سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه لطيف جو علامتي شعور

 

صفحو :6

اصل ۾ لطيف ظاهري عشق ڪرڻ واري روش جي خلاف هو. هو باوقار ۽ سليقي مند انسان هو. هن اهڙي ڪا به ڳالهه نه ٿي ڪرڻ چاهي، جنهن سان سندس عشق ۽ محبت واري هستي سڀ جي توجهه جو مرڪز بڻجي. بلڪه هن پنهنجي پيار کي ايترو ته لوڪان لڪائي پاڪيزو بڻايو جو ان رشتي ۽ تعلق تائين ڪنهن جي رسائي ڪو نه ٿي سگهي. اکين ۾ ٿي ويهه، توکي وارين ڍڪيان.جيستائين سندس پرين سان پيار جي ثابتي جو واسطو آهي ته اها سندس ڪلام جي سٽ سٽ ۾ نظر اچي ٿي. ڪو به اهڙو سر ڪونهي جنهن ۾ سونهن، انتظار، بيچيني ۽ بيقراري جون وارداتون موجود نه هجن :

ساهــڙ ڌاران، سهڻـي، آهـي ۾ آزار،

ڏم پاسي ۾ ڏکندو، محبت وٽ  سنگهار،

تــــوڏي سنـــدي تـن جي، دوا ۾  ديـدار،

جي پسي منهن ميهار، ته سگهيائي سگهي ٿئي.

 (سهڻي ابياتِ متفرقه _5)

ڊاڪٽر گر بخشاڻي، شاهه جي مجازي عشق کي به مڃي ٿو ۽ شاهه جي حقيقي عشق جي ڳالهه به ڪري ٿو.(11) انهي ڳالهه کي سامهون رکندي لطيف جي ڦوهه جواني واري دور کي جيڪڏهن مجاز جي پس منظر ۾ نه ڏسبو ته حقيقتون لڪي وينديون. پيار ڪرڻ نه برو عمل آهي ۽ نه وري حسن جي پرکا ڪرڻ ڪا اهڙي الجهن آهي، جنهن ۾ جڪڙجي انسان پنهنجو ارڪو ترڪو وڃائي ويهي. عشق ته پاڻ اهڙو عمل آهي جنهن سان رتبي جي سڃاڻ ٿئي ٿي، سماجي گهٽ وڌايون دور ٿين ٿيون ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ راهون کلن ٿيون. ڇا اهو عشق جو ڪمال ناهي جو نوريءَ لاءِ ڄام تماچي ڄارو ڪلهي تي کڻي ٿو؟

ڪـو  جو  ڪــامڻ مي، آهي اکڙين ۾،

تـن تماچي ڄام جـو، ناڀون  پايو ني،

عشق ائين ڪري، جيئن ڄارو ڄام ڪلهي ڪيو.

 (ڪاموڏ 2_13)

عشق هڪ اهڙو مرغوب مشغلو آهي، جنهن جي لذت جيئن پوءِ تيئن وڌندي رهي ٿي. يعني جيتري جدائي اوتري شدت، جيترو تجربو يا ڪوشش اوتري اڃ ۽ پريشاني، حسن جي ڇهاءُ سان موت کان نفرت ٿئي ٿي ۽ زنده رهڻ جو احساس وڌي ٿو. مطلب ته حسن ذريعي ڪنهن نه ڪنهن اعتبار سان انساني حياتيءَ کي ماڻڻ ۽ اهم مقصد حاصل ڪرڻ جي ترغيب ملي ٿي. حسن جي ترغيب ۽ ڪشش ۽ عشق جو اڀار ٻئي انساني خواهشن تي مدار رکن ٿا، ڇو ته خواهش هڪ اهڙي نفسياتي سگهه آهي جنهن وسيلي فرد پنهنجين خوشين جو دائرو جيترو وسيع ۽ ويڪرو ڪندو اوترو اهو سماجي مسئلن کي نبيرڻ جي قابل بڻبو. ذاتي خواهش جي تڪميل جو دائرو جڏهن اجتماعي صورت اختيار ڪري ٿو، تڏهن هر پاسي خوبصورتي، خوشي ۽ خوشبوءِ جي ورکا ٿئي ٿي. اهڙي ذاتي خواهش جڏهن اجتماعي صورت اختيار ڪئي، تڏهن ڀٽائي اهڙي تصور کي سامهون رکندي چيو :

برو هو ڀنڀور، آرياڻيءَ اجاريو.

(حسيني:1_3)

انسان جو خواهشون جڏهن اجتماعي صورت اختيار ڪن ٿيون، تڏهن ڄام ڄارو ڪلهي تي کڻي ٿو ۽ آرياڻي بري ڀنڀور کي اجاري پاڪ ڪري ٿو. پوءِ اهڙو انسان سماج لاءِ روشن ضميريءَ جو مثال بڻجي پوي ٿو ۽ هن جي ذات پوري سماج توڙي پوري ڪائنات ۾ خوبصورتي ۽ سچائي جو سمبل بڻجي پوي ٿي.

انساني ڪردار جي حوالي سان لطيف سائين جو ست سورميون ۽ ست سورما ته مشهور آهن ئي آهن، پر بروي جي بهادري ۽ رپ سان عشق جا آهيرا، راءِ ڏياچ جو سر ڏيڻ، ٻيجل جي فن جو ڪمال، ڏونگر راءِ، جادم جکري ۽ سپڙ سخيءَ جي سخاوت، انيراءِ جي ڪڌائپ، وڳنڌ جا فڪري چرچا، علاءُالدين جي ڪاهه، ابڙي جي بهادري ۽ سام جهلڻ جا واقعا ۽ ٻيا کوڙ سارا اهڙا ڪردار آهن جن جي حيثيت هينئر علامتي صورت اختيار ڪري چڪي آهي.

انهن سڀني ڪردارن جي اهميت جو اندازو انهي پسمنظر ۾ لڳائي سگهجي ٿو ته انهن هر موڙ تي عظيم تر ۽ بين الاقوامي مقصدن جي حاصلات لاءِ توڙي پستين کان بلندين تائين پهچڻ لاءِ مادي يا حياتياتي (Biological) خواهشن کي گهوري ڦٽو ڪري ڇڏيو. سر سهڻي ۾ لطيف سائين اهڙا مثال ڏنا آهن:

1_     گهڙو ڀڳو ته گهوريو، مر چور ٿئي چوڙو،        (1_17)

2_     گهڙو ڀڳو ته گهوريو، پاڻان هو حــجاب،         (1_19)

3_     گهڙو ڀڳو  ته  گهوريو، آسر م  لاهـــيج،         (1_21)

انساني زندگيءَ ۾ ڪڏهن اهڙا چئلينج به اچن ٿا، جو هو مقابلي جي سگهه وڃائي ويهي ٿو. اهڙي ويلي عشق ئي آهي جيڪو منجهس قربانيءَ جي قوت يا مقابلي جي قوت پيدا ڪري ٿو. لطيف سائين سر سهڻي ۾ اهڙي ئي صورتحال سڻائيندي چوي ٿو:

ڪنڌي اڀيون ڪيتريون، ساهڙ ساهڙ ڪن،

ڪنين سانگو ساهه جو، ڪي گهوريس ڪيو گهڙن

ساهڙ  سندو تن، گهاگهائي  گهڙن جي.

 (1_9)

ڪائنات ۾ انساني قرباني، جاکوڙ ۽ مقصد جي حاصلات لاءِ کلندي ميدان ۾ گهڙي پوڻ سان نه صرف بلندين تائين رسائي حاصل ٿئي ٿي پر اهڙي روش سان فرد، مادي توڙي روحاني ٻئي خواهشون به ماڻي سگهي ٿو. لطيف سائين ڪائنات جي انهي سوڀ ۽ مقصد تائين رسائي جو ذريعو عشق ۽ عورت کي سمجهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو لطيف جي سماج جي عورت وڏين ويساه گهاتين جي ور چڙهندي به عشق ۽ ارادي جي مضبوطيءِ جي ڪري پاڻ بچائي سگهي آهي، لطيف سائين کيس وڏيڪ هوشيار ڪـندي چوي ٿو ؛

ڪرڪو واڪو وس، ويهه م منڌ ڀنڀور ۾.

(سسئي ابري ؛ 8 ـ 5)

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لطيف سائينءَ جي انهي ءَ مقصدي ڪردار عورت کي مستقل مزاجي ۽ عشق جو  اهڃاڻ سمجهندي چوي ٿو، ماڻهن ليکي منڌ پر اهو ڪو نينهن جو نعرو آهي ۽ ان تي اعتبار ڪرڻو پوي ٿو  (12).

لطيف سائين هڪ سڄاڻ ڏاهو هو. هن کي پوري پروڙ هئي ته مادي مسئلا هجن يا روحاني راز هر هنڌ عورت ئي آهي جيڪا پنهنجي خوبصورتي ۽ عشق سان ڪنهن به سماجي تبديلي واري عمل ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. انهي ءَ ڪري هن عورت جي روشن خيالي ۽ سجاڳيءَ کي نينهن جي نعري سان علامتائيو ( Symbolized) آهي.

عجيب ڳالهه اها آهي ته هن ڌرتيءَ جي عورت اڄ کان تقربياً اڍائي سوسال اڳ به ظلم ۽ زيادتي جو شڪار ٿيندي رهي ۽ اڄ به سندس حقن جي پائمالي ٿيندي رهي ٿي. لطيف سائين سسئيءَ کي سورن جو سمبل به انهن سماجي روين جي بنياد تي بنايو آهي. هوءَ ڄمندي ئي سورن ۾ آئي. مرداني سماج (Male   Oriented    Society) ۾ نائون مل ( سسئي جو پيءُ) جي معاشري محض ان ڪري کيس قبول نه ڪيو جو هڪ مرد جوتشي هن جو سڱ ڪنهن غير مذهبي مرد سان ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي. محمد کٽي ( سسئي جو پاليندڙ پيءُ) کيس ان ڪري پنهل سان نه پئي پرڻايو جو اهو پنهنجي ڪڙم مان نه هو.پنهون پا ئڻ سان سندس ڏيرن جا ڏک ۽ ويساه گهاتيون شروع ٿي ويون. پنهل ڏانهن ويندي ڀنڀور جو ڪوبه مرد ساڻس ساٿي ڪونه بڻيو. اڪيلي عورت پهڻن جا پنڌ ڪندي هاڙي ڏونگر ۾ ايل پنهوار نالي ٻڪرار جي ڪڌي خواهش کان پاڻ بچائيندي، پهاڙي غار ۾ ٽپو ڏئي پنهنجو انت آندو. اها آهي لطيف جي سماج جي عورت جي ڪهاڻي جيڪا هر قدم تي ڏاڍ جو شڪار ٿيندي رهي پر عشق کيس سر خرو ڪري هميشه لاءِ زندهه بڻائي ڇڏيو. عورت جي عظمت حديث شريف ۾ به واضح آهي ته جنت ماءُ جي قدمن هيٺان آهي.  هندو به عورت جي تقدس جي بحالي لاءِ ماتا ديوي جي پوڄا ڪندا آهن. انهي ءَ جي باوجود به هتان جي عورت سڱاوتي فيصلي ۾ چٽي طور جانورن جيان ڪاهي ڏجي ٿي. دشمني جي حالت ۾ يا ڪن ٻين حالتن هيٺ مٿس ڪارپ جو ڪارو ٽڪو لائي کيس ڪهاڙين ۽ بندوقن جو کاڄ بڻائجي ٿو. لطيف اهڙي نفسياتي ۽ سماجي برائي تي خاموش رهڻ بجاءِ عورت جي پٺڀرائي ڪئي آهي چوي ٿو ؛

ڪاري جا قيام سئين هوت جنهن جو حامي.

(کنڀات ؛ ا وائي 3)

سائين تنوير عباسي انهيءِ وائيءَ جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته هتي ڪاري جو مطلب عام سنڌي سماج ۾ استعمال ٿيندڙ ڪارو ڪاريءَ وارو آهي ۽ شاهه لطيف ڪاري رنگ کي برائي جي اهڃاڻ ۾ ڪتب آندو آهي ( 13)

بهرحال اهو طئي آهي ته لطيف سائين عورت جي عظمت جو پاسدار آهي هن پنهنجي نظرئي جو بنياد عشق کي ڄاتو آهي ۽ سندس خيال مطابق هن جهان جو بنياد به عشق تي ٻڌل آهي ۽ اهائي سوچ انسان کي اڳتي وڌڻ لاءِ اڪسائي ٿي.

 

حوالا

1ـ گربخشاڻي هو تچند مولچند ڊاڪٽر ؛ مقدمه لطيفي ورسٽي، پبليڪيشن ڪراچي.1977 ع، ص ـ 130.

2 ـ شيخ اياز ؛ رساله شاهه عبداللطيف سنڌ يونيورسٽي  حيدرآباد 1963 ع ـ ص ـ 6

3 ـ جوتواڻي موتي لال ڊاڪٽر شاهه لطيف هز لائيف ايند ورڪ دهلي 1975 ع ـ ص 26.

4 ـ بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر؛ شاهه جو رسالو ( جلد پهريون) شاهه لطيف ثقافتي مرڪز ڀٽ شاهه 1989 ع ص ـ 23.

5 ـ مرزا قليچ بيگ ؛ احوال شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز حيدرآباد، 1986 ع ص ـ 61.

6 بلوچ ڊاڪٽر شاهه جو رسالو ( جلد پهريون) ص 24.

7 ـ مرزا قليچ بيگ ؛ احوال شاهه عبداللطيف ص 25.

8 ـ  قادري محمد احمد (مترجم) ڪشف المحجوب ضياء القرآن پبليڪيشنز لاهور ( چوٿون ڀيرو) 1413 هه، ص ـ 566 ـ 567.

9 ـ وفائي دين محمد لطف اللطيف وفائي پبليشنگ هائوس ڪراچي ڇاپو ٻيو 1951 ع ص ـ 97.

10 ـ بلوچ ڊاڪٽر ؛ شاهه جو رسالو ( جلد پهريون) ص ـ 199

11 ـ گربخشاڻي ڊاڪٽر مقدمه لطيفي  ص 129.

12 ـ جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر ؛ سنڌي ادب جي مختصر تاريخ ؛ سره ڪتاب حيدرآباد 1973 ع ص ـ 52.

13 ـ عباسي تنوير ؛ شاهه لطيف جي شاعري شاهه لطيف ثقافتي سوسائٽي ڪراچي. 1976 ع ص، 124 ـ 125.

 

کاهوڙي، سچ، سونهن ۽ پيار جي علامت 

 

لطيف سائين جو سڄو ڪلام انساني جدو جهد ۽ اڳتي وڌڻ جو اهڃاڻي درس آهي. ڪٿي به ڪا اهڙي واردات نظر نه ٿي اچي جنهن مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ته لطيف پنهنجي وقت جي تيز گذري ويندڙ واقعن ۽ حادثن سان ڪا دلچسپي نه رکي هجي ۽ نه وري اهو درست آهي ته هن پنهنجي دور جي ڪنهن سماجي يا سياسي تحريڪ ۾ حصو ڪونه ورتو.(1)

 بقول ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي ته ڪانٽ ۽ هيگل پنهنجي دور ۾ سياسي عمل کان بلڪل پري رهيا (2)، ۽ انهي بنياد تي شاه کي به سماجي، سياسي ۽ نفسياتي مامرن تي سوچڻ ۽ عملي زندگي اختيار ڪرڻ وارو شاعر نه سمجهڻ صحيح نه آهي. دراصل شاه جو شعر اسان وٽ  قومي شعور ۽ سماجي قدرن جي بحالي جو زنده ثبوت آهي. سائين محمد ابراهيم جويو لکي ٿو ته شاهه جي حساس ذهن ۾ سنڌ ۽ سنڌي سماج جي غلامي جي جهنم جي خلاف ڪنهن پر بهار ۽ روح پرور مسرت جي بهشت جو خواب جلوه گر ٿيو هو (3).

مانواري ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي جو اهو چوڻ درست آهي ته ڪانٽ ۽ هيگل جيتوڻيڪ پنهنجي سڄي حياتي سياسي گهوٽالي واري دور ۾ گذاري پر پوءِ به مٿن ڪو اثر ڪونه پيو. دراصل ان جو بنيادي سبب اهو هو ته شاهه سائين جي دور (يعني ارڙهين صدي جي وچ) تائين مغربي ادب ۾ پڻ عام ماڻهو جي ٻولي ۾ شعر چوڻ يا عام ماڻهو جي باري ۾ لکڻ جو تصور اڃا پيدا ئي ڪونه ٿيو هو. مغربي شاعري ۾ عام ماڻهو جي ٻولي ۾ لکڻ ۽ شعر ۾ عام ماڻهو جي جذبن جي اپٽار ڪرڻ جو تصور شاهه لطيف کان اڌ صدي پوءِ پيدا ٿيو (4).

      جيئن ته لطيف سائين حليم طبيعت ۽ اعليٰ سڀاءُ وارو انسان هو هن ۾ جلد بازي ۽ ڪٽر پڻو ڪونهو ۽ نه وري منجهس ڪنهن ڪم نه ٿيڻ ڪري بي صبري يا مايوسي پيدا ٿيندي هئي. شايد سندس ميٺ محبت ۽ صبر ڏسندي ڊاڪٽر سورلي جهڙي مدبر به کيس روز مره جي واقعن کان بي خبر سجهيو هجي.

 پر ان جي ابتڙ لطيف سائين پنهنجي دور جي مڙني واقعن کان باخبر، سياسي ۽ سماجي تبديلي تي نگاه رکندڙ۽ انهن قوتن جو ٻانهن  ٻيلي رهيو جن سنڌ جي بقا ۽ خوشحالي لاءَ جتن ڪيا. سائين محمد ابراهيم جويو چواڻي هن جي عمر جا 63 سال ئي سنڌ جي اتحاد ۽ آزادي جي جد جهد جا سال هئا. تاريخ جي شاگردن کي بخوبي ڄاڻ هوندي ته سنڌ ۽ سنڌي سماج لڳ ڀڳ ٻه سئو سال غلامي ۾ گذاريا. انهي دوران سنڌ ۾ آزادي ۽ خوشحالي جون تحريڪون به هليون هونديون. جن ۾ ڀڳت ميڪڻ بدين واري جي جوڳ جي تحريڪ، شاهه عنايت شهيد جي گيڙو فقيرن جي تحريڪ ۽ شهيد بلاول جي مريدن جي بلاولي تحريڪ ڪافي مشهور ٿيون. انهن سڀني تحريڪن جاروح روان ۽ سرواڻ وقت جا وڏا عالم، درويش ۽ روحاني رهبر هئا. جن ۾ محمد معين ٺٽوي. خواجه محمد زمان لنواري وارو. شاهه عنايت شهيد، مخدم بلاول، مخدوم ميان دين محمد سيوهاڻي، ميان پير محمد اگهم ڪوٽي، ڪوٽڙي ڪبير جو ميان محمد، روهڙي جو ميان جان الله شاهه رضوي، گهوٽڪي جو ميان موسيٰ شاهه جيلاني ۽ سندن ٻيا سوين ساٿياري هئا جن سڀني سنڌي سماج جي قومي بحالي ۽ قومي بقا لاءِ سنڌي ماڻهن جو قومي اتحاد قائم ڪرڻ ٿي گهريو (5).

انهن مقصدي ماڻهن وٽ ٻيا به ڪيترائي ماڻهو قومي بقا جي تحريڪ ۾ شموليت لاءِ ايندا رهندا هئا. جيڪي ماڻهو انهن وڏن جي معيار مطابق هوندا هئا انهن کي کاهوڙي سڏيو ويندو هو ۽ پوءِ انهن کي ٽن کاهوڙي تربيت جي مرڪزن مان ڪنهن به هڪ ۾ عملي تربيت لاءِ موڪليو ويندو هو. جن مان هڪ گنجي ٽڪر تي، ٻيو پٻ پهاڙ جي وادي ۾ ٽيون بدين جي گرو ميڪڻداس جو اوتارو هو(6)

  شاه صاحب به انهن مرڪزن تي عملي تربيت حاصل ڪئي هئي.

شاهه سائين انهن مرڪزن جو ذڪر هِن سر ۾ ڪيو آهي.

پــيو جــــن پــــرو، گنجي ڏونگر گام جو،

ڇــــڏي کــــيٽ کرو، لوچي  لاهوتي  ٿيا.

    *        

وييون پٻ پيهي، کيرون کاهوڙين جون.

انهن مرڪزن مان  جيڪي کاهوڙي ڪامياب سکيا وٺي موٽندا هئا. اهي سچا قومي ڪارڪن ٿي پوندا هئا. اهي پنهنجا ذاتي مسئلا ڦٽا ڪري صرف ديس جي آزادي ۽ خوشحالي لاءِ لوچيندا هئا انهن کي اهڙن اڻانگن پنڌن ۽ پيچرن تان گذرڻو پوندو هو جتي جيڪر سونهان به ويندي ڪيٻائين. کاهوڙين جو اصل ڪم لوڪان لڪائي. آزادي جي علامتن کي عام ڪرڻ هو. وقت جا حاڪم ۽ انهن جا ڪارندا ۽ ڇاڙتا سندن خفي مهم کان ڊنل هئا. پر کاهوڙي پنهنجي قول توڙي عمل سان اهڙو ڪو به ثبوت ڪونه ڇڏيندا هئا جنهن سان سندس شخصيت جي سڃاڻ ٿئي. پيرين ۽ لڱين اگهاڙي قومي ساڃهه جو ڪم ڪندا رهندا هئا.  انهن کي مرڪز کان جيڪي به ڪم سپرد ڪيل هئا تن کي همت حوصلي ۽ ڳجهه ڳوه ۾ ڪندا رهندا هئا.

ڀّڪليا    ڀـــــوڻن   ڌڙ کي    گـڏيو   ڌوڙ   ۾،

ڳالهيون ڳهلي لوڪ سين، پڌر پئي نه ڪن،

ڪامل آهي تن، مون پريان جي ڳالهڙي.

 (1ـ11)

شاه صاحب کاهوڙين جي صبر، جاکوڙ، قوت ۽ ڪم جي طريقي کي ڏسي کانئن ڏاڍو متاثر ٿيو هو. اهوئي سبب هو جو رسالي ۾ کاهوڙين جي باري ۾ ٽن داستانن تي مشتمل سڄو سارو سر لکي، انهن جي گڻ ڪٿا ڪيائين. کاهوڙي بڻجڻ لاءِ ٻه اهم اصول اپنائڻا پون ٿا، انهن جي نشاندهي ڪندي لطيف چيو ؛

ويجهو ونءَ مَ واٽ کي، ڪهج ڏانهن  ڪواٽ،

اُجهي    منهجان   آٽ،    آديسي ٿي   آءُ   تون.

 (3ـ3)

ٻيو اصول هيٺين بيت ۾ واضح ڪيل آهي ؛

مون       کاهوڙي     لکيا،    آين       نه     آرام،

ڪيائون تن تمام، جيئن ڏوٿي ڏٿ گڏ ٿيا.

 (1ـ18)

مٿين ٻنهي بيتن ۾ لطيف سائين کاهوڙي ٿيڻ لاءِ جيڪي اهم اصول ٻڌايا آهن، انهن ۾ ڪواٽ اختيار ڪرڻ ۽ تن کي تسيا ڏئي آرام ۽ سک ڦٽا ڪري، سرلو ٿي هلڻ آهي.

کاهوڙي انهن ماڻهن جو اتحادي گروپ  هو جيڪي سنڌ جي آزادي ۽ بقا واري ويڙهه ۾ هر اول دستي طور ڪم ڪندا رهيا. اهي اهڙا ته سچا ۽ حساس قومي درد رکندڙ انسان هئا جن کي پنهنجي سماجي ڏکن ۽ امنگن جي بخوبي ڄاڻ هئي. هنن کي صرف اهائي چنتا هئي ته سنڌي سماج کي هڪ آزاد ۽ خوشحال سماج بڻائي پيش ڪجي. اهڙن قدرن جي حاصلات لاءَ سماج مان ڪينو، ڪٽرپڻو ۽ ڪانئر پڻو ختم ڪري، يگانگت، پيار ۽ محبت جو سلو سندن دلين ۾ اڀارڻو هو.  سچ، سونهن ۽ نيڪي جي فلسفي کي عام ڪرڻو هو. انفرادي سوچ بدران اجتماعي شعور کي اجاگر ڪرڻو هو. انهن مقصدن جي حصول لاءِ کاهوڙين پنهنجي وجود کي وساري، انساني ڀلائي ۽ ڀائيچاري واري فضا بحال ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون. لطيف اهڙن درد رکندڙ کاهوڙين جا پار پتاهيٺين بيت ۾ ٻڌائي ٿو.

سڪا سنڍ ڪڇن ۾، کِرڪڻا پيرين،

ٽمندي  نيڻن اّن ڪي  کاهوڙي  گڏيا؟

(1ـ27)

لطيف جا کاهوڙي سماج ۾ نون قدرن کي روشناس ڪرائڻ لاءِ ماضي جون تلخ يادون، حال جون اڻ وڻندڙ حالتون ميسارڻ ۽ سونهري مستقبل لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪندا رهيا.کين ايندڙ وقت جي روشني ۽ خوبصورتي حاصل ڪرڻ لاءِ عقل،  همت ۽ حوصلي سان ڪم ڪرڻو هو. ڇو ته بلند ترين مقصد ۽ اجتماعي مفاد لاءِ. وقتي خوشين ۽ انفرادي مفاد تان هٿ کڻڻو پوي ٿو.کاهوڙي اهڙين ئي عادتن تي هريل هئا.

ڪپيري   ۾   پير   ڪنهين    پاتو     پيريــين،

جيان   مُنجهڻ    ماڻهين ، سڄڻ تيان ئي سير،

اُنِ ڀونءِ سندو ڀير، ڪوڙن منجهان ڪولهي.

 (3ـ4)

اصل ۾ کاهوڙي واري علامت، لطيف سائين روحاني رهبر، راه حق جي پانڌيئڙي، قومي آزادي ۽ خوشحالي لاءِ جستجو ڪندڙ انسان لاءِ اختيار ڪئي آهي. حاصل ڪلام ته لطيف جي کاهوڙي جي کير، هر سماجي روحاني ۽ سياسي گُهٽ کانپوءِ ايندي رهندي. پوءِ  ڪڏهن سندن واسو گنجي ۽ پٻ پهاڙن تي هوندو ته ڪڏهن ڪارونجهر چوٽي ۽ ٿر جي ڀٽن ۾ هوندو. ڪڏهن اتر هوندو ته ڪڏهن لاڙ. ڪڏهن منگهي پير تي پڙاءُ هوندو ته ڪڏهن منهوڙي تي ميڙاڪو، مطلب ته لطيف جو رسالو جيسين اسان وٽ امانت طور موجود رهندو تيسين کاهوڙي به پيدا ٿيندا رهندا ۽ سنڌي سماج جي مرڪ ۽ ممتا به قائم رهندي. بس اهو اسان جو اعتقاد آهي ته کاهوڙي هر دور م نون ويسن ۽ ورنن ۾ ايندا رهندا ۽ديس واسين جا ڏمر ڏور ڪندا رهندا.

کاهوڙي   کرا،   سوڌي   خبر   پکيا،

سوجهي جن ڪيا مٿي اڱڻ   آهِرا.

(3ـ19)

 

حوالا

(1) سورلي ايڇ ـ ٽي (ڊاڪٽر) ڀٽ جو رسالو (ترجمو) سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي 1992 ع ـ ص 231.              

(2) ايضا ـ ص 231.

(3) جويو محمد ابراهيم ؛ شاهه سچل سامي سنڌي اديبن جي سوسائٽي حيدر آباد 1968 ع ـ ص 54.

(4)عباس تنوير ؛ شاهه لطيف جي شاعري شاهه ثقافتي سوسائٽي ڪراچي.1976 ع ـ ص 14.

(5) جويو محمد ابراهيم ؛ شاهه سچل سامي ـ ص 75.

(6) شيخ سومار ؛ لطيف سائين جا لاڙ تان ڀيرا تنظيم فڪر و نظر سکر 1986 ع ـ ص   93.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com