سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه لطيف جو علامتي شعور

 

صفحو :17

 

لطيف سائين جا آدرشي انسان

 

سر رامڪلي ۾ لطيف سائين ءَ جي انهن تجربن ۽ مشاهدن جي اپٽار ٿيل آهي، جيڪي گنجي ٽڪر کان هنگلاج ڏانهن ويندي واٽ تي کيس سامهون آيا. جن ماڻهن سان گڏجي لطيف سائين اهو سفر اختيار ڪيو، سي سڀ ڌيان ۽ گيان واريون هستيون ڪري پيش ڪيون اٿس. اهي سڀ ڪردار هن سنسار جي گيانين، سنتن ۽ آدرشي انسان جو تصور آهن. هن سر ۾ لطيف سائين جيڪي ڪردار پيش ڪيا آهن، انهن کي هي نالا ڏنا اٿس.

لاهوتي، بيراڳي، ويراڳي، ڪاپڙي، جوڳي، بيکاري، بابو، سامي، نانگا، ڪن ڪٽ، آديسي، ڪن چير، ڪنوٽيا، سنياسي، لانگوٽيا، فقير، پوربي، گودڙيا، مهيسي، ريگڙيارا، صابري، جبروتي ۽ راول وغيره  .

رهيا  اٿئـي  رات،  صـبح  وينـــدءِ  صـابـري،

لنءُ لنءُ منجهه  لطيف چئي، ڪر تنين جي  تات،

سندي جوڳين ذات، ٻي ڀيري  مـــس مـــڙي.

( شاهواڻي ؛ 8 ـ 1)

اهي مقصدي انسان، هر مصيبت کي صبر سان سهڻ جا عادي آهن. حيات انساني جي بقا ۽ بهبوديءَ لاءِ اهڙا انسان پنهنجي وجود جي پرواهه نٿا ڪن. اهي ٻاهرين ٺاهه ٺوهه کان وڌيڪ اندر جي اجرائي تي ڌيان ڏين ٿا.جي من ميرو ٿيو ته ڪوبه مقصد پلئه ڪونه پوندو، ان ڪري سرير جي سگهه سان گڏ روح جي روش تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي. لطيف تڏهن ته چيو آهي ته آدرشي انسان جي صحبت مان مستفيض ٿيڻ گهرجي، ڇو ته ويندا وري نه ايندا.

اهي آدرشي انسان وحدت الوجود جي فلسفي جا داعي هئا. اهي انسان کي اناعبده جي دائري کان ٻاهر ڪڍي ( يعني فرد جي بيوسي ۽ لاچاري واري حيثيت کي سماج لاءِ هاڃيڪار ڄاڻندي) ان کي اناالحق جي اعليٰ مقام تي وٺي وڃن ٿا.لطيف سائين جيان هر سچي شاعر انهي حقيقت جي اپٽارڪئي آهي. سچل سائين چوي ٿو.

پاڻ  سڃاڻڻ آيو ڙي  سڄڻ پاڻ  سڃاڻڻ آيو.

ڪم          نه    هيڙس     ڪو   ٻيو.

پاڻون ڄــاڻي پاڻ سان هت لنءُ ته لائڻ آيو،

عرش منجهارون اُلهي، هت ورهه وسائڻ  آيو.

سـوليءَ تي منصور ٿي،  هـت سر سلائڻ آيو.

مصر جي  بازار ۾، هت  ملهه   وڪامڻ آيو.

سـچو ري سنسار  ۾، هت  پير  گهمائڻ  آيو.

(2.1)

سچل سائين جي مٿين خيالن ۾ ايڪائي جي ڳالهه ٿيل آهي، جيڪا شيخ حسن بن منصور حلاج ڪئي هئي. شيخ منصور حلاج جي فلسفه وحدت الوجود کي اڳتي هلي ابن العربي زور وٺايو ؛ ان فلسفي جي جواب ۾ شيخ احمد سرهندي جيڪو تصور ڏنو آهي. تنهن کي وحدت الشهود چئجي ٿو، جنهن مطابق انسان  جي عظمت جو دارومدار انهيءَ ۾ مضمر آهي ته هو شڪرگذار بڻجي ۽ ٻانهپ جو مقام حاصل ڪري (2) شيخ احمد سرهندي پنهنجي خانگي زندگي ۾ به غم ۽ الم جي زندگي کي ترجيح ڏئي ٿو. انهيءَ سلسلي ۾ هن جو چوڻ آهي ؛ هن زماني جو بهترين سامان ڏک ۽ تڪليف ۽ هن دسترخوان جي برداشت لائق نعمت الم ۽ مصيبت آهي. (3)

شيخ احمد سرهندي جا طاعون ۾ هڪٻئي پٺيان ٽي پٽ ۽  هڪ نياڻي  موت جو شڪار ٿي ويا ته به هن انهيءَ  موقعي ( حادثي) کي وڏي نعمت ۽ عظيم انعام تصور ڪيو. ( 4) اهڙيءَ ريت هن طاعون جي وبا کي باطن ۾ رحمت قرار ڏنو ۽ ان کان محفوظ رهڻ جي ڪوشش کي صف جهاد کان فرار ٿيڻ جي معنيٰ ۾ ورتو. ان ڪري اهڙي عمل کي گناهه ڪبيره سمجهيائين.(5) شيخ احمد سرهندي زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾  فلسفهء وحدت الشهود کي ڇڏي،فلسفهء وحدت الوجود کي اختيار ڪيو هو. (6) 

شري ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو  جي سر رامڪلي ۾ جوڳين ۽ صابرين جو ذڪر ڪندي، ساڳيو شيخ سرهندي وارو مفهوم حاصل ڪيو آهي. لکي ٿو ؛ هو هميشھ صاحب ڀر پيا ڪنبن ۽ اکين مان ارتو آب پيا وهائين. سندن سير ۽ صحبت سورئي آهي. (7)

مذهبي نفسيات جو اهو پهلو ٻانهپ جي ٻولي ٻولڻ ۾ لڪل آهي، جتي هرڪا شيءَ خدا ڏانهن منسوب ڪري، بندا پنهنجي جان ڇڏايو وڃن. حقيقت ۾ اها نظامِ فڪرجي سادگي واري روش آهي. جيستائين مقصد جو تعلق آهي ته انسان ان جي حاصلات تائين اکين توڙي دل مان ضرورت جا ڳوڙها وهائيندو رهندو آهي. پر اهو سندن مقدر نه آهي ۽ نڪي رب غفور جي منشا، ڇو ته باري تعاليٰ فرمائي ٿو منهنجي رحمت هرشيءِ تي محيط آهي.

هنگلاج لطيف  سائين ٻه دفعا ويو آهي. پوئين دفعي هنگلاج ۾ هن اتان جي رسم بجا نه آندي، ان ڪري  بقول ڪاڪو ڀيرومل جوڳين سان ناسازي ٿي پيس ۽ کيس اڪيلو موٽڻو پيو. (8)

محترم غلام محمد شاهواڻي انهي باري ۾ لکي ٿو ؛ هن جي مسلمان دل ٺڪر ۽ ٺوپر جي پوڄا کان پاڻ پري رکي، وحدانيت جي واٽ ورتي جوڳي کيس انهيءَ ڪري ستو ڇڏي رمندا رهيا. (شاهه جو رسالو ص 1106)منهنجي اها راءِ آهي ته لطيف سائين جوڳين کان ڪنهن به موقعي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪونه ڪيو آهي. البته انهن جي ساراهه ڪئي اٿس ؛

مون سان جوڳين ڳڻ ڪيا،

مون   مان   ڳهـــر     ويئي.

اکين  آرس    ڇڏي   ڏنـو،

۽ آئون ٻيائي کان پاسي ٿيس.

هي هڪ علامتي طريقو به آهي، جنهن مطابق لطيف سائين آدرشي انسان جي دنيا تياڳي وڃڻ تي پريشاني جو اظهار ڪيو آهي.  ڪاڪو ڀيرومل اڳتي هلي اهو اعتراف ڪندي لکي ٿو ته شاهه صاحب انهن جوڳين کان جدا گهاري نٿو سگهي (9).

لکين ڪيا لسان سين، لاهوتن لوڙا،

گهوڙا ڙي گهوڙا! آئون نه جيئندي ان ري.

(3.1)

البته هڪ ٻي روايت آهي، جيڪا محمد سومار شيخ، پنهنجي ڪتاب لطيف سائينءَ جا لاڙ تان ڀيرا(ص 93) تي بيان ڪئي آهي. گروڀڳت ميڪڻ، جو بدين جو مها جوڳي ۽ نيڪ سيرت ماڻهو هو، شاهه حبيب پنهنجي پٽ کي کانئس ويدانت جا سبق حاصل ڪرائڻ لاءِ وٽس وٺي آيو هو. ڀڳت ميڪڻ سکيا وقت شاهه لطيف کي جوڳ جي واٽ نه ٻڌائي هئي، تڏهن پاڻ چيو هئائين.

هڪ جوڳي، ٻيا گهوٻي، ٽيا ڪنوٽي ڪن چير،

هنيائون  حال  جون،  سڱيون  منجهه  سرير،

ڦورو  ٺـــڳ  فقير،  ريبي  راند  کڻي  ويا.

پوءِ شاهه صاحب کانئس ناراض ٿي هليو ويو هو. نيٺ گرو کيس راضي ڪري پنهنجي ڪٽيا ۾ وٺي آيو ۽ جوڳين سان گڏجي، انهن جي رسمن رواجن کي پروڙڻ لاءِ گنجي ٽڪر ۽ هنگلاج جي سير لاءِ به کيس موڪليو هئائين. اهائي روايت جوڳين سان ناراضگي جي سلسلي ۾ درست تسليم ڪري سگهجي ٿي. سچا انسان تاريخ جي هر دور ۾ سماج ۾ اڻ برابري ۽ ناحق واريءَ هلت خلاف آواز اٿاريندا رهيا آهن. اهڙن سچن ماڻهن جو آواز دٻائڻ جي هر دور ۾ ڪوشش ڪئي ويئي آهي. لطيف سائين رامڪلي جيان، اهڙن مهان شخصيتن جو ذڪر ڪلياڻ،  يمن ڪلياڻ، سريراڳ، سامونڊي، ڏهر  ۽ کاهوڙي وغيره سرن ۾ به ڪيو آهي. اهڙا باڪردار ۽ صالح انسان، جڏهن ڪن سماج ويرين ۽ برن انسانن جي هوس جو نشانو بڻجن ٿا، تڏهن سماج جي هر فرد جي دل ان جي ياد ۾ ڳوڙها وهائيندي ۽ ڏک جو اظهار ڪندي آهي. لطيف سائين به انهن ۾ شامل آهي.

نڪي کڻن پاڻ سين، نڪو ساڻن پاڻ،

اهڙا جن اهڃاڻ، آءٌ نه جيئندي ان ري.

( شاهواڻي، 1 ـ 31)

اهي ماڻهو پنهنجي دور جا باغي ۽ پنهنجي وقت جا وڏا  ڏاها ليکيا وڃن ٿا. اهي آهن ؛ سيد علي هجويري، داتا گنج بخش، عثمان مروندي لعل شهباز قلندر، شيخ شرف الدين بوعلي قلندر. قلندر لعل شهباز جو سنڌ سان  ۽ بوعلي قلندر جو دهلي ۽ پاڻيپٽ سان واسطو هو. قاضي جاويد لکي ٿو ؛ مشرق وسطيٰ جي علائقن م قلندري نالي جو هڪ فرقو موجود هو، جنهن عثماني عهد ۾ اناطوليه ۽ رومانيه جهڙن مرڪزن کان پري علائقن ۾ سياسي شورش پيدا ڪئي هئي ۽ سلجوقي عهد ۾ به اهي اهڙين ئي ڪارواين ۾ مصروف رهيا هئا. برصغير ۾ انهن جي سڌي سنئين وابستگي خارج از امڪان آهي. ( 10) عثمان مروندي آذربائيجان علائقي جي اسماعيلي فرقي سان واسطو رکندڙ هو. اسماعيلي فرقي جو اثر سيوهڻ ۾ به گهڻو هو. ان ڪري هو جڏهن پنهنجي وطن جا وڻ ڇڏي برصغير ۾ آيو، ته هن سيوهڻ کي رهڻ لاءِ پسند ڪيو، جتي تصور جي سهروردي طريقي کي عام مقبوليت حاصل هئي. هن جا خيال وحدت الوجود جي فلسفي مطابق هئا.لال شهباز 1274 ع ۾ وفات ڪئي. انهيءَ کان پوءِ تصوف جي انهي ءَ بنياد تي شطاريه فڪر کي هٿي ملي. هن تحريڪ جو باني شيخ عبدالله شطاري هو، برصغير ۾ وحدت الوجود جي فلسفي جو باقاعدي سلسلو شيخ صدرالدين کان شروع ٿيو هو، جيڪو شيخ بهاؤُ الدين ذڪريا جو پٽ هو (11). ان بعد مسعود بڪ جو نالو اچي ٿو. سندس ڪتابن نورالعين ۽ مرات العارفين ۾ فلسفه وحدت الوجود تي گفتگو ٿيل آهي.

برصغير ۾ ڀڳتي تحريڪ کي به تمام گهڻي اهميت حاصل آهي. هيءَ تحريڪ پندرهين سورهين صديءَ جي، هندو ۽ مسلمان دانشورن جي سوچ جو منطقي نتيجو هئي. انهيءَ نقط   نظر کي سامهون رکندي، ڪيترن ئي ويدانتي ۽ تصوف سان واسطو رکندڙ دانشورن انهيءَ عمل کي اڳتي وڌايو. هن فڪري تحريڪ جو بنيادي رڪن رامانج کي مڃي سگهجي ٿو. رامانج پنهنجو زياده تر توجهه گهٽ ذات وارن هندن ڏانهن رکيو هو. (12) هن تحريڪ جو بنيادي مقصد ذات پات ۽ ڇوت ڇات جي مخالفت هو، انهيءَ ڇوت ڇات واري نظام ۾ روحاني طور تي آزاد ۽ سماج وادي بڻجڻ ئي ڏکيو مسئلو هو، ان ڪري ڀڳتي تحريڪ محبت کي ئي انساني نجات جو ذريعو ڄاتو. رامانج ڇوت ڇات کان گريز ۽ انسانيت ۽ هيڪڙائي جو سبق ڏنو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي مقالي سنڌي ۽ هندي شاعريءَ جو لاڳاپو ۾ انهيءَ فڪري تحريڪ جو سنڌي ماڻهن تي اثر پوڻ جي سلسلي ۾ لکي ٿو ؛ ڪبير، گرو نانڪ، دادو ديال سمن، تلسي، رحما ن ۽ ڪالو وغيره جاهندي دوها، سنڌي ۾ به عام مروج ۽ مقبول هئا. ڀٽائي صاحب جهڙي اهل دل ۽ عارف وٽ به انهن جو قدر هو. ڀٽائي صاحب وقت بوقت انهن دوهن کي دهرايو،  ۽ انهيءَ ڪريئي اهي دوها ڀٽائي صاحب جي رسالي ۾ سر بيراڳ هندي هيٺ، هڪ اهم باب جي صورت ۾ قلمبند ٿيا. (13) لطيف سائين سر رامڪلي ۾ جن جوڳين ۽ لاهوتين جا نشان پتا بيان ڪيا آهن، سي سڀ انهيءَ فڪري تحريڪ سان واسطو رکندڙ  معلوم ٿين ٿا. هن تحريڪ کي اڳتي وڌائڻ ۾ رامانند انهيءَ کان پوءِ تلسي داس (رامائڻ جو ترجمو ڪندڙ) جو اهم هٿ آهي. پر سڀ کان پراثر ۽ اهم شخصيت ڀڳت ڪبير جي آهي. محترم تنوير عباسي لکي ٿو ته : هو مٿاهين شاعر هئڻ سان گڏ عوامي شاعر پڻ هو. هن جي شاعري پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل  طبقن ۾ هڪ جيتري مقبول هئي. (14) ڀڳتي تحريڪ جي ٻين رهنمائن جيان ڀڳت ڪبير به پنهنجي فڪر کي گيتن جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي. هو ويدانت فلسفي جو قائل آهي. تنهن هوندي به هن جي آڏو قرآن مجيد جي فرمان موجب غيب ۾ رهندڙ طاقتور هڪ خدا جو تصور به واضح طور تي موجود آهي. لطيف سائين تي به ڀڳت ڪبير جي انهيءَ تحريڪ جو اثر رهيو آهي. ڊاڪٽر بني بخش خان بلوچ لکي ٿو ؛ ڀٽائي صاحب جهڙي اهل دل ۽ عارف درويش ڪبير جي هن مؤحدانه نظريي جي حقيقت ۽ جاذبيت کي محسوس ڪري، ان کي پنهنجو ڪيو. (15) ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي انهيءَ سلسلي ۾ لکي ٿو ؛ لطيف سائين ڀڳتي تحريڪ ۾ حصو ورتو، جيڪا گرو نانڪ ( 1469 ـ 1539) جي تعليم جي واسطي سان سنڌ ۾ پکڙي (16) ساڳئي حوالي سان محترم تنوير عباسي لکي ٿو ؛ هو  ڀڳتي تحريڪ جي اهم شاعر تلسيداس جي رامائڻ کان به متاثر ٿيو  آهي. (17) پنهنجي سفر هنگلاج ۽ لاهوت ياترا ۾ لطيف سائين جوڳين جي تحريڪ کي اکين سان ڏٺو. انهن سان ڪچهريون ڪيائين. هو ان جوڳين کي نفس جي تپسيا ۾ اتم سمجهي ٿو. کين بي غرض ۽ خودي کان خالي ڄاڻي ٿو.

جي ڀانئين جوڳي ٿيان ته سڱ سڀيئي ٽوڙ،

جي ڄاوا نه ڄاپندا، جيءُ تنين ســـين جوڙ،

ته تون پهچــين توڙ، محبـــت جي ميدان ۾.

(2.4)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com