سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه لطيف جو علامتي شعور

 

صفحو :9

سئي جو ڪم آهي ڳنڍڻ ۽ سبڻ، پر اهو ڳانڍاپو مضبوط تڏهن ٿئي ٿو جڏهن سئي جا سنها گهاءَ ٻنهي پاسن کان هڪ جهڙا لڳندا آهن. لطيف سائين جنهن سئي سان مارئي ۽ مارن جي رشتي کي ڳنڍي ٿو، سا سنهي به آهي.. يعني ٻي معنيٰ ۾ اهو ٽوپو يابکيو باريڪ ۽ نه ٽٽڻ وارو آهي. اهو تصور ڪو عام رواجي ڪونهي بلڪ هڪ آفاقي تصور آهي جنهن ۾ ڪائنات جي هيڪڙائي واري تصور جي اپٽار ٿيل آهي. مارئي، مارو، سومرا، قالب ۽ ڪوٽ سڀ تصور آهن. هڪ ڏانهن وڌڻ جا. شاهه صاحب فرمائي ٿو ته :

جـيها    سي    تـيها،   مــون     مارو    مڃا،

مـون   جـيـڏيـون   مليـر  ۾ ، چـونـڊن  مــوڪ  مهــا،

منهنجي آهه اها، ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي.

 ( ابيات متفرقه.9)

مٿين بيت ۾ لطيف سائين جو آئيڊيا سماجي تبديلي (Social change) آهي. مارئي هڪ اهڙو اهڃاڻ آهي، جو پنهنجو پاڻ کي جاگيرداري نظام جي رحم وڪرم تي نٿو ڇڏي، بلڪ هو چاهي ٿو ته سماجي بي آرامي (Social unrest) ختم ٿئي. هو انهي سماجي تبديلي وارو عمل پنهنجي ماڻهن ۾ رهي (غريب عوام ۾) بهتر طريقي سان ڪري سگهي ٿو. انهي ڪري هو انهي جاگيرداري ڪوٽ کي ڪيرائڻ جو خوامشمند آهي.

جاگير داري نظام ۾ سماجي تبديلي واري سوال تي وڳوڙ کي منهن ڏيڻ لاءِ جاگيردار ۽ حاڪم، مقصدي ماڻهن کي طرحين طرحين جون لالچون ڏيئي، پنهنجو طرفدار ڪرڻ چاهيندا آهن پر لطيف سائين جو تصوراتي ڪردار ڪنهن به حربي ۾ ڦاسي نٿو، بلڪ هن کي هر دم اها وائي وات آهي ته ؛

چرن چڻڪن چت ۾، وساريا ڪين ورن،

ليــس ڪمثلھ شــيءُ پسڻ ناهه پــرين،

پکا  پهنوارن، نـــيئي، اڏيـــا  نــاهه  ۾.

 ( 8 ـ 2)

فرد جڏهن تنظيم کان ڪٽجي وڃي ٿو يا ڪن حالتن ۾ تنظيم ئي ختم ٿي وڃي ٿي، تنهن صورت ۾ فرد پاڻ کي اڪيلو ۽ ويڳاڻو محسوس ڪري ٿو. اهڙي حالت ۾ اڪلائپ جي ڪارڻ تي سوچڻ ته سٺي ڳالهه آهي. پر مايو س ٿي ويهي رهڻ خودڪشي ڪرڻ جي برابر آهي.

لطيف سائين چوي ٿو ته هڪ فرد پنهنجي تنظيم جي معطلي جي ڪرب کي محسوس ڪري سگهي ٿو، ڇو جو اهڙي حالت ۾ کيس ڪٿان به رهنمائي ڪونه  ٿي ملي تنظيم کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ويو هجي ۽ تنظيم جو هر فرد اڪيلو رهجي ويو هجي. تاريخ ۾ اهڙا واقعا ٿيندا رهيا آهن. اوڏي ويل هڪ فرد کي جڳائي ته ذاتي ويڳاڻائپ کي وساري، پنهنجي  تنظيم جي قيادت ۽ اتحاد جي درد کي محسوس ڪري، اهڙي حالت ۾ فردتي جوابداري وڌي وڃي ٿي ۽ هن کي اڳي کان اڳرو ٿي ڪم ڪرڻو آهي ۽ بدليل حالتن ۾ پنهنجي ڪم جون راهون به درست ڪرڻيون آهن اهڙي ريت لطيف سائين فرد توڙي سماج کي حالتن سان مقابلي ڪرڻ جي سگهه ۽ حوصلو ڏي ٿو.

فرد جي ڪوشش، سماج ۽ ڪائنات جي مسئلن جو حل ثابت ٿئي ٿي، لطيف سائين انهي تصور کي ڪهڙي نه ڏاهپ سان بيان ڪيو آهي ؛

اتـان اوٺي آئـــيـو خبر ايَ کَـري،

وســـاريج   م   ور کي،   پئج  م  منڌ    مـــري،

ويندين ات وري، ڪو ڏينهن آهين ڪوٽ ۾.

 ( 10 ـ 4)

مٿين بيت ۾ لفظ اتان اشارو آهي، انهن کان يعني مارن کان، اوٺي علامت آهي، پيغام آڻيندڙ جي، ور هونءَ مڙس يا گهوٽ لاءِ استعمال ٿئي  ٿو، جيڪو مائٽن جي مرضي سان به ملي ٿو، پر هت اهو لفظ چونديل (Selected) فرد جي علامت ۾ استعمال ٿيو آهي. سرڳواسي ڀيرومل ڪتاب قديم سنڌ ۾ لکي ٿو ته ور معنيٰ گهوٽ، پر بنيادي معنيٰ اٿس چونڊيل ماڻهو يعني جنهن تي ويساهه هجي جيڪو سڀني جو  رهبر ٿي سگهي، جنهن ۾ سڀني انيائن کان بچائڻ جي ۽ مسئلن کي سلجهائن جي سگهه هجي. اهي سڀ علامتون سنڌي سماج سان واسطو رکندڙ آهن. ديس  جي هر شيءِ کي لطيف سائين پنهنجي بيتن ۾ ڪهري نه هنر مندي ۽ ڏاهپ سان جاءِ ڏني اهي، جو هڪ پاسي ته اهي لفظ ٻولي جي واڌاري جو سبب ۽ ٻئي پاسي معنوي لحاظ کان وڏي فڪر جو سبب بڻيا آهن.

  

حوالا

1ـ جوڻيجو عبدالجبار (ڊاڪٽر) ؛ سنڌي ادب جي مختصر تاريخي سره ڪتاب حيدرآباد. 1973 ع. ص 52 ـ 53.

2 ـ قاضي ايلسا ؛ رسالو آف شاهه لطيف سنڌي ادبي حيدرآباد، 1971 ع ص ـ  7،

3 ـ اعجاز حسين ( ڊاڪٽر) مذهب و شاعري اردو اڪيڊمي ڪراچي. 1955 ع  ص 80 ـ 81.

4 ـ ٻوهيو الهداد (ڊاڪٽر) ؛ ادب جا فڪري محرڪ سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، حيدرآباد، 1974ع  ص 132،

5 ـ ــــــــــــــــــــ ايضآ ـــــــــــــــــــ ص ـ 132.

6 ـ ـــــــــــــــــــ ايضآ ـــــــــــــــــــ ص ـ 215.

7 ـ ـــــــــــــــــــ ايضآ ــــــــــــــــــــ ص ـ 215 ـ 216.

8 ـ عباسي تنوير ـ شاهه لطيف جي شاعري نيو فيلڊس پبلڪيشنس حيدرآباد  1985 ع ص ـ ص 66 ـ 67

9 ـ قريشي اعجاز ؛ تاريخ سنڌ ( ارغون ۽ ترخان دور) سنڌ رسرچ سوسائٽي حيدرآباد. 1985. ص ـ 37

10 ـ  عباسي تنوير شاهه لطيف جي شاعري شاهه لطيف ثقافتي سوسائٽي  ـ ص 126.

 

 سر سامونڊيءَ جو فڪري اڀياس

( اقتصادي، روماني ۽ نفسياتي حوالي سان)

 

سر سامونڊي جي هن اڀياس سان نه صرف لطيفي لات کي سمجهڻ  لاءِ نوان موقعا ۽ نيون سوچون فراهم ٿينديون پر سماجي سطح تي جيڪي نفسياتي، جنسياتي ۽ تهذيبي مسئلا پئدا ٿين ٿا، انهن تي پڻ بحث مباحٿي جو موقعو فراهم ٿي ملندو.

ڀٽائي جا گهڻا اهڙا سر آهن جن ۾ حسن و جمال سان گڏ گرهستي زندگي جي باري ۾ ويچار ۽ حقيقتون بيان ڪيل آهن سر سامونڊي ۾ مٿين سماجي روين سان گڏ رومان جي رنگيني، خوبصورتي، جوڀن، وڇوڙي جا ورلاپ، تانگهه ۽ تڙپ سان گڏ جنسي نفسيات ۽ مايا ميڙ ڻ متعلق به ڳالهيون موجود آهن. هن سُر ۾ رومان، جمالياتي احساس، جوانيءَ جي تڙپ ۽ اهڙن روين جي اپٽار به آهي ته نفسياتي مامرن جي ڄاڻ به آهي. شاعري ۾ روماني روين لاءِ تصور جو عمل دخل اهم سمجهيو وڃي ٿو اهوئي سبب آهي جو ڪلاسڪ ۽ وڏا شاعرسچن واقعن ۽ تصور ن جي حوالي سان، حقيقتون ظاهر ڪندا آهن. ڀٽائي جي سماج جا پنهنجا مسئلا ۽ پنهنجارويا هئا. پر بنيادي مسئلا اقتصادي، روماني ۽ نفسياتي هئا. ڇو ته عام طور بک، ٽن قسم جي ڏاڍي سنگين ۽ اڻ ٽر ٿئي ٿي. هڪ پيت جي بک، ٻي جنسي بک، ۽ ٽين مان ۽ مرتبي جي بک. انسان فطري طور تي انهن گهرجين جي پورائي کان سواءِ رهي نٿو سگهي، پوءِ ان جو پورائو سڌي طرح ڪندو هجي يا اڻ سڌي طرح لڪائي ڪندو هجي، پورائي لاءِ ڪونه ڪو رستو ڳولڻو پوي ٿو.

نفرت ۽ محبت، مذهب ۽ عقيدت، تهذيب ۽ ڪلچر، ريتون رسمون ۽ رواج، راڳ سنگيت، وندر ۽ ورونهه همت ۽ حوصلو ۽ اخلاقي لاڙا، سڀ مهذب انساني روين جي نشاندهي ڪن ٿا، پر انهن سڀني گڻن واري انسان ۾ به مٿين ٽنهي خواهشن جي تڪميل ۽ پورائي جي حس اوس رهي ٿي ۽ ان کان ڪوبه ڪنارهه ڪش ٿي نٿو سگهي. ڳالهه نثر ۾ به ڪري سگهجي ٿي ۽ نظم ۾ به، پر شاعراڻي معنيٰ جي جذباتي قيمت هوندي آهي. اهائي جذباتي قيمت اصل ۾ عمل لاءِ اڪسائي ٿي. سر سامونڊيءِ ۾ سيدنا ڀٽائي اهڙن ئي عملي جذبن ۽ گهرجن جي اپٽار ڪئي آهي. چوي ٿو.

پڳهه پاسي گهار، آيل! سامونڊين  جي،

وِجـهي جيءُ  جـنجار، جم وڃنئي اوهري.

 (1 ـ 1)

هيٺ اسين مختصر طور، مٿي ٻڌايل ٽنهي گهرجن جو جائزو پيش ڪنداسين ته ڪيئن لطيف سائين انساني من جي دنيا (Mentalism) جو تجزياتي دائرو مقرر ڪيو آهي                                                                      

 موجوده دور ۾ انساني ضرورتون  وڌي چڪيون آهن. اڳ ته صرف اٽو لٽو ۽ اجهو بنيادي ضرورتن ۾ شمار ٿيندا هئا پر هنئر شهرن ۾ پاڻي به پئسي تي وڪامي ٿو، جيڪا انسان جي اهم ۽ پهرين ضرورت آهي. جڏهن ته آسائشن واريون شيون (Goods) هن وقت ضرورتن ۾ شمار ٿين ٿيون. جهڙوڪ ؛ ٽيليفون، بجلي جا پنکا وغيره. ان ڪري انهيءِ ڳالهه جي پڻ گنجائش آهي ته ماهر اقتصاديات نصابي ڪتابن تي نظر ثاني ڪري، انهن ۾ ضروري واڌارا ۽ تبديليون آڻين.

بهرحال معاشي ۽ اقتصادي خوشحالي لاءِ هر دور جي فرد سوچيو آهي ۽ اهو ۽ انهيءَ لحاظ سان به ضروري آهي جو ملڪ يا معاشرو تيسين خوشحال ٿي ڪونه ٿو سگهي، جيسين اتان جو فرد پاڻ ڀرو ناهي ٿيو. ملڪي خوشحالي لاءِ  ڪي نه ڪي ته قربانيون ڏيڻون پونديون آهن، محنتي ۽ جفاڪش ماڻهو خوشحالي حاصل ڪرڻ لاءَ سندرا ٻڌي، پنهنجا گهر گهاٽ زالون ۽ ٻار ڇڏيو، ڏورانهين ڏيهه هلياويندا هئا. تنهن وقت ۾ سري لنڪا ۾ وڏو واپار هو. هتان جي شين جي مٽاسٽا ۾ سون ملندو هو. ان ڪري ننڍي وڏي واپاري کي لنڪا جي سون جو سنڪو هوندو هو، ڀٽائي اهڙي وارتا بيان ڪندي چوي ٿو ؛

لَنڪا لَنڪا ڪن، لئي لَنڪا جي اوهريا،

سڻي سون لنڪا جــو، سـک نه سامـونڊين،

پــره  پڳهه  ڇوڙيا، کاري کيڙائـن،

وڏي ڀاڳ ڀـڙن، جي ڪهيا ڪارونڀار ڏي،

 ( 3 ـ10)

لطيف سائين انساني فطرت جي ترجماني ڪندي ماڻهو جي ٻي فطري خواهش يعني سماجي رتبي (social status) ماڻڻ جي ڳالهه به هن سر ۾ ڪئي آهي. ماڻهو وٽ جيسين ڌن دولت اپار ناهي ٿيو، ڪو سرڪاري عهدو ناهي مليو، تيسين کين ڪو سماجي مرتبو نٿو ملي. اهوئي سبب هو جو سنڌ جا ماڻهو ڏينهن رات سمنڊ جا سيلاني هوندا هئا. تتي، ٿڌي، عيد هجي يا ڏياري، هر حال ۾ کين ڏيساور اُسهڻو پوندو هو، ڇو ته مايا ميڙڻ، سماجي مرتبو ماڻڻ ڪا سولي ڳالهه ناهي، جڏهن ڪاميابي سان واپس ورندا هئا ته هر پاسي ملڪ جا واپاري، سيٺيا، ڪارندا ۽ عام ماڻهو، عورتون ۽ ٻار سندن اچڻ جو ڏيک ڏسن لاءِ ڪناري تي ڪٺا ٿيندا هئا. لطيف اهڙي وڻندڙ واردات ۽ سندن سماجي مرتبي کي هن طرح چٽيو آهي.

چمڪيون چــوڌار ڌڃون ڌاڙيچن جون،

ماءِ ! سامونڊي آئيا، سهسـين ڪري سنگار،

انين جي پچار، ڪالهو نــڪر ڪانگ ڪـري.

 (1ـ38)

ٽين اهم ڳالهه جيڪا هن سر ۾ لطيف ٻڌائي آهي، اها آهي جنسي خواهشن جو پورائو، دراصل مٿين ٻنهي خواهشن جي پورائي کانپوءِ جيڪا ٽين خواهش آهي ان جي نوعيت نهايت سنجيدي ۽ جذباتي آهي. ان ضرورت جي تڪميل، جسماني ميلاپ ذريعي ٿئي ٿي. ان سان جيڪا لذت ۽ سرور حاصل ٿئي ٿو، اها عياشي نه بلڪ زنده رهڻ. زندگي تخليق ڪرڻ ۽ سڪون حاصل ڪرڻ آهي.

شاهه جي دور ۾ هتي پدر زاد نظام رائج هو تنهن وقت جون عورتون، مردن جون تابع ۽ فرمانبردار هيون. پنهنجي مردن کان سواءِ غير مرد سان کين منهن ميل ٿيڻ جي ممانعت هئي. تنهن وقت جو اخلاقي درس به اهو هو ته شريف عورت اها ليکبي جيڪا نه ڪنهن غير مرد کي ڏسي ۽ نه کيس ڪو غير مرد ڏسي. اهڙي سماج جي عورت جي نفسيات متعلق ڀٽائيءَ به سوچيو ۽ نتيجي ۾ سر سامونڊي جي ٽنهي سرن ۾ گهڻا بيت عورتن جي جذبن ۽ احساسن کي سامهون رکي چيا آهن. هر بيت مان عورت جي روماني خواهش، تڙپ، مڙس کي ميار، اهڙن رشتن ڳنڍڻ تي پڇتاءُ جي جهلڪ نظر اچي ٿي.

نوجوان ڳڀرو گهوٽ لاڏ ڪوڏ واري وني کي شادي کان ستت ئي سالن جو وڇوڙو ڏئي، مايا ميڙڻ لاءِ ڏورانهن ڏيهه هليو وڃي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ جيڪاواردات جوڀن سان ڀرپور هڪ عورت تي گذ ري ٿي ان جي عڪاسي، ڀٽائي نهايت رومان پرور ۽ جذباتيت واري انداز ۾ ڪئي آهي. وني جي ورلاپ ۽ اڌمن کي شاعري ۾ هيئن رچيو اٿس ؛

سيئي جوڀن ڏينهن، جڏهن سڄڻ سـفر هلـيا،

رئـان رهــن نه سـپرين، آيـل ! ڪريان ڪيـئن؟

مونــکي  چاڙهي  چـيئن  ويو   وڻـــجارو  اوهري.

 (1ـ 8)

سامونڊيڪو سڱ، آهي گوندر گاڏئـــون،

انـگن چـاڙهي انگ، ويو  وڻـجارو  اوهري.

 (1ـ18)

باريڪ بينيءَ سان ڏسبو ته هن سر ۾ شاه صاحب عورت جي جذبن جي اهڙي ته ترجماني ڪئي آهي جو اسان کي سهڻي مومل ۽ سر سسئي ۾ نظر نٿي اچي. هن سر ۾ ڪردار نگاري جو ڪمال آهي ته گفتگو جو ڊرامائي انداز به پرڪشش آهي. هر هڪ بيت ۾ نازڪ خيالي ۽ انساني جذبن جي سچي تصوير چٽيل نظر اچي ٿي.

اسان جي معاشري ۾ عورت جي جنسياتي نفسيات مرد جي تابع آهي. پنهنجي خواهشن جي تڪميل هر ڪو چاهي ٿو. پر اسان جي عورت اهڙن ٻنڌڻن ۾ ٻڌل آهي جو جنسي خواهشن جي تڪميل وارو عمل، جتي ڪٿي ڪرڻ وٽس معيوب آهي ۽گناهه به، پر مردن وٽ نه ته اها معيوب آهي ۽  نه ڪراهت واري. پر جيئن ته خواهشو ن ٻنهي پاسي هڪ جيتريون  ٿين ٿيون. فرق صرف اهو آهي ته  مرد  آزادي سان ان جو استعمال ڪري سگهي ٿو ۽ عورت صرف سوچي ۽ ان جو اظهار جيڏين ۾ ڪري سگهي ٿي، پر عمل پيرا ٿي نٿي سگهي، ان لاءِ هوءِ اندر ۾ پنــهنـجي ور سان وڙهندي رهي ٿي چوي ٿي ؛

جيڪر اچي هاڻ ته ڪريان روح رچنـديون،

آيل ! ڍولئي ساڻ، هوند ڳر لڳي ڳالهيون ڪريان.

 (1ـ29)

وني کي پنهنجي ور سان وصل جي خواهش، حظ حاصل ڪرڻ جي آرزو ۽ ڳلي لڳڻ جي پوتر خواهش آهي، اهو ڪو برو عمل نه آهي ۽ نه وري انساني ضروريات، مطابق اهڙي الجهن آهي جنهن جو  ازالو ئي ڪونهي. اصل ۾ اهو روح ريجهائڻ ۽ پيار پائڻ جو چٽو اظهار آهي ؛

هي سڄڻ سيئي، جي مون ڪوڏ نهاريا،

ايندم جان پيهي، ته سڀ لاهيندم ڏکڙا.

 (1ـ37)

سڀ ڏک لاهڻ وارو اصطلاح ڪيترو نه واضح، چٽو ۽ جذبن سان ڀرپور آهي ۽ هڪ ونيءِ کي پنهنجي ور لاءِ اهڙي خواهش ڪرڻ ڪوڏوهه ناهي.

ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر مردن جي سماج واري پروس ۽ سماجي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل عورت جي نفيسات جو جائزو هيٺينءِ ريت ورتو آهي سنڌ جي وڻجارين، پنهنجي ڪانڌ لاءِ اڪير، محبت، پيار ۽ ان جي ڪري هر ورکا ۽ صدقو سندن ڀروسو  ۽ ڀرم پنهنجي ساٿي لاءِ، جڪو ڏنويادل ۾ رکيو، اهو صداقت ۽ قرباني جو اهڃاڻ ٿو نظر اچي، جنهن کي خالي وسوسن وارو نه بلڪ ور سان وفاداري جو ثبوت چوڻ گهرجي. (1)

ڀٽائي هڪ دانشور ۽ سماجي ماهر جيان هر ڪا ڳالهه تڪي توري پوءِ ڪئي آهي. انهي ءَ ڪري سر سامونڊي جي اڀياس مان اهو نڪتو نروار ٿئي ٿو ته انساني سماج ۾ رهڻدڙ سڀني ماڻهن جي خواهشن جو احترام ڪرڻ گهرجي. ٻي صورت ۾ سماجي بي آرامي (Social unrest) پيدا ٿيڻ ناگزير آهي.

مهاڀارت جي لڙائي ۾ ارجن ۽ ڪرشن مهراج جي وچ ۾ جيڪا گفتگو ٿي ان مطابق جنگ کانپوءِ عورتن جو گهڻي انداز ۾ بچي وڃڻ ۽ ان ڪري پئدا ٿيندڙ وڳوڙن ۽ نفسياتي بيمارين تي ويچار يو ويو هو. اهي سڀ اهڙيون اڻٽر حقيقتون آهن. جن کي لطيف سائين به محسوس ڪيو هو.

اسان  اڌارا، آڻي  آونگ  چاڙهيا،

منهن ڏيئي مون  آئيا،  سمهان  سيارا،

اڀرن سيڪار ا، پسيـو ور ٻين جا.

 (3ـ3)

ڪيتري نه حساس، جذباتي ۽ سچي حقيقت لطيف پيش ڪئي آهي. جڏهن اندر ۾ طوفان برپا هجي، جڏهن جنسي بک عروج تي هجي، تڏهن سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيت ختم ٿيو وڃي ٿي ۽ انسان جو جذباتي عمل پاڻ هرتائي وارو ٿيڻ جو خدشو وڌي وڃي ٿو ۽ انڪري جيڪي سماجي بي راه روي جا نتيجا نڪري سگهن ٿا تن کان ڪوبه عقل سليم رکڻ وارو انسان انڪاري ڪونه ٿيندو. اهڙي صورتحال ارجن، شري ڪرشن کي سڻائيندي هڪ شلوڪ ۾ چوي ٿو ؛

اڌرم جي وس ٿي ڪل جون استريون تمام خراب ٿي پون ٿيون ؛ ۽ هي شري ڪرشڻ ! اهڙين دشٽ استرين مان ورن سنڪر (حرامي) سنتان پيدا ٿئي ٿي.(2)

احتجاج وارا لفظ نه چاهيندي به زبان تي اچي وڃن ٿا. ڇو ته جنسي بک کان انڪاري ته رشي مني ۽پير پيغمبر به ناهن. انهين به سماجي ۽ شرعي اصولن، مطابق انهي گهرج جو پورائو پئي ڪيو آهي پر جنهن سماج ۾ انهن حقيقتن کان منهن لڪايو وڃي ٿو، اتي عورتون احتجاج ڪن ٿيون، ڪٿي خاموشي ۽ ڪٿي زوردار نموني سان ۽ پوءِ سڀ ڪيو ڌريو ڌوڙ ٿيو پوي ٿو. اهڙي احتجاج جو اظهار ڀٽائي وڻجاري جي وني کان به ڪرايو آهي.

جي تو وڻجارو ڪانڌ، ته مون هڏ م لائون لڌيــون،

پــر ڏيهه مـــٿي ســـانگ، اٺــئي پــهر جــنهن جــــو.

 (3ـ5)

بيان ڪيل ٽنهي خواهشن جي تڪميل ۽ انهن جي حاصلات وارو عمل هڪ اهڙي حقيقت آهي، جنهن جي فراواني توڙي نه ملڻ واري روش ڪري، سماج ۾ وڌيڪ خرابين پکڙجڻ جو انديشو رهي ٿو. اصل ۾ جيڪڏهن ماڻهن ۾ انهن خواهشن جي جائز ۽ خوبصورت تصرف جي ڄاڻ ڪينهي ته اهڙو معاشرو تباهي ڏانهن گامزن ٿي سگهي ٿو. ان ڪري لطيف سائين اهڙي مقصدي واٽ تي هلڻ لاءَ هڪ سونهين يا رهبر ۽ ڏاهي جي رهنمائيءَ ڏانهن اشارو ڪيو آهي. ڇو ته ڪنهن اصول يا رهنمائي کانسواءَ زندگي جي هر خوشي ۽ آزادي جو استعمال وڌيڪ نقصانڪار ٿئي ٿو. لطيف چئي ٿو ته جيڪو ڏاهن جي ڏس تي هلي ٿو، اهو ڪڏهن به ڀٽڪي نٿو.

سڙه ٿي سبيائون بندر جن تڙن تي،

مُلان معلم خبرون، پڇي پوريائون،

سُتڙ سوٺيائون، اوتڙ ڪنهن نه اوليا.

 (2ـ15)

شاهه صاحب جي سڄي شاعري انساني مسئلن کي سمجهڻ ۽ گڻن توڙي اوگڻن جي آگاهي ڏئي ٿي ۽ لالچ ۽ لوڀ ۾ ڦاسي، قدرت جي اصلي نعمتن کان محروم رهڻ واري ڪڌي عمل کان روڪي ٿي، بقول شيخ اياز ؛ سندس شاعري ءَ جو روشن رّخ اهوئي آهي ته سندس حياتي جو تصور خلا ۾ لٽڪيل نه آهي. هو زندگي کي هڪ محسوس ٿيندڙ روپ ۾ ڏسي ۽ زندگي جي قدرن کي جذبن جي گرمي سان هڪ قوت بڻائي ڇڏي ٿو. (3)

 

حوالا

1 ـ سوڍر شاهنواز ڊاڪٽر ؛ سنڌي ثقافت ۽شاهه لطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مر ڪز 1991 ع ص ـ 299.

2 ـ شريمت ڀڳوت گيتا ( سنڌي ترجمو) اڌياءُ پهريون،  شلوڪ 41 برهم سماج سناتن سڀا، گئو شالا بلڊنگ، بمبئي بازار، کارادر، ڪراچي ص ـ 9، سال درج ناهي.

3 ـ شيخ اياز ؛ خط انٽرويون تقريرون نيو فيلڊس پبلڪشن حيدرآباد 1987 ع ص. 320،

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com