سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه لطيف جو علامتي شعور

 

صفحو :18

لطيف سائين مٿئين بيت ۾ جنهن جوڳي جو ذڪر ڪيو آهي، اهو ڪو عام رواجي پينو ياڪو ڪشتو کڻي پنندڙ گودڙيو ڪونهي، پر سندس جوڳي اعليٰ ۽ اتم خصلتن جو مالڪ آهي. محبت جي ميدان تي رسائي حاصل ڪرڻ جا ٻه طريقا آهن، هڪ دنيا جا سڀ لاڳاپا ٽوڙڻا آهن ۽ ٻيو نينهن آفاقي سچ سان جوڙ ڻو آهي. جنهن جو ظاهري وجود ڪونهي. يعني پنهنجي مقصد سان نينهن اٽڪائي ڇڏجي، جيڪو اڃا وقوع پذير نه ٿيو آهي. جوٺي جوڳيءَ  جي نشاندهي ڪندي لطيف چوي ٿو ؛

گولا جي گراهه جا، جوٺا سي جوڳي،

ڦٽل او ڦوڳي، جنين شڪم ســانڍيا.

(16.4)

مٿئين بيت ۾ لطيف سائين اهو واضع ڪيو آهي ته سچي جوڳي ٿيڻ لاءِ مادي فائدي تي صرف اک ناهي رکڻي، ڇوته جن به ماڻهن مادي فائدي جي اهميت کي اڳيان  رکيو آهي سي مقصد ۽ مقصود تائين پهچي ڪونه سگهيا آهن.

جن سنياسين سانڍيو، گندي ۽ گراهه،

انهــــن کان الله، اڃــــا  اڳاهـــون ٿيـــــو.

(10-9)

اهڙن ڪوڙن ۽ ڪانئرن جي ڀيٽ ۾ مقصدي ماڻهن کي پيش ڪيو اٿس.لطيف وٽ  هيرا به آهن ته کرڪڻا به آهن. اهڙو انسان پيٽ کي پٿر ٻڌي، مقصد جي آڏو ايندڙ  هر رڪاوٽ سان جنگ جوٽي ٿو  .

ڪشي ساڻ ڪشن، ڏيل ڪيائون ڏٻرا،

پيٽ نه هيريائون پنهنجا، چوري ساڻ چهن،

اهـــڙي راهه رســن، ڪاپڙي ڪـاٻول کي.

(9.7)

هرڪو مذهب انسانيت جا قدر سيکاري ٿو، تنهنڪري مذهب کي ماني جو ذريعو بنائڻ نه گهرجي. ظاهري مذهبي رسمون اصل  منزل کان پري ڪري ڇڏين ٿيون. لطيف سائينءَ انهي ڪري ئي پنهنجي دور جي رائج قدرن کان انڪاري ٿيو آهي.لطيف سائين اسلام جي تاريخي ڪردارن سان گڏو گڏ علائقي جي ٻين مذهبي پيشوائن کي علامتي انداز ۾ پيش ڪيو آهي.

روح ۾ رهين رام، ٻاهر ٻولين ڪي ٻيو،

پيالو پر ڪـــري، جوپ نيـــتائون جام،

تهان پوءِ تمام، تن تڪيا تاڪي ڇڏيا.

(2.6)

محترم تنوير عباسي به سري رامچندر سان گڏ گورکناٿ کي به اهڃاڻ ڪري مڃي ٿو. ( 18)

لنگ ڪڍيائون لانگ، موٽي ڪن نه مسحو،

جا اسلاما اڳي هئي،سا سڻيائون ٻانگ،

سامي ڇـــڏيا سانگ، گڏيا گورکناٿ کي.

( 7 ـ 14)

مٿئين بيت ۾ لطيف سائين پنهنجو ذاتي تجربو بيان ڪيو آهي.ڪي علامتون شاعر جي ذاتي تجربي جي بنياد تي به جڙنديون آهن، جنهن کي اتفاقي (Accidental) علامتون چئبو آهي. يعني جهڙو تجربو تهڙو رد عمل. هن بيت ۾ اسلام کان اڳي واري ٻانگ جو مقصد مهاتما ٻڌ جي تعليم ڏانهن اشارو آهي. گرو گورکناٿ، مهاتما ٻڌ جي تعليم کي نئين سر جياريو. انهيءَ سلسلي ۾ سائين تنوير عباسي لکي ٿو اها اسلاما اڳي واري ٻانگ مهاتما ٻڌ جي تعليم آهي جنهن ۾ بت پرستي نه آهي ۽ جنهن جي تجديد گرو گورکناٿ ڪئي. (19)

لطيف سائين ڪنهن به مذهب کي برو نٿو ڀانئي. هن جو زور انهيءَ ڳالهه تي آهي ته انسان ڪنهن به مذهب سان يا مسلڪ سان واسطو رکي، پرا ن سان سچو رهي.ان ڪري اسلاما اڳي واري ٻانگ جيئن ته ٻڌمت جي تعليم ڏانهن واضح اشارو آهي. ٻڌمت جا پوئلڳ ناٿ پنٿي ۽ ڪن ڦاڙ جوڳي سڀ علامتون آهن. اهي تڏهن ئي مقصود ( گورکناٿ) تائين رسائي حاصل ڪري سگهيا، جڏهن سڀ سانگ ڇڏيائون. يعني مقصد جي حاصلات لاءِ سڀني رڪاوٽن ۽ خواهشن کي تڇ سمجهڻو آهي. مقصد ڪهڙو به هجي ان سان سچائي، دراصل پاڪائيءَ جو سمبل آهي. پراهي سچا گور کناٿي، ناٿ پنٿي، ڪن ڦاڙ ۽ لاهوتي ڳوليا ڪونه ٿا ملن. انهن جي اڻاٺ لطيف کي خاموش رهڻ نٿي ڏئي.

اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،

آديسي اٿي ويا. مڙهيون مون مارين،

جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.

(8.8)

لطيف سائين هر دور ۾ مقصد ي ماڻهن جي اچڻ جي اميدرکي ٿو. هن کي خبر آهي ته اهڙيون سچيون ۽ باڪردار شخصيتون جڏهن جڏهن به اينديون آهن ته ڏيهه تان ڏولاوا لهي ويندا آهن ۽ خوشيءَ جون خبرون عام ٿي وينديون آهن.

ويـــراڳــــي واري، الا! اڱــــڻ آڻـــئــــيــن،

ڏک لاهينديس ڏيل مان تُهن جيئن تاري،

ايندم اوتاري، کينءُ جون ڏيندم خـبرون.

(16.7)

اهي ماڻهو تفريق جا قائل نه آهن. هنن جي نظرن ۾ سڄي انسان ذات باوقار آهي. اهي ڪائناتي سوچ جا قائل آهن. سندن آڏو ڪابه طبقاتي حد بندي ڪونهي ڏسو.

منهن محراب پرينءِ جو، جامع سڀ جهان،

اڏامـــــــي  ات  ويــــــو،  عــــقل ۽  عــــرفان،

ســــڀوئي ســـبحان، ڪـــاڏي وڃي نيتيان.

لطيف سائين اهڙن ماڻهن جي اصليت ٻڌائي آهي، جيڪي سواءِ انساني و قار جي ٻيءَ ڪنهن به حقيقت کي ڪونه ٿا مڃين.

نــــــڪي نمن ناٿ کي، ناٿ نه نـــــمائين،

جاٽا ڪن نه جوڳ جي، جوڳ نه جهارين،

آديـسي آڻين، اهـــڃاڻيون الــــماس جون.

(8ـ6)

سائين تنوير عباسي انهن ڪن پٽ ڪاپڙين ۽ ناٿ پنٿي جوڳين کي اڻ مڃيندڙ (Agnotist) سڏيو آهي. (20) ڀڳت ڪبير جو تعلقاتي پس منظر به ساڳيو آهي، هن جي فڪر تي اجتماعيت پسندي غالب آهي. هن پنهنجي پيشروئن مان مهاتما ٻڌ کان به وڌي سماجي طبقي بنديءَ جي مخالفت ڪئي آهي. (21) سچل سرمست به ساڳي وائي ٻولي ٿو ؛

نه مئن ڪعبه نه مين قبله، مڪي مول نه  جاوان،

نه مئن سني، نه مئن شيعا، سيد  ڪين  سڏاوان،

نه مئن نانڪ، نه مئن لڇمڻ، گنگا مول نه  جاوان،

يار ته ميڏا درس درازي، سچو نسانءُ  سڏاوان (2.2)

حضرت بلهاشاهه جا به انهيءَ سلسلي ۾ ساڳيا خيال آهن.

بلها! ڪيا جانان مئن ڪـون؟

نه  مئــن مــــومـن وڃ مــسيتان،

نه  مئن وچ ڪفر دي  ريـت آن،

نه  مئـــن پاڪــان وچ پــليتان،

نه  مئــــن مـــوســيٰ، نه فرعــون،

بـلها! ڪيا جانان مـئن ڪــو نه ؟(23)

مطلب ته اهي سڀ شخصيتون حقيقت ۾ ڪنهن به طبقي بندي جي خلاف آهن.سندس مول مقصد انسانيت آهي. سڀ  انسان ۽  ذي روح سندن آڏو قابل تڪريم آهن. صوفين آڏو دنيا جا سڀ مذهب سڦل زندگي گذارڻ جو ذريعو  هوندا آهن. اسلامي نڪته نظر سان ابن العربي جو هي فلسفو قرآن  ۽ سنت سان مطابقت رکندڙ آهي. جنهن مطابق زندگي جا سڀ مسئلا رواداري  ۽ اعتدال واري پاليسي مطابق  حل ڪيا وڃن ٿا.صوفي هر مذهب ۾ چڱائي جا متلاشي هوندا آهن ۽ سموري ڪائنات جي ڪثرت کي هڪ ئي وحدت ڄاڻندا آهن.لطيف سائين جو هي بيت ڏسو ؛

گل گل  پسي گودڙيا، گهڻا مَ ڀانـــئيج،

سوئي سڃاڻيج، هي هو آهي هيڪڙو.

(32.9)

لطيف سائين وحدت الوجودي ڏاهو هو. انهي فلسفي وارن صوفين لاءِ انسان ۽ ڪائنات ٻه جداجدا شيون نه آهن پر اهي هڪ ئي وحدت  ۾ سمايل آهن. لطيف دنياجي مختلف رنگن ۽ روپن کي ڏسي، انهن جي ڪثرت  ۾ گم ٿيڻ بجاءِ، حق کي سڃاڻڻ جي هدايت ڪري ٿو، ڇو جو هر هڪ رنگ ۽ هر هڪ ڪثرت کي، هڪ ازلي وحدت ۾ سمائجڻو آهي. هي ۽ هو ٻئي هڪ آهن ٻنهي جي وچ ۾ ڪو ويڇو ڪونهي. جيئن انسان ڪائنات کان ٻاهر ڪا حيثيت نٿو رکي تيئن خدا به انسان کان ڌار نه آهي. خدا ۽ انسان جي نزديڪي هجڻ وارو تصور بيان ڪندي لطيف چوي ٿو.

مونـــا  طور  ســــينا،  ســندا    سنيــاسين،

پـورب  کنيون  پاڻ  سين،  نه  بغض  بيراڳين،

ردا  آهـــــي راز  جــي،   اوڇـــڻ  آديــسين،

قرب  ڪاپڙين،  ننهن  چوٽي   سين  ڍڪيو.

( 5 ـ 2)

هن بيت ۾ سنياسين ۽ خدا لوڪن جي گوڏن کي طور سينا سڏيو ويو آهي. جهڙيءَ طرح حضرت موسيٰ عليه السلام طور سينا تي خدا جو نور ڏٺو، تهڙيءَ طرح الله ڪريم جا نيڪ بندا، پنهنجن گوڏن ۾ منهن لڪايو، خدا جي نور جو مشاهدو ڪن ٿا. محترم تنوير عباسي مونا ۽ طورسينا جي علامتن ذريعي پوري ڪائنات، خالق توڙي مخلوق کي هڪ وحدت طور بيان ڪيو آهي. ( 24)ڌڻيءَ سان هڪ ٿي وڃڻ جي اها حجت هرڪو نٿو ڪري سگهي.اها خواهش اهي ئي ڪري سگهن ٿا، جن پاڻ  سڃاتو آهي. لطيف سائين انهن جا پار پتا ٻڌائيندي چوي ٿو ؛

پَٽ  ڇڏيائون  پــٽ  ۾،  ڏنـــڊ  ڇڏيـــائون   ڏِس،

سڀ ٽولـــئان   اڳي  ٿــيا، مـــوٽي  ٿين  نه  مِـس،

هــي  ڇڏيائون  حِـس  وڃي  ڪالهه   ڪُل   ٿيا،

 مٿئين بيت ۾ پٽ (ڪشتويا جمنيون)، ڏنڊ ( سڱيون وڄائڻ جون)، مس ٽامو يا ڪچ ٽئي علامتون آهن. اهي عام شيون خاص شين جا تصور آهن . هن بيت ۾ لطيف سائين جز جي ڪل ۾ سمائجڻ واري فلسفي جي اپٽار ڪئي آهي، جيڪي آدرشي ماڻهو دنيوي  يا مادي فائدي کي ڦٽو ڪري، انو مان ۽ انديشا ڪڍي ۽ ناپاڪي ۽ دوئي کان دور ٿي زندگي گذارين ٿا، اهي ئي ازلي وحدت ۾ سمائجڻ جي قابل آهن، اهڙا انسان مقصود تائين پهچي سگهن ٿا. شاهه لطيف هن سر ۾ اجتماعيت جي ڳالهه ڪئي آهي. هن سر ۾ فردِ واحدکي جاکوڙ ڪندڙ ڪونه ڏيکاريو ويو آهي، بلڪ سڀ لاهوتي ۽ جوڳي گڏجي هڪ مقصد لاءِ جاکوڙ ڪن ٿا.

جوڳــــيئڙاجــــهان ۾، نـــوري ۽ نــــاري،

ٻري جن ٻاري، آئون نه جـيئندي ان ري.

(1 ـ 1)

 حوالا

(1)       انصاري عثمان علي: رسالو سچل سرمست سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد، 1978ع، ص 19. 20

(2)          قاضي جاويد: برصغير ۾ مسلم فڪر ڪا ارتقا، نگارشات لاهور 1986ع، ص 157. 156

(3)       ايضاً ص.157

(4)       ايضاً ص.158

(5)       ايضاً ص.158

(6)       ايضاً ص.203

(7)       آڏواڻي ڪلياڻ: شاهه جو رسالو مڪتبه اسحاقيه ڪراچي، 1976ع، ص 387

(8)       آڏواڻي ڀيرومل: لطيفي سئر عبدالله عبدالستار ڀٽي، حيدرآباد 1926ع، ص 35

(9)       ايضاً ص.36

(10)         قاضي جاويد: برصغير ۾ مسلم فڪر ڪا ارتقا، نگار شات لاهور 1986ع، ص 58

(11)   ايضاً ص.67

(12)   ايضاً ص.71

(13)    بلوچ نبي بخش (ڊاڪٽر): سنڌي ۽ هندي شاعريءَ جو لاڳاپو مقالو سماهي مهراڻ حيدرآباد، سيارو 1955ع، ص.117

(14)   عباسي تنوير: شاهه لطيف جي شاعري (جلد ٻيو) نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد 1985ع ص. 41- 42

(15)   بلوچ نبي بخش (ڊاڪٽر): سنڌي ۽ هندي شاعريءَ جو لاڳاپو (مقالو)

سماهي مهراڻ  حيدرآباد، سيارو 1955ع، ص- 118

(16)   جوتواڻي موتي لال: شاهه عبداللطيف. هز لائيف اينڊ ورڪ يونيورسٽي آف دهلي، 1975ع ص. 243

(17)   عباسي تنوير: شاهه لطيف جي شاعري (جلد ٻيو) نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد 1985ع ص -65

(18)   عباسي تنوير: شاهه لطيف جي شاعري شاهه عبداللطيف ثقافتي سوسائٽي ڪراچي 1976ع، ص -159

(19)   ايضاً ص.166

(20)   عباسي تنوير: شاهه لطيف جي شاعري (جلد ٻيو) نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد 1985ع ص -65

(21)         قاضي جاويد: برصغير ۾ مسلم فڪر ڪا ارتقا نگارشات لاهور 1986ع، ص -73

(22)   عباسي تنوير: (مرتب) سچل سرمست، سچل سرمست يادگار ڪميٽي خيرپور 8/1988ص -80

(23)   سي- ايف- اسبورن، ڪي- آر- لاجنتي، اي- آر- لوٿر: بلها شاهه شيخ مبارڪ علي، لاهور ص 84

(24)   عباسي تنوير: شاهه لطيف جي شاعري، شاهه عبداللطيف ثقافتي سوسائٽي ڪراچي، 1976ع، ص- 165

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com