal) طور ڪم آيو آهي.پريان سندي پار جي مڙيئي مٺائي۾ لفظ مٺائي۽ مجلس وير مٺو ٿئي۾ لفظ مٺو ٻئي هڪٻئي کان ڌار ڪونهن ۽ ٻنهي جو هڪٻئي سان لاڳاپو آهي. پر حالتن مطابق ٻنهي جي درجه بنديءَ ۾ فرق آهي.

هن بيت ۾ ڪنهن خاص مقصد، ڪنهن خاص ماڳ ۽ ڪنهن خاص جوءِ ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي. جتي لفظ مٺائيان خاص منزل جي تقدس ڏانهن اشارو ڪري ٿو.

ٽئين بيت ۾ مٺايان مٺو گهڻو۾ لفظ مٺونشان ۽ اشاري کان مٿي ۽ مڪمل توڙي سڌريل صورت اختيار ڪري ٿو. اهڙي حالت ۾ لفظ مٺوعلامت آهي. هن حالت ۾ اهو مٺاڻواري اصل تصور کان هڪ ته ڇڄي چڪو آهي ۽ ٻيو مٺولفظ جي هر معنيٰ کان مٿي هڪ جدا معنيٰ ڏي ٿو. توڙي جو اشاري واري حالت ۾ مٺائي۽ مٺولفظ جو پاڻ ۾ لاڳاپو آهي (38).

مٿئين بيت ۾ جنهن پرين جي ڪلام جو ذڪر لطيف سائين ڪيو آهي، اها علامت ٻوليءَ جي رواجي سطح تي ڪم نٿي اچي، پر اهي شيون (علامتون) ڪنهن مٿڀري مقصد جي اظهار جو فقط ذريعو هونديون آهن (39).

علامت جي درجه بندي کان پوءِ ان جي قسمن تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ان جا ٽي قسم آهن.

1.      روايتي    Conventional

2.      حادثاتي    Accidental

3.      آفاقي      Universal

جيئن انساني عادت پنهنجو ڪم ڪندي آهي، تيئن انساني ذهن ۾ شين جي تصورن ٺاهڻ جو عمل هر وقت جاري رهي ٿو، تعجب جي ڳالهه اها آهي ته لطيف سائين پنهنجي بيتن ۾ علامتن جي مٿين قسمن مطابق به بيت جوڙيا آهن. اهڙي قسم جا چند بيت هيٺ ڏجن ٿا :

مري  تان مَ  ميهار، وٿاڻ ولـهو مَ ٿـــئي،

وڇن جي وڇار جو، ونـگو ٿئــي  م  وار،

ساهڙ مون سينگار، ماڻهو  ليکي  مهڻو.

(شاهواڻي، سر سهڻي، 4_18)

علامت معنيٰ آهي اصلي شيءِ کان هٽي ڪنهن ٻيءَ شيءِ جو نالو ڳنهڻ. شاعريءَ ۾ به اصلي شيءِ جي نالي وٺڻ بدران ان شيءِ ڏانهن اشارو ڪبو آهي. لطيف سائين مٿئين بيت ۾ ڳوٺ مري پر ڳوٺ پال نه مريجو روايتي اظهار ڪيو آهي.

هن بيت ۾ وٿاڻ، ولهو، ميهار، وڇن جو وڇار، وار ونگو ٿيڻ،  ساهڙ مون سينگار۽ ماڻهن ليکي مهڻوسڀ اصطلاحي انداز ۾ ٻوليءَ جون روايتون آهن. ٻوليءَ جو هڪ سماجي ڪارج ٿئي ٿو، جنهن مطابق ڪنهن به شيءِ بدران ڪو صوتي آواز، شيءِ جي مستقل علامت بڻجي پوي ٿو، اهي علامتون سماج اندر ڪا به صورت اختيار ڪن ٿيون، جنهن کي اسين روايتي ۽ سماجي علامتون چئون ٿا.

مٿئين بيت ۾ وڇن جو وڇاريعني مسڪينن ۽ غريبن جي همراهيءَ جو شل وار ونگو نه ٿئي، کيس ڪو ڪوسو واءُ نه لڳي، ڇو ته واهرو (ساهڙ) اپاهجن ۽ ننگن جو ننگپال (سينگار) آهي، هن بيت ۾ ساهڙ ۽ سهڻي جي موضوع سان ڪو بحث ڪونهي، پر انهن ڪردارن رستي اهو ڏيکاريو ويو آهي ته سچا انسان جيڪڏهن دنيا تياڳي هليا ويا ته پوءِ مسڪينن، سادن ۽ ڪوجهن انسانن جي ٻيو ڪير رکوالي ڪندو ؟ اهڙي قسم جا ٻيا به ڪيترائي بيت رسالي ۾ ملي سگهن ٿا.

اتفاقي علامت (Accidental Symbol) هڪ ذاتي تجربي جي ڳالهه آهي، جهڙو تجربو تهڙو احساس، هي بيت پڙهو :

اٺ  نه  اوري  آڻ، ڏاگـهــن  ڏڌي  آهيـــــان،

هــڻـي  هٿ  هيـــن کــي،  پـــري نـئـي  پـلاڻ،

هوت منهنجو هاڻ، پنهون نيائون  پاڻ  سين.

 ( شاهواڻي، ديسي، 1_14)

هن بيت ۾ گذريل زماني جي تجربي جو ذڪر ٿيل آهي، اهي تجربا علامتن رستي بيان ڪيل آهن. مٿئين بيت ۾ اٺ، ڏاگها، هوت۽ پنهونعلامتون آهن. مٿئين بيت مان معلوم ٿئي ٿو ته سسئيءَ کي ماضيءَ ۾ اٺن کان نقصان رسيو آهي ڇو ته سسئي جا ڏير پنهون کي اٺن تي ذوري ٻڌي کڻي ويا هئا. ان ڪري اهي سندس ويري آهن. هوءَ اٺن جي ڏڌل آهي، ان ڪري نفسياتي طرح انهن کان ڇرڪي ٿي، هن بيت ۾ ماضي جي تجربي جي بنياد تي حال جو ردِ عمل ظاهر ڪيو ويو آهي.

مٿيون بيت لطيف سائين جي ذاتي تجربي ۽ انفرادي احساس جو ثبوت آهي. ان مطابق جهڙو تجربو تهڙو احساس. مثلاً نانگ جي ڏنگ جو تجربو آهي جو نانگ جي صورت کان به خوف ٿئي ٿو. توڙي جو نانگ جي صورت ۽ ڏنگ هڻڻ وارو نانگ جدا جدا شيون آهن. ان حالت ۾ علامت ذاتي تجربي (Mood) جي بنياد تي به ٺهي ٿي. ان باري ۾ اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته نانگ جو تصور (مورت) ته علامت آهي پر نانگ کان خوف ۽ نفرت وارو جذبو علامت نه آهي، پر اهو صرف هڪ احساس آهي. ان ڪري چئي نٿو سگهجي ته ڪا علامت ذاتي يا انفرادي تجربي جي بنياد تي ٻڌل به ٿي سگهي ٿي ۽ اهڙي ريت علامت جي روايتي حيثيت ڪا ختم ٿي وڃي ٿي (40).

آفاقي (Universal) علامتن جو تعلق پوري ڪائنات سان هوندو آهي، هن ۾ آفاقي قدرن، انسان جي گڏيل عملن ۽ لوڪ ورثي کي خصوصي اهميت هوندي آهي. لوڪ شاعري به آفاقي قدرن جي نمائندگي ڪري ٿي. لطيف سائين جو ڪافي ڪلام اهڙي قسم جو چيل آهي. هي بيت پڙهو :

اونداهي اڌ رات ۾، پرين پسايو پاڻ،

چنڊ ڪتين ساڻ، پيهي ويو پڙلاءُ ۾.

(شاهواڻي، کنڀات، 1_19)

آفاقي علامتون جيڪي دنيا جي ٻين ملڪن جي شاعري ۾ به مروج آهن. انهن ۾ شمع، پروانو، چنڊ، سج، باهه، خوشي، طاقت ۽ پاڻي وغيرهه اچي وڃن ٿا. اهي علامتون مشرق توڙي مغرب ۾ هڪ جهڙو مفــهوم رکــن ٿيــون. (قطـــبي علائـــقن کان ســـواءِ) چنڊ جي علامت سونهن، سوڀيا، روشني ۽ جواني ڏانهن اشارو آهي. ڊاڪٽر تنوير عباسي لکي ٿو : چنڊ مشرقي توڙي مغربي شاعري ۾ سونهن جي علامت طور استعمال ٿيندو آيو آهي، ڪنهن به شعر ۾ لفظ چنڊپڙهڻ سان سونهن، سوڀيا ۽ جواني جو تصور اکين اڏو اچي ويندو آهي. (41)

مٿي ڏنل بيت ۾ لطيف سائين جنهن پرين جي تعريف ڪري ٿو، سو ڪو عام رواجي حيثيت وارو نا مڪمل انسان نه آهي بلڪه هن جي حيثيت ازلي سچ جيان نمايان ۽ نرالي آهي. هت اونداهي مان مراد آهي نامساعد ۽ ناسازگار حالتون. اهڙن انسانن جي اچڻ سان سڄي دنيا جي سونهن ۽ روشني سندس ڏيا، وڏائي ۽ ڏاهپ آڏو جهڪي (ختم) ٿي وڃي ٿي.

آخر ۾ عرض ته معاشري ۾ بنيادي تبديليون اينديون رهن ٿيون. انهن تبديلين جو اثر انساني سوچ تي به پوي ٿو ۽ ان ڪري سوچ جا طريقا پڻ بدلبا رهن ٿا. انهي سوچ جي اظهار لاءِ نون لاڙن جو ظهور ٿئي ٿو ۽ نون لفظن جي پٽي تيار ٿئي ٿي. انهن نون طريقن ۽ لاڙن کي سمجهڻ سان ئي جديد ۽ قديم ۾ فرق واضح ٿئي ٿو.

لطيف سائين پنهنجي دور جو جدت پسند، نئين تحريڪ جو باني، سنڌي لغت ۾ اضافو آڻيندڙ ۽ حقيقت پسند صوفي ڏاهو هو، ان ڪري ضرورت آهي ته سندس ڪلام کي جديد نظرين ۽ طريقن مطابق ڀيٽي سندس خوبين کي نروار ڪجي جيڪو هر با شعور عالم ۽ اديب جو فرض آهي.

 

حوالا

1_جالبي جميل(ڊاڪٽر) :ايليٽ ڪي مضامين، رائٽر بوڪ ڪتاب ڪراچي، 1971ع،      ص_91

2_ ٻوهيو الهداد (ڊاڪٽر) : ادب جا فڪري محرڪسنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، حيدرآباد، 1984ع، ص_78

3_ ايضا...ص_ 78

4_ جالبي جميل ( ڊاڪٽر) : ارسطو سي اليٽ تڪنئشنل بوڪ فائونڊيشن ڪراچي، 1975ع، ص_51

5_ ٻوهيو الهداد (ڊاڪٽر) : سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارجانسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄام شورو، 1978ع، ص_303

6_ ايضا..ص_296

7_ ايضا...ص_294

8_ جالبي جميل (ڊاڪٽر) : ارسطو سي اليٽ تڪنئشنل بوڪ فائونڊيشن ڪراچي، 1975ع، ص_2

9_ ٻوهيو الهداد(ڊاڪٽر) : سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارجانسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄام شورو، 1978ع، ص_296

10_ ايضا... ص_296

11_ عباسي تنوير : شاهه لطيف جي شاعريشاهه عبداللطيف ثقافتي سوسائتي ڪراچي 1976ع، ص_122

12_ دي انسائيڪلو پيڊيا امريڪانا. انترنئشنل ايديشن، امريڪن ڪارپوريشن، نيو يارڪ، 1968ع، ص_159

13_ سوسن_ڪي لينگر : فلاسافي ان اي نيوڪينيو امريڪن لائبرري، ورلڊ لٽريچر_ نيو يارڪ، 1948، ص_21

14_ عباسي تنويرشاهه لطيف جي شاعريشاهه عبداللطيف ثقافتي سوسائٽي ڪراچي، 1976ع، ص_119

15_ جالب افتخار : نئي شاعرينئي مطبوعات لاهور، 1966ع، ص_143

16_سوسن_ ڪي لينگر:   فلاسافي ان اي نيوڪينيو امريڪن لائبرري، ورلڊ لٽريچر_ نيو يارڪ، 1948ع، ص_58

17_ عباسي تنوير : شاهه لطيف جي شاعريشاهه عبداللطيف ثقافتي سوسائٽي ڪراچي، 1976ع، ص_131

18_ جالبي جميل ( ڊاڪٽر) : ارسطو سي اليٽ تڪنئشنل بوڪ فائونڊيشن ڪراچي، 1975ع، ص_20

19_ اعظمي سيد جليل الرحمان : ابو الطيب متنبي اداره تصنيف و تاليف پاڪستان، ايجوڪيشنل ڪانفرنس ڪراچي، 1958ع، ص_50

20_ عباسي تنوير : شاهه لطيف جي شاعريشاهه عبداللطيف ثقافتي سوسائٽي ڪراچي، 1976ع، ص_120

21_ اعظمي سيد جليل الرحمان : ابو الطيب متنبياداره تصنيف و تاليف پاڪستان، ايجوڪيشنل ڪانفرنس ڪراچي، 1958ع، ص_24

22_ ايضا... ص_23

23_ ايضا... ص_ 12

24_ زيات احمد حسن : تاريخ عربي ادب(مترجم عبدالرحمان طاهر سورتي) شيخ غلام علي ائنڊ سنز لاهور، 1961ع، ص_453

25_ ايضا... ص_ 453

26_ _ اعظمي سيد جليل الرحمان:  ابو الطيب متنبياداره تصنيف و تاليف پاڪستان، ايجوڪيشنل ڪانفرنس ڪراچي، 1958ع، ص_204

27_ايضا... ص_ 9

28_ سراج : لطيف ۽ وحدت الوجود(مضمون) لطيف ڊائجسٽ ڪراچي، جون 1986ع ص_23

29_ ايضا... مئي 1976ع، ص_16

30_ ابو سعيد نور الدين( ڊاڪٽر) : اسلامي تصوف اور اقبالاقبال اڪيڊمي ڪراچي، 1959ع، ص_11

31_ايضا... ص_ 18

32_ جوتواڻي موتي لال : صوفيز آف سنڌمنسٽري آف انفرميشن ائنڊ براڊ ڪاسٽنگ گورنمينٽ آف انڊيا دهلي، 1986ع، ص_3

33_ جوڻيجو عبدالجبار (ڊاڪٽر) : سنڌي ادب جي مختصر تاريخسره ڪتاب حيدرآباد، 1973ع، ص_52

34_ ڏسجي قاسم ٻگهيو : شاعري جو سماجي ڪارج(مضمون) ڪينجهرتحقيقي جرنل، سنڌي شعبو سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو، 1987ع، ص_101، ايڊيٽر:  جوڻيجو عبدالجبار (ڊاڪٽر)

35_مبارڪ علي (ڊاڪٽر) : تاريخِ سنڌ(مغل دورِ حڪومت)، آگهي پبليڪيشن حيدرآباد،1985ع، ص_63

36_ ٻوهيو الهداد (ڊاڪٽر) : سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارجانسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄام شورو، 1978ع، ص_289

37_اعجاز حسين : اردو افساني  مين علامت نگاري(ٿيسز پي ايڇ. ڊي) سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو، 1979ع، ص_51_52

38_ ٻوهيو الهداد (ڊاڪٽر) : سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارجانسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄام شورو، 1978ع، ص_290

39_ عباسي تنوير : شاهه لطيف جي شاعريشاهه عبداللطيف ثقافتي سوسائٽي ڪراچي، 1976ع، ص_134

40_بن فريد : مين، هم اور ادبايجوڪيشن بوڪ هائوس عليڳڙهه، 1977ع، ص_18

41_ ٻوهيو الهداد (ڊاڪٽر) : سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارجانسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄام شورو، 1978ع، ص_95_294

42_ عباسي تنوير : شاهه لطيف جي شاعريشاهه عبداللطيف ثقافتي سوسائٽي ڪراچي، 1976ع، ص_169 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com