سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه لطيف جو علامتي شعور

 

صفحو :3

علامت نگاري ۽ سر ڪاپائتي جو تصور

 

علامت نگاري حقيقت ۾ ڪا نئين شيءِ نه آهي، بلڪه هي ادب جي اها صنف آهي جنهن کي انساني ارتقا کان وٺي اڄ تائين هڪ مستقل ۽ مبهم معنيٰ ۾ استعمال پئي ڪيو ويو آهي. جديد دور ۾ علامت جي ضرورت، اهميت ۽ قدر و قيمت پاڻ وڌي ويئي آهي. پر ان لاءِ هڪ شاعر تي وڏي جوابداري اها عائد ٿئي ٿي ته هو اسلوبِ بيان، اصلاحِ احوال، ماحول ۽ پيغام جي مقصد کي سامهون رکي.

علامت اظهار جو اهڙو طريقو آهي جنهن ۾ لڪل خيالن ۽ تصورن جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو هوندو آهي ۽ ان جي حيثيت هڪ مستقل ورتاءُ واري هوندي آهي. ڪنهن به مخفي آئيڊيا کي سواءِ علامت جي پيش ڪري ڪو نه سگهبو. تنهنڪري ادب ۾ علامت جي حيثيت مڃيل ۽ هڪ ٺوس حقيقت بڻجي چڪي آهي. پر ان ٺوس حقيقت هجڻ جي باوجود علامت جو لفظ منجهيل ۽ وضاحت طلب مسئلو رهيو آهي. سي. ڊي ليوس (C. D Levis) پنهنجي ڪتاب (Poetic Image) ۾ ان مسئلي متعلق ايڊ منڊولسن جو حوالو ڏيندي لکي ٿو :

The symbols of the symbolist school are usually chosen arbitrarily by the facts to stand for special Idea of his own. They are a sort of disguise for their idea (1)

ان جو مطلب اهو ٿيو ته علامت هڪ ٺڳي آهي جيڪا مصنف پنهنجي قاريءَ سان ڪري ٿو. پر ائين نه آهي. علامت جي تعريف انسائيڪلوپيڊيا برطانيڪا ۾ جيڪا ٿيل آهي ان مطابق علامت يوناني لفظ سمبلون (Symbollon) تان ورتو ويو آهي جنهن جي معنيٰ آهي معاهدو، نشان، تمغو ۽ شناخت جو ذريعو (2) ادب ۾ معاهدي جي واسطي سان اهو قاري ۽ مصنف وچ ۾ ٿئي ٿو، جنهن مطابق هڪ مصنف جيڪي ڪجهه چوي ٿو، اهو سندس قاري بخوبي سمجهي وڃي ٿو. يعني اظهار جو وسيلو سماجي نفسيات مطابق جڙي ٿو. هڪ ئي سماج ۾ رهندڙ ماڻهو پنهنجي شاعر جي ٻوليءَ جا ڄاڻو ٿيو پون ٿا ۽ شاعر وري پنهنجي ماڻهن جي نفسياتي مامرن کي بخوبي سمجهي ٿو، اهڙي ريت علامت پنهنجي قاري لاءِ بهترين ابلاغ جو ذريعو ثابت ٿئي ٿي.

ان مان اهو به ظاهر ٿيو ته هر علامت کي مخصوص معنيٰ ان ڪلچر وٽان ئي ملي ٿي جنهن ڪلچر جي اها علامت نمائندگي ڪري ٿي، پر حقيقت ۾ علامتون نفسياتي ۽ منطقي سوچ جو اظهار هونديون آهن جنهن ۾ ڪا خاص معنويت ۽ مفهوم سمايل هوندو آهي. ڪارا ڪپڙا پائڻاسان وٽ ماتم جي نشاني آهي، پر ڪارو ڪوٽ ۽ ڪارو گائون ڪورٽن ۾ جج ۽ وڪيل به پهريندا آهن جيڪا انصاف جي نشاني آهي ۽ ڪارو گائون يونيورسٽي ۽ علمي درسگاهن ۾ پروفيسر به پهريندا آهن جيڪا علم ۽ عرفان جي علامت کي ظاهر ڪري ٿي. ان ڪري چئبو ته جهڙو ماحول تهڙي معنيٰ مٿئين اصول مطابق علامت اظهار جو اهو ذريعو آهي جنهن ۾ شاعر يا مصور پنهنجي اعليٰ خيالن کي مخفي ۽ مبهم معنائن جو ويس ڍڪرائي پنهنجي ڪلچر مطابق پيش ڪري ٿو. اظهار جي انهي وسيلي سان شاعر ڪيترين جوابدارين کي نهايت خوبي سان منهن ڏيڻ جي قابل ٿئي ٿو. وليم جيدي (William Geddie) انهي خيال جي تائيد ڪندي لکي ٿو :علامتن جو استعمال 1880ع ۾ هڪ تحريڪ (جيڪا فرانس جي شاعرن ۾ شروع ٿي) ذريعي ڪيو ويو، جنهن مطابق ڪنهن به مخفي شيءِ يا خيال جي اظهار لاءِ هڪ حقيقت پسندانه طريقو تجويز ڪيو ويو.(3)

ڪيترن شاعرن ۽ اديبن علامت، استعاري ۽ تشبيهه وغيرهه ۾ ڪو خاص فرق نه رکي ان مسئلي کي ويتر منجهائي رکيو. سنڌي ادب ۾ سائين تنوير عباسي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ۽ ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي ان سلسلي ۾ ڪافي مسئلا حل ڪيا آهن. مون به پنهنجي پي ايڇ. ڊي ٿيسز ۾ انهن مسئلن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي. جڏهن ته علامت نگاريءَ جي ابن پال ورلائين ۽ اسٽيفن ملارمي به ان مسئلي کي واضح نه ڪيو آهي. ساڳي طرح لڪير جي فقير جيان اردو اديبن به ان مسئلي کي جيئن جو تيئن ڏٺو آهي ۽ علامت کي به ناقص طريقو سڏيو آهي. ڊاڪٽر سيد عبدالله لکي ٿو ته : علامت نگاري هڪ ناجائز اظهار جو وسيلو آهي ۽ علامت نگار شاعر لازمي طور ناقص هوندو آهي.(4)

شاهه عبداللطيف ڀٽائي تقريبا اڍائي سئو سال اڳ، ادب جي هن اسلوب کي شاعريءَ ۾ جائز قرار ڏنو ۽ پنهنجي ماڻهن جي نفسياتي مامرن کي ڪلچر جي بنياد  تي علامتون جوڙي ان کي ابلاغ جو بهترين وسيلو بڻايو.

شاهه سائين عالمگيري دور ۾ 1689ع ڌاري حيدرآباد ضلعي ۾ هالا جي ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو. سندس والد شاهه حبيب، لطيف جي ڄمڻ کان ترت پوءِ ڪوٽڙي مغل ۾ سڪونت اختيار ڪئي. لطيف سائين کي ان وقت جي دستور مطابق تعليم لاءِ مدرسي ۾ ويهاريو ويو. جتي هن مروجه علم ۾ دسترس حاصل ڪئي. سندس مطالعي هيٺ مولانا روم جي مثنوي، شاهه ڪريم جو ڪلام، قرآن مجيد، ديوانِ حافظ ۽ عطا رهندا هئا.

مرزا مغل بيگ جي خوبصورت نياڻي سان عشق ۽ مرزا جي عقوبتن نوجوان لطيف جي دل تي وڏو اثر ڪيو. شاهه پنهنجي دلي ڪيفيت ۽ اندروني  هيجان کي مٽائڻ لاءِ جوڳين ۽ سنتن جي صحبت اختيار ڪئي ۽ سير و سفر تي روانو ٿيو. انهي سڻائي سفر دوران هن جي ڪيترن ئي ديش ڀڳتن ۽ قومي ساڃهه رکندڙ ماڻهن سان دوستي ٿي، جن اڳتي هلي سندس تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو.

سنڌ جي بقا ۽ آزاديءَ جي جنگ ۾ هن کان اڳ ڄام نظام الدين، مخدوم بلاول شهيد، شاهه عنايت شهيد ۽ ٻين ڪيترن درويشن پنهنجي جان قربان ڪئي هئي. جڏهن اورنگزيب فوت ٿيو (1707ع) ته ساڻس گڏ سلطنت دهليءَ جو زوال پڻ شروع ٿيو. سنڌ ۾ تڏهن ميان يار محمد ڪلهوڙي جو راڄ هو. ڪلهوڙن مان ميان دين محمد ۽ ميان شاهل محمد جي قومي بحالي واري تڙپ کي پڻ ان ڏس ۾ وساري نٿو سگهجي. ميان يار محمد کان پوءِ سندس پٽ ميان نور محمد، پيءُ جي جاگير کي وڌايو ۽ اهڙي ريت ٺٽي، سيوهڻ، بکر ۽ سکر تي سندس راڄ کي مغل حڪومت طرفان مڃتا ڏني ويئي. ڪلهوڙن جي سياسي غلطين جو فائدو وٺندي نادر شاهه دهليءَ کان موٽندي (1740ع) سنڌ کي پنهنجي ظلمن جو نشانو بڻايو. انهي حملي ۾ جتي سنڌ جي سياسي ڪمزوري محرڪ هئي، اتي پنهنجن جي نااتفاقي کي به نظر انداز نٿو ڪري سگهجي.(5)

مطلب ته سورهين صدي عيسوي سنڌي سماج لاءِ وڏي گهوٽالي ۽ اڻ سهائپ واري صدي هئي. پر ڄام نظام الدين جي زماني ۾ سنڌ ۾ امن امان ۽ خوشحاليءَ وارو دور هو ۽ صنعت توڙي وڻج واپار ۾ سنڌ ترقي جي راهه تي گامزن هئي. تنهن وقت ٺٽي ۾ ڪيترائي ڪپڙي جا ڪارخانا (کڏيون) هئا، جنهن ۾ هزارين ڪاريگر روزانو ڪم ڪندا هئا. ٺٽي جي اوج کي هڪ پاسي ارغونن جي لشڪر لتاڙيو ٻئي پاسي مرزا عيسيٰ جي دعوت تي پرتگالين (1555ع) ٺٽي کي لٽيو، ماڻهن جو قتلِ عام ڪيو ۽ شهر کي باهه ڏيئي ڀسم ڪيو. مغليه دور ۾ ملڪ جاگيرداري نظام هيٺ هو. هاري جي حالت ڪسمپرسي جي حد تائين بگڙي چڪي هئي. سنڌ جي واپاري صنعت خاص طور تي ڪپڙي جي صنعت ۽ ڪپهه جي واپار کي وڏو ڌڪ رسيو. 1699ع ۾ هڪ انگريز سياح اليگزينڊر هئملٽن جڏهن ٺٽي آيو تڏهن ڏٺائين ته، اتي هن جي پهچڻ کان ٽي سال اڳ اسي هزار ڪوري پليگ وگهي مري چڪا هئا.

مطلب ته انهن سڀني سببن ڪري اخلاقي قدرن ۾ به گهوٽالو اچي رهيو هو ۽ عام ماڻهو سماجي، سياسي ۽ معاشي لحاظ سان تمام بدتر صورتحال جو شڪار ٿي رهيو هو. نتيجي ۾ فڪر ۽ عمل، ڪردار ۽ اعمال جو زور به ٽٽي رهيو هو ۽ طبقاتي تفاوت پڻ وڌي رهيو هو.

انهي اميري ۽ غريبي جي تمام وڏي تفاوت ۽ طبقاتي وڇوٽي ڪري انسانيت سڏڪا ڀري رهي هئي. علماءِ سوءِ صوفياءِ خام، انسانيت جي نالي کي وڌيڪ بدنام ڪري رهيا هئا. پر اهڙي گهٽيل ۽ منجهيل ماحول ۾ هڪ شخص پنهنجي ساٿين سميت سچائي جي واٽ گهڙي رهيو هو، اهو هو لطيف سائين، جنهن پنهنجي ماحول ۽ ماڻهن جي پيڙا کي محسوس ڪندي، سنڌي سماج کي انسانيت جي تبديلي واري عمل  لاءِ اڪسائيندي علامتي انداز اختيار ڪيو.

سر ڪاپائتي ۾ به لطيف سائين علامتي انداز ۾ سنڌي سماج جي

معاشي ۽ سماجي مسئلن کي نبيرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.ڪاپائت(Spinner) هڪ اهڙي علامت آهي جيڪا هنرمند ۽ ماهر جي مفهوم ۾ ظاهر ٿئي ٿي. ڪاپائتي کي گائڪاريءَ جيان قوت بخشيندڙ ۽ اثر ڇڏيندڙ هڪ قوت (طاقت) سمجهيو وڃي ٿو. پري (Fairy) کي به ڪاپائتي جي علامت طور مڃيو وڃي ٿو. (6) پري معنيٰ خوبصورت عورت. سڀ ماهر خوبصورت نفيس ليکي سگهجن ٿا ڇو ته انهن جي هٿن ۽ ذهن جي پورهئي تي صنعت جي ترقي ۽ ترويج جو دارومدار آهي. هن سر جي ٻي مکيه علامت آتڻآهي. آتڻ (Spinning place) اها جاءِ آهي جتي خوبصورت عورتون، پنهنجي قرب ۽ پيار جو هنر پکيڙن ٿيون. آتڻ سرخرو ٿيڻ يا جدوجهد جي علامت طور به مڃيو ويو آهي. اهو هنڌ جتي مقصد جي حاصلات ٿئي ٿي، مقصود ملي ٿو ۽ تاريخ جا سچا فيصلا صادر ٿين ٿا.

پهو معنيٰ ڪپهه آهي. ڪپهه سفيد رنگ جي ٿئي ٿي. سفيد رنگ مثبت (Possitive) اثر جو حامل آهي. مانوارو لوفلر(Loeffler) سفيد رنگ کي محبت جي مفهوم ۾ ڏسي ٿو. ڪرسچين آرٽ مطابق سفيد رنگ پرهيزگاري (Purity) جي مفهوم ۾ بيان ڪيو ويو آهي. اسان وٽ سفيد رنگ امن ۽ ڀائيچاري جي علامت آهي، جنهن مان پاڪائي جو تصور حاصل ٿئي ٿو. الڪيميا (Alchemic) موجب اڇو رنگ ڪاري تي برتري رکي ٿو. (7)

ان کان سواءِ سٽ، چرخو، سون، صراف، مونا (ائٽ جو ڪاٺيون)، مال (ڏور) وغيرهه سڀ عام شين جا اهڙا تصور آهن جن مان ازلي سچ ۽ حقيقت عيان ٿئي ٿي.

ڪولرجلکي ٿو ته ڪنهن آفاقي حقيقت کي عام شين مان حاصل ڪرڻ يا ڪنهن ازلي سچ کي عام، وقتي ۽ فاني شين مان حاصل ڪرڻ جو نالو علامت آهي. (8)

جڏهن ملڪ ۾ واپاري شين جي اڻاٺ ٿئي ٿي ۽ معاشي ذريعا گهٽجڻ لڳن ٿا ته اوڏي ويل حساس دل ۽ ساڻيهه جا سرجيندڙ پڪاري اٿن ٿا :

نه سي ووئڻ  وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون،

پسيو بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئــي.

 (1_25)

جنهن سماج ۾ هاري سان ٽئين درجي جي شهري وارو سلوڪ روا هجي، جتي هاري هَر ڪاهي فصل تيار ڪري، پر بٽئي وقت تيار ٿيل سڄو فصل جاگيردار، زميندار، تپيدار، سرشتيداري ۽ ٻين خرچن ۾ کنيو وڃي ۽ جيڪي بچي اهو رسم رواج مطابق ڪارائي، جمعدار، ڊکڻ، سيد، مڱڻهار، ڪنڀر ۽ حجام جي حوالي ٿيو وڃي ۽ هاري کي صرف بوڇڻ ڪلهي تي. اهڙي سماج ۾ هاري مجبوري هر ڇڏي ڪهاڙي ڪلهي تي کڻي ٿو، اهڙو سماج ماڻهو کي اخلاقي قوت ڏيڻ بجاءِ تخريب ڪاري ڏانهن مائل ڪري ٿو.

لطيف سمجهي ٿو ته ووڻ سنڌي سماج جي اقتصادي ترقي جو ڪارڻ ۽ ڪڙمي توڙي ڪاسبي جي معيشت جو سبب آهي. ڪاتاريون واسطيدار سماج ڏانهن اشارو آهي. جنهن جي معيشت ۽ جيئڻ جو دارومدار ووڻ آهن.

لطيف سائين اهو به ڏسي ٿو ته جتي فصلن جي فراواني هئي، اتي زمينون سڪي ٺوٺ ٿي چڪيون آهن، ملڪي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. جاگيرداري ظلم عام ماڻهو جي زندگي زهر بڻائي ڇڏي آهي. ماڻهن کي پيداوار جي سڀني ذريعن کان محروم ڪيو ويو آهي، زمين جي خوشبوءِ گهٽجي رهي آهي، ڌرتي کي اجاڙيو پيو وڃي ۽ هتان جي تهذيبي ۽ ثقافتي ورثي کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن. اهڙي ويل لطيف پنهنجي حصي جو فرض پورو ڪندي چئي ڏنو    :

اولاڻيان اَرٽ، ڪيڏانهن ڪتڻ  واريون؟

پهيـــون مٿي پٽ، لڙجـــن لاکِيَـــڙَنِ جـــون.

 (1_22)

ڪتي ڪتي ڪالهه، اڄ نه آتڻ  آئــيون،

آرٽ اکلي  مالهه،  پـوري ويــئيون  نــجهرا.

 (1_24)

لطيف سائين کي اهو به ارمان آهي ته هتان جي ماڻهن کي ڏاٽي کڻڻ، پهون ميڙڻ ۽ ارٽ هلائڻ بجاءِ زمين کان زوري ڌار ڪيو ويو آهي. هڪ پاسي زمينون غير آباد ٿين پيون ۽ ٻئي پاسي سنڌي ماڻهو پئسي کان پالها، غربت ۽ مفلسي جا ڌڪا کائي، پنهنجي اخلاقي، سماجي ۽ تهذيبي رشتي کان ڪٽجي رهيا آهن.

لطيف سائين سوچي ٿو ته هن جا ماڻهو ته پورهئي جا ڪوڏيا ۽ سوير ئي آتڻ ۾ اچڻ وارا آهن، اهي هر ڪو ڪم سوچي سوچي ڪرڻ جا عادي آهن جيئن سندن پورهئي ۾ ڪا وڏ نه رهجي وڃي ۽ ان ڪري ئي سندن صنعتن جو ڏيساور ۾ قدر آهي. هنن جي مال جو ايترو ته ويساهه آهي جو صرف مال تي سندن مهر ڏسي سودو چڪتو ڪيو وڃي ٿو. ڇو ته هنن وٽ مقدار کان معيار جي اهميت آهي ۽ ڪٿ ڪندڙ شيءِ  جي انهي قدر جا واقف ڪار آهن :

 ڪــو جو وَه ڪاپـائتين، ڪنبن ۽  ڪـتن،

ڪارڻ ســود سواريون، آتڻ  منجهه  اچن،

ان  جي سونهن  سيد  چئي،  صراف  ئي  سڪن،

اگهيا سُٽ سندن، پائي ترازي  نه  توريا.

 (1_18)

ڪاپائتي خوبصورتي ۽ مهارت جي علامت آهي، پر کيس خبر نه آهي ته سندس هٿ سون جهڙا آهن ۽ سون جهڙن هٿن سان افاديت سان ڀريل ڪو وڏو ڪم ٿي سگهي ٿو، کيس اهو به پرو ڪونهي ته ازلي سچ ۽ اعليٰ نور جي حاصلات، انهن ئي سون ساريڪن هٿن سان ٿي سگهي ٿي. لطيف ڏاهو آهي، ماڻهن کي پنهنجي هنر ۽ هٿ جي پورهئي جي اهميت بابت آگاهي ڏيندي چوي ٿو :

سـون  ســاريڪا  هٿڙا، ڪـــوه  نه  ڪتين رڏ  ؟

 ويهي  ڪُنڊ ڪاپوڪر، گُهتون گوهيـون  ڇـڏ،

ته صــرافــاڻــي ســڏ، مرڪــيو  هــونـد مٽائـين.

 (1_12)

سون۽ صرافجو پاڻ ۾ گهاٽو تعلق آهي. سون صرف ڌاتو نه آهي پر ان مان اٿندڙ ناڻي ۽ دولت جو تصور آهي، هندو مت موجب سون کي معدني روشني چيو ويندو آهي. جڏهن ته عبراني زبان ۾ آر (Aor) يعني روشني بدران استعمال ڪيو ويندو آهي. سون پنهنجي اعليٰ ترين وصف جي ڪري افاديتسان ڀريل ڪم کي ظاهر ڪري ٿو. سون لڪل شين ۽ خزاني جي علامت آهي. (9) صراف اهڙو تصور آهي جيڪو انصاف مهيا ڪري ٿو، سچ ۽ ڪوڙ کي ڌار ڪري ٿو ۽ ازلي سچ کي ظاهر ڪري ٿو.

دراصل جڏهن انسان محنت کان منهن موڙي، ڪاهل بڻجي ڪري پوي ٿو، تڏهن کانئس ڪو به سچو عمل ٿيڻ جي اميد ختم ٿيو وڃي ٿي. شاهه جون مٿيون سٽون جيتوڻيڪ ماضي جي روشني جو شعاع آهن پر اهي اڄوڪي انسان لاءِ به ايترو ئي اثر انگيز ۽ رهبر ٿي سگهن ٿيون. اهي سٽون اسان لاءِ هئڻ جو احساس۽ اجتماعي وجود جو اڻ ٽر نشان ۽ معاشي مٿڀرائي جو شعور آهن. اسان اڄ به جيڪڏهن هوڏ ڇڏي، پنهنجي قوت، هنر ۽ مهارت تي نظر وجهي اڳتي وڌون ته ڪو سبب ڪونهي جو اسين پنهنجي وڃايل وٿ وري حاصل نه ڪري سگهون.

جڏهن هر طرف اوندهه انڌوڪار ڇانئجي وڃي، جڏهن ڌرتي وارن مان خودشناسي ۽ عرفان ذات جو شعور گهٽجڻ لڳي، جڏهن سندن ذهن جون سڀ دريون ۽ دروازا بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. جڏهن کين اهو خطرو لاحق ٿي پوي ته ڪو هوا جو جهوٽو سندن عزم جي سڪل پنن کي اڏائي نه وڃي، تڏهن لطيف چوي ٿو ته سرت سان پنهنجين سچاين جي ٻولن ۽ قولن کي سامهون رکي اڳتي وڌڻ گهرجي، ڇو ته اهڙن ٻولن جي افاديت کٽڻ جي ڪانهي. پر هر هنڌ ۽ هر موقعي تي اهي پنهنجي قلي افاديت سان منزل جو پٿر بڻجي اڳتي وڌڻ لاءِ راهه هموار ڪن ٿا. اهڙي موقعي تي انفرادي بجاءِ اجتماعي سوچ سڦل ٿيندي.

توڙي تون ڪاتار، جِم هيڪلي ڀيريين،

ڏسي ڪا ڏئار، صراف انـهي سٽ ۾.

 (1_1)

لطيف سائين پنهنجي سماج کي هڪ آدرشي انسان جو تصور ڏنو ۽ ان اجتماعي وحدت ساڻ روشناس ڪيو جنهن سان سنڌي سماج کي خصوصاً ۽ ڪائنات کي عموماً خوشحال بڻائي سگهجي ٿو. هن اسان کي قومي تهذيب جي ارتقا لاءِ پنهنجي حصي جي فرض جي ادائگيءَ جو احساس ڏياريو ۽ هرحال ۾ جدوجهد ۽ محنت ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ سان ئي سرخرو ٿيڻ جو درس ڏيندي چيو :

تـــــوڙي تــون وڏي ٿــئين، تــوءِ اٿــي آتـــــڻ آ،

ٿي  ڀيڙي  ڀير  مَ  وارئين،  ٻي  هڏ ڪـر مَ  ڪا،

ته صراف تو  صباح، ڪـوٺي ڪاتـارن سـين.

 (1_11)

لطيف سائين تاريخ جي فيصلن کي ڄاڻي پيو، انصاف ڪندڙ، حق ۽ باطل ۾ فرق وجهندڙ هر دور ۾ پيدا ٿيندا رهيا آهن. اهي تڪي توري فيصلا ڏيندا رهيا آهن. ان ڪري تاريخ جي سچائي وارن فيصلن ۾ سرخرو ٿيڻ جو هڪ ئي ذريعو آهي، آتڻ ڏانهن اچڻ. هاڻي اهو اسان تي ڇڏيل آهي ته اسين پنهنجي مقصد جي حاصلات لاءِ پنهنجي حصي جو ڪم وقت اندر ۽ جهڙي تهڙي حال ۾ پورو ڪريون، جي اسين ائين ڪري ڪو نه سگهياسين ته پوءِ ان گهڙي اچڻ کان اڳ وقت جو نقيب اسان کي انتباهه ڏيندي چوي ٿو ته :

سي تو ويهي  وڃائيا، ڪتڻ  سندا ڏينـهن،

ارٽ اوڏي  نه  ٿـئين،  ڀـوري! ڀــوري  ســيـن،

ڪنڌ کڻندين ڪيئن؟ اڱڻ عجيبن جي.

 (1_10)

هر سماج کي پنهنجا قدر ٿين ٿا. سنڌي سماج به پنهنجي قدرن جي آڌار تي زنده رهيو آهي. هتي ڪيتريون ئي اخلاقي ۽ پنگتي تحريڪون اڀريون. انهن سڀني سنڌي سماج مٿان هڪ گهري ڇاپ ڇڏي. خاص طور تي سنڌي سماج جي جمالياتي ۽ نفسياتي مامرن تي وڏو اثر پيو ۽ انهي تغير پذيري ڪري پراڻا قدر ڊهندا رهيا ۽ نوان انهن جي جاءِ وٺندا رهيا. اهو هڪ سماجياتي ۽ حياتياتي مسئلو پڻ آهي، پر ڪي قدر اهڙا آهن جن جي هڪ مڃيل، چٽي ۽ ڪائناتي حيثيت آهي. سنڌي سماج ۾ محبت ۽ ممتا وارو قدر ڪائناتي آهي، جنهن کي فڪري طور تي مختلف مفهومن ۾ ادا ڪري سگهجي ٿو. لطيف سائين چوي ٿو ته :

 محبت  پائي من ۾ رنڍا  روڙيا  جــن،

تـــن جو صرافــن اڻ توريو اگــــهايو.

 (1_17)

دراصل اڄوڪي صنعتي تهذيب، مشرق ۽ مغرب جي روايتي تهذيب جو تضاد آهي، جي اسين پنهنجي مصنوعات جو واهپو چاهيون ٿا ته ان مسئلي جي حل لاءِ اسان کي صرف مغرب جي سهاري تي هلڻو نه پوندو ۽ نه مشرق جي پراڻن قدرن کي چنبڙي اڳتي هلڻو پوندو. ان لاءِ واحد ذريعو اهو آهي ته اسين پنهنجي مصنوعات ۾ محبت جو عنصر شامل ڪريون. اهو تڏهن ٿيندو جڏهن اسين پنهنجي چوگرد ٿيندڙ سائنسي تبديلين کي دل سان قبول ڪري، انهن کي ڏاهپ ۽ قرب سان پنهنجي صنعت ۾ شامل ڪريون.

انهي بيت کي هينئن به سمجهي سگهجي ٿو ته محبت ۽ ممتا وارو عمل ڦلدار ٿئي ٿو. پر ظاهرداري ۾ ماڻهو انهيءَ قدر کان ڪورا ٿين ٿا، انهن جي من ۾ مير هوندو آهي. پر وحدت الوجودي صوفي محبت کي حياتي عنصر جو مستقل قدر سمجهن ٿا. لطيف سائين سنڌي سماج جي قومي بقا ۽ بحاليءَ لاءِ  يگانگت ۽ اتحاد قائم ڪرڻ ٿي چاهيو، اهو اتحاد پاڻمرادو ۽ نفرت سان قائم ڪو نه ٿي پئي سگهيو. ان لاءِ محبت جو عمل عام ڪرڻو هو. محبت سان ڪيل هر ڳالهه هڪ من کان ٻئي من ڏانهن منتقل ٿي سگهي ٿي. ۽ انهيءَ ۾ ئي انساني اتحاد، ڀائيچاري، ترقي ۽ خوشين جو سامان لڪل آهي، پر جتي نفرت ۽ ٻيا ئي کي من ۾ جاءِ ڏيئي، ظاهر داري جا اصول اپنايا وڃن، اتي ڪاميابي قطعي ماڻي ڪونه سگهبي. اسان جي عظيم مفڪر لطيف اهڙي ڄاڻ گهڻو اڳ ڏيندي چيو ؛

چائت پائي چت  ۾،  سنهو  ڪتيو  جن،

تـــن جو صرافن، دڪــو داخل نه  ڪيو.

(1ـ16)

سٽ جيڪو ڌاڳي جو روپ آهي، سو هن بيت ۾ لطيف وٽ انساني تصور (Concept) بڻجي اڀري ٿو. هت به لطيف سائين وٽ ساڳي ممتاواري ڪيفيت ۽ سرشاري نظر اچي ٿي. ڇو ته هو ڄاڻي ٿو ته انسان کي ظاهري اسبابن سان نوازي (يعني سٽ کي سنهو ڪتي) ان جي من ۾ محبت پيدا ڪري نٿي سگهجي. عقوبتن سان ڪنهن کي پنهنجو ڪرڻ ڏاهپ جي خلاف آهي. ان جو واحد علاج پنهنجي من مان مير ڪڍڻ آهي، پر ظاهر دار انهي رسم جا پوئلڳ هئا ۽ لطيف ۽ سندس ساٿي ان، سڄي نظام جي خلاف هئا. مطلب ته سر ڪاپائتي ۾ لطيف سائين هڪ پاسي سنڌ جي غلامي کان وٺي آزادي تائين (ميان نور محمد ڪلهوڙي جو راڄ) هلايل تحريڪ، ارغونن، ترخانني مغلن، نادر ۽ ابدالي جي ڪردار کي به ظاهر ڪيو آهي ته ٻئي پاسي ڄام نظام الدين جي ڏينهن ۾ سنڌ جي خوشحالي جي تاريخ به پيش ڪئي آهي. هن اهو به ٻڌايو آهي ته محنت ۽ مهارت جا قدر تبديل ٿيندڙ آهن، پر محنت ۽ مهارت جو اصل حسن ۽ دلڪشي هر دور ۾ قائم رهي ٿي.

  

حوالا

1 ـ هاشمي رفيع الدين (پروفيسر) اقبال بحيثيت شاعر مجلس ترقي ادب لاهور، 1977 ع ص ـ 54

2 ـ انسائڪلو پيڊيا آف برطانيڪا ( پندرهين ايڊيشن) نيويارڪ 1976 ع ص ـ 90

 3 ـ وليم جيدي ؛ ويهين صدي جي چيمبرس ڊڪشنري ڊبليو ــ سي آر چيمبرس لميٽيڊ لندن 1959 ع ص ـ 111

4 ـ جالب افتخار ؛ نئي شاعري نئي مطبوعات، لاهور، 1966 ع ص ـ 308

5 ـ جويو محمد ابراهيم ؛ شاه سچل سامي سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي، حيدرآباد، 1978 ع ص ـ 60

6 ـ جي ـ اي سرلاٽ اي ڊڪشنري آف سمبلز رائوٽ ليج اينڊ ڪئگن پال، لنڊن،1962ع ص ـ 305

7 ـ ايضا ص ـ 60

8 ـ عباسي تنوير ؛ شاهه عبدالطيف جي شاعريشاهه لطيف ثقافتي سوسائٽي ڪراچي سنڌ 1976ع ص 121 ـ122

9 ـ اي ڊڪشنري آف سمبلز ص 120  

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com