سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه لطيف جو علامتي شعور

 

صفحو :11

آءَ گيلاني صاحب جي انهي ڳالهه سان اختلاف ڪونه ٿو رکان ته جذباتي شاعري ڪونه ڪئي ويندي آهي، پر آءُ صرف اها ڳالهه ڪندس ته حقيقت ۾ جذبات ئي شاعري جو مول مقصد آهي، سواءِ امنگ، احساس ۽ جذبي جي ڪوبه شعر دل تي اثر ڪري ڪونه ٿو سگهي، پر جذباتي شاعري بقول عارف شاهه گيلاني ناپائدار جواني جي لطيف جذبي جو انتهائي رد عمل آهي. سان متفق ڪونه ٿيندس، حقيقت وارين نگاهن سان ڏٺو وڃي ته جواني جي جذبي جو رد عمل انساني سوچ فڪر ۽ ماحول تي مدار رکي ٿو. جهڙو ماحول ملندو، تهڙي سوچ پئدا ٿيندي.ان ڪري اها ڳالهه ته بلڪل صاف آهي ته لطيف سائين کي ننڍپڻ کان جواني تائين جيڪو ماحول ميسر ٿيو، سو پاڪ،صاف ۽ بصارت سان لبريز هو. ان ڪري ئي لطيف سائين جي جواني پڻ پختگي ۽ ذهني نڪتي نگاه کان قابل رشڪ حقيقت جو مظهر آهي،جنهن تي اسان جي وڏڙن ويهي ويچارڻ جي بجاءِ لڪير جي فقير مثل نقل در نقل اسان آڏو پيش ڪندا رهيا آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته لطيف جي ڪلام کي نئين سر ماڻ جي جديد طريقن مطابق ماپيو وڃي.

ٻولي ۽ شعر جي اڀياس جا نوان طريقا ڪهڙا آهن ؟ تن جي باري ۾ سوين سال اڳ اسان کي شام ولايت ۾ هڪ مشهور عرب شاعر ابوطيب احمد بن حسين المعروف متنبي (پئدائش 303هه وفات 354) جو نالو سامهون اچي ٿو، جنهن ان وقت جي شاعرن، اديبن ۽ عالمن ۾ هڪ انقلاب، نواڻ ۽ تحرڪ برپا ڪيو.اها تحريڪ اڳتي هلي ڪيترن ملڪن ۾ رائج ٿي، فرانس ۾ هن تحريڪ جو بنياد 1886 ع ۾ پيو ۽ اهڙي قسم جي ادب کي علامتي ادب ڪوٺيو ويو، هن تحريڪ جي پوئلڳ شاعرن توڙي اديبن جي ڪلام ۾ انهن مان اصلي شين ۽ نالن بجباءِ شاعر جي اندر جي ڪيفيت جو اظهار ٿيل هوندو آهي. هونءِ به شاعري عام قاري جي ذهني پهچ کان مٿي ڪنهن اعليٰ ۽ ارفع مفهوم ڏانهن اشارو هوندو آهي. جئين علام ابن رشيق شاعري  لاءِ لکي ٿو ؛

شاعر کي شاعر ان لاءِ چوندا آهن جو اهو انهن شين کي محسوس ڪندو آهي،جيڪو ٻيا ناهن ڪندا. جيڪڏهن  ڪلام ۾ معنيٰ آفريني، اختراع، ندرت  الفاظ ۽ جدت بياني ناهي ته اهو حقيقت ۾  شاعر سڏائڻ جو مستحق ناهي،(3)

علامت نگاري جي شروعات جو پتو ته اسان کي المتنبي کان ملي ٿو، پر ان صنف جو سنڌي ادب ۾ واضح ڏس شاهه عبداللطيف جي شاعري ۾ ملي ٿو، جنهن علامت کي هڪ اصول ۽ قاعدي پٽاندڙ پنهنجي ڪلام ۾ جاءِ ڏني. ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو صاحب لکي ٿو ؛

 ڀٽائي جي شاعري جو سڄو تاڃي پيٽو اهڃاڻ تي رکيل  آهي. هن شاعري جو وڏو تعلق مشاهدي جي اونهائي سان آهي، جنهن کي شاهه سائين پسڻ سڏيو. (4)

پسڻ = ڏسڻ جي مٿانهون معنيٰ آهي، پر مٿانهين معنيٰ  حقيقت جو اظهار هوندي آهي. اهي حقيقتون انساني ڪارج وارين شين توڙي انساني حواسن جي پهچ کان پري ڪونه هونديون آهن، پر انهن جو مفهوم ۽ ڪيفيت هڪ حقيقت تائين پهچڻ جو سبب آهن. لطيف سائين پنهنجي ڪلام ۾ جيڪي علامتون استعمال ڪيون آهن، سي سڀ هڪ مستقل صورت اختيار ڪري چڪيون  آهن ڇو ته لطيف سائين سنڌي زبان جي اهڙي مستند ۽ مدلل تاريخ لکي آهي، جنهن ۾ اقتصادي، سماجي، ثقافتي تعليمي ۽ سياسي گهٽ وڌاين جي مڪمل اپٽار ڪيل آهي.

علامت ڇاآهي ؟ اهو هڪ جداگانه ۽ مڪمل بحث جي قابل سوال آهي، جنهن لاءِ هڪ جداباب جي ضرورت آهي، هت صرف اهو ٻڌائڻو آهي ته علامت ٻولي جو اهو سڌريل مستقل ۽ ٺوس وسيلو آهي، جنهن ۾ لفظن جي اندروني ڪيفيت مبهم ۽ مخفي طريقي سان پيش ڪئي ويندي آهي. اسان جو شاعر شاه ڀٽائي جنهن ڌرتي جو ڏاهو هو، تنهن درجي جا ڏاها صدين پڄاڻان پئدا ٿيندا آهن، هن پنهنجي ڪلام ۾ جيڪي اشارا ۽ علامتون استعمال ڪيون آهن، تن کي سمجهڻ تيسين سولو نه ٿيندو جيسين شعر جي ان جديد طريقي کي سمجهيو وڃي.

هيٺ آءُ شاهه صاحب سان منسوب ٻن روايتن کي مذڪورهه ماڻ مطابق ڀيٽِي، اصلاح احوال جي صورت پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ؛

روايت آهي ته شاهه سائين ويهن ورهين جو هو ته کيس مجازي محبت جو ڪان لڳو.چو نٿا ته ڪوٽڙي جي مرزا مغل بيگ جو شاهه حبيب ۾ ڪامل ويساه هو ۽ کيس دعا ڦيڻي لاءِ اڪثر پنهنجي گهر ۾ وٺي ويندو هو، سندس گهر ۾ ڪو اگهو ٿي پوندو هو ته مرشد کي عرض ڪري، دعا لاءِ وٺي ايندو هو. قضا سان هڪ ڏينهن سندس فياڻي بي چاق ٿي پيئي، اتفاق سان ساڳئي وقت شاهه حبيب جي طبيعت به ناساز هئي، انهي ڪري مرزا مغل بيگ جي عرض تي پنهنجي پٽ عبداللطيف کي ساڻس وڃڻ جي هدايت ڪيائين.شاهه، مغل جي دختر جو حسن ڏسندي بيخود ٿي ويو ۽ سندس آڱر پنهنجي هٿ ۾ جهليندي چيائين جنهن جي آڱر سيد هٿ ۾ تنهن کي لهر نڪي لوڏو. اهي سخن سڻي مرزا ۽ سندس عزيز غصي ۾ لعل ٿي ويا، پر ٻاهريان صبر اختيار ڪيائون ان کانپوءِ اندران ئي اندران سيدن کي اهڙو ته پٽائي کنيائون، جو هو لاچار ٿي، ڪوٽڙي ڇڏي اتر طرف ڪجهه مفاصلو پري، وڃي ڌار حويلي اڏي ويٺا.

 ڪلياڻ آڏواڻي جي انهي روايت تي بحث بعد ۾ ڪبو. هيٺ ساڳي روايت لاءِ مرزا قليچ بيگ لکي ٿو ؛ هڪڙي ڀيري مرزا مغل بيگ جي نياڻي بيمار ٿي پيئي. هميشه وانگي سيد حبيب شاهه کي سڏڻ آيا، پر پريو مڙس پاڻ اڻ چڱو هو، تنهن ڪري سندس پٽ شاهه عبداللطيف کي هلڻ لاءِ چيائون. جو سيد تمام ڀلارا هئا. شاهه لطيف ساڻن ويو نينگري ڪپڙن ۾ ويڙهجي کٽولي تي سمهي پيئي هئي، جو ڌارين جو منهن لڳڻو نه هوس، هو پردي دار ماڻهو ۽ وڏي خاندان جا هئا.

شاهه لطيف هن نينگري جي چيچ ڪڍي پنهنجي هٿ ۾ وٺي چيو ته جنهن جي آڱر سيد جي هٿ ۾ آئي آهي، تنهن کي نڪي لهر نڪي لوڏو، جيسين ڪه سيدن کي ملي. اهي اکر شاهه صاحب ڳالهايا، تن تان مغلن کي ڏاڍي مٺيان لڳي، ڪاوڙ ۾ تپي ويا، پوءِ ساڻن وير رکي، هن کي وقت بوقت اهنج ايذاءِ رسائڻ ٿي ڪيائون. (5) ساڳي روايت لاءِ شيخ اياز ٻه ڳالهيون ڪري ٿو، هڪ ۾ لکي ٿو ؛

شاهه لطيف کي مرزا مغل بيگ عورتن ۾ اندر وٺي ويو. ان وقت نوجوان شاهه لطيف اوچتو جڏهن هڪ حسين وجميل دوشيزه کي پنهنجي سامهون ڏٺو ۽ ٻنهي جون اکيون هڪ ئي وقت، هڪ ٻئي ڏانهن کڄيون ته ٻنهي جي دل ۾ محبت جي باه ڀڙڪي اٿي، جنهن جو اندازو فورا مرزا کي ٿيو پر مصلحتن ان وقت ٽاري ڇڏيائين. (6)

اڳتي هلي شيخ اياز لکي ٿو ؛

بهرحال جڏهن اها خبر شاهه حبيب کي پئي تڏهن پٽ کي ڏاڍو سمجهايائين، پر ڪو به کڙتيل ڪونه نڪتو. آخرڪار پاڻ مجبورن ڪوٽڙي ڇڏي، ڪنهن ٻي جڳهه رهڻ مناسب سمجهيو.. شيخ اياز ٻي روايت ساڳي نموني جيئن ڪلياڻ آڏواڻي ۽ مرزاقليچ بيگ لکيو آهي. تيئن بيان ڪئي آهي. هو لکي ٿو ؛ جڏهن نوجوان نينگري جي ڪرائي شاهه جي هٿ ۾ آئي ته سندس زبان کان پاڻمرادو هي الفاظ نڪتا، جنهن جو هٿ سيد جي هٿ ۾ اچي ٿو، پوءِ ان لاءِ دک درد ڇا جو  انهي سلسلي ۾ ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي لکي ٿو ؛

جڏهن شاهه لطيف مرزا مغل بيگ جي گهر ويو، تڏهن ڏٺائين ته ڇوڪري ويڙهي سيڙهي پلنگ تي پيئي آهي، مگر هن جو نينگري کي ڏسڻ ۽ مٿس عاشق ٿيڻ نينگري جي چيچ هٿ ۾ جهلي چيائين ؛ جنهن جي آڱر سيد هٿ ۾ تنهن کي لهر نڪي لوڏو. (7)

مطلب ته اسان جي سڀني عالمن ۽ اديبن لطيف جي انهي پهلو کي بغير ڇنڊڇاڻ جي جيئن جو تيئن بيان ڪيو آهي. سواءِ شيخ اياز جي، جنهن ساڳي حقيقت لاءِ ٻه روايتون بيان ڪيون آهن، لطيف جي انهي مسئلي کي سلجهائڻ لاءِ اسين مٿين روايتن مان چند ڳالهيون ذهن ۾ رکنداسون.

1 ـ     لطيف هڪ ڀلاري خاندان جو فرد هو.

 2 ـ    مرزا مغل بيگ جو سيدن ۾ مڪمل ويساه ۽ پيري مريدي جو رشتوهو.

3 ـ     شاهه، مغل بيگ جي ڌيءَ جو حسن ڏسندي بي خود ٿي ويو،

     نينگري ويڙهجي سيڙهجي پلنگ تي سمهي پيئي هئي جو ڌارين جو منهن لڳڻو نه هوس.

جيئن ته شاهه ڀٽائي هڪ ڀلاري خاندان جو فرد هو، انڪري کيس به عزت نفس جو خيال هوندو. مرزا مغل بيگ جو سيدن ۾ ايڏو ويساه به ڪنهن تجربي ۽ سندن حسن سلوڪ جي ڪري ٿيو هوندو. پوءِ شاهه لطيف جهڙو ڏاهو ۽ پاڪ سيرت انسان هڪ ئي منٽ ۾ اهڙي ويساه کي ڪيئن ٿي ختم ڪري سگهيو. شيخ اياز کان سواءِ باقي سڀني عالمن جي خيال مطابق نينگري شاهه جي منهن ڪونه لڳي هئي، پوءِ شاهه بغير نينگر ي کي ڏسڻ جي بيخود ڪيئن ٿيو، جڏهن ته مرزا وارن سان سندن تعلقات تمام پراڻا، ۽ پيري ۽ مريدي وارا هئا. انهي سلسلي ۾ هڪ مثال ڏيڻ مناسب ٿو سمجهان اڄوڪي دور جو هڪ ڊاڪٽر جيڪو اعليٰ تعليم يافته، جديد دور جي سڀني تقاضائن جو پورائو ڪندڙ ۽ نئين قدرن جو حامل آهي، اهو جڏهن ڪنهن نوجوان مريضه کي سندن گهر تپاسڻ لاءِ وڃي ٿو، تڏهن هو مريضه کي بنفس نفيس سامهون ويهاري ٿو ۽ سندس ڪرائي تي هٿ رکي، پيٽ تي زور ڏيئي ڇاتي تي اسٽسڪوپ لڳائي،اکين جي ڇپرن کي هيٺ ڪري منهن ۾ ٽارڇ سان روشني وجهي وات جو معائنو ڪري ٿو، سندس هسٽري کانئس روبرو مخاطب ٿي پڇي ٿو، پر پوءِ به عزت نفس جي ڪري ۽ پيشي جي مناسبت سان مٿس ڪابه بي خودي طاري نٿي ٿئي ۽ نه مٿس ڪو به خيال اچي ٿو.

پر شاهه لطيف تي اڄ جو عالم اهڙي بي خودي صرف ويڙهيل سيڙهيل نينگري جي آڱر وٺڻ سان طاري ڪريٿو ڇڏي، جيڪو حقيقت کان بعيد ۽ عقل کان عاري الزام آهي شاهه فرمايو ؛

جنهن جي آڱر سيد هٿ ۾ تنهن کي لهر نڪي لوڏو. مٿين سٽ حقيقت ۾ علامتي نوعيت جي آهي جنهن مطابق آڱر مان مراد قرابت ۽ واسطيداري ڏيکاريل آهي ۽ سيد مان مراد رهبر، سونهون، معالج ۽ سردار آهي، جڏهن ته لهر ۽ لوڏو اهڙيون علامتون آهن جنهن مان مراد بچاءِ تحفظ ۽ سلامتي وٺي سگهجي ٿي. جيئن ته لطيف سائين هڪ روحاني رهبر ۽ سلوڪ جو صاحب هو، انڪري هن پنهنجي مريضه کي جيڪي فرمايو، اهو عالمگيريت جي معنيٰ ۽ مفهوم جو حامل پيغام آهي. هن فرمايو ؛ جيڪو انسان سچي رهبر ۽ سونهين جي قربت ۾ اڇيٿو تنهن کي دنيوي مسائل ۽ مشڪلاتون ڪجهه به ڪري نٿيون سگهن.

پر مرزا مغل بيگ ان کي غلط ۽ ٻي نموني سمجهيو. ياد رهي ته مرزا مغل سابق حڪمران ٽولي ارغون خاندان جو فرد ۽ نواب هو، هو لطيف سائين جي همه گير شخصيت ۽ عوامي رابطي واري زندگي کان سخت خائف هو، هن جڏهن ماڻهن جا هجوم لطيف جي در تي ڏٺا تڏهن کيس پنهنجي نوابي جو وجود ڌو ڏا کائيندو نظر آيو ۽ هن انهي دعا کي غلط رنگ ۾  استعمال  ڪري پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ثابت ٿيو ته اهڙا ماڻهو ڪوڙي انا خاطر پنهنجي عزت کي داغ لڳائڻ لاءِ به تيار ٿي ويندا آهن (ياد رهي ته لطيف جي عوامي رجوعات کان، وقت جو حاڪم نور محمد ڪلهوڙو به خوف کائيندو هو، هن پڻ ڪيترا دفعا شاهه ڀٽائي کي مارائڻ لاءِ حربا استعمال ڪيا هئا.)

جيڪڏهن مرزا مغل بيگ حقيقت شناس هجي ها ۽ مذڪوره ڳالهه به سچي هجي ها ته هو اهو سڀ تمام خفيه نموني ۽ رازدارانه انداز ۾ ڪري ها، جيئن نانگ به مري ته لٺ به بچي. پر حقيقت اها هئي ته اهو سڄو هن جو شاهه کي بدنام ڪرڻ لاءِ گهڙيل منصوبو هو، جنهن کي اسان جي عالمن بغير ڇنڊڇاڻ جي قبول ڪيو آهي.

ان بعد شاهه حبيب پنهنجي پٽ سميت ڪوٽڙي کان ٿورو پري

اچي حويلي اڏي پر ان جي باوجود ماڻهن جي رجوعات شاهه ڏانهن ساڳي طرح رهي، مرزا مغل بيگ اهڙي حالت ڏسي، ساڻس وڌيڪ زيادتيون ڪرڻ لڳو، پر شاهه خاموش رهيو.

 مرزا مغل بيگ جو رويو عوام الناس سان تمام خراب هو، ان ڪري دل قوم جا ماڻهو، جيڪي اڳ ئي سندس ظلم جو نشانو بڻيل هئا، تن سان سندس جهيڙو ٿي پيو. مرزا ساڻن مقابلي لاءِ تيار ٿي نڪتو ته شاهه لطيف کيس مدد ڪرڻ جي آڇ ڪئي، جيڪا هن ٺڪرائي ڇڏي. انهي موقعي تي هڪ بيت لطيف چيو جنهن کي اسان جا عالم ۽ اديب مٿين موقعي جي مناسبت سان ڏيکاريندي مرزا لاءِ پٽ ۽ پاراتي جي معنيٰ ۾ وٺن ٿا. گربخشاڻي صاحب لکي ٿو ؛

مرزا مغل بيگ اجائي بڪ شڪ ڪئي ۽ شاهه کي ويڻ ڏنائين. شاهه جي دل کي نهايت رنج  رسيو ۽ چو نٿا ته سندس زبان مان بي اخيتار هي پاراتو نڪري ويو ؛

بــيـگ تنهنجي بيگي، رهندي ڪوٽڙي ۾ ڪان،

اٿم آس الله ۾، دل ماريندءِ مان، (8)

اهو ذڪر 1713 ع جو آهي،

حقيقت هي آهي ته، مٿيون بيت، پٽ ۽ پاراتي لاءِ جن ماڻهن ورتو آهي، تن کان سهو ٿي آهي. ڊاڪٽر هو تچندمولچند گربخشاڻي لکي ٿو ؛

اسان جي نظر۾ پٽ پاراتا به فقير جي شان وٽان نه آهن ۽ نڪي ڪو اسين اعتبار ۾ آڻيو نٿا ته شاهه جهڙي برد بار ۽ رحمدل انسان جي واتان اهڙا اکر نڪتا هوندا، پر حقيقت ۾ پٽ ۽ پاراتي جو انساني زندگي تي ڪوبه اثر نٿو پوي. (9)

هي بيت به علامتي نوعيت جو آهي جنهن ۾ بيگ لفظ هڪ صاحب اقتدار حاڪم۽ طاقتور ڏانهن اشارو ڪري ٿو ۽ بيگي مان مراد حاڪميت، راڄ ۽ دٻدٻو وٺي سگهجي ٿو، ڪوٽڙي پڻ علامت هڪ اهڙي Territory جي آهي جنهن حدن اندر راڄڌاني هجي. آس پڻ علامت آهي، جنهن مان مراد وٺبي اميد، آسرو، نياءُ ۽،دل هونءَ  ته هڪ ذات آهي پر هت مراد آهي، اهڙو انسان جيڪو برائي کي تڙي ڪڍي يا اهڙي ذات ياهستي جيڪا ظلم ۽ زيادتي کي ماري مات ڪري.

لطيف سائين فرمائي ٿو ؛

اي حاڪم تنهنجي حاڪميت هن ڌرتي تي سدائي قائم رهي نٿي سگهي. ان ڪري توکي جڳائي ته تون ظلم ڇڏي نيڪي جو رستو اختيار ڪر ورنه مونکي اميد آهي ته توکي تنهنجي ڪرتوتن ڪري برائي کي تڙيندڙ هستي ماري مات ڪندي.

قرآن مجيد ۾ فرمايل آهي.

ترجمو ؛ اي ايمان وارو توهان تي روزا ائين فرض ڪيا ويا آهن، جيئن توهان کان اڳ امتن تي ڪيا ويا هئا. اميد ته توهان فلاح پايو. (سوره بقر)

جنهن نموني هت اميد جو لفظ استعمال ٿيو آهي بلڪل ساڳي نموني لطيف به آس جو لفظ ڪم آندو آهي. ٻنهي ۾ يقيني ڳالهه ناهي ۽ نه وري پٽ پاراتي جي معني ٰوٺڻ جڳائي. ڇو ته ٻنهي جاين تي اهو ٻڌايو ويو آهي ته چڱاڪم ڪندا رهندا ته توهان فلاح پائيندا پر جي برائي ۾ رڌل رهيا ته اميد يا آس آهي ته            نيستي توهان جو مقدر بڻبي.هي هڪ اهڙي حقيقت آهي جنهن کي هر باشعور ماڻهو قبول ڪندو. لطيف هت اهو فلسفو بيان ڪيو آهي ته هي دنيا فنا جي جاءِ آهي.هتان جو ڪوڙو ڪروفر ۽ فرعونيت سدائين قائم ناهي رهڻي. جيڪڏهن توهان عقل سليم رکو ٿا ته پاڻ ۾ سڌارو آڻيو ورنه توهان جو انت عنقريب اچڻ وارو آهي.

 هن مقالي ۾ موضوع جي مناسبت سان پنهنجو نڪته نظربيان ڪيو آهي.اميد ته شاهه ڀٽائي جي ڪلام ۽ فڪر تي تحقيق ڪندڙ ٻيا حضرات انهي ڏس ۾ منهنجي وڌيڪ رهنمائي ڪندا.

حوالا

(1) مرتب سيد صفدر علي شاه؛ گوهر لطيف (سنڌي حصو) ص ـ37، شعبه مطبوعات، سنڌ اطلاعات کاتو ڪراچي، 1986.

(2) ايضاً (ص ـ 39)

(3)  سيد جليل الرحمان اعظميِ : ابوطيب متنبي ( ـ 5) اداره تصنيف و تاليف آل پاڪستان ايجو ڪيشنل ڪانفرنس ڪراچي، 1958ع

(4) مولانا غلام محمد گرامي: سه ماهي مهراڻ (ص 71)، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1975ع

(5) مرزا قليچ بيگ احوال شاه عبداللطيف ڀٽائي (ص ـ 23)، چوٿون ڇاپو، شاه عبدالطيف ڀٽ شاه ثقافتي مرڪز 1972ع

(6) شيخ اياز: رساله شاه عبدالطيف (اردو) (ص ـ 6) سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد، 1963ع

(7) ڊاڪٽر گربخشاڻي:  مقدمه لطيفي (ص 24ـ 25)، ورسٽي پبليڪيشن سنڌي شعبو، ڪراچي يونيورسٽي، 1077ع

(8) ايضاً (ص ـ 35)

(9) ايضاً (ص ـ 35)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com