سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه لطيف جو علامتي شعور

 

صفحو :13

 

سر بروو سنڌي جو مطالعو

 

سر بروو هندستان جي راڳن مطابق هڪ راڳڻي جو نالو آهي. هن سر جو واسطو بروو جي ڪردار سان آهي جيڪو رپ جو عاشق هو. هي هڪ لوڪ ڪهاڻي آهي جنهن جي اهميت کي ڏسندي شاهه سائين ان کي پنهنجي بيتن جو موضوع بڻايو آهي.

هن سر۾ ڪل ٽي داستان آهن. پهرين داستان ۾ 18 بيت ۽ هڪ وائي آهي. ٻي داستان ۾ 12بيت ۽ ٻه وايون ۽ ٽين داستان ۾ 10 بيت ۽ ٻه وايون آهن. ان لوڪ ڪهاڻي جو مضمون هيٺين ريت آهي.

بروو جنهن کي بروئڙ به چون ٿا. ان نالي سان هڪ قديم شهر جا کنڊر سمروٽي واري علائقي (ٿر ۾) سماننگر جي اتر طرف اٽڪل پنجن ڇهن ميلن تي موجود آهن. اهو شهر هاڪڙي درياه جي ساڄي ڪپ تي آباد هو. انهي شهر ۾ ڪنهن سمي بروئو نالي سردار رهندو هو. بروئڙ شهر کان اٽڪل 15 ميلن جي پنڌ تي اولهه پاسي ريڻي ندي جي ساڄي ڪپ تي ڪلياڻ بادشاهه جي راڄڌاني هئي جنهن کي  هڪ سندر نياڻي رپ نالي سان هئي. سندس سندرتا جي واکاڻ سڻي بروو ري ڏٺي مٿس عاشق ٿي پيو. بروي جي بيقراري ڏسي سندس مائٽن رپ جو سڱ گهريو. پر ڪلياڻ راضي ڪو نه ٿيو. ان ڪري بروو وڌيڪ پريشان رهڻ لڳو ۽ رات ڏينهن روڄ راڙو ڪرڻ لڳو.

اڄ پڻ اکڙين، سڄـــڻ پنهنجـــــا ساريــــــا،

ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندون بس نه ڪن،

سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺيئــــي نه لهــي.

(1 ـ10)

اهڙي صورتحال ۾ بروي پنهنجو شهر ڇڏي اچي، پرين جو پاڙو وسايو. اتي ڪاسائي وٽ ڪم ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجي جسم جو گوشت، رپ جي نوڪرياڻي جي ذريعي ڏانهس موڪليندو رهيو. رپ کي جڏهن انهيءَ راز جي پروڙ پئي تڏهن هوءَ به سندس قرباني ڏسي، مفتون ٿي پيئي، پر هوءَ عورت هئي، اندر ئي اندر پڄرڻ لڳي.

نهائين کان نينهن، سک منهنجا سپرين،

سڙي سارو ڏينهــن ٻاهر ٻاڦ نه نـــڪري.

(رپ ؛ 2 ـ 17)

هن سر جي مضمون کي معنوي لحاظ کان اسان ٽن حصن ۾ ورهائي سگهون ٿا. پهرين حصي ۾ وحدت ۽ ڪثرت جا مامرا ۽ خدا جي وحدانيت ۽ قدرت ڏانهن اشارا ڏنل آهن. ٻئي حصي ۾ عشق جون پيچيدگيون، محبت جا وهنوار ۽ سپرين جي سونهن جي واکاڻ ڪيل آهي ۽ ٽئين حصي ۾ مادي مقصد جي حصول کي اهميت ڏني ويئي آهي. ائين پيو ڀاسجي ته لطيف سائين هڪ لوڪ ڪهاڻي جي حوالي سان زندگي جي مڙني رخن جو باريڪي سان اڀياس ڪري نتيجا ڪڍيا آهن. هونءَ به ڪامياب زندگي جي حصول لاءِ قاعدا ۽ رخ، سماجي ڏاهائي متعين ڪندا آهن. لطيف سائين حق جي لامحدود ۽ وسيع سلطنت جي ڄاڻ ڏيندي ٻڌائي ٿو ته سڀ مادي شيون ڇڏي، حق سان هڪ ٿيڻو آهي. اهڙي ويلي جاهلن جي جهالت حاسدن جا حسد، وهمين جا وهم ۽ ڪوڙ جا ڪڪر سڀ ختم ٿي ويندا. صرف عقل ۽ دانش جو راڄ هوندو. ان ڪري بصيرت جي اها تقاضا آهي ته اڳواٽ ئي حق ۽ عقل سليم جي حڪمراني ۽ عظمت کي تسليم ڪجي.

ڇاکي وڃي ڇو، ٻيلي ٿين ٻين جــو،

وٺ ڪنجڪ ڪريم جي،  جڳ  جو  والي  جو

سـوکو هونـدو سـو، جنهن جو عشق الله سين.

 (1 ـ1)

هن بيت ۾ هڪ پاسي انسان کي پنهنجي ظاهري (مادي) برتري جو احساس ڏياريل آهي ته ٻئي پاسي ان تصور کي به پختو ڪيو ويو آهي ته انساني برتري، خداجي نور، طاقت ۽ هيڪڙائي ۾ ڪامل ويساه سان حاصل ٿي سگهي ٿي.

اهوئي سبب آهي جو لطيف سائين پنهنجي وجود کي ان واجب الوجود کان ڌار نٿو ڀانئين ۽ جز کي ڪل ۾ سمائي ڇڏڻ جي تانگهه رکي ٿو.

تـــون صاحبزادو سپرين، آئون نسورو نــوڪر،

بيحـد ڪريان بندگــي، هـــٿ ٻڌي حـــاضر،

ڇن، ڇڏيندس ڪينڪي، دوس اوهان  جـــو در،

مون تان مهر نظـــر، پرين  ! لاه مَ  پنهنجــو.

(1 ـ18)

انسان  ۽ خدا جو اهو رشتو فطرت جي تقاضا موجب ۽ هڪ عظيم درجو آهي، پر مادي لحاظ کان به انسان ڪيترو علم،حلم ۽ عقل جو مالڪ هجي، پر بي وسيلو، بي استادو ۽ بي مقصد و انسان منزل ڀيڙو نٿو ٿي سگهي، ان ڪري لطيف خدا جي ڳانڍاپي واري تصور کي، انساني بقا جو سبب سمجهي ٿو. بلڪل اهڙي طرح هڪ انساني وجود ٻي انساني وجود سان منسلڪ ۽ وابسته آهي. اهو اهڙو ئي واضح مادي تصور آهي جهڙو مٿيون فطرت جي ڳانڍاپي وارو تصور چٽو آهي. سچ ابدي هجي يا وقتي هجي، هرحال ۾ اهو پاڻ کي مڃائي ٿو. اهڙي حالت ۾ انسان جيڪو ٿوري وقت لاءِ دنيا ۾ اچي ٿو ان جي حقيقت کان به انڪار، ڪير نٿو ڪري سگهي ۽ عشق جي حڪمراني ۽ ڪاميابي واري واضح دليل کان به ڪوئي انڪاري ٿي نٿو سگهي. اهي ٽئي اهڙا سچ آهن جيڪي هر هنڌ ۽ هر ماڳ تي ملندا جتي انساني وجود جو واسو هوندو.

هيڏانهن هوانهن سپرين،ڪاڏي واريان ڪنڌ

(1 ـ وائي)

سپرين جي سونهن جي سرهاڻ ۽ چٽاڻ جو هر جاءِ هجڻ وارو تصور (Concept) صوفين وٽ وڏي اهميت رکي ٿو ؛ صوفي انساني وجود جي خوشبوءِ تي پاڻ نڇاور ڪري، معرفت جو  مقام ماڻينداآهن. اها شعوري طور تي مادي ڪوشش ئي، کين روحاني رمزن کي سمجهڻ لاءِ ڪارائتي ٿئي ٿي لطيف چوي ٿو ؛

جانب تون جيڏو، آهين شان شــعور سيــن،

مون تي ڪر منهنجا پرين! توهه تـسي تيـڏو.

اي ڪامل! ڪيڏو، جيئن نوازنيم نگاه ‎سـين.

 (2ـ1)

ڪنهن وجود ۾ پيهي وڃڻ هرڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي.ان لاءِ باطني پاڪائي، تمام ضروري آهي. پاڪائي، جو اهو تصور ظاهر ۽ باطن جي خوشبوئن کي نروار ڪري ٿو ۽ اهڙي حالت ۾ طالب کي سواءِ مطلوب جي ٻي ڪا شيءِ متاثر نٿي ڪري.هو ڪائنات جي هر شيءِ کي محبوب جي ڀيٽ ۾ هيچ سمجهي ٿو.

ناز منجهارا نڪري، جڏهن پرين ڪري ٿو پنڌ،

ڀونءِ  پــڻ بسـم الله چـئـي راه چمـي ٿي رنــد،

اڀيون گهڻي ادب سين حورون حيرت  هنڌ،

سـائين جو سوڳنــد، ساجن سڀيئـان سهڻو.

 (2 ـ 6)

در اصل پنهنجي محبوب سان اها مقصدي وابستگي ئي طالب ۾ انسانيت لاءِ پيار ۽ ساڃهه پيدا ڪري ٿي ۽ پوءِ هو هر انسانيت جي پيڙا، سک ۽ سڪون، سڀ پنهنجا ڀائيندو. ڇو ته اهو رشتو ايترو گهرو ۽ پختو آهي جو موت به ان کي  ماري نٿو سگهي.

ڪڙو منجهه ڪڙي، جيئــن لهار لپيٽـــــو،

منهنجو جيءُ جڙي، سپر يان سوگهو ڪيو.

 (2 ـ 5)

ڪـــي اوڏائي ڏور، ڪي ڏور به اوڏاسپرين،

ڪي سنڀرجن نه ڪـڏهن، ڪي  وسرن نه مور،

جيئن مينهن ڪنڍي پور، تيئن دوس وراڪو دل سين

 (1ـ11)

هيٺ جيڪي ٻه بيت ڏجن ٿا انهن ۾ رياڪاري، وقت ۽ حالتن جي مٽجڻ جي تاريخي ۽ سچي حقيقت سڻائيندي، لطيف سماج جي هر فرد کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي صلاح ڏي ٿو. آسرو بيماري آهي ۽ آسرن تي

هلڻ وارا سدائين ڏوجهرن ۾ گذارين ٿا. ڇو ته گهڻوتڻو ماڻهو پنهنجي مفاد کي اوليت ڏي ٿو. هي ڪلجڳ آهي سوچي سمجهي اڳتي وڌجي.

يار سڏائي سڀــڪو، جاني زبـــــاني،

آهي آساني، ڪم پئي ته ڪَل پئي.

 (3 ـ3)

آدميـن   اخلاص، مٽائي   ماٺو  ڪـــــيو،

هـاڻي   کائي  سڀڪو   ماڻهو  سندو ماس،

دلبر ! هن دنيا ۾،  وڃي  رهندو  واس،

ٻي سڀ لوڪ لباس، ڪو هڪ دل  هوندو  هيڪڙو.

 (3 ـ 4)

جيئن ته هي هڪ لوڪ ڪهاڻي تي ٻڌل سر آهي. هن ۾ اندر جا اڌما، تهذيب، سڀيتا،ڀرم، وسوسا، پريم پيار ۽ روحاني رمزون بيان ڪيل آهن، دارصل اهڙيون ئي ڪهاڻيون تاريخي مٿ سان واسطو رکنديون آهن.

هن سر جي مطالعي مان جيڪو نتيجو حاصل ٿئي ٿو اهُو آهي،  سَت جي پائڻ لاءِ هر شيءِ قربان ڪري ڇڏڻ،هن سر مان جنهن ٻي اهم نڪتي جي نشاندهي ٿئي ٿي، اهو ارادي جو اٽل هجڻ آهي. مقصد دنيوي هجي يا روحاني، مقصود مادي هجي يا ماورائي، سڀني جي حاصلات لاءِ مٿيان ٻئي اصول اپنائڻا پون ٿا. جيڪڏهن ڪو کڻي مقصد نه رکي ۽ نه مٿيان ٻئي گُر استعمال ڪري ته به بي مقصدو بڻجي هي جهان هڪ ڏينهن کيس ڇڏڻو ئي پوندو.

فـاني ئي فـاني، دنيــــا دم نه هـــــيڪـــڙو،

لٽي لوڙهُه لتن سيـن جوڙيندءِ جانــــــي،

ڪوڏر ۽ ڪاني،آهي سر سڀ ڪــنهن.

 (2 ـ 8)

 مددي ڪتاب

1. شاهواڻي غلام محمد ؛ شاهه جو رسالو آر ايڇ احمد ائنڊ برادرس حيدرآباد 1961 ع.

2. جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر ؛ سنڌي ادب جي مختصرتاريخ زيب ادبي مرڪز حيدآباد 1983 ع.

3. سورلي ايڇ ٽي ڊاڪٽر ؛ ڀٽ جو شاهه (سنڌي ترجمو) سنڌيڪا اڪيدمي ڪراچي 1992 ع.

4. سڌايو غلام نبي ڊاڪٽر ؛ شاهه جي شاعري ۾ علامت نگاري ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز 1992 ع.

 5. شيخ محمد يوسف (مرتب) ؛ سنڌ باب لاسلام (جلد پهريون، تنظيم فڪر و نظر سکر 1985 ع.

 

 

ڀٽائي جو علامتي شعور

 

فرانس ۾ علامتي شاعري جي شروعات بودلئير کان ٿئي ٿي پر علامتن کي مطالعي ۽ علم جي حيثيت فرائڊ بخشي. بودلئير هن ڪائنا ت کي اهڃاڻن جو جهنگل سڏيو آهي، (1)

فرائڊ انسان جي دماغ ۾ علامتن جي جهنگل جي نشاندهي ڪئي. بودلئير جي ادبي روايت جو معنوي رنگ فرائڊ جي نفسياتي مامرن سان گهاٽو واسطو رکي ٿو،انهن ٻنهي جو دارومدار علامتن تي آهي. بودليئر جو مجموعو بدي جا گل انساني زندگي ۽ تجربن کي سمجهڻ جو ذريعو آهي، انساني زندگي ۾ سچي تبديلي اندر مان ئي پيدا ٿئي ٿي. ان  ڪري هو حقير شيءِ کي به بي معنا نٿو سمجهي. ويهين صدي جي انسان جو وڏو مسئلو پنهنجي حقيقت کي تسليم ڪرڻ آهي، حياتياتي عنصر جو دارومدار شعور تي آهي ۽ انساني شعور جو هجڻ ڏک ۽ سور جي حاصلات جو سبب آهي پر انهن نفسياتي مامرن جي بنياد تي جيڪو انساني  شرف حاصل ٿئي ٿو، ان کي صوفي عرفان سڏين ٿا.

فرائڊ چويٿو علامت ئي دٻيل تصادم جو نشان آهي ۽ ان جي معنا کي تحليل ۽ تجزئي سان قابو ڪري سگهجي ٿو. مگر زونگ چواڻي آرڪي ٽائيپل علامتون لاشعورسان واسطو رکن ٿيون ۽ انهن جي معنا کي سمجهڻ ڏکيو آهي (2). فرائڊ لاشعور ۾ دٻيل زندگي جي هر حقيقت ۽ اصليت جو ظهور علامتن ۾ ڏٺو آهي ۽ انهن علامتن جي فهم لاءِ تجربي ۽ تجزئي جوقائل آهي. جڏهن ته زونگ انهن تائين رسائي کي ناممڪن سمجهي ٿو. پر حقيقت ۾ فرائڊ ۾ انساني زندگي جي حقيقت کي مڃڻ جي همت ۽ ڏک سور واري حياتي سان منهن مقابل ٿيڻ جي سگهه آهي.آرٽ ۾ شعور جي دخل بابت ايلٽ چوي ٿو منجهس شعور کي گهٽ ۽ لاشعور توڙي تحت الشعور جو وڌيڪ دخل آهي ۽ آرٽ ان جي ابتڙ لاشعور وٽان ايندو آهي.(3) ان ڪري علامت نگارن جو چوڻ آهي ته امنگن، احساسن، جذبن ۽ تصورن کي اهڙي ريت بيان ڪجي جو انهن جي ڄاڻ ته حاصل ٿئي پر اهي چٽي ريت بيان ٿي نه سگهن. فرائڊ جي پوئلگ نقادن، اديبن جي ڇنڊ ڇاڻ به سندن تخليق جي لفاظي کي سامهون رکي ڪئي. فرائڊلاشعور جي پيروي ڪرڻ کي ترجيح ڏي ٿو. شادي ۽ پيشي جي لحاظ کان به هو تقدير سان مقابلي ڪرڻ کي مردانگي ڄاڻي ٿو.

محمد حسن عسڪري لکي ٿو ته فرائڊ انسان کي مشين نٿو سمجهي ۽ هن جي قوت ارادي کان به انڪاري آهي. البتا کيس اهو گواراناهي ته انسان زندگي  جي ڏک ۽ درد کان اکيون ٻوٽي، خوشين جا اهڙا خواب ڏسي جييڪي ڪڏهن به پورا نه ٿين. (4)

مگر جن نقادن زونگ جي نظرئي کي سامهون رکي اديبن جي ڪاوش کي پرکيو، تن ادب جي اندروني عنصرن جي نشاندهي ڪري ثابت ڪيو ته اديب جو رشتو انسان جي اجتماعي لاشعور سان آهي،انهن فرد جي بجاءِ اجتماعي طور انساني قدرن جو جائزو ورتو، اهڙي ريت جيڪو ادب اسري ٿو، اهو هنگامي واقعي جو نتيجو ڪونه هوندو آهي بلڪ اهو اجتماعي لاشعور سان ڳنڍيل هوندو آهي.ان ڪري علامتن جون معنائون لغت جي ڪتابن بجاءِ شاعرن ۽ اديبن جي لاشعور ۾ هونديون آهن. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي علامتي شاعري اهڙي آفاقي قدرن جي حامل آهي  جنهن ۾ قدرت جي حادثاتي تصور کان هٽي، خير ۽ محبت جي تصور کي سامهون رکيو ويو آهي.

معلوم ٿيو ته علامت نگاري جو تعلق حياتياتي اظهار کان وڌيڪ نفسياتي ۽ روحاني نوعيت جو هوندو آهي. ڏسڻو اهو آهي ته حياتياتي پهلو کان وڌيڪ جيڪو نفسياتي پهلو علامت جي واضح اظهار لاءِ ضروري آهي، ان کي ڪيئن سمجهجي.

جئين ته دونهوننشاني آهي باهه جي. هي آهي شيءِ جو حياتياتي عنصر پر اهو غلط به ٿي سگهي ٿو پر علامت ۾ اهڙي قسم جي غلطي جو ڪو سبب ڪونهي، ڇو ته جڏهن ڪو شاعر يااديب ڪنهن علامت کي استعمال ڪندو آهي ته انهن مان ڪو مخصوص مفهوم، حقيقت يا نفسياتي ڪيفيت مراد هوندي آهي ۽ هو حياتي يا طبعي پهلو سان بحث نه ڪندو آهي.مثال طور شاهه لطيف سر سسئي ۾ لفظ ڏير استعمال ڪري، علامت جي حياتياتي مفهوم مطابق يعني مڙس جي ڀائرن ڏانهن اشارو ڪيو آهي. پر لطيف جو ڪنهن جي مڙس جي ڀائرن سان ڪو ڪم ڪونهي. شاهه صاحب پنهنجي قاريءَ جي ذهن ۾ جنهن حقيقت کي منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو اها آهي (ناروا دشمني) يا اهڙي دشمني جنهن جو حقيقي بنياد ڪونهي۽ اهڙي روشن حقيقت ٻين جي نگاهن ۾ قابل مذمت شيءِ آهي،انهي سلسلي ۾ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو لکي ٿو. شاعري واري اهڃاڻ جي باري ۾ وڏي ۾ وڏي ڳالهه آهي، اهڃاڻ جي مڃيل حيثيت مقرر ڪرڻ جي. ان لاءِ ڪجهه مثال ڏنا اٿس، مثال طور شاهه لطيف  سائين وٽ ( ا ٺ)ويري جو اهڃاڻ آهي آءُ نه گڏيس پرين کي، تون ٿو لهين سج.(5) گهڙو ظاهري وسيلن جو اهڃاڻ آهي ۽ اهڙي ريت شاه جو سڄو شعر انهن اهڃاڻن تي ٻڌل آهي.

حقيقت ۾ اهي سڀ حياتياتي پهلو آهن. پر جئين ته مان مٿي عرض ڪيو آهي ته شاعرانهن جي حياتياتي پهلو سان بحث نه ڪندو آهي، بلڪ اهو مٿ، روايتن ۽ اعتقادن جي اوٽ ۾ هڪ آفاقي حقيقت جو اظهار ڪندو آهي. سج، گهڙو ۽  اٺ ظاهري وسيلا آهن پر لطيف سائين جو ان ظاهري وسيلن کان گهڻو مٿي ۽ هڪ جداگانه حقيقت ڏانهن اشارو آهي. ٻوهيو صاحب به ساڳئي مقصد لاءِ اڳتي هلي چوي ٿو تههن معنيٰ جو تعلق انهي مٿ سان آهي جنهن کي تاريخ ۽ داستان جي سماجي حيثيت اڳم ئي مليل آهي (6) ساڳئي ريت ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو : هڪ سالڪ سدائين خدا جي رحمت جو طالب هوندو آهي. لطيف پڻ پاڻ کي مختلف سالڪي ويسن ۾ ظاهر ڪيو آهي. صوفي لفظ ته اسان وٽ مروج آهي پر ان کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي نالا ان مقصد لاءِ ورتا ويا آهن جيئن يوگي وغيره. لطيف سر رام ڪلي ۾ سچ جو متلاشي هڪ يوگي ٻڌايو آهي ۽ ساڳئي طرح مارئي جو رشتو وري کيت سان ڏيکاريو آهي (7) جيئن آءٌ مٿي چئي آيس ته لطيف سائين جو ڪنهن به حياتياتي پهلو سان واسطو ڪونهي، پر هو هڪ يوگي  جي علامت استعمال ڪري پنهنجو مقصد بيان ڪري ٿو. انهي بحث کي اڳتي وڌائيندي علامت نگاري جي هڪ ٻئي انتهائي مخصوص پهلو کي ڏسنداسون ته معلوم ٿيندو انسان جتي مادي شين جو احساس رکيٿو، اتي روحاني (سچائي) پهلو کيس پستين کان بلندين تائين وٺي ويندو ۽ ڪڏ هن ڪڏهن ان حاصلات لاءِ حياتيا تي پهلو جي قرباني (ڀيٽا) ڏيڻي پوي ٿي. انساني عظمت جو راز به انهي ءَ ۾ آهي ته عظيم تر يا بين الاقوامي مقصد لاءِ هر ڪنهن قسم جي محدود ۽ مادي خوشي کي گهوري ڦٽو ڪجي.لطيف سائين ان پهلو کي سر سهڻي ۾ واضح نموني پيش ڪيو آهي.

(1) گهڙو ڀڳو ته گهوريو، مرچور ٿئي چوڙو (سهڻي  ؛ ـ 1 ـ ـ 17)

(2) گهڙو ڀڳو ته گهوريو، پاڻان هو حجاب. (سهڻي ؛ ـ 1ـ ـ 19)

(3) گهڙو ڀڳو ته گهوريو، تان ڪي ترهنيان، (سهڻي ؛ ـ 1 ـ ـ 20)

(4) گهڙو  ڀڳو ته گهوريو، اسرم لاهيج، ( سهڻي ؛ ـ 1 ـ ـ 21)

(5) گهڙو ڀڳو منڌ مئي، وسيلا ويا (سهڻي ؛ـ 1 ـ ـ 22)

مٿين بيتن مان اهو نڪتو به ظاهر ٿئي ٿو ته علامت نگاري جو هڪ دلچسپ پهلو هي به آهي ته زندگي انسان جي آڏو ڪي اهڙا چئلينج پيش ڪري ٿي جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ انسان کي ڪڏهن ڪاميابي ڪڏهن ناڪامي ڏسڻي پوي ٿي، اهڙي موقعي تي هڪ حساس شاعر تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته هو پنهنجي قاري  ۾ طاقت، جذ بي ۽ قوت جو روح ڦوڪي، جيئن انسان زندگيءَ جي حادثن کي منهن ڏيڻ جي قابل ٿئي. ڀٽائي صاحب اهڙي ابدي، بامراد ۽ قوي علامتن کي سامهون رکي شاعري ڪئي، ڇو ته جڏهن شاعر جي نظر ۾ بلند ترين مقاصد آهن ته پوءِ هو پنهنجي لفظن کي قوت شناسي خلوص ۽ جذبي  سان نه فقط معنيٰ خيز بڻائي ٿو. پر اهي لفظ خود هڪ مستقل ۽ ٺوس علامتون بڻجيو پون ٿا. جيڪي هونءَ عام رواجي طور تي ڪا حيثيت نه رکندا آهن.

سر سهڻي ۾ شاهه سائين انسان کي اهڙي چئلينج جي مقابلي ۾ همٿائيندي چوي ٿو.

ڪنڌي اڀيون ڪيتريون ساهڙ ساهڙ ڪن،

ڪنين سانگو ساه جو ڪي گهوريس ڪيو گهڙن.

ساهڙ سندو تن، گهاگهائي گهڙن جي.

 (سهڻي ؛ ـ 1 ـ 9)

سر ڪيڏارو ۾ انسان جي ساڳي عمل کي اڀاريندي لطيف چوي ٿو ؛

ڪــربلاجي پـــڙ ۾ خيمـــا کوڙيائـــــــون،

جهيڙو يزيد سامهون، جنبــي جوڙيائون،

منهـــــن نه موڙيائون، پسي تاءُ ترار جــو،

 (ڪيڏارو ؛ ـ 2 ـ4)

علامتن جو مقصد اهو به آهي ته قاري ءَ کي ابهام کان بچائي، سڌو سنئون مقصد تي پهچائي . ڀٽ ڌڻي پنهنجي قاريءَ کي ڪنهن خاص مقصد ڏانهن رجوع ٿيڻ جي دعوت ڏي ٿو ۽ نڪي سندس مقصد کيس ڪنهن الجهن يا مشڪل ۾ ڦاسائڻ آهي، هونءَ به نفسياتي توڙي طبعي مسئلن جو حل علامتي اظهار جي ذريعن ۾ لڪل آهي رولف لنٽن چوي ٿو ته علامتن جي مدد سان هڪ ماڻهو لاءِ اهو آسان ٿي پيو آهي ته مسئلا حل ڪري ۽ ڪنهن نتيجي تي پهچي (8)

ڀٽائي انهيءَ ڪريئي علامتن سان دوستي رکي ۽ پنهنجي شاعري ۾ علامتي عمل کي ضرروي سمجهيو.

 

حوالا ۽ مددي ڪتاب

چارلس بودليئر ؛ ( فلاورس آف ايول) لندن 1922 ع ـ 25

وزير آغا ؛ (نئي تناظر) آئينه ادبي چوڪ لا هور 1981 ع ص ـ 1 ـ 10

ابڙو بدر ؛ (تنقيد نگاري) سنڌي ادبي سنگت ڪراچي 1985 ع ص 122

عسڪري محمد حسن ( ستاره يا باد بان) مڪتبه سات رنگ ڪراچي 1963 ع ص ـ93

ٻوهيو الهداد ( ڊاڪٽر)  ( سنڌي ٻولي جو سماجي ڪارج) انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي ڄام شوور 1978 ع  ص ـ 282

... ايضآ.... ص 282

جوڻيجو عبدالجبار  ( ڊاڪٽر) شاهه عبدلطيف اسپريچوئل پرسپيشن ٿرو سمبلزم   ـ ص ـ 52

رولف لنٽن  ؛ دي ٽري آف ڪلچر نيو يارڪ الفريڊ 1955 ع ص ـ 22

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com