سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه لطيف جو علامتي شعور

 

صفحو :4

شاهه لطيف جي سر ڏهر جو علامتي مطالعو

 

شاهه عبداللطيف ڀٽائي ( 1689ع ـ 1752) هڪ ڪلاسڪ شاعر آهي سندس شاعريءِ جون انيڪ خوبيون آهن انهي لحاظ سان هرهڪ شاعرانه خوبي تي جدا جدا باب لکي سگهجي ٿو.

سوسن. ڪي لينگر لکي ٿي ته لفظ علامتون به آهن بلڪ اهي تصور آهن جيڪي انهن لفظن سان وابسته آهن، انهي ڪري اهو وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته علامتون انساني تصورن جون پئداوار آهن ۽ اهي صرف انسان ئي پنهنجي تجربي، اعتقاد ۽ نظرئي جي بنياد تي سمجهي ۽ منتقل ڪري سگهن ٿا. جانورن جي دنيا ۾ نشانن جو تعداد تمام گهٽ آهي ۽ انهن وٽ اشارا تمام ٿورا آهن ۽ جڏهن ته انهن وٽ علامتون بلڪل ڪونه ٿينديون آهن. فرينڪ لوريمر (Frank   lorimer) پنهنجي ڪتاب ’’ The   Growth of  reason ‘‘ ۾ لکي ٿو ! علامت لفظي عمل جي مطالعي جو ذريعو آهي ۽ ان جي مدد سان اسين انسان جي ذهن جي جوڙجڪ ۽ واڌاري جا سبب معلوم ڪري سگهو نٿا.هن طرح علامت کي استعمال ڪرڻ لاءِ هڪ شاعر شين (Objects) کي سڌو سنئون بيان ڪرڻ بجاءِ انهن کي نيون معنائون ڏي ٿو. انهي صورت ۾ شاعر جو اصل ڪمال تڏهن ليکبو جڏهن شعرظاهري طور تي به پنهنجي Situation  جي لحاظ کان، حِظ حاصل ڪرڻ جو ذريعو ثابت ٿئي. اهڙي ئي بصيرت افروز ۽ مٿانهين معنيٰ (Higher  Meaning) واري شعر کي علامتي شعر ڪوٺجي ٿو.

 اچو ته هيٺ لطيف سائين جي سر ڏهر جو علامتي اڀياس ڪريون،

 سرڏهر تي اهو نالو داستان پهرين جي مناسبت سان پيو آهي. هن سر ۾ لطيف سائين ٿر جي سفر دوران ڪنهن ڏهر مان گذرندي، انهن ڳالهين کي ظاهر ڪيو آهي جيڪي کيس مشاهدي ۽ تجربي هيٺ آيون آهن. اهي سڀ ڳالهيون ۽ مشاهدا ڪنهن آفاقي حقيقت سان واسطو رکن ٿا نڪي صرف تاريخي واقعن سان. وارئ جي ڀٽن جي وچ۾ ڏاڍي زمين وارو وڏو ڪشادو ماٿر يا ميدان جو پوک لائق ياڳوٺ ٻڌڻ جي ڊول جو هجي تنهن کي ٿر ۾ ڏهر سڏين ٿا. اتر سنڌ ۾ اهڙي قسم جي ماٿر کي ٻيگهو سڏيو وڃي ٿو. اها زمين جيڪا ٻن واهن جي وچ۾ هجي ياڀٽن جي وچ۾. هن سر ۾ چار داستان آهن، پهرين داستان ۾ ڪنڊي جي وڻ سان علامتي ڳالهه ٻولهه ٿيل آهي ته ڪيئن ماضيءَ ۾ هتان مهراڻ وهندو هو ۽ واپارين ۽ سونگين جو راڄ هو. مڇ جي مستي به مهراڻ جي ڪري هئي. ٻي داستان ۾ خدا وند ڪريم ۽ نبي ڪريم صلعم جن کي رحمت جي علامت طور ڏنو اٿس ٽين داستان ۾ غفلت ۽ لاپرواهي جي اگرن نتيجن کان آگاه ڪيو اٿس. چوٿين داستان ۾ ڪونج پکي، لاکي ڦلاڻي ۽ سندس گهوڙي لکيءَ کي اهڃاڻي حيثيت ۾ پيش ڪيو اٿس. هن سر ۾ جتي ڍوري ڪنڊي ۽ جسودن جو ذڪر ٿو اچي اتي دنيا جي بي ثباتي ۽ الله جي مردن جي اڻاٺ ڏانهن اشارا آهن. ڏهر هي دنيا آهي، جتي ڪڏهن اوج آهي ۽ ڪڏهن زوال، جنهن هنڌ اڄ شاهوڪاري آهي، تنهن هنڌ سڀان سڃ وسندي. جو اڄ ڳاڙهو گهوٽ آهي، سو سڀان مقام ۾ لٽبو. جيئن جسودن جو زور هينئرناهي، تيئن روحاني وڻجارن جو به هينئر قحط آهي. رڳو صاحب ئي ساراهه جو لائق آهي. نالو سندس ئي رهندو، ٻيو سڀ فاني آهي. ڪيڏانهن ويا اهي جُنگ فقير، جي وحدت جي درياءِ ۾ حقيقي ماڻڪن جو وڻج وهائيندا هئا. افسوس جو انهن جو هاڻ نشان به ڪونهي ۽ سندن جاءِ تي اڪ ڦلاريا بيٺا آهن. هن دنيا ۾ ڌڻي جو ئي نالو رهڻو آهي، اهوئي اسان جو پردو ۽ پناهه آهي. جي دنيا تي لبجي، کانئس منهن موڙيو سين ته اسان جو حال به انهي مڇ جهڙو ٿيندو، جو پاڻي ڏسي ڀليو هو ۽ مهراڻ جي سڪي وڃڻ سان موچڙن جي منهن پيو.‘ هن سر ۾ شاهه صاحب ڪونجڙين لاءِ پنهنجي درد جو اظهار ڪيو آهي ۽ سنگهارن کي ساراهيو اٿس جي سخا ۽ مهمانوازي جا ڪوڏيا آهن. ڪڇ جي مشهور ڌاڙيل لاکي جي واکاڻ ڪئي اٿس، ڇو ته هو مسڪين پرور ۽ محتاجن جو پردو رکندڙ هو،

هن سُر ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته انسان دشمن قوتون هر دور ۾ پيدا ٿينديون رهنديون آهن جيڪي پرائي مال جي تاڙ ۾ رهنديون آهن، اهڙين قوتن کان غافل نه ٿيڻ گهرجي، لطيف سائين اهڙين ئي قوتن سان مقابلي لاءِ اڀاري ٿو ۽ انهن قوتن کي انت ياد ڏياري ٿو. ’ مڇ ‘ اهڙيئي علامتي ڪردار جي روپ ۾ آيو آهي، مڇ جي ڪردار کي لطيف سائين بي اعتبار (Unfaithful) جي علامت ۾ ڏنو آهي. مڇ هڪ حريص ۽ انساني قدرن کان ڪريل اهڃاڻ آهي. شيڪسپيئر جي ڊراما  ’ ٽيمپيسٽ ‘ جو ڪردار ڪيليبان (Calybon) لطيف سائين جي مڇ سان مشابهت رکي ٿو.

ڪيليبان اڌ انسان اڌ مڇي آهي. هن جي ماءُ ليپوريڪس هڪ جادوگرڻي آهي. ڪيليبان ڳالهائي سهگي ٿو پر سندس سوچ جو انداز حريص ۽ ڪينه پرور آهي. مڇ هڪ گهڻ معنائو (Symbol) وحشي جيوت آهي، جيڪو سماج ۾ پنهنجي ڪردار ذريعي نفرت ۽ ٻيائي پيدا ڪري ٿو. لطيف اهڙي وحشي قوتن سان آزما ٿيڻ لاءِ انساني ذهن کي تيار ڪري ٿو. مڇ جو ڪردار هڪ استحصالي ۽ سرمائيدارانه ذهنيت جو حامل آهي جنهن جو تصور سرمائيداري ۽ جاگيرداري سسٽم ۾ ملي ٿو،

هن سر جون چند بنيادي علامتون هيٺ ڏجن ٿيون. مهراڻ جسودا، مڇ، ڪونج، لاکو ۽ لکي. مهراڻ سڄي ڪائنات ۽ سڄي انسانيت جي علامت آهي ڪائنات ۾ هر قسم جا انسان ۽ ٻيا وحشي جيوت رهن ٿا، تاريخ اهڙن ڪردارن کان خالي ڪونهي.

’جسودا ‘ اهڙي علامت آهي جنهن جو ڪائنات تي راڄ آهي جن جو مشاهدو باريڪ ۽ عميق آهي، اهي ڪائنات جي سڀني لڪن، لاڙن، پنڌن، ۽ پيچرن جا واقفڪار آهن. مڇ وحشي جيوت آهي، جنهن جي عادت آهي انسان کي اهنج رسائڻ. مڇ بدي (Evil) جو تصور (Concept) آهي. نفسياتي طور تي مڇ ڏسي وائسي انسانن لاءِ مسائل پيداڪري ٿو. هو ڪائنات ۾ رهي، اتي رهندڙ انسانن لاءِ هاڃي جو سبب بڻجي ٿو، هن کي پنهنجي سرمائي تي وڏو فخر آهي ۽ هو، انهي طاقت جي نشي ۾ ڪنهن به انسان کي اهميت نٿو ڏي. مصنوعي فخر کيس ڪنڌ ڀر ڪيريو ۽ قوت ڪم نه آئي ۽ آخر ماڻهن جي موچڙن جو شڪار ٿيو.

’ ڪونج ‘ سماج جي هڪ اهڙي فرد جي ڪهاڻي آهي جيڪو سماج جي هٿراڌو ڏولاون جو شڪار آهي جنهن کان پنهنجي ئي ديس ۾ جيئڻ جا حق کسيا وڃن ٿا، سندس اٿڻ ويهڻ ۽ نشست وبرخاست تي پهرا آهن، ’ ڪونج ‘ اهڙي فرد جي علامت آهي جيڪو سماج جي انيائن کي دورڪرڻ لاءِ سوچي ٿو ۽ پنهنجن جي درد ۽ پيڙا کي هر گهڙي محسوس ڪري ٿو.

’ لاکو ‘ دشمن قوتن لاءِ ڌاڙيل آهي. پر لطيف سائين سندس ڪردار کي مهان سخي جي علامت ۾ پيش ڪري اهم بڻائي ڇڏيو. ’ لاکو ‘ براين کي ختم ڪندڙ ۽ حريص ۽ شرير قوتن کي تڙيندڙ ۽ ڏتڙيل ۽ مسڪين طبقي لاءِ سک ۽ آسائش جي علامت آهي. ’ لکي ‘ لاکي جي گهوڙي جو نالو آهي، پر لطيف سائين ’ لکي ‘ کي معرفت جو ذريعو ڪري پيش ڪيو آهي. نفساني خواهش ۽ وحشي قوتن کي ختم ڪرڻ ۾ لاکي جو ذريعو لکي آهي. انڪري لکي، کي معرفت جي علامت چئجي ته بجا آهي. لطيف سائين چوي ٿو ؛

لکي لاکـــو ٻئي مئـــا،  ٻاجـهه   ٿــــي،

قادر لاٿو ڪڇه تان، اديون اولاڪـو،

وانڍن  ۾  واڪو،  ريٻاڙي  رهي  ويـا.

 ( شاهواڻي ـ 4 ـ 37)

لکي ۽ لاکي جي مرڻ تي، وقت جاجاگيردار خوشيون ٿا ڪن. استحصالي قوتون، اهڙن سماج سڌارڪ هستين ۽ انهن جي پوئلڳن جي هلي وڃڻ کي پنهنجو ڀاڳ ڀائيندا آهن، لطيف سائين اهڙن ئي استحصالي قوتن جي اندر جي ڳالهه ٻولهه ڪري ٿو جيڪي هڪ مهان مرد ۽ سندس حوارين جي موت تي (خاموشي واري روش تي) خوشي جو اظهار ڪن ٿا. لطيف سائين اهڙن انسانن جي دنيا تياڳي وڃڻ تي چوي ٿو؛

سچ ڪه سڪو ڍور، ڪنڌي اڪ ڦلاريا،

جنگن ڇڏيو زور، سر سڪو سونگي گيا،

ڍور ۽ سر ٻئي هم معنيٰ لفظ آهن جيڪي ڪائنات جي معنيٰ ۾ استعمال ڪياويا آهن. اڪ ڦلارجڻ روائتي علامت آهي اڪ ڦلارجڻ معنيٰ جتي وسنءُ نه هجي، يعني هي علامت آهي سڃ ۽ ويراني جي ’ جُنگ ‘ آدرشي انسان ۽ صاحب تصوف ماڻهن جي علامت لاءِ ڪتب آيو آهي. ’ سونگي ‘ معنيٰ آهي محصول وٺندڙ، پر علامتي معنيٰ ٿيندي سونهن ۽ سچائي بخشيندڙ. مٿين بيت جو مطلب آهي ته هي ڪائنات بي بقا آهي ۽ ان جي هميشه هجڻ واري ويساهه ۾ ڦاسڻ نه گهرجي، اڄ جيڪا جوءِ آباد آهي، ساسڀان سڃ ۽ ويراني جو ڏس ڏيندي، جڏهن ڪو ماڳ ئي سڃو ٿي ويندو ته اتي سونهن ۽ سچ رسائيندڙ به ڪونه رهندا. حقيقت ۾ لطيف سائين انهي بيت ذريعي پنهنجي دور جي ترجماني ڪئي آهي. ان وقت ملڪي حالتون اهڙيون هيون جو هر طرف خوف ۽ هراس قحط ۽ ڪلور جو ڏيک هو ۽ ساڳئي وقت، جبر ۽ ڏاڍ واري فضا ۾ آدرشي ماڻهن جي به اڻاٺ ٿي ويئي هئي، تنهن ڪري ئي لطيف چئي ٿو،

’’جنگن ڇڏيو زور، سر سڪو سونگي گيا.‘‘

ڏيهه جا ڏاها ماڻهو وقت جي رفتار جا پارکو هوندا آهن، سماج ۾ ٿيندڙ هر تبديلي تي انهن جي اک هوندي آهي. انهن کي اندورني توڙي بيرورني خطرن جي آگاهي هوندي آهي. لطيف چوي ٿو ؛

ڍور نه اڳين ڍار، مهند ملاحن لکــيو،

موڙي ڇوڙيا مڪڙا، پسي پاڻــي پار،

جسودن  جيها يار، پيڙا وير وِماس ۾.

 ( شاهواڻي 1 ـ 10)

’ ملاح ‘ دانشور جي علامت آهي ۽ ’ مڪڙا ‘ واسطا ۽ ذريعا آهن. جڏهن ڏاها ۽ دانشور، سماج مٿان ڪا مصيبت ايندي ڌسندا آهن ته يڪدم ان مصيبت کان بچڻ لاءِ سوچي سانڀا ها ڪندا آهن. ۽ پنهنجي سماج کي انهن نتيجن کان آگاه ڪندا آهن. لطيف سائين جڏهن اغيارن جي پنهنجي سماج مٿان مسلسل يلغار ٿيندي ڏٺي تڏهن خاموش نه رهيو ۽ مٿين بيت ۾ اهڙي ئي صورتحال کي ظاهر ڪيائين. لطيف سائين صرف ان صورتحال کان پنهنجي سماج کي آگاهي ڪونه ٿو بخشي، بلڪه انهن سماج دشمن ۽ استحصالي قوتن کي چتاءَ ڏيندي چوي ٿو ؛

جان واهڙ ۾ وه، تان تــون مــڇ نه موٽئــــين،

ڪائي ۾ ڪوه ڪرئين، پوءِ موٽڻ جو پهه؟

سر مٿي تون سهه، مهميزون ملاحــن  جــون.

 ( شاهواڻي، 1 ـ11)

لطيف سائين اهڙن دئيتن ۽ سماج دشمن عناصر کي انتباه ڏي ٿو ته اهي پنهنجي روش تي نظرثاني ڪن، ڇوته تاريخ جي مسلسل عمل مطابق سندن خلاف سماج طرفان مهم هلندي ۽ انهن عناصرن جو انت ايندو. لطيف سائين جي شاعري انهي ڪري ئي زمان ۽ مڪان جي پابندين کان مٿي ڪائناتي بڻجي پئي آهي. اهڙن ئي عاقبت نا انديشن ۽ مايا ميڙيندڙ ٽولي کي ننديندي لطيف چوي ٿو.

متو آهيــن مڇ، ٿلهو  ٿو  ٿـــونا  هڻين،

جاتو ڏٺي اڇه، تنهن پاڻي پنا ڏيـــنهڙ،

 (شاهواڻي، 1 ـ 14)

لطيف سائين اهڙي استحصالي، حريص ۽ بليڪ مارڪيٽنگ ڪندڙ کي مايا جي گهڻائي ڪري ’’ ٿلهو ‘‘ ڪوٺي ٿو ڇو ته اهڙن ماڻهن جو دين ڌرم مايا جي موهت آهي. هو ڪنهن به رشتي ناتي، قومي ۽ سماجي سوچ  ۽ اخلاقي قدرن جي پرواهه ڪونه ٿا ڪن. هر موقعي ۽ هر جا ءِ تي صرف پيسي جي زبان ڳالهائن ٿا، انهن قدر ناشناس ماڻهن کي لطيف ٻڌائي ٿو ته توهان جي غلط نموني سان گڏ ڪيل ميڙا چونڊي جو عنقريب انت اچڻ وارو آهي.

 لطيف سائين جي اها سماجي تبديلي واري سوچ، اڄ به نئين نڪور آهي، انهي سوچ جو واسطو فطرت جي خيال کان ايڪائي (Unity) ۾ آهي. تبديلي جو اهو عمل لطيف سائين کان گهڻو پوءِ ڊارون ڏنو. ارتقائي طور تي تبديلي جي انهي عمل کي ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو اندروني طور تي هڪ واحد عمل جيان بدلجندڙ اڪائي سمجهي ٿو. انهي اندروني تبديلي سان طاقتن (Forces) جي رونمائي ٿئي ٿي ۽ اهو ئي فطرت جو جوهر ڪل آهي جنهن تي ويساهه ڪرڻو پوي ٿو.

سرڏهر جي ٻئي داستان ۾ الله تبارڪ وتعاليٰ جي ڪائناتي

حاڪميت ۾ محمد عربي ' جن جي شخصيت کي رحمت ۽ برڪت جي علامت طور پيش ڪيو ويو آهي. نبي اڪرم صلعم جن جي شخصيت نه صرف عرب دنيا لاءِ رحمت جو اهڃاڻ آهي بلڪ پوري ڪائنات ۾ وسندڙ هر ذي روح لاءِ رحمت ۽ برڪت جو سنديشو آهي. حضرت ابراهيم عليه السلام جي دعا جيڪا هن ڪعبته الله جي تعمير وقت الله تبارڪ وتعاليٰ کان گهري، تنهنجو نتيجو نبي اڪرم حضرت محمد ' جن هئا، فرمائن ٿا؛

’’ اي اسان جا پروردگار موڪل انهن ۾ هڪ رسول، انهن (اهل عرب) مان ئي جيڪو انهن تي تلاوت ڪري تنهنجون آيتون ۽ انهن کي تعليم ڏي ڪتاب ۽ حڪمت جي ۽ انهن جو تزڪيو ۽ تطهير ڪري (هر گندگي ۽ نجاست کان). بي شڪ اي پروردگار تون وڏي عزت وارو ۽ حڪيم آهين.

 نبي اڪرم صلعم جن جي آمد سچ پچ ڄڻ ته اوندهه ۾ روشني جو اچڻ آهي. سندن بعثت نه صرف سماجي ۽ اخلاقي طور تي ڏتڙيل قوم عرب جي ڀلائي ۽ بهتري جو سبب بڻي، بلڪ پوري ڪائنات لاءِ عظمت، بهادري، امن عقل ۽ دانش جو مينار ثابت ٿي.

دور جديد جو هڪ عالم مائيڪل ايڇ. هارٽ حضور صلعم جن جي سماجي ۽ سياسي بصيرت کي سامهون رکندي، سندس شخصيت کي دنيا جي هڪ سو عظيم انسانن جي نالن ۾ سر فهرست رکڻ لاءِ مجبور ٿئي ٿو. هو سچائي جي اعتراف ۾ پنهنجي ڪتاب The 100 ; A Ranking of  the  most  influencial   persons  in history    جي صفحي 33 کان 40 تي لکي ٿو ؛

He was only man in history who was supremely succesful on  both  the  religious and secular levdeath his in els…….today thirteen centuries after his fluence is  still  powerful and pervasive.

It is this unparaileled combination of seculer and religious which I feel entitled Mohammad to be figure  in human history considered the most influencial 

حضور ڪريم ' جن جي انسانن سان محبت ۽ سندس

شخصيت جو نقشو چٽيندي جسٽس امير علي لکي ٿو ؛ ’’ هن جا ڪن

هميشه غريبن جي تڪليفن ۽ غمن لاءِ کليل هوندا هئا. هن جي دل خدا جي مخلوق لاءِ هميشه محبت ۽ رحمت سان ڀريل هئي، هو تمام آهستي ۽ باوقار نموني سان گهمندا هئا. ماڻهو هن ڏانهن اشارو ڪري چوندا هئا ته هي امين اٿو يعني سچو، سڌو، سنئون ۽ با اعتماد.

نبي اڪرم ' جن جي نبوت جي صداقت ۽ شان ۾ ورقه بن نوفل جيڪي شعر پڙهيا، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ پنهنجي ڪتاب ’’ نعتيه شاعري ۾ ان جو حوالو ڏنو آهي. ته محمد (') اسان ۾ جلد سردار ٿي ايندو ۽ ان جي طرفان جڪو ماڻهو به ڪنهن سان بحث ڪندو، اهو غالب رهندو ۽ سڀني شهرن ۾ ان نور جي روشني ڦلهجي ويندي جيڪا خدا جي مخلوق کي سڌو هلائيندي ۽ ڇڙو ڇڙ ٿيڻ کان بچائيندي. ان کان پوءِ جيڪو ان سان جنگ ڪندو، نقصان هيٺ ايندو ۽ جيڪو ساڻس مصالحت ڪندو، فتحمند رهندو.

نبي اڪرم ' جن توحيد کي خالص فڪر جي حيثيت ڏني ۽ خدا جي ايڪائي واري تصور۾ انسانيت جي ڀلائي واري مقصد کي ظاهر ڪيو. زندگي جي داخلي توڙي خارجي مسائل جو حل وحدت ۾ پنهان آهي ۽ هر ڪا شيءِ ان فلسفي جي بنياد تي عمل پيرا آهي. لطيف سائين انهي داخلي توڙي خارجي عوامل کي هر پاسي کان ڏسي رهيو هو. انهي ڪري ئي سندس خيالات (ideas) جو مرڪز فرد آهي، جيڪو اجتماعيت جو پهريون ڏاڪو ۽ ’’ ڪل ‘‘ جي تشريح آهي. محترم ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو انهي سلسلي ۾ لطيف سائين جي خيالن جي عڪاسي ڪندي چوي ٿو ؛

’’ شاهه صاحب هن دنيا جي ڪثرت جي وچ ۾ رهيو ٿي. ڀلي سندس روح جو رايو وحدت ڏي هجي، پر هن جا لاڳاپا هن مادي دنيا سان به هئا. کيس مادي دنيا کان ڇني ڌار ڪرڻ به ساڻس زيادتي آهي، دنيا سان پنهنجي تڙ ڏاڏي شاهه ڪريم وانگر هنيون ڏجي حبيب کي لڱ گڏحن لوڪ مثل رهيو.‘‘

م  ڪر ڍول ڍلو، ناتــو نماڻــي ســـين،

ڪونهي  ڪميڻي جو،  بگرتوبـــلو،

تنهنجو نانءُ نلو، وٺيو ويٺي آهــيان.

 (شاهواڻي ـ 2 ـ 24)

 ستر ڪرستا ر، آءُ اگهاڙي آهيــــــان،

ڍڪين ڍڪڻهار ! ڏيئي پاند پناهه جو.

 (شاهواڻي   2 ـ 25)

ادب ۾ ڪردار جي سوال تي بحث ٿي سگهي ٿو. سڀ ڪردار اقليتن (وحدتن) جي تصور جي پيداوار آهن. لطيف انهن حالتن هيٺ ٺهندڙ ڪردارن جو اکين ڏٺو شاهد ۽ ترجمان آهي. وڏ ننڍائي ۽ اونچ نيچ جي فاصلن کي ڏسي هو خاموش نٿو رهي. پهرين بيت ۾ ’’ ڪميڻي ‘‘ لفظ ذات جي سوال تي گهٽ ذات لاءِ استعمال ٿيو آهي ۽ ٻي بيت ۾ لفظ ’’ اگهاڙي ‘‘ پڻ ساڳي تصور هيٺ ڪم آندل آهي.

تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته لطيف سائين جي دور وارو سماج اونچ نيچ جي ڦندن ۾ ڦاٿل ننڍ وڏائي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل ۽ هوڏ ۽ هٺيلائپ تي ٻڌل هو. ڪنهن به اهڙي سماج کي سنئين گس تي هلائڻ لاءِ ضروري آهي ته مظلوم ماڻهن جي دانهن جي داد رسي ڪئي وڃي ۽ سماجي انصاف آڻڻ لاءِ مظلوم، گهٽ ذات ۽ اقليت جي داد رسي ٿين گهرجي. ٻي صورت ۾ فسادي عناصروڌندا رهندا ۽ سماجي انصاف آڻڻ ۾ وڌيڪ رڪاوٽون پيدا ٿينديون. ڇو ته ماڻهن ۾ انفراديت ايتري ته وڌي ويئي آهي جو هڪ شخص کڻي ڪيتروئي پڪاري ڪو ان جي مدد لاءِ اڳتي نٿو وڌي. ايتري تائين جو اهي ماڻهو به انهن جي مدد لاءِ پنهنجي سيني ۾ ڪو درد محسوس نٿا ڪن جيڪي بي انصافي جي خاتمي لاءِ پنهنجون تحريڪون هلائن ٿا. لطيف سائين سماج جي انهي سور کي محسوس ڪيو ۽ انهن پيڙا ۾ ورتل ماڻهن کي ’ ڪميڻي ‘ ۽’ اگهاڙي‘ جي علامت ۾ پيش ڪري، اهڙي بي انصافي جي خاتمي لاءِ پنهنجون تحريڪون هلائيندڙ نام نهاد ٺيڪيدارن کان پناه ۽ ستر جي تقا ضا ڪئي آهي، وحدت جي به اهائي تقاضا ۽ اهوئي اصول آهي.

مذهبي طور تي اها ئي تقاضا وحدت جي يڪسانيت واري اصول مطابق خداوند ڪريم کان ڪيل آهي جنهن ۾ سماجي دشمن عناصر جي ظلم ۽ ڏاڍ کان بچاءُ جي خواهش جو زور دار اظهار آهي. اهائي تقاضا هر باشعور فرد کان ڪري سگهجي ٿي. انسان نفسياتي طور تي جڏهن لاچار، بيوس ۽ سماج جي استحصالي ٽولي توڙي ڪنگن جي ڪني ڪيل پاڻي کان بيزار ٿئي ٿوتڏهن لازمي طورتي هو ڪنهن آدرشي انسان، پنهنجي ڀرجهلو ۽ ڪارڻي کان اهڙي ماحول مان نجات جو طالبو ٿيندو آهي.

مديني جا ڌڻي، سڻ  منهنجا  سڏڙا،

تنهنجي آه تڻي، ٻي ڪنڌي ساريان ڪانڪا.

 ( شاهواڻي ـ 2 ـ 2)

مٿين بيت ۾ ’ مدينو ‘ ۽ ’ ڌڻي ‘ ٻئي علامتون آهن. هن بيت ۾ داخلي ۽ خارجي ٻئي عوامل موجود آهن. جڏهن سماج ۾ برايون وڌي  وڃن ٿيون چڱايون گهٽجي وڃن ٿيون تڏهن تاريخ جي ڪا اعليٰ شخصيت ان سماج کي سڌارڻ لاءِ پيدا ٿيندي آهي. حضور ڪريم ' جن جي ظهور کان اڳ ملڪ عرب ۾ مجلسي ۽ اخلاقي برايون وڌي چڪيون هيون ۽ انساني زندگي کي ڪا اهميت ڪونه ڏني ويندي هئي. عورتن کي حقير ۽ پيرن جي جتي کان به گهٽ سمجهيو ويندو هو. انهي ڪري (Effects  and   Causes) جي هن دنيا ۾، خداوند ڪريم جي اٽل قانون مطابق، ا هڙي ماحول ۾ براين کي  تڙڻ لاءِ ڪنهن خاص بندي جو اچڻ لازمي امر  هو. لطيف سائين اهڙي ئي صورتحال کي اجهو هيئن بيان ٿو ڪري.

اوٺن ڪارڻ اڄ،  نيڻ نهارا مون  ڪيا،

پنهون  ڄام  پهڄ،  ته   لاهيون   اڃ   اکين   جي.

 (شاهواڻي ـ 2 ـ 11)

’ اوٺي ‘ ۽ پنهون ٻئي علامتون حضرت محمد ' ڏانهن اشارو به آهي ته هر ان آدرشي ۽ مهان شخصيت ڏانهن به، جيڪو ڏيهه جا ڏولاوا ڏور ڪري ٿو ۽ براين کي دور ڪري ڀنڀو رکي اجاري ٿو. درد ۾ ورتل ماڻهن جو اکيون اهڙن شخصيتن لاءِ تانگهينديون رهن ٿين. حقيقي واقعات صرف حقيقي عمل سان ئي پيدا ٿيندا آهن لطيف سائين انهي سلسلي ۾ چوي ٿو ؛

ستــا اٿي جــاڳ، ننڊنه ڪجي  ايتري،

سلطاني سهاڳ، ننڊون ڪندي نه ٿئي.

 (شاهواڻي ـ 3 ـ8)

مٿين بيت ۾ ’’ ستل ‘‘ ۽ ’’ سلطاني سهاڳ ‘‘ ٻئي علامتون آهن. انساني ارتقا لاءِ تعمير جو هڪ قاعدو، مسلسل جدوجهد آهي. جيڪو چرپر ڪري ٿو، ان جو رستو  ڪڏهن به بند نٿو ٿئي، ان لاءِ ضروري امر اهو آهي ته انسان پاڻ ۾ غفلت کان بچڻ جي عادت  پيدا ڪري، ڇو ته ناڪامي ۽ مايوسي صرف اتي وارد ٿئي ٿي جتي زندگي جي بنيادي عوامل کان منهن موڙيو وڃي ٿو. ان ڪري ئي لطيف سائين غفلت ۽ ننڊ جي نحوست جي نشاندهي ڪندي، محنت ۾ معراج ٻڌائي آهي. دنياداري جي سلسي ۾ لطيف چوي ٿو.

ڦريا پسي ڦيڻ،کرين کير نه چکيو،

دنيا ڪارڻ دين، وڃائي ولها ٿـــيا.

 ( شاهواڻي ـ 2 ـ 20)

مٿين بيت ۾ ’’ ڦيڻ ‘‘ ۽’’ کير”ٻئي علامتون آهن. دنيا جو دٻدٻو، قوت، پئسو وغيره لاءِ لفظ ’ ڦيڻ ‘ علامتي طور تي استعمال ڪيو  ويو آهي. ’ کير ‘ اچي رنگ هجڻ ڪري پاڪائي (Purity) ۽ صفائي لاءِ استعمال ٿيو آهي. وڏائي، قوت ۽ پئسو سڀ ظاهر داري واريو ن شيون آهن انهن جي موه ۾ ڦاسڻ وارا پاڪائي جي تصور کي سمجهڻ کان ڪورا آهن. اهڙائي ماڻهو ظاهرداري جي ڪري اصليت کان هٽي وڃن ٿا. هي بيت گهڻ معنائو آهي ۽ هر هڪ ماڻهو جي ذوق جو پورائو ڪندڙ آهي. هيٺين بيت ۾ لطيف سائين پيڙا ۾ ورتل فرد جي روئداد ٻڌائي آهي ؛

پيئي جا پرڀات، سا ماڪ  مَ  پسو ماڙهنئا،

روئي ڇڙي رات ڏسي ڏکوين کي،

(شاهواڻي ـ 2 ـ 16)

ڏکايلن جي ڏک کي ڏسي هر ڪادل ناهي روئندي. لطيف سائين انهي صورتحال کي ٻڌائڻ لاءِ علامت جو سهارو ورتو آهي، ’ پرڀات ‘، ماڪ ۽ ’ رات ‘ سڀ علامتون آهن. ’ پرڀات ‘ چڱائي ۽ نيڪي جي علامت آهي ’ رات ‘ بدي، ناپاڪي ۽ خراب حالتن جي نشاندهي ڪري ٿي، ’ ماڪ ‘ رحمت ۽ پاڪائي جي پالوٽ ڏانهن اشارو آهي. 

لطيف سائين چوي ٿو ته وقت سر هر ڪو عمل نيڪي، پاڪائي ۽ سود وارو ٿئي ٿو. باعمل انسانن جي وقت سر ۽ موقعي جي مناسبت سان عمل ڪرڻ ڪري بدي ۽ خراب حالتون کانئن دور ٿي وڃن ٿيون. ان ڪري هر مقصدي ماڻهو کي جڳائي ته پنهنجو ڪم وقت سر ۽ پابند ي سان ڪندو رهي ته ڪو سبب ڪونهي جو ناسازگار حالتون سندس مد مقابل ٿين. مطلب ته نيڪي جي عمل سان جيڪا رحمت جي پالوٽ ٿئي ٿي، ان جي اڳيان برائي ۽ ناپاڪي بيهي نٿي سگهي ۽ اها اهڙن باعمل انسانن جي سچي عمل ڪري گم ٿي وڃي ٿي. سچي عمل اڳيان ڪابه برائي پير ڄمائي بيهي نٿي سگهي. ٻڌي ۽ ايڪي جي سلسلي ۾ لطيف سائين چوي ٿو.

وڳــر ويـا وهي، ڪالهه تنهنجا ڪونجڙي،

ڪندين ڪوه رهي، سر  ۾  سپريــن   ري ؟

 (شاهواڻي ـ 4 ـ 4)

’ ڪونجڙي ‘ مان مراد آهي سماج جو ستايل انسان، ”سر”مان مراد آهي ديس يا وطن. ’ سپرين ‘ آدرشي انسان ڏانهن اشارو آهي ٻڌي يا ايڪي مان مراد آهي جز جو ڪل ۾ سمائجڻ يا ايئن چئجي ته اجتماع لاءِ پنهنجي ذات جي قرباني ڏيڻ. ٻڌي جو ٻيو مقصد آهي ڪنهن مثبت مقصد لاءِ گڏ ٿيڻ جيڪا صحت مند سماج جي علامت آهي. منفي مقصد واري ٻڌي مرض جي علامت آهي. مٿين بيت ۾ لطيف سائين ٻڌي جي مثبت پهلو کي سامهو ن رکيو آهي. لطيف سائين آدرشي ماڻهن جي ڪهي وڃڻ کانپوءِ پنهنجي ئي ديس ۾ ڌارين قوتن جي ور چڙهڻ بجاءِ نبوي پيروي يعني هجرت ڪرڻ لاءِ چوي ٿو. جڏهن حالتون خطرناڪ ٿي وڃن ۽ وجود جي فنا ٿيڻ جو خطرو وڌي وڃي تڏهن حالتن جي سازگار ٿيڻ تائين ديس ۾ رهڻ بجاءِ منتقلي کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. هي بيت به گهڻ مقصدو آهي. ٻڌي ۽ اتحاد جي اهميت ٻڌائيندي لطيف چوي ٿو ؛

وڳر ڪيو  وتن، پرت نه ڇنن پاڻ  ۾،

پسو پکيئڙن ماڙ هنئا ميٺ گهـڻو.

 (شاهواڻي ـ 4 ـ 5)

جيڪڏهن ڪنهن جماعت ۾ اتحاد ناهي ته ان جي وجود جي بقا جي به ڪا گرنٽي ڪانهي. مقصد جي حاصلات لاءِ جتي عمل جي ضرورت آهي، اتي ٻڌي ۽ اتحاد کي به اوتري ئي اهميت آهي لطيف سائين هر عمل ۾ انفراديت کان وڌ اجتماعيت تي زور ڏنو آهي. ان ڪري ئي لطيف سائين ٻڌي  ۽ اتحاد جو درس ڏيندي پکين جي ولر جي علامت ڏني آهي. ٻڌي ۽ ايڪي جو ضد ڇروڇڙ ٿيڻ ۾ آهي. قومن جي زوال جو سبب ٻڌي وڃائڻ آهي. قومون دشمن جي نرغي ۾ تڏهن ٿيون اچن، جڏهن انهن مان ايڪو ۽ اتحاد  ختم ٿي وڃي ٿو. دشمن قوتون هميشه قومن جي اتحاد کي ڇيهو رسائڻ لاءِ سوين حربا هلائينديون رهن ٿيون. لطيف سائين دشمن جي اهڙين چالبازين کان هوشيار ڪندي چوي ٿو ؛

ڪونج ! نه پسين ڪک، ڍٻ جنهن سين ڍٻيو،

ماريءَ ماري لـک، وڳــر هڻيــن ويـــڇون  ڪيا.

 (شاهواڻي ـ  4 ـ 16)

مٿين بيت م ’ ڪونج ‘، ’ ڍٻ ‘ ۽ ’ ماري ‘ سڀ علامتو ن آهن. هن بيت ۾ لطيف سائين اتحاد جي ضرورت تي زور ڏيندي دشمن جي ڪوڙڪين ۽ ڦندن کان بچڻ جو ڏانءُ ڏسيو آهي ته ڪنهن به ديش دروهي پنهنجي شاطرانه چالين سان قوم جي اتحاد ۾ ڪٿي به ڪو ڇيهو وڌو ته اها  قوم ٽولن ۾ ورهائجي ويندي ۽ دشمن لکن ماڻهن کي پنهنجي زهر ڀريل تير جو نشانو بڻائي وجهندو. دشمن جي اهڙي روش اختيار ڪرڻ کان اڳ لطيف سائين قوم کي چتاءُ ڏيندي چوي ٿو ؛

ڪونج نه لکيو ٻاڻ، جو ماري  سندي  من  ۾،

اوچتي پرياڻ، وڳــر هڻــي ويـــڇون ڪـــيا.

 ( شاهواڻي، 4 ـ 17)

لطيف سائين سنڌي سماج جي نفيسات جو جائزو وٺندي چوي ٿو ؛

ڌڻ  ڌارڻ، ڌار رهڻ، اي نه سنگهــارن ســــٽ،

ڪاهي ايندا ڪڏهن، مٿــي وانـــڍ وهـــٽ،

جي هائو هونئي مٽ، ته به اوڊو لاهه  مَ ان جو.

 (شاهواڻي ـ 4 ـ 27)

لطيف سائين مٿين بيت ۾’ سنگهار ‘ ’ وانڍ ‘ ۽ ’ هائو ‘ جا لفظ تصوراتي طور تي ڏنا آهن. سنڌي سماج جي نفسيات جو لطيف ڄاڻو آهي ۽ ان جي ٻڌي، اتحاد ۽ گڏ رهڻ واري عادت کان به واقف آهي. وقتي طور تي دشمن جي چال ڪري، سندن اتحاد کي جيڪو ڇيهورسيو آهي انهن کي ٻيهر گڏائڻ جو خواهان آهي. هو دشمن کان هوشيار ڪندي چوي ٿو ته اهڙن ماڻهن تي اصل اعتبار نه ڪجي، اهي ڇو نه پنهنجن منجهان ئي هجن. دشمن قوتون غير اخلاقي طور تي مال ميڙي مالدار بڻجي ويهن ٿيون. انهن کي هميشه ان حرام مال جي ڦرجڻ جو خطر و رهي ٿو.

اهڙن استحصالي ۽ ڦورو ٽولن خلاف تاريخ جي هر دور م ڪي آدرشي انسان ايندا رهيا آهن ۽ کانئس غلط طريقي سان گڏ ڪيل ملڪيت ۽ مال ڦري، مسڪينن ۽ محتاجن جي حوالي ڪري، مساواتي طريقو اختيار ڪندا رهيا آهن، اهڙي ئي هڪ آدرشي انسان کي لطيف سائين لاکي ڦلاڻي جي علامت ۾ اجهو هيئن پيش ڪيو آهي؛

لاکا لک سڄن، ڦلاڻي ڀير ٻيو،

جنهن  ڀر  راڻا، راڄيا، ڪوٽن منجهه ڪنبن،

جنهن جو جاڙيجن، ستي سنچو نه لهـي.

 (شاهواڻي ـ 4 ـ 43)

هن بيت ۾ ’ لاکو ‘، ڦلاڻو ۽ ’ جاڙيجا ‘ سڀ علامتون آهن، ظاهري طور تي اهي نالا ۽ قبيلا آهن پرحقيقت ۾ اهي ڪنهن لافاني ۽ اجتماعي سوچ جو تصور آهن. ’ ڦلاڻو ‘ علامت آهي آدرشي انسان جي، جيڪي تاريخ جي هر دور ۾ پيدا ٿيندا رهيا  آهن ۽ سماج جي ستايلن لاءِ رهبر ۽ سونهان ثابت ٿيندا آيا آهن. لاکو غريبن جي سار سنڀال لهندڙ هڪ مهان شخصيت جو اهڃاڻ آهي. ان جي دروازي سوين غريب ۽ مسڪين اچيو پناه وٺن ٿا.

لاکا لـڄ سـندياءِ، اوڏ اگلـــي آهيـان،

پکاسي پرتاءِ، جي اجهي تنهنجي اڏيا.

 ( شاهواڻي  ـ 4 ـ 48)

اوڏ مسڪيني ۽ غريبي جي علامت آهي. غريب ماڻهو هميشه ڪنهن چڱي ۽ رڄ مڙس جي ڳوٺ يا راڄ ۾ رهڻ کي ترجيح ڏيندا آهن، جتي سندس حقن ۽ ننگن جي حفاظت ٿئي ٿي. مٿين بيت ۾ لطيف سائين اهڙي ئي حقيقت جو اظهار ڪيو آهي. ’ لاکو ‘ ڪل ڏانهن به اشارو آهي ته طاقت ۽ دانشمندي جو اهڃاڻ به آهي، ’ اوڏ  ‘ جز، ڪم طاقتي ۽ سادائپ جو اهڃاڻ آهي. هر مڪتبه فڪر جو ماڻهو مٿين بيت مان پنهنجي پنهنجي فهم مطابق معنيٰ حاصل ڪري سگهي ٿو، لطيف سائين سماج ۾ ظاهر ٿيندڙ ٻنهي حالتن تي نظر رکيٿو. حالتو ن سازگار به هونديو ن آهن ته ناسازگار به اچي سگهن ٿيون، پر هر حال ۾ بهادر ۽ اڏول ٿي وک وڌائڻ ۾ ئي عظمت ۽ ڏاهپ آهي.

ڪڏهن مڙه مقام، ڪڏهن ڳاڙهو گهوٽ،

سـندو واريءَ ڪوٽ اڏيو اڏبو ڪـيترو.

 (شاهواڻي ـ 4 ـ 52)

محترم تنوير عباسي لکي ٿو ته ؛ ڳاڙهو گهوٽ ’ سنڌي ۾ بهادر جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيو آهي. شاهه لطيف هتي ان کي بهادري ۽ شهيد جي معنيٰ ۾ ڪتب آندو آهي،‘‘

لطيف سائين بهادري سان جيئڻ ۽ بهادري سان مرڻ جو گر سيکاري ٿو، ڇو ته هي انساني پڃرو واريءَ ڪوٽ جي مثل آهي. سر ڏهر ۾ جتي انساني مسائل، زندگي جي پيچيدگين ۽ اونچ نيچ جي مسائل کي بيان ڪيو ويو آهي. اتي زندگي جي مسئلن ۽ پيچيدگين جو حل ۽ طبقاتي سسٽم خلاف روشن راهون به ڏيکاريون ويون آهن، هڪ پاسي ڏاڍ ۽ ڏمر ۽ استحصالي قوتن جون ڪاروايون آهن ٻئي پاسي آدرشي انسانن جي معرفت ۽ فطرت جي ڪارسازي سان انهن قوتن کي ڪاري ضرب لڳائي ختم ڪيو ويو آهي، مطلب ته فڪر ۽ فنا جي دنيا ۾ حق ۽ باطل، سچ ۽ ڪوڙ جو مقابلو ڏيکاري، آخر فتح حق سچ جي ڏيکاري ويئي آهي.

مددي ڪتاب

1 ـ     ٻوهيو الهداد ڊاڪٽر : سنڌي ٻولي جو سماجي ڪارج.

2 ـ     سوسن ڪي لينگر : فلاسافي ان  اي نيوڪي.

3 ـ      ٻوهيو الهداد ڊاڪٽر : ادب جا فڪري محرڪ.

4 ـ     سيد امير علي جسٽس : دي اسپرٽ آف اسلام.

5 ـ     ميمڻ عبدالمجيد ڊاڪٽر : نعتيه شاعري.

6 ـ     جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر : سنڌي ادب جي مختصر تاريخ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com