سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه لطيف جو علامتي شعور

 

صفحو :8

سر مارئي جو علامتي اڀياس

(سماجي ۽ سياسي حوالي سان)

 

هن ڪهاڻي جا سڀ ڪردار علامتي نوعيت جا آهن، جنهن ۾ لطيف سائين الاهي اسرار جا نوان نڪتا نروار ڪيا آهن.سر مارئي جي تمثيل بابت، پنهنجي راءِ کان اڳ جهونن عالمن جي راءِ از حد ضروري آهي. انهي باري ۾ محترم غلاممحمد شاهواڻي جو رايو آهي ته هن سر ۾ شاهه هڪ وڏي تمثيل رٿي آهي. مارئي کي روح سان، عمر کي نفس سان، ملير کي وحدانيت جي وادي سان ۽ عمر ڪوٽ کي هن دورنگي دنيا سان مشابهت ڏني آهي. شاهه، سالڪ کي روحن جي اصليت ۽ انجام جو سارو قصو سڻايو آهي.جيئن مارئي ملير لاءِ بيقرار هئي، تيئن روح وري عالمِ ارواح ڏانهن تانگهي ۽ تاڻي ٿو. حقيقت ۾ هي سارو سر ڪل شيءِ يَرجِعُ اِليٰ اَصلِه ( سڀڪا شيءِ پنهنجي اصل ڏانهن موٽي ٿي) جو تفسير آهي، ‎مرزا قليچ بيگ جو انهي سلسلي ۾ خيال آهي ته ؛ مارئي مان حقيقت جي مراد آهي ؛ الله جو سچو عاشق. عمر مان مطلب آهي ؛ هن جهان ۾ ظالم ۽ زبردست ماڻهو، عمر ڪوٽ آهي ؛ هي جهان، جو ايمان وارن لاءِ بنديخانو آهي. ملير آهي اصلوڪو وطن يا ٻيو جهان. ٻهراڙي جا تماشا، جهڙوڪ گاهه گلزار يون وغيره آهن، آخرت جا مزا ۽ سک، زيور ۽ پوشاڪون چئبيون آهن، هن جهان جي اجائي ڏيک ۽ سينگار کي، جي ڪنهن به ڪم جا نه آهن. ( احوال شاهه عبدالطيف ڀٽائي ص ـ 170) ڪتاب شاهه جو پيغام ۾ حافظ محمد احسن چنا لکي ٿو ته مارئي مان مراد      هرڪو  انسان، مارو، محبوب حقيقي، ملير اصل وطن. ( احسن پبليڪيشن دادو ـ 1970 ع ص ـ 23)

شري ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو ص ـ 254 تي لکي ٿو ـ ته هن سر ۾ ملير مان مراد آهي، انسان جو اصلوڪو وطن يعني عرش، روح اتي پاڪ هئا، پر دنيا ۾ اچڻ سان، حرص ۽ هوس جي قيد ۾ قابو ٿيا، عمر مان مراد آهي ؛ ڪميڻونفس يا  من، جوهر وقت انسان کي بدراه ڏانهن پيو آتاري ۽ گهلي، ڌڻي جا عاشق انجي دام ۾ هرگز نٿا اچن.

پروفيسر نارائڻ داس ڀمڀاڻي انهي سلسلي ۾ ڪي قدر مختلف رايا ڏنا آهن.هو لکي ٿو ؛ مارئي جي سيرت کي جو ڪن شاهه جو اڀياس ڪندڙن تمثيلي رنگ ڏنو، تنهن سان شامل راءِ نه آهيان اڳتي هلي لکي ٿو ؛ شاهه کي شاعراڻو دماغ هو. هو سمجهي سگهيو ٿي ته ڪهڙو مضمون شعر ۾ قلمبند ٿيڻ جي قابل آهي. سر مارئي ۾، شاهه فطرتي شاعر، محب وطن ۽ پنگتي تاريخ نويس نظر اچي ٿو.سر مارئي جي يارنهن ئي داستانن ۾ ڪوبه اهڙو بيت يا وائي درج ڪيل ڪونه آهي جنهن جي آڌار تي چئي سگهجي ته هن آکاڻي ۾ شاهه ڪا تمثيل رکي آهي

پرفيسر ڀمڀاڻي جي راءِ ڪافي وزندار ۽ فني نڪتي نگاهه کان به درست آهي. ڇو جو تمثيل شاعري جو هڪ اهڙو وسيلو آهي. جنهن جي ذريعي شاعراڻ ڏٺل ۽ اڻ ٻڌل شين جو سير ڪرائي ٿو. پنهنجي تجربي جي بنياد تي غير محسوساتي حقيقتن کي ظاهر ڪر يٿو. انهي سلسلي ۾ رچرڊس (Richards) لکي ٿو ته ؛ تمثيل حسي تجربي (Sensual experience) جو هڪ اهم وسيلو آهي

( سنڌي ٻولي جو سماجي ڪارج ص ـ 328).

پروفيسر ڀمڀاڻي سر مارئي کي تمثيل تسليم نه ڪرڻ جي جواز ۾ لکي ٿو ؛ هن تمثيل جي قبول ڪرڻ ۾ هڪ ٻيو به مونجهارو آهي ڪائنات جي اتهاس پٽاندڙ عالم ارواح مان روحن کي ڌڻي تعاليٰ پنهنجي مرضي موجب بهشت عدن ۾ آندو، خاڪي لباس خواه جسماني جامي ۾  روحن کي عالم ارواح مان سڌو هن دنيا ۾ ڪونه موڪليو ويو. تنهنجو مطلب ته جيڪڏهن عالم ارواح آهي ملير، ته عمر جو ڪوٽ ٿيڻ گهرجي بهشت عدن، ليڪن ايئن به ٿي نٿو سگهي. عمر جي ڪوٽ ۾ مارئي قيدي مثل هئي پر بهشت عدن ۾ آدم کي هر ڪا آزادي مليل  هئي. چيو وڃي ٿو ته جڏهن آدم بهشت عدن ۾ آيو، تڏهن سندس سٿر مان حوا پيدا ٿي ۽ اتي شيطان اچي کانئس خطا ڪرائي. تنهن ڪري خدا مٿن غصي ٿي کين اهبطو ( هيٺ لهو) جو حڪم ڪيو. پوءِ آدم ۽ حوا اچي فرش تي ڪريا. هاڻي جي کڻي چئجي ته شاهه پنهنجي تمثيل ۾ بهشت عدن جو بيان نه ڪيو آهي. ( جيتوڻيڪ سر مارئي ۾ جيڪڏهن پوري تمثيل رکڻي هيس ته ان جو ذڪر ڪرڻ گهربو هوس) ته سوال ٿو اٿي ته آدم ۽ حوا ته شيطان جي ڄار ۾ ڦاٿا، جنهن ڪري عرش تان هيٺ لهڻو پين ليڪن مسڪين مارئي ڪهڙو گناهه ڪيو هو، جو عمر کيس قيد ۾ وٺي ويو، مارئي ته معصوم ڳوٺاڻي ڇوڪري هئي، جا پنهنجي ست تي قائم رهي. پرفيسر انهي سلسلي ۾ پنهنجي رايو ٻڌائيندي لکي ٿو ته؛ مان هن رايي جو آهيان ته مارئي تي تمثيل مڙهيل آهي سا سراسر ا جائي، اڻ پوري ۽ دوردراز آهي، نه مارئي روح آهي،  نه عمر نفس آهي، نه عمرڪوٽ دنيا آهي، نه آدمي جو جسم قيد. منهنجي خيال ۾  ايئن ٿو اچي ته مارئي واري تمثيل تي زور ڏيڻ نه گهرجي ڇاڪاڻ جو نه اها دل سان ٿي لڳي ۽ نه اها مارئي جي سيرت کي وڌيڪ وڻندڙ بڻائي ٿي. ( آواز لطيف ـ ڪراچي 1978 ع ص 33ـ 34)

 مان پروفيسر ڀمڀاڻي جي راءَ سان انهي ڪري متفق آهيان، جو هن جيڪي دليل ۽ ڳالهيون مارئي جي تمثيل کي رد ڪرڻ لاءِ ڏنيون آهن، سي سڀ عقل ۽ فهم تسليم ڪري ٿو. هونءَ به تمثيل ٻن مختلف شين يا واقعن يا موقعن جي مشترڪ وصفن ۽ مقابلي جو ٻيو نالو آهي، جيڪو شخص تمثيل کان ڪم وٺي ٿو، اهو هڪ موقعي جو احوال ٻئي موقعي جي احوال ذريعي ڪندو آهي. جڏهن ڪنهن شيءِ، مقام ۽ وقت ۾ اختلاف پيدا ٿي پوندو ته مطلب اهو ٿيندو ته احوال ۽ حقيقتون به مختلف ٿي پيون، اهڙي حالت ۾ ان کي تمثيل نه ڪوٺبو.

مارئي جي سلسلي ۾ پرفيسر ڀمڀاڻي جي هڪ نڪتي کي مان هت واضح ڪرڻ چاهيان ٿو، جيڪو هن لکيو آهي ته مسڪين مارئي ڪهڙو گناهه ڪيو هو، جو عمر کيس قيد ۾ وٺي ويو. مارئي هڪ معصوم ڳوٺاڻي ڇوڪري هئي، جا پنهنجي ست تي قائم رهي .

انهي سلسلي ۾ جيڪو نڪتو لطيف سائين بيان ڪيو آهي شايد پروفيسر ڀمڀاڻي جو ان ڏانهن خيال ڪونه ويو ٿو ڏسجي، اهو هي آهي ته حسب معمول سڀ سهيليون مارئي سميت سج اڀرڻ کان اڳ کوهه تان پاڻي ڀرڻ وينديون  هيون پر واقعي واري ڏينهن، مارئي کي اهڙي ته ننڊ نهوڙيو، جو سرتين سان گڏ جي تڙ تي پهچي ڪونه سگهي. انهي ٿوري ويسر جي ڪري، کيس عمر جي ڪوٽ ۾ قابو ٿيڻو پيو. لطيف سائين پنهنجي رسالي م اهڙو اشارو ڏنو آهي. چوي ٿو ؛

آڌي اٿــن تي، جــيلان پاڻـي پـــاتار ۾،

وارو ويـسرين کي، ڏينهان ڪـونه ڏي،

مون ڪميڻي کي، مٿان کوهه کڻي ويا.

 (8 ـ10)

مٿين بيت ۾ لطيف سائين مارئي جي ويسرائپ ۽ گناهه ڪري کيس ڪميڻي ڪوٺيو آهي، ڇو ته هر ڪم لاءِ هڪ خاص وقت مقرر آهي. ورنه ٿوري سستي به هاڃيڪار ثابت ٿئي ٿي. مٿين بيت ۾ آڌي اٿڻ پاڻي پاتار ويسرين  ڪميڻي، وغيرهه سڀ علامتون آهن، جيڪي منزل ۽ مقصد جي حاصلات لاءِ اهم مفهوم عطاڪن ٿيون.

هونءِ به هن ڪهاڻي جا سڀ ڪردار حقيقت ۾ ڪن گڻن ۽ وصفن جا نشان آهن، جيڪي وطن سان محبت جو درس ڏيندڙ، آمرن ۽ استحصالي ٽولي خلاف آواز اٿاريندڙ، صوفين ۽ سچن سالڪن کي روحاني رس پهچائيندڙ ۽لالچ، تشدد ۽ خوف جي ڪوڙڪي مان آزاد ٿيندڙ انسانن جي ڪهاڻي آهي،

لطيف سائين جو هي سر وطن جي حب ۽ سماج ۾ اڻ برابري واري حقيقتن خلاف آواز آهي. خود مطلبي، خودپسند ڏاڍ ۽ جبر جي زور تي هٿرادوٺاهيل قاعدن ۽ قانونن جي رکوالي ڪندڙ حاڪمن ۽ سندن ڇاڙتن جي آکاڻي آهي. اهڙي سماج جا ڌرتي سان ناتا ٽٽيو پون ٿا.

  لطيف سائين پنهنجي سماج جي ضعيف ۽ نازڪ حالت ڏسي، مارئي جو تصور  (Concept) ڏنو آهي. لطيف انهي تصور ذريعي اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته سچائي ۽ همت هروڀرو سرمائيدارن ۽ حاڪمن جو سر مايو نه آهي. مارئي هڪ عورت آهي سنڌي سماج ۾ عورت کي هيڻو سمجهيو ويو آهي. غريب عوام کي حاڪم ٽولو به هيڻو سمجهندو آهي ان ڪري ئي لطيف سائين اسان کي هڪ اهڙو لافاني تصور ڏنو آهي جو اهو تصور مارئي جي سيرت ۾ شامل ٿي پيو آهي. لطيف جي مارئي عزم  ۽ همت جو پيڪر آهي. سائين ڊاڪٽر عبدالجبار چواڻي وطن جي ٿڌي مٽي ۾ دفن ٿيڻ لاءِ ڪيئن پئي واجهائي ! عمر جي هر آڇ کي ٿڏي ڇڏي ٿي مارن جا سڳڙا سون برابر ٿي سمجهي ۽ عمر جي سون کي سوءِ ٿي ڄاڻي کاڌو پيتو هر عيش آرام تڇ ٿي سمجهي، پنهنجو کٿو اوڍيندڙ محبوب هر وقت ياد اٿس. عمر جي محل کي ملير جي جهوپڙن جي برابر نٿي ڄاڻي، محل ۾ مرڻ نه نٿي چاهي ثابت قدمي جو مثال بس اهو هڪ ئي آهي. پهرين وڃان لوءِ پوءِ مرپڄنم ڏينهنڙا.(1)

سچا انسان ڪنهن به لالچ تي لبجن نٿا  پر اهي ته اهڙين سڀني آڇن کي تڇ برابر سمجهن ٿا. عمر ڏاڍ ۽ جبر جي علامت آهي. ملير سچن انسانن جو مسڪن، جنهن جي ٿڌي مٽيءَ ۾ دفن ٿيڻ کي سچاانسان  ترجيح ڏين ٿا کٿا اوڍيندڙ  محبوب مان مراد پنهنجا غريب ماڻهو آهن. ظاهري طور تي هن سر۾ وطن سان محبت جو سبق ڏنل آهي. اهڙو مثال ڪنهن ٻي شاعر وٽ مشڪل سان ملندو، جيڪو  لطيف سائين پيش ڪيو آهي، جو هڪ سنڌ جي ڳوٺاڻي ڪنواري ڇوڪري وقت جي جابر حاڪم سان مهاڏو اٽڪائي، اهو ثابت ڪري ڏيکاري ته عزم ۽ حوصلو ڪنهن جي ميراث ڪانهي.

حقيقت هي آهي ته لطيف سائين لاءِ جهڙو تهڙو پر پنهنجو وطن سڀ کان افضل آهي گلن، ٻوٽن ۽ گلڪارين سان ڀريل پرديس کان پنهنجو اڀرو سڀرو ديس کيس وڌيڪ پسند آهي ۽ ان کي سڀ کان وڌيڪ فوقيت ڏي ٿو. اهڙي ريت هي سر لطيف جي سماج جي ڪهاڻي آهي ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙ سڀ ڪردار سچائي تائين پهچڻ جو ذريعو آهن. طريقت جي لحاظ کان به هي سر صوفين لاءِ رهنمائي جو سبب آهي جنهن ۾ روح خدا ۽ ڪائنات جي باري ۾ گهڻو مواد دستياب ٿئي ٿو.

محترم ايلساقاضي مارئي  کي بادشاهن جي بادشاهه آڏو وچن ڏيندڙ سچو انسان ڪري پيش ڪيو آهي. ان ڪري هو ڌرتيءَ جي هڪ حاڪم عمر جي خواهش آڏو جهڪي ڪونه ٿي، پر هوءَ ته يوم ميثاق کان هڪ جي حڪم جي پيروي ڪرڻ لاءِ پاڻ کي پابند ڄاڻي ٿي. ان ڪري هن عمر جي سڀني ترغيبن کي تڇ ڪري سمجهيو. هن ڏسي وائسي عمر جي ڪوڙي خوشامد کي ٺڪرائي ڇڏيو ۽ پنهنجو رشتو انهن ماڻهن سان ڳنڍيو جتان کيس ڇني آندو  و يو هو. اهڙي ريت هن شعوري طور تي پنهنجي وسطيداري هڪ خدا سان ڳنڍي. سر مارئي جو شروعاتي بيت انهي علامتي انداز جي بنيادي ڪڙي آهي.

نڪا ڪن فيڪون هئي، نڪا مورت ماه،

نڪا سـڌ ثواب جــي، نڪــو غرض گنـاه،

لکيائين لطيف چئـي،ات ڳجـهانـدر ڳاه

اکيـــن ۽ ارواح، اها سـاڃـاءِ سـپريـن.(2)

لطيف سائين جو سڄو رسالو خصوصن سنڌي سماج ۽ عمومن ڪائنات جي مسئلن ۽ انهن جي حل جي سماجي تاريخ آهي، هن جو سچو جوهر سر مارئي ۾ نظر اچي ٿو جنهن ۾ هڪ مدبر جيان هن پاڻ کي ظاهر ڪيو آهي.

 شاهه لطيف جي دور م مغلن جو راڄ هو ۽ مغلن طرفان سنڌتي ايڪيتاليهه گورنر راڄ ڪرڻ آيا. لطيف جي پيدائش وقت نواب ابو نصرت سنڌ جو گورنر هو. ويهه گورنر هن کان اڳ سنڌ ۾ اچي چڪاهئا ۽ ويهه ابونصرت کان پوءِ آيا. منطقي نڪتي نگاهه کان ڏٺو وڃي ته لطيف مغلن جي ظلم ۽ زيادتي واري دور جي عروج واري زماني ۾ انهي ڪري پيدا ٿيو ته جيئن اڳين ۽ پوئين دور جي حاڪمن جي ظلمن ۽ چڱاين کي ٻڌي ۽ ڏسي نتيجا اخذ ڪري. لطيف سماج جو ساکي آهي. چوي ٿو ؛

آڻين  ۽  چاڙهــين،  ڏٿ  ڏهـاڙي  ســومرا،

سٿــا  ڪـيو  سيــد  چئي   سـائون  سڪائين،

منجهان لنب لطيف چئي چائر ڪيو چاڙهين،

پــلاءُ  نـه  پــاڙيـــن،  عــمر آراڙي  سين.

 (7 ـ  4)

لطيف سائين قصو ته عمر مارئي جو بيان ٿو ڪري، پر ڪردار پنهنجي عوام جي مسئلن کي بيان ڪرڻ ۽ نتيجن کي ظاهرڪرڻ لاءِ چونڊ يا اٿس.

سماج ۽ مذ هب جو به شاعر تي وڏو اثر ٿئي ٿو، جيڪڏهن سنجيدگي سان ڏسبو ته شاعري ۾ مذهب کان وڌيڪ سماجي روايتن جو عمل دخل نظر اچي ٿو. ايران ۾ جيڪا به شاعري ڪئي ويئي آهي تن  ۾ مسلمان شاعرن جون خدمتون به نمايان  آهن، انهن سڀني شاعرن رستم سهراب، شيرين فرهاد، سڪندر، دارا ۽ جمشيد کي به ايترو ئي ساراهايو آهي جيترو اسلامي اقدار کي، اهڙي طرح اردو ادب وارن فارسي جي تتبع تي شاعري ڪئي آهي ۽ پنهنجي شاعري ۾ ساڳيا استعارا تشبيهو ن، تمثيلو ن ۽ علامتون ڏنيون اٿن جن جو مذهب ۽سماج سان گهاٽو واسطو نظر اچي ٿو. ڊاڪٽر اعجاز حسين لکي ٿو ؛ اردو وارا هر ان شيءِ کي اکيون ٻوٽي پنهنجي شعر ۾ جڳهه ڏئي رهيا هئا، جيڪا فارسي ۾ نمايان درجو حاصل ڪري چڪي هئي. اهڙي ريت توهان انساني بزم کان ٿوري دير لاءِ قطع نظر ڪري، عقيدي جي دنيا ۾ اچو ته معلوم ٿيندو ته هت به ساڳيو ئي عالم آهي، مذهب ته ڇا، مذهب جي خلاف اعلانيه اهڙن عقيدن تي شاعري ڪيل آهي جو سراسر اسلام جي منافي آهي، مثلن بت پرستي، رندي، شاهد بازي ۽ اهڙي قسم جي بي شمار خيالن تي شعر چيائون. (3)

شاعري جا مختلف لاڙا رهيا آهن. وقت جوان ۾ وڏو عمل دخل رهيو آهي. جهڙي طرح اسان جي مشرقي تهذيب ۾ مغربي قدرن جي جهلڪ روز بروز وڌي رهي آهي. انهي لحاظ سان هن دور ۾ موضوع ۽ ان جي اظهار جي سلسلي ۾ مغرب جي رنگ کان بچڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، اهڙي ريت هر دور ۾ حاڪم طبقي جو ڪلچر ۽ تهذيب شامل ٿيندو رهيو آهي. اردو ادب ۽ سنڌي شاعري پنهنجي دور جي ايراني ادب جو اثر دل کولي قبول ڪيو، پرجن شاعرن جهڙوڪ لطيف سائين ڪنهن به موقعي تي اهو بار کڻڻ لاءِ تيار نه ٿيو. باقي هڪ شيءِ جيڪا سڀني شاعرن ۾ ساڳي نظر اچي ٿي اها آهي روايتن سان فن جو رشتو. لطيف سائين اهڙي رشتي کي نه صرف قبول ڪيو، پر پنهنجي شاعري ۾ به منتقل ڪيو. اهوئي سبب آهي جو ساڻس هر وقت مولا نا رومي جي مثنوي ساڻ هوندي هئي. ڊاڪٽر اعجاز حسين جن عقيدن جو مٿي ذڪر ڪيو آهي سي دراصل حالتن مطابق روايتي ۽ فني اصطلاح آهن. جن کي جديد دور ۾ علامت ڪوٺي سگهجي ٿو.

لطيف سائين بنا تفريق جي مذهب ۽ اسلامي قدر سان گڏ پنهنجي سماج مان به سماجي علامتون چونڊيون آهن، جيڪو سندس فن ۽ روايتن جي رشتي جو ثبوت آهي.سر مارئي ۾ سنڌي ثقافت ۽ روايت جو عڪس نمايان نظر اچي ٿو. روايتن جي سلسلي جو ٻيو پاسو، روايتن جي باني حضرت انسان ( پهرين) سان وڃيو ملي ٿو. ان ڪري لطيف سائين جون علامتون ڪائنات ۽ انسان جي وچ ۾ هڪ رشتو آهن، انهي رشتي جي مناسبت سان سر مارئي ۾ اپٽار ٿيل آهي، جنهن ۾ انسان جي پئدائش کان مرڻ تائين وجود جي بقا ۽ مقصدن جي تڪميل جو فلسفو سمجهايو ۽ سلجهايو ويو آهي. لطيف سائين چوي ٿو.

قسمت قيد قوي، نات ڪير اچي هن ڪـوٽ ۾،

آڻـئي لکـئي لـوح جـي، هـنـڌ  ڏيــکاريـم هـــي،

پـرچـي ڪيـن پهنـوار ري، جـــان جسـو ۽ جـيءُ،

راجــا    راضــي  ٿــي،   ته  مــارن   مـلي   مـارئـي.

 ( 1 ـ 8)

قسمت ۽ تقدير جو مسئلو اڄ تائين اختلاف جو سبب بڻبو آيو آهي، انسان جي پئدائش کان وٺي هن مسئلي جي ڇنڊ ڇاڻ تي ڪافي بحث مباحثا به ٿيندا رهيا آهن، پر هي مسئلو پنهنجي جاءِ تي مسئلو ئي بڻيل آهي.

تقدير ۽ جرم وسزا جي مسئلي تي هن وقت تائين ٻه مختلف خيال رکندڙ گروه پيدا ٿيا آهن، جن مان هڪ جبريه ۽ ٻيو قدريه مشهور آهن. جبريه جي خيال مطابق انسان پنهنجي اعمالن جي سلسلي ۾ قدرت آڏو مجبور ۽ بيوس آهي قدرت طرفان سندس حق ۾ جيڪي به فيصلا ٿي چڪا آهن انهن ۾ ڪنهن جو ڪو عمل دخل ڪونهي.هن تقدير کي مبرم يعني اٽل چئبو آهي. هن خيال مطابق ارسطو جي نظرئي موروثي جبر جي پٺڀرائي ٿئي ٿي، جنهن مطابق جهڙو نظام اعصاب جو تهڙو مزاج ۽ تهڙي صلاحيت ۽ فطرت ماڻهو جي. (4)

نظرئي قدريه تي يقين رکڻ وارن جو خيال آهي ته انسان پنهنجي عمل ۽ فعل ۾ آزاد ۽ مختيار ڪل آهي. هن تقدير کي معلق يعني شرطيه ( Conditional) چئبو آهي، فرائڊ ان نڪتي کي هيٺين ريت واضح ڪيو آهي، جهڙو ماڻهو ءَ جو سماجي تجربو ۽ سندس سماجي پس منظر اهڙوئي ان جو مزاج. (5) هن نظرئي کي نفسياتي جبر وارو نظريو چيو وڃي ٿو.

ارسطو جي ڀيٽ ۾ فرائڊ جو نظريو نفسياتي جبر ڪنهن حد تائين اسلام جي دين فطرت هجڻ جي لحاظ کان قرين قياس معلوم ٿئي ٿو. تقدير مبرم  مان مراد آهي، دائمي ابدي فيصلن جو صادر ٿيڻ ۽ ان ۾ نا اميدي يا مايوسي جو عنصر شامل ڪونهي، ڇو ته نيڪي ۽ بدي جو اڳواٽ ٻڌائي ڇڏڻ اهڙو اشاروآهي، جنهن مطابق انسان پنهنجي عمل لاءَ آزاد ۽ خودمختيار آهي، روسو انهي ڳالهه جو حامي هو ته انسان نيڪ ڄائو آهي ۽ اهو سماج ئي آهي جيڪو، هن کي برو ٿو بڻائي. ( 6) ۽ انهي ريت روسو ۽ ٻين عالمن خدا ۽ شيطان متعلق يعني بدي ۽ نيڪي جي مسئلي تي ڪافي سوال اٿاريا. هنن ڏٺو ته مذهب ته بدي لاءِ لفظ شيطان جو تصور ڏنو آهي ۽ نيڪي لاءَ خدا،پر جيڪي ماڻهو خدا جو تصور ئي نٿا رکن، انهن آڏو ته شيطان جو تصور به عدم آهي، اهڙا ماڻهو بدي کي سماج جي بڻايل هڪ صورتحال سمجهن ٿا.ڪن جي خيال مطابق بدي روايتن ۽ ڪلچر جي پئداوار آهي، يعني اها انسان جي ٺاهيل شيءِ آهي ۽ انسان جي ئي خلاف ڪم ڪري ٿي. روسو ( Rossue) ۽ منٽي اسڪيو (Mantesquieu)جهڙن عالمن انهن مسئلن کي سلجهائڻ ۾ اقتصاديات کي بنيادبڻايو، هنن جي خيال مطابق فرد جي بگاڙ جو سبب سماج آهي. سماج جو سڌ ارو ئي فرد جي سڌار جو سبب آهي هنن نيڪي کي ازلي ۽ بدي کي عارضي ڄاتو.

هنن عقليت ( Rationalism) کي اهڙي سڌاري لاءِ ڪار آمد سمجهيو ۽ چيائون ته جيڪا به شيءِ عقل سليم آڏومناسب نه هجي، سا بُري آهي. اهڙي طرح هنن جو خيال هو ته عقل سليم اهو تسليم نٿو ڪري، ته وڏيري جو پٽ وڏيرو هجي، پير جو پٽ به پيري اختيار ڪري، ٻهاريدار هميشه ٻهاريدار رهي، ڪڙمي جو پٽ ڪڙمي ۽ ڊکڻ جو پٽ ڊکڻ ئي رهي. ان ڪري هنن چيو ته اهڙو سماج هٿرادو آهي ۽اسان ان کي ڊاهي وجهنداسين. فرانس ۾ هنن ان ڪري پهريون ڪم اهو ڪيو جو جڏهن فرينچ پارليامنٽ ڪم شروع ڪيو، تڏهن پهرين قانونن ۾ اهو قانون به پاس ٿيو ته اڄ کان وڏيرپ ( Nobility) پنهنجي سڀني لواز مات سان گڏ ختم. ( 7).

اسلام ۾ انهي فلسفي کي تقويٰ جي نظرئي مطابق سلجهايو ويو آهي، جنهن ۾ رنگ ۽ نسل، ذات پات جي تفريق ختم ٿيو وڃي     ٿي. هر ماڻهو پنهنجي نصيب جو خود معمار آهي. سندس تقدير جو عمل نيڪي ۽ بدي تي حاوي نه آهي ۽ نه ئي دين فطرت جي اها تقاضا آهي، تقدير جو سهارو وٺي چپ چاپ گم سم زندگي بسر ڪرڻ ۽ محنت ۽ ڪوشش کان ڪنارو ڪرڻ رهبانيت آهي ۽ اسلام ڪنهن به صورت ۾ ان کي جائز ڪونه ٿو سمجهي. لطيف سائين مٿين بيت ۾ به مسلسل ڪوشش ۽ جستجو ڏانهن واضح اشارو ڪيو آهي، هو چويٿوته ؛ پرچي ڪين پنهوار، ري جان جسو ۽ جيءِ يعني پرين پرچائڻ يا مقصد جي حاصلات لاءِ قرباني ضرور ڏيڻي آهي، لطيف سائين بيت جي مٿين ٻن سٽن ۾ سوال اٿاري جواب به پاڻ ٿو ڏي.

قرباني سان ئي تقدير ۽ قسمت ۾ ڦيرو اچي ٿو ۽ انهي عمل سان مقصود حاصل ٿئي ٿو ۽ نتيجي ۾ ماڻهو ( فرد) ذهني ۽  سماجي طور تي آزاد ٿئي ٿو. معلوم ٿيو ته اعمالن جو نتيجو، ذهني ارتقا ۽ ماحول تي مدار رکي ٿو. ان لاءِ پاڻ کي بدلڻو    پوندو، پنهنجي تصورن ۾ تبديلي ۽ ارادن ۾ مضبوطي پيدا ڪرڻي پوندي،

پرچي ڪين پهنوار، ري جان جسو ۽ جيءُ مان مراد آهي ته جيڪي ماڻهو مايوسي ۽ خاموشي کي تقدير جو نالو ڏيئي غير عملي ۽ بي حسي جو مظاهرو ڪن ٿا  سي پهنوار کي پرچائي نٿا سگهن. گهر ويٺي گهوٽ ٿيڻ جي ڳالهه ناممڪن ۽ بي وقتي آهي. ڊاڪٽر تنوير عباسي سنڌي سماج کي مسلسل اذيتن ۾ وڪوڙيل ڏسي ان کي تقدير پسند سڏيو آهي ۽ لطيف سائين به پنهنجي شاعري ۾ ان  تقدير پسنداڻي (Fatalist) ماحول جو اثر قبول ڪيو آهي، بهرحال هن انهي مسئلي کي تحقيق طالب به سڏيو آهي. (8) مان انهي ڳالهه جو آهيان ته لطيف سائين جي سڄي شاعري جو مجموعي تاثر جدو جهد آهي. هن ڪٿي به اهڙي ڳالهه ڪونه آهي جنهن مان مايوسي جو پهلو نمايان ٿئي.تقدير جي مسئلي متلق هيٺيو ن بيت پڙهندا. هن بيت جي عامي تصور کي ڇڏي، مجموعي تاثر کي ڏسبو ته حقيقت سامهون ايندي. لطيف سائين چوي ٿو ؛

جي امر هنيو ن اڌ ڪري، سي ڪاغذ لکان ڪيئن ؟

واڳون    جي   وصال   سين ،  تنين   چاڙهي    چيهن !

رئان   راتو   ڏينهن،  جيئن  ان  جي  وائي  ۾  ورگهڻا.

(2 ـ 5)

هن بيت جو مجموعي تاثر فرد جي بيداري، جستجو ۽ انقلاب زندگي آهي، جنهن ۾ سندسءِ دور جي حاڪمن جي ڏاڍ ڏمر ۽ منافقي کان سماج کي آگاهي ڏني اٿس.هن بيت ۾ امر ڪاغذ واڳون  ۽ چيهن سڀ علامتون آهن

مٿين بيت ۾ لطيف سائين جنهن ڪاغذ ڏانهن اشارو ڪيو آهي، سو عام رواجي ڪاغذ نه آهي بلڪ اها هڪ لکيل عهد نامي (Pact) جي ڳالهه ٻولهه آهي جيڪا ڌارين حاڪمن، لطيف جي ديس واسين سان امن ۽ خوشحالي جي حوالي سان ڪئي هئي.

لطيف سائين چوي ٿو ته حاڪم ٽولي کي عهدنامي (Pact) جي ڪابه پرواهه ناهي. اهي ته لکيل عهدنامي جي ڪا حيثيت نه ڄاڻندي، هڪ ئي حڪم جي نوڪ سان، ان کي ڦاڙي ٻه اڌ ڪري ڦٽو ڪن ٿا ۽ خوشحالي ۽ امن گهرندڙ امن پسند ماڻهن کي ڦاهي تي لٽڪايو ڇڏين ٿا. لطيف اهڙي غاصب ٽولي کان پنهنجي سماج کي خبردار ڪندي چوي ٿو ته ؛ مونکي روئڻ انهيءَ ڳالهه تي ٿو اچي ( يعني روئڻو انهي ڳالهه جو آهي) جو انهن منافقن جي ڳالهه ٻولهه ۾ ڪو ٽڪاءُ ۽ يڪسوئي ڪونهي، يعني اهي واعدي جا پڪا نه آهن اهڙا معاهدا غير ملڪي حملي آور وقفي وقفي ۾ وقتي مصلحت تحت مقامي ماڻهن سان ڪندا رهيا، پرسندس ڪوبه واعدو سچو ۽ پڪو ڪونه نڪتو. ڄام فيروز سا ن ڪيل واعدو به انهي سلسلي جي ڪڙي آهي، جڏهن کانئس مطلب ڪڍيائون ته پوءِ کيس واٽ کان هٽائڻ لاءِ ساڻس ڪيل عهد نامي جو ڪو احترام ڪونه ڪيائون ۽ مٿس شاهه بيگ ارغون جي مرڻ تي خوشيو ن ملهائڻ جو الزام مڙهي، حملي جو اعلان ڪيو ويو. (9) اهڙي طرح ڄام فيروز جي ڪڇ ڀڄي وڃڻ کان پوءِ سندس حمايتن کي ڦاهي تي لٽڪايو ويو. ڌاريا هر موقعي تي سنڌين سان دغا ڪندا آيا. ڄام فيروز ۽ ارغونن جي وچ ۾ جيڪو آخري معرڪو چاچڪن ۽ راهمن ڳوٺ وٽ ٿيو هو، تنهن ۾ سنڌي لشڪر ارغونن کان اهڙي خاطري ورتي ته مقابلو گهوڙن کان هيٺ لهي ڪيو ويندو، پر جيئن ئي سنڌين جو لشڪر گهوڙن کان هيٺ لٿو تيئن ارغونن واعدي جي خلاف ورزي ڪندي گهوڙن تي سوار مٿن حملو ڪيو. (10)

لطيف سائين ڌارين جي اهڙين چالبازين کان واقف هو تنهن ڪري هنڌ هنڌ پنهنجي سماج کي علامتي انداز ۾ اهڙي آگاهي ڏني اٿس. مٿين بيت ۾ به غاصبن جي اهڙي ئي چالبازين جو ذڪر آهي.انهيءَ بيت ۾ لفظ امر مان جبريه فلسفي يا تقدير پسندي مراد ورتل نظر نٿي اچي. لطيف سائين انهي ڪريئي سڀني غريب ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ جي ڪوٺ ڏي ٿو.

ٿر ٿر اندر ٿاڪ، عمــر! ماروئــڙن جا،

لاٿائون لطيف چئي مٿان لوئــي لاک،

عمر ڪريو آک، پهريو ٿي پن چران.

 (2 ـ 7)

ماروئڙن مان مراد ڌرتي جا سڀ غريب ماڻهو وٺي سگهجي ٿي ٿر ٿر معني ٰ ڌرتي جو چپو چپو يعني پوري ڪائنات. عمر هڪ جابر حاڪم ۽ استحصال ٽولي ڏانهن اشارو آهي، جيڪو جياپي جي سڀني ذريعن تي قابض آهي. لطيف سائين چوي ٿو ته غريب ماڻهو جيڪي پيٽ جي باهه کي ڀري نٿا سگهن سي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود آهن، يعني انهن جي گهڻائي آهي. اهي جتي به هجن، پر سندن پاڻ ۾ واسطيداري آهي. لطيف سڀني غريب ماڻهن کي هڪ احتجاجي پليٽ فارم تي گڏ ڏسڻ جو خواهشمند آهي. انهي ڪري ڇوي ٿو ته انهي پيڙهيل ٽولي، پنهنجن ماڻهن جي پٺڀرائي ۾، ۽ ظالم حاڪم خلاف پنهنجي لباس ۽ ٺاهه ٺوهه واري هلت چلت ۾ تبديلي آڻي ڇڏي آهي، اهڙي ريت ئي آزادي سان کاڌ خوراڪ ۽ ٻيون شيون حاصل ڪري سگهن ٿا.

لطيف سائين کي اهڙا نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ تبدل پسند ماڻهن جي ضروررت آهي، جن جا اصول پختا ۽ عزم اٽل هجن. چوي ٿو ته ؛

سهسين سيباڪنجري، لوئي ليڙ ٿيام،

اباڻن جي آسري ڪتي ڪانه ڪــيام،

جاڍٽ ڍڪيام، تن جو پرورپن رهائين،

 ( 2 ـ 9)

مٿين بيت ۾  ڪنجري، لوئي ۽ ڍٽ  علامتون آهن، جنهن ۾ صرف عمر مارئي جو قصو نه آهي پر هڪ اهرو آئيڊيا آهي، جنهن ۾ هڪ سماج سڌارڪ ۽ اصولن جي پڪي انسان جي ڳالهه آهي. عمر ڪوٽ مان قيد جو تصور اڀري ٿو، ملير هڪ وطن جي علامت آهي اهو لفظ ملير مان اسرندڙ تصور آهي، منز ل يا ماڳ ڏانهن اشارو به آهي لوئي ست ۽ حياءَ جو تصو ر ڏي ٿي. اهي سڀ علامتون علائقا ئي (Regional symbols) آهن

مقصدي ماڻهو پنهنجي پوئلڳن جي اعتماد ( لوئي) کي لڄائي نٿو. هو سون، روپي ۽ ٻين قيمتي لالچن تي لبجي نٿو بلڪ انهن جي هر آڇ کي ٿڏي ڇڏي ٿو ۽ پنهنجن ماڻهن سان ڳانڍاپي کي اهميت ڏي ٿو. هو قيد و بند ۾ به پنهنجن سان ڪيل واعداوساري نٿو.

لطيف سائين جو مقصد ي ماڻهو ڪو عام رواجي انسان نه آهي. هو دلير ۽ سر موڙ فرد آهي ۽ وقت جي جبري حاڪم آڏو پنهنجي وجود جو سماج سان واسطو ڏيکاريندي ڪيٻائي ڪونه ٿو. حب الوطني جو اهوئي ڪائناتي طريقو آهي. حب الوطني جي تهه تائين پهچڻ لاءِ اهو ڏسڻو آهي ته، فرد پنهنجي شخصي مقصدن کي اجتماعي مقصدن لاءِ قربان ڪيو آهي. پنهنجي زندگي کي ساڳي مهم لاءِ وقف ڪري رکيو آهي، جنهن جي لاءِ هن جي هم وطنن پنهنجون زندگيون وقف ڪري ڇڏيو ن آهن. يا هن گهٽ ۾ گهٽ زبان سان انهي مهم ۾ شريڪ ٿيڻ جو اقرار ڪيو آهي يا هو وري پنهنجي پاڙيسرين ۽ پنهنجي خاندان جي لاءِ هر قرباني لاءِ آماده رهي ٿو.

لطيف سائين مٿين بيتن ۾ ڪامل فرد ۽ سماج جي وچ ۾ اهڙي ئي رشتي کي ظاهر ڪيو آهي. اهو جيتوڻيڪ لطيف جو ذاتي معاملو آهي، پر ان جي باوجود به دنيا جي ڪنهن به قومي رهبر ۽ هيرو ( Hero) تي نظر وجهبي ته اهي سڀ انهن ئي خوبين جا مالڪ نظر ايندا. لفظ مارئي ايثار ڪندڙ انسان جي علامت ۾ ڪم آيو آهي، لطيف سائين جي نظرن ۾ به قرباني ڏيندڙ انسان جي وڏي اهميت آهي، انڪري لفظ پنهنجي علامتي مفهوم سان سڃاتو وڃي ٿو.

ڊبليوــ بي بيٽس جي نظر ۾ مڪمل صوفياڻو اهڃاڻ اهو آهي جنهن جي دوران ڪابه ڪهاڻي، فڪر يا فطرت جي ڪنهن به شعبي ۾ پڙهي سگهي ٿي. پوءِ اهو طبعي، مذهبي يافلسفياڻو ڇو نه هجي.اهي سڀ ڳالهيون ان هڪ ۾ موجود آهن. (10)

فطرت ۽ فڪر جي لحاظ کان واقعي شاعر پنهنجي قوم جا مزاج شناس، رهبر ۽ ڏيهه جي هر رهواسي جي عمل کان پوري ريت واقف هوندا آهن. هر قوم ۾ ڪانئر ۽ قوم فروش به پيدا ٿيندا  آهن ته قومي ساڃهه رکندڙ مٿير به. شاعر جڏهن به قومي تقاضائن جي ڳالهه ٻولهه ڪندو ته اهڙن قومي ساڃهه رکندڙ ماڻهن کي سمبل بنائي پيش ڪندو. مارئي جو اهڃاڻ قوم پرستي ۽ عزم تي  د لالت ڪري ٿو، ڏسو ؛

سنهي سئي سبيو، مــون ماروءَ سين سـاهــه،

ويٺي ساريان سومرا، گولاڙا ۽ گــــاهه،

هنئيـون منهنجو هت ٿيو، هـت مٽي ۽ ماهه،

پکــن منجهه پســاه، قالب آهي ڪــوٽ ۾.

 ( 7 ـ 12)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com