سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه لطيف جو علامتي شعور

 

صفحو :15

ڀٽائي ۽ خواجه محمد زمان جي نظماڻي گفتگو

جو علامتي ۽ فڪري جائزو

لاڙ پنهنجي ادبي، ثقافتي ۽ تمدني ورثي جي ڪري تاريخ ۾ هڪ نمايان ۽ منفرد حيثيت وارو علائقو رهيو آهي. موجوده بدين ضلعي جي اهميت پڻ ان علائقي ۾ شامل هجڻ ڪري آهي. هن علائقي جي تاريخي حيثيت ۾ وڌيڪ اضافو آڻڻ ۾ اتان جي تاريخي ماڳن مڪانن سماواتي، ڪونڇو، ونگو، جياڻ، ولاسو، ولهار، مانڌر، جاتي ۽ ٻين علائقن جو عمل دخل رهيو آهي. انهن تي اهي نالا گهڻو ڪري اتي رهندڙ قومن جي نسبت سان پيا آهن. سائين محمد سومار لکي ٿو ته سماواتي. سمن سان ڪونڇو، ڪونڇي  ملاحن سان. چاچڪا، وانگي قوم سان. ( چاچڪان سرڪار چاچڪن قوم جي پرڳڻي کي سڏيو ويندو هو) تحفة الڪرام جو صاحب لکي ٿو ته ونگو چاچڪن جي سرڪارکان مٿي هڪ جهونو ڳوٺ ۽ جدا سر زمين آهي ( 1) جياڻ جو علائقو جوڻيجن سان وابسته آهي، جڏهن ته ولاسو، ولاسين ملاحن سان، ولهار، لغارين سان. مانڌر، منڌرن سان  ۽  جتن سان جاتي جو علائقو منسوب آهي. (2)

ضلعي بدين جي سر زمين پنهنجي سيني ۾ اهڙا ته گوهر ناياب لڪايو پئي اچي جن جي ادبي، علمي ۽ سماجي ڪارنامن، سنڌ جي سر زمين تي رهندڙ ماڻهن جي تاريخ کي وڌيڪ خوبصورت، امن پسند ۽ بهادر قوم جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي، سنڌ جي ادبي تاريخ اهڙن ڪارنامن سان ڀري پيئي آهي. سومرن جي ڏينهن ۾ مرکاڻ شيخن پنهنجا گيت ڳاياعبداللطيف ڪيسر جهڙو يگالو شاعر، سانوڻ فقير خاصخيلي ( وفات 1975 ـ70  ع) نڙ بيت جو بادشاهه شاعر (3) مولوي احمد ملاح( وفات 1969 ع) (4) ۽ خواجه محمدزمان کي هن سٿ جي سرواڻن مان ليکي سگهجي ٿو.

جيئن ته هن مضمون ۾ آئون هتان جي هڪ اهڙي هستي جي فڪري پهلوءَ کي نئين انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس جيڪا هستي لطيف سائين جي همعصر ۽ لاڙ جي اهڙي قداور شخصيت آهي جنهن کي دنياوارا خواجه محمد زمان لنواريءَ  واري جي نالي سان سڃاڻن ٿا. 

خواجه صاحب حاجي عبداللطيف نقشبندي جي گهر، رمضان شريف 1125هه ( 1713 ع) لنواري شريف ۾ ڄائو، پنهنجي والد وٽان قرآن حڪيم جي تعليم ورتائين ۽ باقي تعليم جو سلسلو ٺٽي جي مخدوم محمد صادق وٽ پورو ڪيائين. خواجه صاحب ظاهري توڙي باطني تعليم ۾ بلند درجي تي فائز نظر اچي ٿو، ان وقت جي وڏي برزگ هستين ميان ابوالقاسم نقشبندي ۽ ميان محمد نقشبندي ٺٽوي جي خاص مريدن مان هو (5). لنواري جي لال جي پوري زندگي  الاهي عبات ۽ حقوق العباد جي واٽ تي هلندي گذري. ڀٽائي سائين جيتوڻيڪ عمر ۾ وڏو هو پر سندس علمي، ادبي ۽ روحاني منزل جي ڪري، ساڻس ملڻ لاءِ ڀٽ کان ڪهي لنواري شريف ويو هو. ڀٽائي جا لاڙ تان هميشه ڀيرا رهندا هئا، پر پڇاڙي عمر ۾ ٻه پنڌ ڪيائين. پهريون ڀيرو خواجه محمدزمان سان خاص ملاقات لاءِ لنواري لنگهي ويو ۽ ٻئي دفعي ڪربلا معليٰ زيارت لاءِ  وڃڻ وقت به اهو رستو اختيار ڪيو هئائين، پر واٽ تان ئي واپس وريو هو. سائين محمد سومار لکي ٿو ته لطيف کي آخري عمر ۾ اهو خيال ٿيو ته خواجه صاحب سان ملاقات ڪجي ۽ ڪجهه  روحاني نڪتا هڪ ٻئي تائين پهچائجن (6). ڊاڪٽر گربخشاڻي به هڪ دستخط پارسي نسخي مرغوب احباب جي حوالي سان اهڙي ملاقات جي تصديق ڪئي آهي (7). انهي ملاقات جو تفصيل مولانا عبدالرحيم گرهوڙي جي تاليف ڪيل ڪتاب ابيات سنڌي ۾ ڏنل آهي جنهن جو سنڌي ترجمو ڊاڪٽر عمربن محمد دائودپوٽي ڪيو ۽ انهي سلسلي جو ٻيو ڪتاب ڊاڪٽر گربخشاڻي جو تاليف ڪيل لنواري جا لال آهي.

انهن ڪتابن ۽ ٻين گهڻن مقالن ۽ مضمونن ۾، ملاقات کي صرف روحاني ملاقات جو درجو ڏنو ويوآهي. هن مقالي ۾ آئون انهي ملاقات جي فڪري پهلو کي نئين انداز ۾ ڏٺو آهي، جنهن جي ضرورت گهڻو اڳ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي محسوس ڪندي لکيو ته فڪر جي گهرائي ۽ متانت جي ڪري، خواجه صاحب جو ڪلام ايترو ته ڳوڙهو آهي جو ان کي شرح کان سواءِ سمجهڻ البته مشڪل آهي. (8)

دراصل اهي صوفي درويش د نيا کان الڳ ٿلڳ رهڻ جا قائل ڪونه هئا. سماجي اڻ برابري، ناانصافي ۽ ٻين اهڙن انيڪ مسئلن تي ويچار ڪرڻ ۽ انهن جو حل ڳولهڻ سندن جوابداري ۾ شامل هو.

انهيءَ ملاقات جي ضرورت ڪهڙي سبب ڪري پيدا ٿي، ان تي سوچڻ لاءِ اسان کي ان دور جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ انهن جي مسئلن کي سامهون رکڻو پوندو. لطيف ۽ خواجه صاحب جي شاعري جو رخ انهن ماڻهن ڏانهن هو جيڪي ڳوٺن ۾ رهندڙ ۽ سماجي اڻ برابري جو شڪار هئا. سندن شاعري جو مقصد اسلامي تعليم جو پاڪ پيغام پهچائڻ ۽ روحاني توڙي صوفيانه تبليغ هو.

سنڌ ۾ تنهن وقت پيري مريدي جو رواج زور تي هو. پير ئي ماڻهن جا مسئلا حل ڪندڙ ۽حاجت روا هوندا هئا. پير پنهنجي مريدن کي سياسي مفادن لاءِ به استعمال ڪندا هئا. اهو طريقو اسلامي نظرئي جي بلڪل خلاف هو. شاهه لطيف ۽ خواجه صاحب جي شاعري اسلام جي سچي فڪر ۽ نظرئي ڏانهن رجوع ڪري ٿي. لطيف سائين پنهنجي دور جو هڪ عظيم شاعر ۽ ڏاهو هو. هن سوچيو ته ڪهڙي ريت پنهنجن ماڻهن کي سنئون گس ڏجي جيئن اهي سماجي براين کان بچي، پنهنجن معاملن کي پاڻ حل ڪرڻ جي لائق بنجن. سنڌي ماڻهن ارڙهين  صدي جي وچ ڌاري ميان نور محمد ڪلهوڙي جي سرڪردگي ۾ جزوي آزادي ۽ خود مختياري حاصل ڪرڻ لاءِ به ڪوشش ورتي هئي. انهن ڪوششن ۽ سعيي کي هٿي ڏيڻ ۽ مٿين معاملن جي حل لاءِ ان وقت جيڪا هستي لطيف کي نظرآئي، اها هئي خواجه محمد زمان ۽ اهوئي سبب هو جو لطيف سائين وٽس ڪهي ويو.

ٻئي شخصيتون پنهنجي ماڻهن جي اخلاقي، سماجي، اقتصادي، نفسياتي ۽ روحاني گهوٽالي لاءِ پاڻ کي جوابدار سمجهنديون هيون ۽ جڏهن اهڙي ضرورت محسوس ڪيائون ته بنا ننڍ وڏائي واري فرق جي هڪ ٻئي سان ملاقات ڪيائون. اها ملاقات ڪن عام رواجي انسانن جي ملاقات ڪونه هئي، پر ٻن اهل دل عشاقن ۽ قومي شعور رکندڙ شخصن جي گڏجاڻي هئي جنهن ۾ الله تبارڪ وتعاليٰ جي پياري مخلوق جي اسرارن جو احوال علامتي انداز ۾ اوريو ويو هو.

چون ٿا ته لطيف سائين جڏهن خواجه صاحب جي دروازي تي پهتو تڏهن خادم کي چيائين ته اندران وڃي اجازت وٺي اچ. خواجه صاحب خادم هٿان چورائي موڪليو ته هڪ گهڙ ي انتظار ڪريو. مان پاڻ اچي توهان جو در تي آڌر ڀاءُ ڪيان ٿو لطيف سائين کانئس پڇيو ته پاڻ ڪهڙي مشغولي ۾ ويٺا هئا، خادم وراڻيو، پاڻ ماٺ ۾ ويٺا هئا، شاهه سائين تنهن تي فرمايوته انهي مشغولي مان ڪڏهن فارغ ٿيندا جو اسان ڏانهن توجهه ڏيندا. اسين پاڻ ٿا اندر هلي ملون. جڏهن پاڻ خواجه صاحب کي عالم استغراق ۾ ڏٺائون تڏهن هي بيت پڙهيائون. (9)

ســـامي  ســـــفر  هــــليا ، ڪو  پروڙي   پنڌ،

 جن هيٺاهان ڪنڌ، آئون نه جيئندي ان ري،

هي بيت لطيف سائين جي اندر جو اظهار آهي جنهن ۾ معنيٰ جاگوهر لڪل آهن. لطيف سائين انهي علامتي بيت ذريعي خواجه صاحب جو ڌيان ڇڪائيندي فرمايو ته  جنهن رستي تي انسانيت جي بقا لاءِ ڪم ڪندڙ عظيم انسان هلي رهيا آهن، سو ڪو سولو سفر نه آهي، پر ان مقصد تائين رسائي لاءِ پنهنجي وجود کي وڃائڻو آهي. دراصل اهو فڪر ئي آهي جيڪو انساني بقا لاءِ ڪارائتا گر مرتب ڪري ٿو.

جن انسانن پنهنجيون زندگيون انهي مقصد جي حاصلات لاءِ فڪرڪندي گذاريون، سي وسرڻ جا نه آهن. ۽ انهن کان سواءِ جيئڻ بيسود آهي،پر اهي هاڻي دنيا تياڳي  هليا ويا ۽ هاڻي انهن جي جاءِ اوهان ورتي آهي، اوهان ئي منهنجي رهنمائي ڪري سگهو ٿا. واقعي اهڙن عظيم سپوتن جي صحبت. زندگي جو امرت آهي. هن بيت ۾ سماجي بقا ۽ بهبودي جا سوين سوال پوشيده آهن. سندس جواب ۾ جيڪو بامعنيٰ بيت خواجه صاحب چيو سو هن ريت آهي،

ڪين آهين، ڪين ٿئين، وڃي ڪين ڪماءِ،

لاڳــاپــــا لـــوڪ جــــا، لا ســـين سـڀ لهراءِ،

سامي پوءِ سلينداءِ ڳالهه پريان جي ڳُـــجهه جي،

خواجه صاحب لطيف سائين جو مقصد پرکي ورتو. کيس اها به بخوبي ڄاڻ هئي ته لطيف سائين هڪ سماج سڌارڪ ۽ قومي درد رکندڙ انسان آهي، تنهنڪري جواب به سندس سوال سان مطابقت رکندڙ ۽ علامتي پيرائي  ۾ هو. فرمايائين ؛  تنهنجو وجود، تنهنجي هيءَ جسماني جدوجهد تيستائين بي بقا آهي، جيستائين تون ٻيا سڀ رشتا ناتا، ڪم ڪار حتيٰ ڪ پنهنجو وجود به عوامي رشتي آڏو ڦٽا نه ڪيا آهن. جڏهن انهي راز جي تهه کي ڄاڻي وٺندين تڏهن عظيم ۽ ڏاها انسان توتي انساني پيار جي اهميت جو راز ظاهر ڪندا. هونءَ به الله تعاليٰ جي وحدانيت ۽ حاڪميت کي تسليم ڪرڻ جو واحد ذريعو اهو آهي ته دل وجان سان سماجي تقسيم، طبقاتي امتياز ۽ غيرعادلانه سوچ جي مخالفت ڪجي. انهي ءَ ڪري ئي صوفي فرد کي ئي اجتماعيت جو مقصد سمجهندا آهن .

لطيف سائين کي اهو جواب ملي چڪو هو ته ان واٽ تي توکي اڃا وڌيڪ محنت سان ڪم ڪرڻو آهي. ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪرڻ لاءِ انهن سان محبت ڪرڻي آهي ۽ انهن جي مسئلن کي حل ڪرڻو آهي. ان مقصد لاءِ ٻيون سڀ واسطيداريون ڇڏڻيون آهن. لطيف سائين انهيءَ سلسلي ۾ پنهنجن ماڻهن تي گهڻو ڪم ڪيو  هو. هن پنهنجي پيغام جي گهرائي ۽ سنگم ۾ سنڌي ماڻهن جي سڀني طبقن کي قابو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. پر ڪي مسئلا اهڙا هئا، جن جو حل اڃا ڳولڻو هو. 

جيئن ته سنڌي سماج ۾ مسلمان، هندو، پڙهيل، اڻ پڙهيل، سادا ۽ حريف سڀ شامل هئا. لطيف کي پنهنجن سان گڏ ڌارين جي شاطرانه چالن جي به پوري پروڙ هئي. هن کي اها به خبر هئي ته کانئس اڳ قوم سان خوشحالي جا سبز باغ ڏيکاري لکت ۾ ڪي معاهدا ڪيا ويا آهن. دراصل اهي ئي معاهدا سندن آزادي ۽ قومي خوشحالي آڻڻ ۾ وڏي رڪاوٽ بڻبا پئي آيا. انهن جي حاصلات به ڏکي هئي. لطيف لاءِ اهڙي صورتحال ڏکوئيندڙ هئي. اهي اهڙا سوال هئا جن جا کيس جواب گهربل هئا سڄي صورتحال هيٺينءَ ريت پيش ڪيائين ؛

قلم وهي ويو ڪانهه، سرتيون ڪنهن سهاڳ لاءِ،

انگ اڳيئي لکيو، جت نه پهچي ٻانهه،

ڪنهن کي ڏيان دانهه، ته پرين مان سين هيئن ڪيو

جيئن ته اهي معاهدا پنهنجن جي ئي هٿان ٿيا هئا تنهنڪري لطيف ڪنهن تي دانهين ٿئي، پنهنجي هٿ جي ڦٽي، ڪير ٻڌي پٽي واري صورتحال هئي. ڌارين وٽان معاهدا موٽائڻ به ڏکيو ڪم هو. ڪو رستو ڪونه هو، تنهنڪري خواجه ڏانهن رجوع ٿيو هو. خواجه صاحب بصيرت جو مالڪ هو، هر ڳالهه سوچي سمجهي پوءِ ڪيائين.لطيف جي ٻڌايل گنڀير صورتحال کيس منجهائي وڌو. پر ڪا واهه ۽ ڪو رستو کيس ڳو لڻو ئي هو. چيائين ؛

ويـهه وڃي تـن وٽ، قلم جنين جي هــٿ ۾،

ميـــٽيو انــــگ اڳــــيون، واري ٻيو لــــــکن،

پنو سو پاڙهن، جن سان پـــسين پريــن کي.

خواجه صاحب جو مقصد لطيف کي اهڙي راهه تي لڳائڻو هو، جتان کيس منزل سولائي ءَ سان ملي سگهي. هن کيس چيو ته انهيءَ پروگرام کي پايه تڪميل تي رسائڻ لاءِ تون اڪيلي سر ڪجهه به ڪري نٿو سگهين. توکي جڳائي ته سڀني ڏاهن ۽ قلمڪارن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري، اهو پرگرام سندن آڏو رک. جڏهن اهي اعليٰ دماغ ۽ ڏاها مٿو ٽيڪي ويٺا، ته پڪ سان اڳين لکت کي ميٽي، ٻيو معاهدو تيار ڪرائي وٺندا، جيڪو معاهدو تنهنجي منشا وارو هوندو. جنهن سان تنهنجو قومي خوشحالي حاصل ڪرڻ وارو مقصد پورو ٿيندو.

جيئن ته خواجه صاحب هن بيت ذريعي لطيف سائين کي ٻين فهم ۽ فڪر رکندڙ ڏاهن ماڻهن سان ملاقات ڪرڻ ۽ان سان گڏجي ايڪي اتحاد لاءِ سوچڻ جو ڏس ڏنو هو. واقعي ان وقت سنڌ ۾ هڪ ئي وقت ۾ سوين مدرسا علم جي روشني پکيڙي رهيا هئا، ڪيترائي ڏات ڌڻي پنهنجن ماڳن ۽ مڪانن ۾ ثقافتي ۽ علمي لحاظ سان اهڙيون ته بيٺڪون قائم ڪيو ويٺا هئا جو  انهن مان هر هڪ جي اوطاق اڪيڊمي جو ڪم ڏيندي هئي، انهن عالمن جا نالا ڳڻائيندي پير حسام الدين راشدي لکي ٿو ؛ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ( متوفي 1161 هه)، محمد ضياءُ الدين، ميان نعمت الله، ميان محمد صادق، آخوند محمد شفيع، آخوند ابوالحسن جهڙا عالم  ۽ مير محسن (متوفي 1163هه) غلام علي مداح ٻالچند، آزاد شيوڪرام عطارد، شيخ محمد محفوظ سرخوش غلام علي مومن محمد پناهه رجا مير ابوالبقا ۽ مير ابو تراب ڪامل جهڙا شاعر ٺٽي ۾ موجود هئا، جن مان هر هڪ پنهنجي دور جو غزالي، ودواني، سعدي ۽ انوري هو.  (10) خواجه صاحب لازمي طور تي اهڙن عالمن ۽ شاعرن کي چڱي ريت سڃاڻندو  هوندو. تڏهن ته لطيف کي اهڙن ماڻهن سان ملڻ جو ڏس ڏنائين. انهن مان هر هڪ برزگ جي اوطاق دارالمصنفين ۽ ندوة المصنفين هوندي هئي ۽ هر هڪ استاد ۽ عالم جو مدرسو دارالعلوم ديوبند  ۽ ندوة العلومهو. اهي سڀ ادارا هڪ نظرئي جي بنياد تي وجود ۾ آيا هئا، تنهن ڪري قومي، سماجي ۽ علمي بيداري لاءِ لازمي طور انهن هڪ ڀرپور  ڪردار ادا ڪيو هوندو ۽ اهو ئي سبب هو جو خواجه صاحب لطيف سائين کي اهڙن شخصن ڏانهن رجوع ٿيڻ جي ترغيب ڏني هئي. اهڙي سوچ ۽ شعور رکندڙ ٻيون به ڪيتريون ئي شخصيتون هيون جن سان خواجه صاحب جي صلاح کان اڳ يا پوءِ لطيف سائين مليو ۽ قوم و ملت لاءِ صلاح مشوارڪيا. اهڙن ماڻهن جي محمد ابراهيم جو يي نشاندهي ڪئي آهي ! شاهه شهيد، شاهه اسماعيل صوفي، ٺٽي جو مخدوم  محمد معين، سيوهڻ جو مخدوم ميان دين محمد، اگهم ڪوٽجو مخدوم ميان پير محمد ڪوٽڙي ڪبير جو مخدوم ميان محمد، روهڙي جو ميان جان الله رضوي، گهوٽڪي جو ميان محمد موسيٰ جيلاني ۽ ٻيا عالم شاهه سائين جا ساٿياري ۽ دوست هئا، جن سڀني سنڌ ۽ سنڌي سماج لاءِ ماڻهن جو قومي اتحاد قائم ڪرڻ ٿي گهريو. (11) لطيف سائين جنهن مقصد لاءِ ڀٽ تان ڪهي خواجه صاحب سان ملاقات لاءِ آيو هو، اهو کيس حاصل ٿي چڪو هو. لطيف سائين جو ڏانهس ڪهي وڃڻ ثابت ڪري ٿو ته هو نه صرف هڪ باشريعت ۽ طريقت وارو انسان هو پر گڏوگڏ هو پنهنجي قومي مسلڪ جي ڄاڻ رکندڙ ڏاهو به هو.

بس ثابت ٿيو ته خواجه صاحب ۽ لطيف سائين پنهنجي دور جا ٻه وڏا برزگ ۽ ڏاها هئا، هنن جي گفتگو سماج ۾ ٿيندڙ ڏاڍ ۽ جبر ۽اڻ برابري خلاف هئي ۽ اها گفتگو هڪ علامتي عمل (Symbolic  Activity) ذريعي ٿي هئي. 

لطيف سائين 1752 ع ۾ لاڏاڻو ڪيو ۽ ان کان تقريبآ ويهه سال پوءِ 1188هه مطابق 1774ع  ۾ خواجه صاحب وفات ڪئي ۽ پنهنجي مراقبي واري حجري ۾ دفن ٿيا، (12).

 

حوالا

قانع علي شير تحفة الڪرام سنڌي ادبي بورڊ حيدآباد 1957 ع ( سنڌي ترجمو) ص 416.

شيخ محمد سومار، بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ لاڙ ادبي سوسائٽي بدين، 1975 ع. ص 36.

بلوچ نبي بخش ( ڊاڪٽر) ؛ نڙ جا بيت سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1970 ع. ص 3.

ملاح حاجي احمد ؛ ديوان احمد بدين 1974 ع. ص 16 مضمون ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو.

تحفة الڪرام ؛ ص 415.

شيخ محمد سومار ؛ لطيف سائين جا لاڙ تان ڀيرا تنظيم وفڪر سکر 1976 ع. ص 125.

گربخشاڻي هوتچند مولچند  ( ڊاڪٽر) ؛ مقدمه لطيفي ورسٽي پبليڪيشن ڪراچي 1977 ع. ص 5.

جوڻيجو عبدالجبار (ڊاڪٽر) ؛ سنڌي ادب جي مختصر تاريخ سره ڪتاب حيدآباد. 1973 ع ص 89.

دائود پوٽوعمر بن محمد ( ڊاڪٽر) ؛ ابيات سنڌي سنڌي ادبي سوسائٽي 1939 ع. ص ديباچو  (دفعو ٻيو)

تحفة الڪرام ؛ ص 43.

جويو محمد ابراهيم ؛ شاهه سچل سامي سنڌي اديبن جي ڪو آپريٽو سوسائٽي حيدرآباد 1978 ع ( ٻيو ڇاپو) ص ـ 25

الانا غلام علي (ڊاڪٽر) ؛ لاڙ جي ادبي ثقافتي تاريخ سنڌ يونيورسٽي 1977 ع. ص 354.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com