سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه لطيف جو علامتي شعور

 

صفحو :12

شاهه جي سرآسا جو علامتي مطالعو

اسين جڏهن شاهه لطيف جهڙي اعليٰ ۽ مدبر شاعر جي شاعريءَ کي سمجهڻ لاءِ ويهنداسين ته ان جي لفظن جي گهرائي، لطافت توڙي جمالياتي ذوق کي سولائي سان سمجهي ڪونه سگهنداسين، ڇو ته اڄ جي اصولن موجب شعر کي سمجهڻ ۽ پرجهڻ لاءِ منطقي ۽ سائنسي  طريقا استعمال ۾ آڻڻا پوندا. اسين ان مقصد جي حاصلات لاءِ علامتي طريقي کي سامهون رکي، ڀٽائي جي علامتي شعور تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

اها به شاهه جي شاعري جي خوبي آهي جو سندس ڪلام مان هر ماڻهو کي معنيٰ ۽ مقصد جا خزانا دستياب ٿي سگهن ٿا. ائين چوڻ مان منهنجي مراد شاهه صاحب جي ذهني سوچ (Approach)آهي. ڇو ته شاهه سائينءَ جيڪي ڪجهه چوڻ چاهيو، اهو هڪ پيغام جي صورت ۾ آهي، هن گهڻو ڪري پنهنجي قوم جي سماجي،سياسي ۽ اقتصادي مسئلن کي سنڌي ٻوليءَ ۾، ٻولي ءَ جي مسئلي سميت وقت ۽ حالتن مطابق پيش ڪيو آهي. جنهن ۾ هن هڪ عالمگير پيغام ڏنو آهي. هڪ اعليٰ شاعر جي اها به خوبي هوندي آهي ته هو پنهنجي علائقي جي قدرن (Values)جو نفسياتي تجزيو ڪري ۽ ننڍين ۽ عام جي نظرن ۾ بي مقصد شين کي علامت جو روپ ڏيڻ جو ڏانءُ به ڌاري.

علامتن جي استعمال لاءِ زمان ۽ مڪان جي امڪانن کي به سامهون رکڻو پوندو آهي. شاعر کي پنهنجي ٻوليءَ تي عبور ۽ پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت جي مڪمل ڄاڻ هجڻ به ضروري آهي. هن جي اها به جوابداري آهي ته هو وقت ۽ حالتن مطابق شاعري ڪري.شاهه سائين جي شاعرانه صفت نمڻ کمڻ، نماڻائي، نهٺائي، پسڻ ۽ پيار تي مدار رکي ٿي.

 هيٺ اسين سر آساجي حوالي سان سنڌي سماج ۽ سنڌي قدرن جو اجمالي جائزو پيش ڪنداسين.شري ڪلياڻ آڏواڻي لکي ٿو ته ؛ آسا هڪ راجڪمايءَ جو نالو آهي جا پرڀات جو ڌڻي جي ساراه ۾ گيت ڳائيندي هئي، جنهن سر ۾ هوءَ ڳائيندي هئي، تنهن تي آسا نالو پئجي ويو (شاهه جو رسالو صه 343) اصل ۾ هي آشائن جو سر آهي ۽ خواهشن جي تڪميل جو سر آهي. جيئن ته ڪائنات جو وجود هڪ وايو منڊل ۾ سمايل آهي ۽ پورو وايو منڊل هڪ ئي نظام تحت ڪم ڪري ٿو. هر شيءِ، هر ستارو ۽ هر روح ٻئي سان منسلڪ آهي، جيئن سمنڊ جون لهرون سمنڊکان ڌار نه آهن ۽ مٽي پاڻي جو پاڻ ۾ سنگم آهي، هوا ۽ باه هڪ ٻئي تي مدار رکن ٿيون. جيئن آڪسيجن جياپي جي ضامن آهي، تيئن خداجو وجود به انسان کان جدا نه آهي ۽ نه انسان ان هستيءَ کان ڌار آهي.

هو پڻ ڪونه هن ري، هي نه هـنهان ڌار،

الانسان سري وانا سرهپروڙج پچار،

ڪندا ويا تنوار، عالم عارف اهــــــڙي.

 (آسا، 1ـ 7)

لطيف وٽ انسان جي ابتدا ۽ انتها عام سوچ کان مٿي فطرت جو هڪ راز آهي، ڪي ماڻهو ته انهي ءَ سوچ ۾ پوريون حياتيون گذاري ويٺا آهن، يعنيٰ خدا ۽انسان جي وچ ۾ رشتي جي تلاش ۾ رهيا آهن،لطيف اهڙن انسانن کي بي مقصدو سڏيو آهي ڇو جو اهي انسان جي عظمت کي سڃاڻي نه سگهيا.

نڪا ابـتداعبـــد جي، نڪـــــا انــــــتها،

سي وڃڻ کي ويا، جن نه سڃاتو سپرين.

 (آسا، 1ـ 8)

انسان کي باقي سڄي مخلوقات جي مقابلي ۾ بهترين نقشي مطابق ٺاهيو ويو آهي. ضرورت انهي ءَ ڳالهه جي آهي ته هو پنهنجي هستي کي سڃاڻي ۽ پنهنجو پاڻ کي اشرف مخلوق سمجهي.انهي سلسلي ۾ سچل سائين جو موقف واضح ۽ زوردار آهي. هو انساني عظمت ۽ توقير کي تسليم ڪندي چوي ٿو ؛

ڇــوڙ گمان گدائي والا، شملا چاٻڌ شاهــــــي دا،

مار نغارا وحدت والا، فڪر ڪرين پاتشاهي دا.

اهو وحدت (Unity) وارو نغارو هڪ اهڙو احساس آهي جنهن ۾ شعوري ڪوشش کان وڌيڪ الهام شامل هوندو آهي ۽ اهڙو اظهار هر ڏاهي پنهنجي پنهنجي دور جي حالتن مطابق پئي ڪيو آهي. مرزا اسد الله غالب چئي ٿو ؛

هر چند هو مشاهده، حـق ڪي گـــفتگو،

بنتي نهين هي، ساغرو مينا ڪهي بغير.

 مطلب ته وحدت ۽ حق جو اهو احساس جيستائين انسان جي ظاهر ۽ باطن تي طاري نه ٿيندو تيستائين عبد جي حرمت، جمالياتي حسن، شاهي شملي توڙي ساغر ۽ مينا کي سمجهي ڪونه سگهبو .

انسان صرف خاڪي پتلو يا بدني شڪل ۽ صورت جو نالو نه آهي، بلڪ ان کانسواءِ ٻيو ڪجهه به آهي ۽ ان ٻي هستي کي روح چيو وڃي ٿو، روح پاڪ پوتر ۽ لافاني آهي ۽ جسم فاني. ٻنهي جي ترقي لاءِ دنيا جي سببن جو سهارو وٺڻو پوي ٿو. اهڙي ئي علامتي صورت گري کي علامت اوليٰ چئبو آهي. انسان جڏهن پنهنجي اندروني اسبابن تي ويچار يندو ته کيس اندروني قوت (Inner  power)جي پروڙ پوندي،

جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناه نـماز،

سڀ وڃائي ساز، تـهان پوءِ تــڪبير چــئو.

(آسا، 1ـ11)

انسان جيسين پنهنجي ذات ۽پنهنجي انفراديت کي سماج لاءِ وقف نٿو ڪري، جيسين پنهنجي وجود ۽ پنهنجي روح کي انساني احترام ۽ حرمت سان نٿو ملائي، تيسين هن جو هر عمل  ناڪاره ۽ بي سود آهي جنهن سان قدرت ۽ سماج جي واکاڻ ۽ وصف بيان ڪرڻ لاءِ جواز دستياب ٿئي ٿو.

جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناه سجود،

وڃــــائي وجــــود، تهان پوءِ تــــڪبير چــئو.

 (آسا، 1ـ12)

لطيف سائين وجود کي وڃائڻ جي معنيٰ ترڪ دنيا ڪونه ورتي آهي. بلڪ هن عملي زندگيءَ ۾ رهندي سماج ۾ سمائجي هڪ ٿي وڃڻ کي وجود وڃائڻ جي واٽ سڏيو آهي.

نــابوديءَ نيئـــــي عبــد کي اعــليٰ ڪـيو،

مــورت ۾ مخـــفي ٿـيا  صورت پـڻ سيئي،

ڪبي ات ڪيهي، ڳالهه پريان جي ڳجهه جــي.

 (آسا، اـ 13)

هر ڪا جدوجهد، هر ڪو ڪم وقت اندر نه ڪبو ته ان مان ڪو لاڀ حاصل ڪونه ٿيندو. جدوجهد ڪندڙ ۽ مقصد کي تلاش ڪندڙ انسان کي وقت وڃائڻو ناهي، بلڪ اڀرندي سج ئي مقصود جي تلاش ۾ سرگردان ٿيڻو آهي.

اڀرندي سج، پرين جي نه پسنــــديون،

ڪڍي ٻيئي ڏج، اکڙيون ڪانگن کـي.

 (آسا، 2ـ1)

اڀرندڙ سج علامت آهي، وقت جي سڃاڻ جي،  تکڙائيءَ جي، جواني ءَ جي گرمي ءَ جي ۽ حياتي ءَ جي. لطيف سائين وقت وڃائڻ جي خلاف آهي پر جلد بازيءَ کي به پسند ڪونه ٿو ڪري.

محـــــروم ئـــي مـــري ويـــا، ماهر ٿي نه مئـــا،

چڙيءَ جيئن چنهج هڻي، لڏيائون لئــا،

حبـــــــا ب ئــــي هئــــــا، انهـــي وادي ءَ وچ ۾.

 (آسا، 4 ـ3)

سنڌي سماج جو جداگانه اعتقاد آهي، انهي ويساهه و سيلي اسان ڪن پکين کي به پنهنجي جذبن ۽ خيالن جي پيش  ڪرڻ جو ذريعو بڻايو آهي. پکي به اسان جي سماج ۾ مختلف تصورن جو پيش خيمو ثابت ٿيا آهن. انهي ءَ تجربي جي آڌار تي اسان انهن پکين کي پنهنجي اعتقاد جو ذريعو بڻايو آهي، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو چوي ٿو ته ؛ مثال طور ڪانون کي ڏاهو ٿا سمجهو ن، ڪبوتر کي اعتبار جوڳو ٿا سمجهو ن، هنج ۽ مور کي سهڻو ٿا سمجهو ن جهرڪي کي بي آرام ٿا سمجهون ڪٻر کي ٽرڙو ٿا سمجهون، چٻري کي مت جو موڙهو ٿا سمجهون، ڪونج کي پرديسي ٿا سمجهون ۽ اهڙي ريت ڪڪڙ کي، ڳيري ۽ چَتونءَ کي به انسان جي ويساهه (Belief) ۾ ڪانه ڪا جڳهه آهي  (1). چڙي جي طبيعت وارا ماڻهو جلد بازي ڪري منزل کان محروم رهن ٿا، انهن جي سماج ۾ ڪابه حيثيت ڪونه هوندي آهي. مهارت جي منزل تي رسڻ لاءِ جلد بازي کان ڪم ناهي وٺڻو. شاهه سائين ماضي ۾ ٿيندڙ واقعن جي بنياد تي مستقبل جي روشن عمارت تعمير ڪرڻ جو خواهان آهي.

کر کي کپر کاءِ، نانگ مڻيارو نــڪري،

اڀو جو اوناءِ، سُر پرُ ســـــندي ســـڄڻين.

 (آسا، 3 ـ 8)

سماجي تبديلي ءَ خلاف ڪم ڪندڙ کي کر سڏي ٿو ۽ ان کر کي بيابان ۾ رهندڙ کپر (نانگ جو قسم) جو کاڄ بڻائڻ چاهي ٿو. نانگ مڻ وارو طاقت ۽ قوت جو تصور آهي. مشرقي ملڪن ۾ نانگ مڻ واروقوت ۽ دنيا جي سهاري جي علامت ۾ پيش ڪيو ويو آهي، (2) مڻ ازلي سچ جي علامت ۾ آيل آهي.

لطيف سائين چاهي ٿو ته عوام دشمن قوتن جو خاتمو اچي ۽ ان قوت کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪا اهڙي سچ جو سودو ڪندڙ هستي اچي جيڪا ڏتڙيل عوام جو سهارو بڻجي. اڀو اونائڻ جي معنيٰ ڪتي جي ڪيڪاٽ آهي  پر هتي مراد آهي دشمن قوتن جو جاسوس، اهي جاسوس سماج سڄڻن جي هر چرپر پالتو ڪتن جيان پنهنجن حاڪمن وٽ پهچائين ٿا. هتي لطيف سائين جو اشارو انهن حقيقت دانن ڏانهن آهي جيڪي ترخانن ۽ مغلن لاءِ جاسوسي ڪندا هئا.ارغون ۽ ترخانن جي دور ۾ سنڌي ماڻهو سماجي داد ۽ معاشي هڪ جهڙائي ءَ کان محروم ٿي چڪو هو. سياسي ۽ ملڪي ويڙهه ۾ ٽي ڌريون هڪ ٻئي سان نبرد آزما هيون، ارغون، مغل ۽ سنڌي.مغل ۽ ارغون ته مفادن جي هڪجهڙائي ڪري سنڌين خلاف ٻٽ ٿي ويا هئا، باقي انهي ءَ ويڙهه ۾ تمام ٿورافهم وارا سردار هئا جن سنڌ جي ساک بچائڻ لاءِ دشمن قوتن سان مهاڏو اٽڪايو. شاهه صاحب  انهن ٻنهي قوتن جي نشاندهي ڪئي آهي.

مئي هاٿيءَ تي مامرو، اچي ڪيو انــڌن،

مناڙيـــن هٿن سين اکـــيين ڪين پــسن،

في الحقيقت فيل کي سڄا سڃاڻن،

سندي سردارن، بصيرت بـيناڪري.

 ( آسا، 3 ـ27)

هندستاني هاٿيءَ کي سندس گول شڪل ۽ سليٽي( Grey)  رنگ ڪري، بادلن جي تصور ۾ به ڏٺو ويو آهي. وچين دور (Middle  Ages)، ۾ هاٿيءَ کي حڪمت، (Wisdom) موافقت (Moderation) ابديت (Enternity) ۽ رحمت (Pity) جي علامت سمجهيو وڃي ٿو. (3)

هندو مٿ مطابق هاٿي ءَ کي گڻيش ديوتا ڪوٺين ٿا، سندن عقيدي موجب هر ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ گڻيش ٿا پنا  ڪرڻ کي سٺو سنوڻ سمجهيو ويندو آهي. گڻيش لاءِ چون، هي رڌيون سڌيون ڏيندو آهي. يا سڌين جو سائين وڳهن ٽار يعني اپ سنوڻ کي ٽاريندڙ آهي.

 هاٿي جيڪو طاقت، حڪمت، رحمت ۽ ابديت جي علامت آهي، سو هن بيت ۾ مئي هاٿي جي سمبل ۾ استعمال ٿيو آهي جنهن جي معنيٰ اهڙو سماج جيڪو مٿين سڀني حقيتن جي ابتڙهجي، يعني جتي ٻاٽ اونداهي ڇانيل هجي.جڏهن سنڌ جي سرسبز زمينن کي ارغونن ۽ ترخانن ڀيلي بيابان بڻائي ڇڏيو،ته به انڌن ۽ بي عقلن انهن ظالمن کي ڪونه سڃاتو ۽ انهن جو ساٿ ڏيندا رهيا، پر سچن ۽ بصيرت وارن سردارن ان عمل کي برو ڀانيو. لطيف سائين انهن بصيرت بينا سردارن تي ڀروسو ڪري ٿو.

هن سر ۾ لطيف سائينءَ مختلف رنگن جي علامتن کي استعمال ڪري مقصد ۽ مدعا بيان ڪيو آهي. سياه، لال، سفيد ۽ زرد رنگن کي اهڙي ته دانائي سان تصورن جي روپ ۾ ڏنو اٿس جو هر هڪ جي حيثيت منفرد ۽ اهميت واري ٿي پئي آهي. ٻن رنگن جو موازنو ڪرڻ وقت گهٽ درجي واري رنگ جي فطرت کي زناني ۽ برتر رنگ کي مرداني فطرت جي علامت طور پيش ڪيو ويو آهي. (4)

هيٺاهين کان مٿاهين موازني جي فطرت موجب الڪيميا (Alchemic) ۾ رنگن کي هن ترتيب سان رکيو ويو آهي. پيلو، نيرو، سبز، ڪارو، سفيد، لال ۽ سونهري. (5) هن ترتيب موجب سونهري رنگ لال تي بر تري رکي ٿو ۽ لعل سفيد تي، سفيد ڪاري تي ۽ ڪارو سبز تي، سبز نيري تي ۽ نيرو پيلي تي برتري رکي ٿو.

ڪارو رنگ منفي (Negative) معنيٰ ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي.لال رنگ بهادري ۽ جوان مرديءَ جي علامت آهي.

لوفلر (Loeffler) پکين جي ڏند ڪٿائي ڪهاڻين ۾ ڪاري کي ذهن جي اڀار لاءِ لال کي ماورائي فطرت يعني خدائي يا اعجازي فطرت جي علامت ۾ پيش ڪيو آهي. ڪرسچين آرٽ ۾ ڪارو رنگ شرمساريءَ جو تصور ۽ لال محبت قرباني ۽ خيرات جي علامتن ۾ استعمال ٿئي ٿو. (6) اسلامي فڪر توڙي ڪرسچين فن ۾ لال رنگ محبت ۽ قربانيءَ  (Charity) جي مفهوم ۾ استعمال ٿئي ٿو.

سفيد رنگ مثبت (positive) اثر جو حامل آهي. لوفلر سفيد رنگ کي محبت جو سمبل سڏي ٿو. ڪرسچين آرٽ مطابق سفيد رنگ پرهيز گاري (Purity) جي مفهوم  ۾ بيان ڪيو ويو آهي.اسان وٽ سفيد رنگ امن، ڀائيچاري ۽ پاڪائي جي علامتي ايڪن ۾ شمار  ڪيو وڃي ٿو. رنگن جي علامتن وارا بيت هيٺ ڏجن ٿا.

سرمو سيــاهيءَ جو رنن کي رِهــاءِ،

ڪــــــاني ڪــارائي جي مڙس ٿي مَ پاءِ

اکـــــين ۾ اٽــــڪاءِ لالائـــــي لالن جـي.

(آسا، 4 ـ20)

ســـــرمو سرخي ءَ جو، جڏهن پاتو جــن،

تڏهن ڏٺــــي تن، رونق ريــــٽي جــــهڙي.

 (آسا، 4 ـ 21)

ســــــــرمو سفيديءَ جو جڏهن پاتو جن،

تـــــڏهن ڏٺـــــي تــــن اڇــائي عالــم  ۾،

 (آسا، 4 ـ 22)

مــون ته لڪائي گهڻو، روئڻ  ڪي روشـــن،

رسيــــو ريـزالن کي، منــــجهان زردي  ظـــن،

ويري مون ورن، ڳالهه ڪيائين ڳجهه جي.

 (آسا، 4ـ27)

شاهه سائينءَ جي شاعري پڙهڻ سان اجتماعي طور تي جيئڻ جي سگهه پيداٿئي ٿي. جيئڻ سولو ۽ خوشگوار محسوس ٿئي ٿو. ترقي ءَ جون راهون روشن نظر اچن ٿيون. ٻين انسانن  سان قربت پيدا ٿئي ٿي پر اها قوت همدردي ۽ درد جي مليل جليل صورت ۾ هجڻ گهرجي.

سر آسا پڙهڻ کان پوءِ ائين چئي سگهجي ٿو ته بر صغير جي ڌرتي ءَ کي هڪ سماجي صورت ڏيڻ لاءِ جيڪو خالص انساني علامتن جو نقشو شاهه سائين جوڙيو هو، اهو تاريخي ۽ شعوري طور تي هن ڌرتي ءَ جو دستور آهي ۽ ان دستور تي ڪاربند ٿيڻ لاءِ هن سر جي هڪ متروڪ ٿيل بيت ۾ چيائين ؛

ڪافر  ٿي  ته  ابهين، باب  شـرع جـــا ڇـــڏ،

من مشرڪن گڏ، ته ويجهو ٿيين وصال کي.

ڪافر ٿيڻ، باب شرع جا ڇڏڻ ۽ مشرڪن سان گڏجڻ ۾ ئي وصل جي ڳالهه سيدنا ڀٽائي ڪئي آهي. اهي سڀ علامتون آهن، مٿڀري معنيٰ جون، انسانيت جي فلسفي کي سمجهڻ جون ۽ سچائي تائين پهچڻ جون. انهن علامتن جي تفهيم هڪ وڏي سماج کي جوڙڻ جي نويد آهي جتي سچ جو وهنوار هوندو ۽ ڪا اونچ نيچ   ڪونه هوندي.

ڪافر ٿيڻ مان مراد آهي ڪوڙجي ڪاروبار ۾ شراڪت داري کان انڪاري ٿيڻ باب شرع جا ڇڏڻ جو مفهوم آهي جيڪو مروجه دستور ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي ڏينهن ۾ رائج هو ان دستور کي ڇڏڻ. من مشرڪن  سان گڏڻمان مراد آهي آزاديءَ چاهيندڙ يعني هڪ دستور جي هوندي ٻيو دستور ڏيندڙ، مقصدي ماڻهن سان گڏجڻ ۽ وصال ماڻڻ معنيٰ آهي منزل ماڻڻ يا ماڳ تي پهچڻ.لطيف سائين چئي ٿو ته ڪوڙ جي ڪاروبار ۾ شراڪتداري کان انڪاري ۽ محبتي ۽ مقصدي سماج اڏيندڙ ماڻهن جي مشترڪ  ڪوشش ۾ ڀاڱي ڀائيواري يعني هڪ نظام اندر ٻيو نظام ڏيندڙ (مشرڪن) سان گڏجڻ سان ئي وڏي، آزاد ۽ خوشحال سماج کي جوڙڻ جي قابل ٿي سگهبو، يعني وصال نصيب ٿيندو،

حقيقت ۾ لطيف سائين جا سڀ بيت علامتون يعني آيتون آهن ۽ انهن جي مفهوم تائين رسائي سان ئي منزل ماڻي سگهبي.

جي تو بيت ڀانيا، سي آيتون آهين،

نيومن لائين، پريان ســـندي پار ڏي،

 (سهڻي، 6ـ25)

حاصل ڪلام ته سر آسا ۾ انسان جي ابديت ۽ واجب الوجود جي حد مقرر ٿيل آهي. انسان ۽ خدا جي وچ ۾ ڳانڍاپي جو ذڪر به آهي. انسان جي اختيار سان گڏ قدرت جي جبر جي پابندي به مقرر ڪيل آهي. انسان کي ڏاهپ ۽ عقل جي اصولن تحت ڪم ڪرڻ جي ترغيب به ڏنل آهي. اهو به واضح ڪيل آهي ته هيءَ ڪائنات تمام وسيع ۽ ويڪري آهي، انسان پنهنجي ٿورڙي حياتي ۾ ترقي واري عمل کي جاري رکڻ لاءِ انسانيت  سان ڳانڍاپي کي يعني هڪ جهڙائي کي وڌيڪ اهميت ڏني آهي. جيئن حقيقت جي تڪميل ٿي سگهي. مذهبي ۽اخلاقي قدرن جي بحالي لاءِ خلوص کي مسلڪ بڻائڻو آهي، ڇو ته منافقي ڪنهن به مذهب ۽ مسلڪ ۾ جائز ناهي. تنهن ڪري منافقي جو جبو لاهي، خلوص جو پهراڻ پهرڻ گهرجي، ظاهرداري ۽ شڪل وصورت جي اجرائي، اندروني بغض ۽ ڪيني کي ڪڍي نٿي سگهي ان ڪري جتي رهجي سچوٿي رهجي.

منهن ته آهيريان ئي اجرو، قلب ۾ ڪارو،

ٻــهـران زيب زبان سين، دل ۾ هـــــــــچارو،

ان پر ويچارو، ويجهو ناه وصال کي،

(آسا، 4 ـ 18)

 

حوالا

ٻوهيو الهداد ڊاڪٽر ؛ سنڌي ٻولي جو سماجي  ڪارج سنڌالاجي ڄامشورو ـ 1978ع صه ـ 308

جي ـ اي سرلاٽ ؛ اي ڊڪشنري آف سمبلز رائوٽ ليج اينڊ ڪئگن پال لنڊن، 1962 ع ص ـ 257

ـــــــــــــــــــ ايضآ ــــــــــــــــــــ صه 96

جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر (مرتب) نرتي تند نياز سين ( مقالو ؛ تنوير عباسي) سنڌي ادبي بورد. 1988 ع صه ـ 28

اي ڊڪشنري آف سمبلز صه ـ 60

ــــــــــــــــــــ ايضآ ـــــــــــــــــــــــــ صه 96  

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com