سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه لطيف جو علامتي شعور

 

صفحو :14

مارئي، سونهن، ست ۽ سورهيائي جو  اهڃاڻ

 

مارئي جي شخصيت سنڌي سماج ۾ اهڃاڻي حيثيت اختيار ڪري چڪي آهي. مارئي دراصل ٿر جي سر زمين جو هڪ سچو ۽ حقيقت تي مشتمل تاريخي ڪردار آهي. هن جي خوبصورتي سيل ۽ ست توڙي همت ۽ حوصلي واري سگهه کيس زنده بڻائي ڇڏيو آهي. سنڌ جي ڪيترن اديبن ۽ شاعرن مارئي جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر جهڙي ريت لطيف سائين مارئي کي بيان ڪيو آهي، اهڙي مستند ۽ معيار ي ڪٿا اڳ يا پوءِ ڪنهن به ڏاهي پنهنجي اظهار ۾ ڪو نه ڪئي آهي. انهي اهميت جي پيش نظر اسين جڏهن به مارئي جي ڪرداري حيثيت ۽ عڪسي اهڃاڻ تي ويچارينداسين ته سڀ کان اڳ ۾ اسان کي جنهن سچي ۽ تاريخي دستاويز جي ضرورت محسوس ٿيندي سو آهي شاهه جو رسالو. شاه سائين سندس نسبت سان ڀرپور تاثر ڇڏيندڙ تاريخي حقيقتن تي مشتمل سڄو سارو هڪ سر چئي ڇڏيو.

سر مارئي جو مطالعو ڪندي محسوس ٿئي ٿو ته ٿر ڄائي نينگري نه صرف ظاهري خوبصورتي جو اهڃاڻ هئي پر سندس اندروني خوشبوءِ به ايتري ته مدهوش ڪندڙ ۽ دلفريب هئي جو شاهه عنايت ۽ شاهه لطيف جهڙن ڏاهن سندس سونهن ۽ سرهاڻ کي جڳ آڏو پيش ڪندي فخر محسوس ڪيو.

ٿر ڳڻوانن جو علائقو ۽ همت ۽ سادگي واري جوءِ آهي.  هتان جون ڀٽون تاريخي عظمت جي ان دور کي اندر ۾ سانڍيو پيون اچن جن جي روشني، جهرو ڪن ۽ انمول هيرن کي هٿ ڪرڻ لاءِ انهن ڀٽن جي سيني کي چيري چاندي جيان چمڪندڙ ذرن جو اڀياس ڪرڻو پوندو. ڀٽائي سائين ٿر جو ذرو ذرو گمهي ڏٺو ۽ اتان جي ماڳن مڪانن کي اکين ڏسي ڳالهيون سڻي، ڪي نتيجاڪڍيائين ۽ پوءِ انهن کي اظهار جو روپ ڏيئي هميشه لاءِ رسالي جي زينت بڻائي ڇڏيائين.

جنهن سماج ۾ مارئي جهڙي عظيم عورت جنم وٺي ٿي سو سماج ڪيڏو نه ابدي آسائشن ۽ سونهن سرهاڻ جو مرڪز هوندو. جتي عزت، پاڪائي ۽ اخلاق جا درياءَ وهندا هجن اتي ڪير هوندو جو اُڃو پياسو رهجي وڃي. بس اهڙي ماحول ۾ پرورش پاتل مارئي نيٺ پنهنجي ڀرپور ڪردار سان عمر جهڙي جابر حڪمران کي ٺڪرائي ڇڏيو. دنيا ڏٺو ته عمر کي اهڙي تاريخي شڪست زندگي ڀر ڪونه ملي.

نفسياتي طور تي به ٿر جو علائقو اهڙن ماڻهن جي سر زمين آهي جيڪي سادگي پسند، مهمان نواز، غيور، وفادار، ۽ امن گهرندڙ آهن، سندن سيني ۾ سڪ ۽ قرب جا امنگ پيا اڇلون ڏين. انساني محبت ۽ پيار جي حوالي سان لطيف سائين ٿر جي سر زمين کي چونڊيو.

نڪاڪن فيڪون هئي، نڪو لڱ لـــحم،

بڻيو    هــــــــو نه  بـــــــت ۾، اڃاڪي آدم،

مون توهين سين سڱ، اها ساڃاهه سپرين !

 (مارئي 1ـ6)

محبت جي هي وادي جتي نينهن ٿو نپچي جتي پيار ٿوپلجي، جتي سڀ کان اڳ ۾ پيار جو پڙاڏوگونجيو، انهيءَ سر زمين جا رهواسي ڪيڏا نه مهان، مڻيادار ۽ موچارا هوندا !  هوءَ جهڙي خوبصورت هئي کيس خوبصورتي جي تحفظ جي سکيا به اهڙي ئي مليل هئي. تنهن ڪري ته هن عمر جهڙي ارڏي حاڪم کي آمهون سامهون ٿي ڪوروجواب ڏنو. انهيءَ حقيقت جي پيش نظر لطيف سائين، مارئي جي تحفظ جو ضامن ٿر کي ۽ اتان جي سماج کي سمجهيو آهي

ورسي وطن ڄائيون، صحرا سترجن،

(مارئي 3 ـ 15)

مارئي جڏهن ٿر جي جهنگن ۾ اڪيلي پيرون پٽيندي البيلائي جا ڏينهن گذاري، ٿي تڏهن سندس سيل ۽ ست تي ڪو ٽڪو ڪونه لڳو ڇو ته ٿر امن جي جاءِ ۽ ستين جو ماڳ آهي. اتي ڪنهن جي عصمت تي حرف ڪونه ٿو اچي ۽ نه ڪنهن جي لوڙهي کي لتاڙي ننگن ۾ نگاه وڌي وڃي ٿي. اهي سڀ پرڪار وٽن آهن ئي ڪونه. پر عمر سومري پنهنجي آمرانه هلت ۽ حاڪمانه ڦونڊ ۾ ڀرجي مارئي کي زوري کڻي اچي ڪوٽ ۾ قابو ڪيو. جنهن ڪري صحرا ۾ گهمندڙ نينگري جو حسن ۽ ست ڪوٽ ۾ اچي  مجروح ٿي پيو. هن کي هر طرف کان طعنن جي تنوار ٻڌڻ ۾ آئي هوءَ پاڻ کي مياردار سمجهڻ لڳي. انهي خوف سندس اندر جهوري وڌو. لطيف سائين، مارئي جي انهي جذبن کي لفظن جو روپ ڏيندي چيو.

سونهن وڃايم سومرا،مارو مس مڃين،

ڏنگاڏاڏي پوٽيين، ڪن ڏنا ڪي ڏين.

(مارئي 5ـ 1)

سونهن وڃايم سومرا ميرو منهن ٿيوم،

وڃڻ تت پيوم، جت هلڻ ناه حسن ري.

(مارئي 5 ـ 2)

مارئي، عمر جي ڪڌي هلت تي ڏاڍي پريشان آهي هوءَ پنهنجي پيڪن تي حرف اچڻ کي نهايت برو  ڀانئين ٿي؛ سوچي ٿي ته جيڪر هو ڄمي ئي نه ها. لطيف سائين مارئي جي من کي جنهجوڙي سندس اندر جي آواز کي نهايت اثر ائتي انداز ۾ پيش ڪري ٿو.

هڪ جيئن نه ڄاياس ٻيو ڄاپندي جي مران،

 (مارئي 6 ـ 3)

مَ سپنـــي مــــارئي  مــئــــــي  مَ   ڄـــائي!

جـــنهن اچي عمر ڪوٽ ۾ لوئي لڄائـي.

 ( مارئي 6 ـ 6)

هوءَ نڌر نماڻي ۽ پروس آهي، کيس عمر جون لالچون ۽ دڙڪا پهر پهر ۾ پيش اچن ٿا، ڊپ اٿس ته ڪٿي حربي ۾ وڪوڙجي، ڪوڙڪي ۾ نه قابو ٿي وڃي. هيڻائي ۽ اڪيلائپ جا سوين وسوسا اندر ۾ اچنس ٿا، عمر کي التجاڪندي چوي ٿي.

سيل ڀڃڻ جي سومرا مونکي مت  نه آڇج مير،

( ڪلياڻ آڏواڻي ؛ مارئي 6 ـ 3)

ڇو ته

جهڙي آيس جيئن، جي تهڙي وڃان تن ڏي.

(مارئي ؛ 6 ـ1)

هو ءَ عمر کي ٻڌائي ٿي ته شادي شده عورت پنهنجي ورسان بيوفائي جو سوچي به نه ٿي سگهي. ٿر جي عورت اڄ به روايتي طور تي پنهنجي سماجي ۽ نفسياتي قدرن جي رکپال آهي. ڪٿي ڪو ٿاٻو اچيس ته يڪدم وات مان هي اکر نڪرندا ؛ بچي فلاڻي جو پيءُ يا جيئي گهر ڌڻي اهڙي ماحول ۾ نپيل مارئي ڪٿي ٿي کيت کي وساري. چو ي ٿي ؛

ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻيو، کٿيروئي خوب،

ميروئي محبـــــوب، اسان مـارو مـــن ۾.

(ابيات متفرقه ؛15)

مارئي جو پنهنجي ڪانڌ سان محبت وارو عمل انساني توڙي ڪائناتي شعور جي وڌڻ ۽ ويجهڻ جو ڪارڻ بڻجي ٿو، جهڙي تهڙي پنهنجي کي قبولڻ، دراصل انسانيت  جي ان سچائي ڏانهن اشارو آهي جنهن سان معاشري ۾ جنسي آزادي کي ٻنجو اچي ٿو ۽ هڪ ٻئي سان سچي هجڻ ڪري، پاڪائي  ۽ پوتر تائي جو عنصر وڌي ٿو.

جيتوڻيڪ مارئي ننڍي نيٽي،اڻ تجربيڪار ۽ اڪيلي عورت آهي پر سندس سوچ، همت ۽ وقتائتي فيصلي جي سگهه منجهس هڪ تجربيڪار ڏاهي جهڙي موجود آهي، جنهن جي آڌار تي هو قومي ۽ انساني بقا وارا فيصلا ڪرڻ جي قابل ٿيندو آهي. مارئي به اهڙي ڏاهپ، قوت ۽ خوبصورتي جو اهڃاڻ آهي.

 هو ءَ جڏهن ڪوٽ ۾ اچي قابو ٿئي ٿي ته مٿس ٻاهرين خبر چار جون سڀ راهون بند ڪيون وڃن ٿيون. کيس اهو تاثر ڏنو وڃي ٿو ته تنهنجي مارن توکي جيئري ئي مئو سهايو آهي ۽ تنهنجي جي وجود کي ناپاڪ سمجهي ملير جي ڌرتيءَ تي ٻيهرڏسڻ نٿا چاهن. پر مارئي ڏاهي هئي هن کي پنهنجي پيڪن تي ويساه هو. هن جي اندر ۾ مارن لاءِ جيڪا اڪير موجود هئي تنهن سندس همت ۽ حوصلي کي برقرار رکڻ ۾ مدد ڪئي. پنهنجي محبت ۽ ڪوشش جي قوت ڪري هن ۾ مارن سان ملڻ واري سوچ وڌيڪ پختي ٿي ويئي. دشمن جي ڪو ڙي پروپئگنڊا کان بنهه متاثر نه ٿي ۽ وڏي واڪي کين چيائين. سنهي سئي سبيو مون مارن سين من سندس يقين تڏهن وڌيڪ پختو ٿي ويو جڏهن مارن جو نمائندو عمر وٽ پنهنجي ٻانهن ( مارئي) وٺڻ لاءِ ڪهي آيو. لطيف سائين انهي ءَ صورتحال کي ٻڌائيندي چويٿو ؛

اتـان   اوٺـي   آئـــيو. خــبر   اي    کــري،

وساريـــج مَ    ور  کي،  پـئج   مَ مــنڌ مري،

ويندين ات وري، ڪو ڏينهن آهين ڪوٽ ۾.

(مارئي 10 ـ 4)

هينئر هوءَ آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ زنده رهڻ کي ترجيح ڏيڻ لڳي مرڻ سان مطلب ڪو نه ملڻو هو. کيس موقعو ملي ويو. عمر جي هر ڳالهه کي هينئن چئي ريٽي ٿي ڇڏيائين ته آئون ڪيئن ڇڏيان سومرا، پهنوارن پچار ڇو ته هاڻ سندس واهرو پيدا ٿي چڪا هئا. هن پاڻ کي ڪوٽ ۾ به اڪيلو ڪونه ٿي ڀانيو.

عمر کي کليل لفظن ۾ ٻڌايائين.

جيها سي تـيها، مــون مــارو مـڃيا،

مون  جيـــڏيون  مليـر ۾، چونڊن موڪ مها،

منهنجي آه اها، ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي.

(مارئي ابيات متفرقه.9)

لطيف سائين مارئي جي هر سوچ ۽ عمل کي ذري پرذي ظاهر ڪيو آهي، ائين ٿو باسي ته ڄڻ لطيف ساڻس همراهي ۽ هم صلاحي هو. مارئي مارن جي نمائنده فرد جو اهڃاڻ آهي، هوءَ مارن جي انهي عمل کان ڏاڍي خوش ۽ مطمئن آهي جو اهي، سندس قيد ۾ وڃڻ کانپوءِ به پنهنجي عملي جدو جهد ( يعني مارئي جي آزادي واري جدو جهد) کان هٿ ڪڍي ڪونه ويٺا، انهي ءَ ڪري ئي اڀرا سڀرا کيس پسند آهن. هن جي خواهش آهي ته جيسين کيس مڪمل آزادي ملي تيسين اهو عمل جاري رهڻ گهرجي. هن کي پورو ڀروسو آهي ته جيڪڏهن مارن طرفان اهڙي مهم جاري رهي ته پوءِ اهو گڏيل عمل (آه) ضرور عمر جي ڪوٽ کي ڪيرائي وجهندو ۽ آئون آزاد ٿي ملير موٽنديس.

سوين سال اڳ مارئي جي اها خواهش هئي ته عمر جو هي قهري ڪوٽ ڪري ۽ هوءَ آزاد ٿي ملير موٽي. پر اڄ اسين ان ظلم جي اهڃاڻ کي انهي ڪري صحيح سلامت ڏسڻ چاهيون ٿا ته ماضي جي انهي يادگار کي اڄ جي عمر کي ڏيکاري ظلم کي ورجائڻ کان روڪيون.

ظالم قوتن کي ڪوٽ جون ارڏيون ديوارون ڏيکائي وقتي طور خوفزده ته ڪري سگهجي ٿو پر اهي لاڀ ڀريا نتيجا اوستائين حاصل ٿي ڪونه سگهندا جيستائين. اسين لطيف سائين جي مٿين بيتن جي تشريح واري روح تي عمل ڪري پنهنجو پاڻ ۾ ڦيرو ته آڻينداسين. انهي ڪري ئي لطيف سائين اڄ جي هر باشعور فرد کي عمل لاءِ اڪسائيندي چوي  ٿو ته زندگي جو سچو عمل ئي پائدار رهي ٿو، باقي سڀ فنا آهي.

ڪو ڏينهن آهين ڪوٽ ۾ لوئي هڏ مَ لاه.

( مارئي ؛ 10 ـ 5)

مددي ڪتاب

1 ـ رائچند ؛ تاريخ ريگستان ( ڀاڱو ٻيو) سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1988 ع.

2 ـ  جوڻيجو عبدالجبار  ( ڊاڪٽر) سنڌي ادب جي مختصر تاريخ سره ڪتاب حيدرآباد 1973 ع.

3 ـ سنڌي حميد ( مرتب) ؛ مارئي ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز.

4 ـ شهواڻي غلام محمد ؛ شاهه جو رسالو آر ايڇ احمد اينڊ برادرس حيدرآباد 61 ـ 1960 ع.

5 ـ آڏواڻي ڪلياڻ ؛ شاهه جو رسالو مڪتبه اسحاقيه ڪراچي 1976 ع.

  

شاهه لطيف جي عڪسي شاعري

 

عڪس جي تشريح ان ڪري به لازمي ٿيو پوي ٿي جو لطيف سائين جي گهڻي ڀاڱي شاعري کي تمثيلي يا عڪسي ڪوٺيو ويو آهي. عام طور تي عڪس کي به علامت سمجهيو ويندو آهي. پر حقيقت ائين نه آهي. ڪتاب المورد  الوسيط ۾ عڪس لاءِ عربي لفظ صوره يا ايقونھ استعمال ٿئي ٿو.

علامتي صورتن ۾ هڪ صورت عڪس جي به آهي جنهن ۾ معنيٰ جي سطح بدلجي ويندي آهي. عڪس ماضي جي ڪن حقيقتن جو هڪ مخصوص زماني ۽ مڪاني رشتو ڳنڍيندا آهن. عڪس کي وڌيڪ چٽائي ءَ سان هئين  سمجهي سگهجي ٿو ته عڪس ٻن مختلف شين، يا واقعن يا مو قعن جي مشترڪ وصف ۽ مقابلي جو ٻيو نالو آهي. جيڪو شخص عڪس کان ڪم وٺي ٿو اهو هڪ موقعي جي احوال جي تشريح ٻئي موقعي جي احوال ذريعي ڪندو آهي. عڪسن جو واسطو مصوري سان به آهي، مصوري لفظن جي ذريعي ڪئي ويندي آهي، عڪس کي محاڪاتي استعارو به چئي سگهجي ٿو، عڪس مان مراد آهي معلومات يا محسوسات جا اڳ ۾ حاصل ٿيل هجي، تنهن کي وري جاڳايو وڃي. تنوير عباسي لکي ٿو ته شاعر کي پنهنجي محسوس ڪيل ڪائنات ٻيهر تخليق ڪرڻي پوي ٿي. ڪائنات جي انهيءَ ٻيهر تخليق واري عمل لاءِ عڪس بهترين ذريعو آهن. شاعر ۽  اديب عڪس کان گهڻو ڪم وٺندا آهن، ڇو ته ائين ڪرڻ سان دنيا سان واسطو رکندڙ مختلف شين ۽ حالتن جي وچ ۾ اختلاف جي حقيقت کي سمجهي سگهندا آهن. ان مان اها ڳالهه ظاهر ٿي ته عڪس بنيادي حقيقت جي دريافت جو نهايت اهم ذريعو آهن، معنوي ۽ صورت گري جي لحاظ کان عڪس کي ڪيترن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي، پيٽر جونس عڪس کي ٻن قسمن ۾ ورهايو آهي هڪ داخلي ۽ ٻيو خارجي،

ڊاڪٽر ٻوهيو پهرين کي معنوي ۽ ٻئي کي ظاهري يا لفظي سڏي ٿو. ايف ـ ايس فلنٽ عڪس جا ٽي قسم بيان ڪيا آهن نئنڊس عڪس جا ڇهه طريقا ٻڌائي ٿو ؛

(1) نظري عڪس  (2) ٻڌڻ جوعڪس (3) سنگهڻ جوعڪس (4) ذائقي جو عڪس  (5) ڇهڻ وارو عڪس  (6) ٿڌي ۽ گرم جو احساسي عڪس.

شاهه لطيف جي شاعري فطرت جي مشاهدي جو هڪ کليل ڪتاب آهي ان ڪري سندس رسالي ۾ عڪس جي به گهڻائي آهي. هن وٽ ٻولي جو خزانو آهي، سندس ٻولي جو هر هڪ لفظ جذبات ۽ احساسن سان ٽمٽار نظر اچي ٿو. اهوئي سبب آهي جو سندس شاعري انساني حواسن تي جلد حاوي ٿي وڃي ٿي. اهڙن ئي جذبن جي تصوير هيٺين بيت ۾ ڏسي سگهجي ٿي.

سـر   نسريا    پاند،    اتر    لڳـــا   آءُ پــريـن،

مون تو ڪارڻ ڪانڌ، سهسين سکائون ڪيون.

 ( سامونڊي)

سَرن جو ڳڀ جهلڻ ۽ اتر واءُ لڳڻ اهڙو ويلو آهي جنهن ۾ انساني جذبا جوان ٿين ٿا ۽ ڦوڙائو ازدها بڻجي ڏنگي ٿو. هن بيت ۾ لطيف لفظن کي جذبات جو عڪاس  بنائي انگ انگ ۾ احساس جي باهه ڀڙڪائي ڇڏي آهي.

جذبن ۽ احساسن جي اپٽار لطيف جي هر بيت ۾ نظر اچي ٿي. سر سهڻي جي هيٺئين بيت ۾ شاهه صاحب ذهني ۽ جذباتي احساس جي تصوير پيش ڪري عڪسي شاعري جي تڪميل ڪئي آهي.

گهــــڙي  گهـــڙو  هٿ  ڪــــري، الاهي تـهار،

ڄنگهه ڄرڪي وات ۾، سسي کي سينـسار،

چوڙا ٻيڙاچــــــــــڪ ۾، لڙ ۾ لـڙهيـــــس وار،

لکين چهٽيس لوهڻيون، ٿيلهيون ٿر نئو ڌار،

مــــــــڙيا مڇ هـــزار، ڀــــاڱا ٿيندي سهـــــڻي.

اهڙي عڪس کي وليم ڪوهين ڀرپور عڪس (Charged Image) ڪوٺيو آهي.

لطيف جا عڪس، وڇڙيل دلين جون اداس تمنائون به آهن ته ٽمڪندڙ آڪاش هيٺان ان ماڳ ۽ مڪان جو تصور به پيش ڪن ٿا جتي محبوب جو ديرو آهي.

تــــو ڏانهن گهڻو نهاريان تارا تيلاهين،

سڄــــڻ جيڏاهين، تون تيڏانهين اُڀرين،

هُن تاري، هُن هنڌ، هُت منهنجا سپرين،

سڄـــڻ ماکي منڌ، ڪوڙا ٿين نه ڪڏهين.

لطيف سائين درياهه جي متضاد ڪيفيات جي به تصوير ڪشي ڪئي آهي. درياهه کي هو ڪٿي جابر بادشاهه جي رنگ ۾ ڏسي ٿو ته ڪڏهن ان جي ڪنن جي ڪڙڪن کي لطف سان ڀريل محسوس ڪري ٿو، جيڪي مشڪ ۽ عطر جي هٻڪارن سان لبريز آهن. ٻنهي صورتن ۾ لطيف جو ڪمال آهي جو سالڪ کي هر حال ۾ درياهه ۾ گهڙڻ لاءِ آتو ڏيکاري ٿو. هڪ هنڌ چوي ٿو ؛

دهشت دم درياهه ۾ جت جايون جانارن،

درنـــدا   دريا  هه ۾،  واڪا  ڪــــيو ورن،

ڪو جو قهر ڪنن ۾،  ويا  ڪين  ورن،

اتـــي اڻتارن، ساهڙ سير لنگهاءِ تــــون.

ٻئي هنڌ چوي ٿو ؛

لهــر  مڙيـوئي  لعل،  وهـــڻُ کٿوريان وترو.

اوٻــــــارا عنـــــبير جا، جـــر مــان اچن جال،

ڪُنن گهڙي ڪال، سڪ پريان جي سهڻي،

هي بيت سنگهڻ جي احساس جو عڪس آهي. ڪنهن نظاري جي چٽسالي يا ڪنهن ماڻهو جي مهانڊن جو نقشو چٽائي سان اکين اڳيان اڀري اچي ته اهڙي عڪس کي نظر ي عڪس چوندا آهن. سر حسيني  ۾  شاهه صاحب فرمائي ٿو ؛

لڪڙ  هاريون آڱريون، ٻارو چاڻو  پير،

اچــو پَسون جيڏيون، تازو پنهون  پير.

هن بيت مان اهو محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ پنهون هاڻي هاڻي  هتان گذريو آهي، هن جي پير جو نشان به اڃا تازو آهي.  سندس سنهيون آڱريون ۽ مخصوص ڊول وارو ٻروچڪو پير پنهو نءَ جي خوبصورتي ۽ سندس انفراديت جي عڪاسي ڪري ٿو.

آوازي عڪس ۾ سر، موسيقي ۽ ٻڌڻ جو تاثر ملي ٿو. ان جو هڪ مثال ڏسو ؛

اديــون سـڀ انـدام، چڙن منهنجا چــوريا،

لارن جا لنو لائي سا، ڪيئن آڇيان عـام،

لڳيس جنهن جي لام، سو  دلاسا  دوست منجي.

هن بيت ۾ چڙن جي آواز ٻڌڻ سان سهڻي جي انگ انگ ۾ جيڪو سرور پيداٿئي ٿو سو ميهار جي چڙن جي آواز جو اثر آهي، بيت ۾ رومانس جو جيڪو تاثر شامل آهي سو دائمي صداقت جي نشاندهي به ڪري ٿو، ۽ شاعرجي ذهني ۽ فطري  ائپروچ ڏانهن به اشارو آهي. هي بيت علامتي عڪس جو به بهترين نمونو آهي.

ڪن بيتن ۾ ٻٽا عڪس به نظر اچن ٿا ۽ ڪٿي ڪٿي ته اهو تجربو گهڻ عڪسو به ٿي پوي ٿو. شاعر جو اهم تجربو صرف عڪس چٽڻ لاءِ نه هوندو آهي، بلڪ اهو هن کي هڪ نڪتي تي مرڪوز ڪرڻ جو ذريعو هوندو آهي. مٿئين مثال جي وضاحت لاءِ سر سارنگ جو هي بيت هڪ جامع صورت جو آئينه دار آهي.  

اڱڻ تازي، ٻهر ڪُنڍيون، پکا پٽ سونهن،

سرهي  سيج، پاسي  پرين،  مر  پيا مينهن وسن،

اسـان  ۽  پريـن،    هون     برابـر   ڏينــهڙا.

هيءَ بيت انساني خواهشن جي لازوال عڪاسي ڪري ٿو جنهن ۾ هر پاسي گهڻي خوشي جو اظهار ڪيل آهي. پر ان ۾ جيڪو نراسائي جو نڪتو شاعر بيان ڪيو آهي اهو ڏاڍو واضح ۽ چٽو ۽ ڪيف ۽ سرور کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪندڙ آهي. هڪ طرف خوشي جا سڀ سامان آهن پر ٻئي طرف پرين جي نه هجڻ جو تصور به لڪل آهي. شاعر جي تمنا آهي ته اهڙي ويلي ٻئي گڏ هجون. اهو من جو مامرو به آهي ۽

انساني نفسيات سان واسطو رکندڙ حقيقت پڻ آهي.

 مطلب ته شاهه صاحب جي شاعري ۾ هر قسم جا عڪس ۽ اولڙا موجود آهن، ڇو ته سندس مشاهدو وسيع ۽ منظر ۽ لفظ انساني حس تي حاوي ٿيندڙ آهن، انڪري ئي سندس شاعري جذبات جي ڀرپور ترجمان ۽ عڪاس آهي جيڪا هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. هن ڏس ۾  به دنيا جا ڪي ڳاڻ ڳڻيا شاعر شاهه لطيف جي همسري ڪري سگهن ٿا.

 

شاهه جي شاعريءَ ۾ وير رس جو اڀياس

 

جماليات جي دائري ۾ به علامتن جو اڀياس ڪري سگهجي ٿو. جماليات جو بنيادي مقصد آهي ڪنهن حقيقت، شيءِ يا خيال مان حظ حاصل ڪرڻ يا لطف اندوز ٿيڻ. جماليات لاءِ هيئن به چئي سگهجي ٿو ته اها شيءِ جيڪا پنهنجي پر ۾ سڀ کان اعليٰ هجي، جماليات جي انهي انداز يا طريقي کيرس ذريعي ظاهر ڪري سگهجي ٿو. رس ذريعي شاعر مختلف نفسياتي ڪيفيتن کي پنهنجي قاريءَ جي ذهن ۾ منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي .

رس جون ڪئي حالتون آهن انهن مان ڏهن جو اڀياس عالمن ۽ ودوانن ڪيو آهي ۽ اهي سڀئي حالتون جمالياتي زمري ۾ آنديون ويون آهن. رس جي بنيادي معنيٰ آهي پيار ڪرڻ، سواد وٺڻ، عالمن رس  جي ڪيفيتن جي آڌار تي ان جون جدا جدا حالتون بيان ڪيون آهن. ڊاڪٽر سنديلي هن جا ٻه مکيه قسم بيان ڪيا آهن. سندس خيال موجب پهريون، جسماني رس آهي، جنهن جا هن ڇهه قسم ٻڌايا آهن،  جڏهن ته ٻيو حسي يا ڪلپنا وارو رس آهي جنهن جاوري (9) قسم ٻڌايا اٿس.

مولوي پنڊت حبيب الرحمان شاستري نو (9) رس بيان ڪيا آهن. سنسڪرت ۾ ناٽيه شاستر گرنٿ جي ليکڪ مني جي، رس جا اٺ قسم بيان ڪيا آهن. ڪن عالمن ٻه قسم ٻيا به ٻڌايا آهن مجموعي طور رس جا ڏهه قسم بيان ڪيا وڃن ٿا، جن جو وچور هن طرح آهي ؛

1 ـ     شرنگار رس (شرنگ معنيٰ محبت جي ديوتا ڪامديو جو اڀرڻ)

2 ـ     وير رس ( سورهيائي وارو رس)  

3 ـ     بڀتس رس ( بڇان، ڪراهت يا ڌڪار وارو رس)

4 ـ     رودر رس (غصي ۽ ڪاوڙ جو احساس ڏياريندڙ رس)

5ـ      هاسيه رس (( کل خوشي، آٿت ۽ آنند ڏياريندڙ رس)

6 ـ     ادڀت رس  ( اچرج يا حيرت وارو رس)

7 ـ     ڀيانڪ رس ( خوف ڏياريندڙ رس)

8ـ      ڪرڻ رس (شوق وارو رس)

9 ـ     شانت رس ( سنسار جي سک چڱن لڇڻن ۽ ياترائن وارو رس)

 10 ـ واتسليه رس ( ممتا وارو رس)

اصل ۾ اهي سڀ ذريعا آهن. خوشي، لذت، درد جي راحت، ڪاوڙ، سورهيائي، ڪراهت، خوف، اچرج ۽ شوق کي ماڻڻ جا. من جي  اڇل يا احساس کي جيڪو جيتروماڻڻ جي قابل هوندو،اوترو ان مان لطف ۽ حظ حاصل ڪري سگهندو. ماڻڻ مان هتي منهنجي مراد آهي غم سان شناسائي، يعني جنهن جيترو غم جي شدت کي محسوس ڪيو هوندو، اوترو ان ۾ رس کي ماڻڻ جي قوت وڌيڪ هوندي.

پنڊت وشوناٿ ساهتيه درپن۾ معتبر عالمن جي سند سان هي نظريو ڏنو آهي ته رس جو اصلي جوهر حيرت يا اچرج آهي. اسان جي خيال ۾ اها تاويل انهي خيال کان به درست آهي جو هر ڪا شيءِ  ۽ هرڪو وجود هڪ راز (Secret) آهي ۽ راز جي کوجنا ۾ اچرج ۽ حيرت واريون حالتون پيدا ٿينديون رهنديون آهن ۽ اهي حالتون (situations) ئي انساني سرور جو سبب بڻبيون رهنديون آهن.   سورهيائي هڪ اهڙي سچو ئيشن آهي جنهن کي شاعري ۾ وير رس ڪوٺيو ويو آهي. جيئن ته اسان جو موضوع به لطيف جي شاعري ۾ وير رس واري حالت کي سمجهڻ آهي، تنهن ڪري هيٺ انهي سلسلي جا ڪجهه ويچار پيش ڪجن ٿا.

سچ سونهن ۽ انسانيت کي دائمي حيثيت ڏيڻ لاءِ ڪنهن شخص جي ڪردار ( Behaviour) ۾ اهڙو جذبو ۽ لگن پيداڪئي وڃي جو مقصد تائين پهچندي پهچندي، جيڪڏهن بيان ڪيل مٿين حالتن مان کيس گذرڻو پوي ته هو ان حالت کي اهڙي نموني ماڻي (يعنيٰ برداشت ڪري) جو کيس هر حال ۾ خوشي، پيار ۽ لذت جو ذائقو محسوس ٿئي اهڙيئي انسان کي سورهيه سڏي سگهجي ٿو.اسان جي خيال  ۾ وير رسکي سڀني کان اتم درجي وارو رس ڪوٺجي ته بيجا نه ٿيندو. فڪر جي طاقت هڪ اهڙو جاندار تجربو آهي، جيڪو شاعر جي داخلي ڪيفيت سان گڏجي اجتماعي نفسيات ۽ احساس جي ترجماني پڻ ڪندو آهي. شاعر ڄاڻي ٿو ته ماڻهن جي سوچ ۽ چاهنا جو مظهر اهي ڪردار آهن جيڪي پنهنجي همت، حوصلي ۽ سورهيائي سان قومي فريضو بجا آڻين ٿا. لطيف سائين اهڙن ڪردارن ۽ تصورن کي نهايت سليقي، همت ۽ ارڏائي سان پيش ڪري، وير رس واري جمالياتي پهلو جو پورائو ڪيو آهي. اهڙا مثال سر ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، سهڻي، سورٺ ۽ ڪيڏاري ۾ موجود آهن.

شاهه سائين وير رس جي سلسلي جو سڀ کان موثر۽ مدلل اظهار سر ڪيڏارو ۾ ڪيو آهي. ڪربلا جي پڙ ۾ امام سڳورن جنهن سورهيائي ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيو، اهو هر صورت ۾ اعليٰ ترغيب جو ذريعو آهي. هر بيت ۾ لطيف سائين جو مخصوص اندازِ بيان واقعاتي جوڙ جڪ ۽ ترتيب ڪمال درجي تي پهتل نظر اچي ٿي.

ڪربلا جي پــڙ ۾، خيــما کوڙيائــــــون،

جهيڙو يزيد سامهون، جنبي جوڙيائون،

منهن نه موڙيائـون، پســي تاءُ ترار جــو.

 (ڪيڏارو:2 ـ4)

سچ لاءِ ڏنل هر قرباني اتم درجو ماڻي ٿي. يزيد ۽ ان جا ساٿي ڪوڙ جا ڪوٽ اڏي، ماڻهن سان زيادتيون ۽ بي واجبيون ڪري رهيا هئا. امام سڳورن ساڻن مدِ مقابل ٿي اڏيل ڪوڙي ڪوٽ کي ڪيرائي وڌو ۽ يزيد جي ساک مٽي ۾ ملائي ڇڏي. ستر بهادرن جي ننڍڙي لشڪر هزارن جي تعداد ۾ باطل جي لشڪر سان اهڙي جنگ جوٽي جو زمين ۽ آسمان ۾ ٿرٿلو مچي ويو. اصل ۾ اهو سڄو ڪمال عشق جو هو.

ڪامل ڪربلا ۾، آيا جنگ جــــــوان،

ڌرتـــي ڌٻـي، لــرزي، ٿرٿلــيا آســـمان،

ڪَره هئي ڪانه، هو نظارو نينهن جو.

(ڪيڏارو:2 ـ7)

سر ڪيڏاري ۾ وير رس جا ڪيترائي بيت موجود آهن. انهن مان ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا.

1. ـــــــــ سچ ڪه بيبي ڄايــا، هــهڙا ســورهيه ســـپريـن.

2. ـــــــــ گهــــوڙن ۽ گهـــــوٽــــن، رڻ ۾ لائــــون لڌيــــون.

3. ـــــــــ گهـــــوڙن ۽ گهــــوٽــــن، جيــئڻ ٿــورا ڏينـــهــڙا.

4. ـــــــــ جهمنديون اچن، جهوليون جهونجهارن جــــون.

5. ـــــــــ جيڏيون! هن جُهنجهار، اُجاري سڀ اڇا ڪــيا.

6. ـــــــــ ڪِلي وير ڪٽــڪ ۾، سائـــو ســـڀ نه هُــــــَونِ.

7. ـــــــــ تنهن سورهيه کي شاباس، جو مٿي پڙ پرزا ٿئي.

8. ــــــــ  مٿـــان تيـــغ تـــرار، مــــــار ته متـــــــارو ٿـــئين.

لطيف سائين جي شاعري ۾ وير رس وارو اندازِ بيان ايڏو ته موثر ۽ حساس ٿي پوي ٿو جو قاريءَ تي به ان جو اثر جيئن جو تيئن ٿئي ٿو. سهڻي ڪنڀر جي ڌيءَ آهي پر هن جي عشق ۽ مقصد سان سچائي واري عمل ڀٽائي کي ان تي لکڻ لاءِ اڪسايو.ڀٽائي سهڻيءَ جي ڪردار کي همت، حوصلي ۽ سورهيائي جو سمبل ڪري پيش ڪيو.

ڪنڌيءَ اڀيون ڪيــتريون، ساهڙ ساهڙ ڪن،

ڪنين سانگو ساهه جو، ڪي گهوريس ڪيو گهڙن،

ساهڙ سندو تن، گهاگهائي گهڙن جــي.

 ( سهڻي:1 ـ 9)

ڪسڻ جو قرار ڪرڻ ۽ سوريءَ کي سينگار سمجهڻ وارا سورما هر دور ۾ ايندا رهيا آهن. پر انهن جي علامتي حيثيت کي قائم (Establish) ڪرڻ ۽ مضبوط (Stable) ڪرڻ لطيف جو ئي ڪارنامو آهي.

سوري آ سينگار، اڳهين عاشقن جـــو،

مُــڙڻ مــوٽڻ ميهڻـــو ٿيا نــظاري نروار،

ڪــسڻ جو قرار  اصل  عاشقــن کـــي.

(ڪلياڻ ؛ 2 ـ 5)

هتي لفظ سوريءَ، علامت طور ڪتب آيو آهي. سوريءَ مان مراد آهي، مقصد لاءِ موت. سورهيه انسان موت کي ميلاپ جو ذريعو ڀائيندا آهن. ان حوالي سان سوريءَ لفظ ٻڌڻ سان اسان جي آڏو حضرت عيسيٰ جو نالو ذهن تي اڀري ٿو. هونئن به شاهه سائين جون سڀ علامتون ڪن تصورن ۽ نظرين جي عرفان جو ذريعوآهن.

پتنگ به قرباني ۽ سورهيائي جو سمبل آهي. شاعري ءَ ۾ ان جو استعمال ته شاهه کان اڳ به ٿيندو آيو آهي، پر شاهه جو پتنگ صرف حُسن جي ادا تان قربان ٿيندڙ  پوپٽ ناهي. هي ته هڪ اهڙي علامت آهي جيڪا ڪنهن اعليٰ مقصد تي پهچڻ جو پڪو ۽ پختو ارادو رکي ٿي. اهوئي ڪارڻ آهي جو لطيف سائين جا سڀ پتنگ کڙا تڙا آهن ۽ سِرن جي اجتماعي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ تيار آهن.

پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مــٿي مــــچ،

پسي لهس نه لچئا، سڙيا مـٿي سچ،

سدا ڳچين ڳچ، ويچارن وڃــائـيا.

( يمن ڪلياڻ ؛ 3 ـ 16)

شاهه جا سڀ سورما ۽ سورميون تصوراتي صورت ۾ آيا آهن، هر ڪردار ڪنهن نه  ڪنهن مقصد جي علامت بڻجي پيو آهي. سر سورٺ ۾ راءِ ڏياچ هڪ خاص راجا جي ڪردار ۾ ظاهر ٿيو آهي ۽ ٻيجل جي حيثيت به عام منگتي واري ناهي رهي. ٻئي ڪنهن خاص مقصد تحت ڪم ڪري رهيا آهن. ٻنهي وٽ اها ڄاڻ موجود آهي ته ڪنهن کي ڪهڙو ڪم ڪرڻو آهي. لطيف سائين ٻيجل جي گهرڻ جي انداز ۽ ڏياچ جي ڏيڻ جي انداز کي ڪهڙي طرح نه علامتائيو ( Symbolized) آهي جو تنبوري جي تار  مٿان ڏياچ پنهنجي سر جي ڀيٽا کي هيچ ٿو  ڀانئين.

تنــــد تـــماري تــانُ،  ڪــــهيو سو قبـــول پيـــو،

ســـر ته آهــــي سِــٽ ۾ پر ٻيو ڪو مـــڱج دانُ،

خاڪ مٽي کان بانُ، ڪاٽيا پوءِ ڪــجهه نهين.

(سورٺ ؛ 4 ـ 5)

اصل ۾  وير رس هڪ ذريعو آهي ڪنهن اعليٰ مقصد لاءِ اڪسائڻ جو. ان حوالي سان لطيف سائين پنهنجي قاريءَ کي اهو عرفان ڏيڻ چاهي ٿو ته حياتياتي يا مادي شيون عظيم تر ۽ بين الاقوامي نصب العين آڏو ڪا به حيثيت نٿيون رکن. سر جي ڀيٽا به ابدي خوشي آڏو ڪا حيثيت نٿي رکي.  سندس عقيدي موجب جياپي جو دارو مدار به منصور جيان ڪڏندي ڪنڌ  ڪپائڻ ۾ آهي. اُهيئي قومون زنده رهن ٿيون، جيڪي پنهنجي منزل ڏانهن وڌندي سورهيائي سان سر ڏيڻ کي ترجيح ڏين ٿيون.

سَڀَت پچار پـرين جي، سڀتِ هوت حضور،

ملڪ مڙيوئي منصور، ڪهي ڪهند ين ڪيترا.

 (سهڻي ؛ 9 ـ 2)

 

حوالا

سنديلو عبدالڪريم، ڊاڪٽر ؛ لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو، سنڌالاجي ڄامشورو. 1986 ع.

پرسو جيسارام گدواڻي ؛ شاهه جو شعر، سنڌ ٽائيمس پبليڪيشن الهاس نگر. 1973 ع.

جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر ؛ سنڌي شاعري تي فارسي شاعريءَ جو اثر. سنڌالاجي ڄامشورو، 1980 ع.

سڪمارسين ڊاڪٽر تاريخ بنگله  ادب  ساهتيه اڪيڊمي دهلي، 1975 ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com