سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: شاهه لطيف جو علامتي شعور

 

صفحو :7

سر رامڪلي ۾ تاريخي اهڃاڻ

 

سنڌ سماج جي رهڻي ڪهڻي، ثقافت، معيشت، سياست، روايت، عقيدي، مذهب ۽ مٿ جو هڪ جداگانه نظام آهي جنهن جي آڌار تي اهڃاڻن جو عمل ظهور ۾ اچي ٿو. اهڃاڻ جي هن نظام جي شروعات جيتوڻيڪ شاهه لطيف کان گهڻو اڳ ٿي چڪي هئي، پر ان جي سچي ۽ صحيح شناخت لطيف سائين ڪرائي. سندس ڪلام ۾ جيڪي فن ۽ فڪر جا گهاڙيٽا ۽ فهم ۽ ادراڪ جون گهرايون لڪل آهن، سي سڀ انسان جي عملن ۽ تاريخ سان واسطو رکندڙ سچايون آهن، جن کي سنڌي  سماج جي ناتي سان، اهڃاڻ جي عمل کي سامهون رکي ماضي ۽ مستقبل جي تصوير ڏسي سگهجي ٿي

شاعريءِ جو واسطو جذبن سان گڏ سوچ سان به آهي جيڪڏهن سوچ منطقي ۽ سائنسي بنيادن تي بيٺل هوندي ته اهڙي حالت ۾ لفظ اهڃاڻ جو روپ وٺندا. اديب ۽ شاعر پڻ اهڙي استدلالي سوچ سان پنهنجو مقصد بيان ڪندا آهن. سر رامڪلي ۾ لطيف سائين جيڪي تاريخي اهڃاڻ استعمال ڪيا آهن سي سڀ انساني ڀلائي، پيار ۽ خوبصورتي جي ورکا ڪندا نظر اچن ٿا. منجهن ڪنهن به قسم جي نفرت، ڪدورت ۽ ٻيائي جو شائبو نظر نٿو اچي.

رهيا اٿئي رات، صبح ويندءِ صابري،

لن ءُ لنءُ  منجهه لطيف چئي، ڪرتنين جي  تات،

سنـــدي جوڳـــين ذات، ٻي ڀيري مـس مـڙي.

 (8ـ1)

اهڃاڻن کي عام طور تي ٽن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي، جيئن ته ؛

1 ـ ذاتي،                       2 ـ    روايتي،                   3 ـ    سڀاويڪ

مضمون جي لحاظ کان وري اهڃاڻن کي جاچي ڏسبو ته ان لحاظ سان هيٺيان ٽي قسم سامهون ايندا ؛

1ـ تاريخي اهڃاڻ،      2ـ جاگرافيائي اهڃاڻ،       3ـ فڪري اهڃاڻ، 

تاريخي اهڃاڻ ۾ حياتياتي، نفسياتي ۽ تعميراتي اهڃاڻ شامل هوندا آهن، شاهه سائين پهريون وڏو شاعر آهي جنهن پنهنجي فني مشاهدي ۽ صلاحيت سان شاعري ۾ ذاتي تجربا ڪيا. اهوئي سبب آهي. جو سندس شاعري ۾ ذاتي اهڃان گهڻا نظر اچن ٿا، جيتوڻيڪ اهو عمل نڀائڻ، هر ڪنهن شاعر جي فني سگهه کان گهڻو مٿڀرو آهي.ڊاڪٽر ٻوهيو لطيف سائين جي ذاتي اهڃاڻ جي استعمالي عمل لاءِ لکي ٿو ؛ آءُ ڀانيان ٿو ته هن باري ۾ به حضرت شاهه سائين اسان  جي بهترين اعليٰ آرٽسٽن مان هوندو. جن ذاتي اهڃاڻ ستعمال ڪيو هوندو. (1)

 مضمون جي لحاظ کان رامڪلي کي اسين نئين رخ سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. ان مطابق لفظ رامڪلي  رام ۽

ڪل جو سنگم آهي.

رام کي هندو پنهنجو اوتار ڪري مڃيندا آهن. هي ايوڌيا جي راجا دسرت جو وڏو پٽ هو ۽ پنهنجي پيءُ جي ڏنل وچن کي پوري ڪرڻ لاءِ چوڏهن سال بنواسي ٿي رهيو. هن هڪ تحريڪ هلائي جنهن جو بنياد ي مقصد ذات پات ۽ ڇوت ڇات جي مخالفت هو. انهي ڇوت ڇات واري نظام ۾ روحاني طور تي آزاد ۽ سماجوادي بڻجڻ ڏکيو مسئلو هو. پر رام ائين ڪري ڏيکاريو.

سر رامڪلي کي پڙهڻ کان پوءِ ائين پيو لڳي ته شري رامچندر جي ان عمل ۽ وديا کي شاه صاحب ڪل (خبر يا ڄاڻ) سڏيو آهي جنهن مان رامڪلي ٺهيو. انهي حوالي سان هن سر ۾ رام وديا جي سگهاري ۽ سرت ڀري تعليم ڌنل آهي. هونءَ رامڪلي هنڊول راڳ جي پنجن استرين مان هڪ آهي. شري ڪلياڻ آڏواڻي لکي ٿو ته هن سر ۾ جوڳ ۽ ويراڳ جا خيال سمايل آهن. لطيف سائين هن  سُر ۾ جن جوڳين ۽ لاهوتين جا نشان پتا بيان ڪيا آهن، سي سڀ ان فڪري تحريڪ سان واسطو رکندڙ معلوم ٿين ٿا.

نڪي کڻن پاڻ سين نڪو ساڻن پاڻ،

اهڙا جن اهڃاڻ، آءُ نه جيندي ان ري.

 (1ـ31) 

لطيف سائين پنهنجي سفر هنگلاج ۽ لاهوت ياترا ۾ جوڳين جي تحريڪ کي اکين سان ڏٺو هو ۽ انهن سان گڏجي ساڳي مقصد لاءِ ڪم به ڪيو هئا ئين.

جوڳين جي ان تحريڪ (رام ڀڳتي تحريڪ) کي برصغير ۾ وڏي اهميت حاصل آهي. هي تحريڪ پندرهين ۽ سورهين صدي عيسو ي جي هندو توڙي مسلمان دانشورن جي سوچ جو منطقي نتيجو هئي. انهي نڪته نظر کي سامهون رکندي، ڪيترن ئي ويدانتي ۽ تصوف سان واسطو رکندڙ دانشورن انهي عمل کي اڳتي وڌايو. هن تحريڪ جو بنيادي رڪن رامانج کي چئي سگهجي ٿو. رامانج پنهنجو زياده تر توجهه گهٽ ذات وارن هندن ڏانهن رکيو هو.(2) جيئن ته رام پاڻ سماجوادي شخصيت هو تنهن ڪري هن تحريڪ جو بنيادي مقصد ذات پات جي مخالفت ۽ انسانيت، محبت ۽ يگانگت جو درس هو. انهي تحريڪ کي اڳتي وڌائڻ ۾ برصغير جي ڪيترن شاعرن اهم ڪردار ادا ڪيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ؛

ڪبير، گرو نانڪ، دادو ديال،سمن، تلسي، رحمان ۽ ڪالو و غيره جا هندي دوها، سنڌ ۾ به عام مروج ۽ مقبول هئا. ڀٽائي صاحب جهڙي اهل دل ۽ عارف وٽ به انهن جو قدر هو. ڀٽائي صاحب وقت بوقت انهن دوهن کي دهرايو۽ انهي ڪري ئي اهي دوها ڀٽائي صاحب جي رسالي ۾ سر بيراڳ هندي هيٺ هڪ اهم باب جي صورت ۾ قلمبند ٿيا. (3)

لطيف سائين سر رامڪلي ۾ جن ماڳن، مڪانن توڙي اوتارن، تيرٿن ۽ شخصيتن جي تاريخي اهميت ۽ ڪرداري سگهه کي بيان جي ذريعي اجاگر ڪيو آهي، تن سڀني جي لطيف جي اظهاري قوت ڪري ڪردار کان وڌيڪ اهڃاڻي حيثيت ٿي پئي آهي. اهي سڀ اهڃاڻ، سنڌي سماج جي نفسياتي مامرن ۽ منطقي نتيجن جي حاصلات جو سبب بنيا. اچو ته هيٺ انهن مان ڪن خاص اهڃاڻن جي تاريخي حيثيت تي هڪ نظر وجهون.

هنگلاج ؛ لس ٻيلي ۾ 30، 35 اتر ۽ 31، 65، اوڀر ويڪرائي ڦاڪ ۾ هنگلاج پهاڙ تي سمنڊ جي سطح کان هڪ هزار کن فٽ مٿي هنگلور نديءَ جي عربي سمنڊ جي ڇوڙ واري هنڌ کان 15 ـ18 ڪلو ميٽر کن اڳتي هڪ سوڙهي وادي ۾ آهي. هنگلاج جي ڏکڻ ۾ مالن (Malan) پهاڙ آهي. هتان هالار جبل جي پڇڙي ۾ مڪران جي سامونڊي ڪناري واري جابلو سلسلي جي شروعات ٿئي ٿي.

هنگلاج واري ماڳ کي اڪل پنٿ به چون ٿا. هتي هڪ ديويءِ جو مندر آهي جنهن کي مسلمان ناني ۽ هندو ڪالي، امبا، پار بتي ۽ درگا ماتا وغيره چون ٿا.

مٿيان سڀ اهڃاڻي نالا ماتا جي شڪتي جو اظهار آهن. هندو ديومالا واري ڊڪشنري مطابق هن کي مهاديوي (شوجي زال)، پاربتي (پربت جي ڌيءُ)،مهاوت ( هماليه جي ڌيءُ) ديوي چون ٿا شوجي مونث سنگهه آهي، هن جا ٻه رخ آهن، هڪ جمالي ۽ ٻيو جلالي. سندس ٻيو رُخ پوڄيو ويندو آهي. سندس جمالي رُخ اما آهي. ٻيا نالا اٿس گوري، هيماوتي، جگن ماتا ۽ ڀواني ماتا. سندس هڪ شديد رخ درگا به آهي.

لاهوت لامڪان ؛ ڪراچي کان اتر اولهه طرف اٽڪل 30 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي، بلوچستان جي ضلعي خضدار جي علائقي سارونه جي ويجهو آهي. لاهوت لامڪان جي اهڃاڻي حيثيت ان مان لڳائي سگهجي ٿي جو هڪ روايت موجب هتي سوالک نبي سڳورا ۽ ولي الله عبادت ڪري چڪا آهن. اهوئي سبب آهي.جو پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ملنگ، لاهوت تي حاضري ڀرڻ ايندا آهن لاهوت تي ايندڙ هر ماڻهو کي لاهوتي سڏيو ويندو آهي.ٻي معنيٰ ۾ اهي رنگجي ريٽا ٿيندا آهن ۽ پوءِ اهي به ڪنهن منزل تي پهچائڻ جي ضمانت بڻجي پوندا آهن.  لاهوت ڪرڻ وارن لاءِ ضروري آهي ته اڳ ۾ هاهوت ڪجي اها هڪ اهڙي سوڙهي دري يا غار آهي جنهن کي پرک جي دري به چوندا آهن.

 شِو مهاديو ؛ کشترين جو ديوتا آهي. شو بنيادي طور تي غير آريائي خدا آهي،  اڻ آريا ان جي پوڄا ڪندا هئا. هندن جي عقيدي موجب ٽن مکيه ديوتائن مان شومهاديو به آهي. اهي آهن ؛

1ـ      برهما ـ تخليق ڪندڙ

2 ـ     شِو ـ تباهه ڪندڙ

3ـ      وشنو ـ حفاظت ڪندڙ

ترشنا برهما جي ٽنهي شڪتين جي اهڃاڻي صورت آهي.

 ناٿ ؛ ناٿ لفظ جي معنيٰ آهي مالڪ ايشور ۽ ڀڳوان وغيره. اهي گوسوان قابل ۽ اِندرين کي جيتڻ وارا هئا يا اِندرين جا مالڪ بڻجي، غالب پئجي ويا ۽ انهن کي ئي ناٿ سڏيو ويو. هندي شاسترن ۾ چيل آهي ته ناٿ اپاڌي ڌاري گوسوامي پوري طرح شو جا ڀڳت آهن ۽ شنڪر ڀڳوان انهن جو مکيه ديوتا آهي. ناٿ جا ٻه قسم آهن. هڪڙا اهي جيڪي ناد مان پيدا ٿيا ۽ ٻيا اهي جيڪي ٻوند (بود) مان پيدا ٿيا. اهڙي طرح يوگ گرنٿ ۾ نو (9) ناٿ مڃيا ويا آهن.

1- شري گرو مڇيندر ناٿ، 2-   شري گرو گهِني ناٿ، 3- شري گرو جوالندر ناٿ، 4- شري گرو ڪاريڻيا ناٿ، 5- شري گرو چرينٽ ناٿ، 6- شري گرو ريوڻناٿ، 7-شري گرو ناگ ناٿ، 8-    شري گرو پرٺ ناٿ ۽ 9- شري گرو گوپيچندر ناٿ.

هندي علم مطابق جيڪي به منتر پڙهبا آهن ته انهن ۾ واسطا يا ڊوهيون نون  ناٿن جون وڌيون وينديو ن آهن.هندي ڏند ڪٿا مطابق اهي ماري ۽ وري جيئاري به سگهندا هئا.  سنڌ ۾ قاضي قاضن کان وٺي شاهه لطيف تائين پنٿي پيغام جو اثر نمايا ن نظر اچي ٿو.

 گرو گورکناٿ ؛ گرو گور کناٿ، شري گرو مڇيندرناٿ جو چيلو هو پر گورکناٿ ڄاڻ ۾ استاد کان اڳتي نڪري ويو. هن پنهنجو وڏو مرڪز سيوستان کي ٺاهيو ۽ ٻيا ننڍامرڪز شاهه لاهوت، ڪراچي، ماري پور، آمري تلاءُ ۽ هنگلاج تي ٺاهيائين. هنگلاج وارو انيل کوه گورکناٿ سان منسوب ڪيو وڃي ٿو.              

 گرو گورکناٿ جدا پنٿ قائم ڪيو. سندس متوهو ته دنيا ۾ ڪوبه اونچ نيچ ناهي ۽ انسان سڀ برابر آهن.

سنياسي ؛ سناسين جا ٻه ڀيد آهن، هڪڙا اهي جيڪي استري (زال) هوندي به ڪرم ڀوڳ ۽ سنياس جي سکيا وٺندا هئا، ۽ ٻيا اهي جيڪي گرهست ۾ رهي ڪري گيان جو اپديش وٺي عمر جي چوٿين حصي ۾ سنياس وٺندا هئا

گنگا؛ هي ندي ڪيلاش پربت جي مانسروور ڍنڍ جي مور منهن (peacock) مان نڪري ٿي،۽ هندن وٽ نهايت پوتر ليکي وڃي ٿي. ڪيلاش پربت لاءِ هندن جو عقيدو آهي ته شو مها ديو اتي رهي ٿو ۽ گنگا ان جي چٽائن ( وارن) مان وهي اچي هيٺ پهچي ٿي، هن کي آسماني ندي به چئجي ٿو. هن ندي جو  جتان وهڪرو ٿئي ٿو. اتي ڪيترا اشنان گهاٽ جوڙيا ويا آهن. جتي لکن جي تعداد ۾ هندو اچي شنان ڪري پنهنجا پاپ ڌوئن ٿا.خاص طور تي بنارس انهي سلسلي ۾ مشهور آهي.

ناگو (نانگو) ؛  ڏهن ياٻارنهن سالن جي شيوا پوري ڪرڻ بعد ۽ پوري سکيا کانپوءِ چيلي کي سڌ گرو يا جماعت هن کي نانگو بنائڻ جي لائق سمجهندي هئي، تڏهن هن کي نانگو بڻائي ڇڏيندا هئا. ناگا بنائڻ لاءِ خاص اسٿان ۽ وقت مقرر هئا. جيئن هريدئار جو ڪنڀ، جيڪو مشيس سنڪراتي 1938 ع ۾ ٿيو پرياگ جو ڪنڀ جيڪو مڪر سنڪراتي ۾ 1940ع ۾ ٿيو گوداوري جو ڪنڀ جيڪو سنگهه سنڪراتي ۾ 1944ع ۾ ٿيو.  اجين جو ڪنڀ جيڪو 1945ع گرمين ۾ ٿيو ۽ هر هڪ موقعي تي 100 کان 150 تائين ناگا بڻايا ويندا هئا. اهو انديشو هو ته متان ڪنهن نانگي کي استري ڀوڳ جي خواهش ٿئي،ان لاءِ تنگ توڙ (خصي ڪرڻ) جي رسم به هلندي هئي مگر اڄ ڪلهه سناسي ناگن ۾ اها رسم ڪانهي ۽ بلڪل بند آهي. سر رامڪلي ۾ آيل اهڃاڻي شخصيتن ۽ ماڳن مڪانن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو ؛

 

سر رامڪلي ۾ جيڪي اهڃاڻي شخصيتون بيان ڪيل آهن سي سڀ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان انساني رهبري، وديا ۽ اهنجن ۽ انيائن کي هٽائيندڙ هستيون ۽ قرب پيار جي نور سان ٽمٽار نظر اچن ٿيون.

مونا    طور    سينا،   سـندا   سنـاسين،

پورب  کنيو  نه  پاڻ  سين  بود بيراڳــــين،

ردا  آهــــي راز جـــي، اوڇـــن آديسيـــن،

قرب  ڪاپڙين، نهن چوٽي سين  ڍڪيو،

 (5 ـ2)

هن سر ۾ ڪم آيل تاريخي ماڳ مڪان به اهڃاڻي حيثيت جا حامل آهن. اهي سڀ هنڌ ۽ جايون تيرٿ ۽ تڪيا جتي روحاني آنند، ڪلياڻ ۽ سڪون جو سبب آهن، اتي سماجي ۽ نفسياتي مسئلن کي نبيرن ۽ نتيجن حاصل ڪرڻ جا مرڪز پڻ آهن حاصل ڪلام ته سر رامڪلي ۾ اجتماعي سوچ ۽ ڪوشش جي اپٽار، انسان جي حرمت ۽ نفس تي ضابطي جا عملي گر ڏسيا ويا آهن. ان سان گڏ هن سر ۾ انساني زندگي کي تڪليفون ۽ تن تسيا ڏئي، آسان بڻائڻ جا اصول، سونهن کي پائڻ، شر کان حفاظت ۽گرو جي گس لڳڻ جا پيچرا به ڏيکاريا ويا آهن.

گل گل ڏسي گودڙيا، گهڻا م  ڀانـــــئيج،

سوئي سڃاڻيج، هيءُ هو آهي هيڪڙو.

 

 

حوالا

(1) گرامي غلام محمد ؛ سماهي مهراڻ سنڌي ادبي بورد ڄامشورو. اپريل ـ سيپٽمبر 1975 ع ص ـ 73

(2)  قاضي جاويد ؛ برصغير ۾ مسلم فڪر ڪا ارتقا نگارشات لاهور 1986 ع ص ـ 71

(3) سماهي مهراڻ سيارو 1955 ع مقالو بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر : سنڌي ۽ هندي شاعري جو لاڳاپو ص ـ 117

 

 

سر سورٺ جو مطالعو

 

ڪاٺياواڙ، اڳوڻيءَ سنڌ جي سرحدن ۾ شامل ۽ هاڻوڪيءَ سنڌ جي ٿر ۽ لاڙ واري علائقي سان ڳنڍيل آهي. ماڻهو پاڻ ۾ سماجي توڙي ثقافتي طور ايترو ته ويجها آهن، جو جدا جدا مذهبن جي باوجود سندن رسمون ۽ رواج بلڪل هڪجهڙا آهن. راءِ ڌياچ سنڌي سمن جي خاندان، چوڙا راجپوتنمان هو. سندس گاديءَ جو هنڌ جهوناڳڙهه هو، راءِ ڏياچ کي، راءِ دياس به سڏيندا آهن انيراءِ گجرات (سوراشٽر) جو حاڪم هو. گجرات ۽ ڪاٺياواڙجا حاڪم ٻن نسلن کان هڪٻئي جي خلاف هئا. گرنار هڪ اهم ۽ پوتر پهاڙ آهي جتي تيرٿ ياترا لاءِ هر سال هزارين ماڻهو ايندا رهن ٿا.

سورٺ، ڏياچ جي پٽ راڻي هئي ۽ ٻيجل سوراشٽر جو چارڻ هو جنهن پنهنجي فن سان موسيقي جي دنيا ۾ وڏو نالو ڪڍيو هو سورٺ سان منسوب ٻه قصا آهن؛ هڪ ڪاٺياواڙي ڪهاڻي ۽ ٻي سنڌي. ڪيئن به هجي، پر اهو گمان مڃتا ماڻي چڪو آهي ته سورٺ ڄمندي ئي ڪٽنب کان وڇڙي پراون درن تي پلجي جوان ٿي ؛ پر مالڪ کيس ور اهڙو ڏنو هو، جو ننڍپڻ جا سور ۽ درد کيس ياد ئي ڪونه رهيا. قدرت به عجيب رنگ رچي ٿي هن اڃا سهاڳ جو جوڙو به ڪونه مٽيو  هو، اڃا پريت جي ريت نڀائڻ لاءِ پهرين وک وڌائي هئائين ته کيس ڏهاڳ ڏسڻو پيو.

راءِ ڏياچ سندس سونهن تي اهڙو موهت هو، جو جڏهن هوءِ گهمندي هئي ته سندس وک وک تي گلن جون پٿرڻيون وڇائبيون هيون. هن جي هڪ مرڪ تي سوين ٻانهيون قربان ٿينديون هيون ۽ هن جي هڪ جنبش تي هزارين دايون ۽ داسيون حڪم جي پورائي ءَ لاءِ هڪيون تڪيون کڙيون هونديون هيون. سورٺ سوچيو به ڪونه هو ته اوچتو اهڙي ڪا پن ڇڻ جي هوا گهلندي،جو سندس ور کيس سدائين جو ڏهاڳ ڏئي، هيئن اڪيلو اداس ڇڏي هليو ويندو. محل جي هر ڪنڊ هر دالان، هر ڪمرو ۽ ڪياري سندس جسم جي مهڪ سان ٻهڪندي رهندي هئي. هڪ ڏينهن حسب معمول هوءَ محل جي باغ ۾ هوريان هوريان هلي رهي هئي. پٺيان ناز سهندڙ، چاهت جو پيڪر، راڄ جو راڻو راءِ ڏياچ اچي رهيو هو. سورٺ جي هلت ۾ اڄ البيلائي هئي، ناز هو ۽ پنهنجائپ هئي. شايد اڄ سونهن ۽ چاهت جو آخري سنگم ٿي رهيو هو. اوچتو سرهاڻ ڀري وايو منڊل ۾ هڪ ٻانهي جو آواز  اڀريو ته جهونا ڳڙهه جي شهر ۾ هرپاسي ۾  اهو چوٻول آهي ته گرنار ۾ ڪو عطائي آيو آهي، جنهن جي طلب ۽ تونس نهايت عجيب ۽ انوکي آهي. هو نه حڪومت ۽ نه شان شوڪت طلبي ٿو، پر سودو سر جو ڪرڻ چاهي ٿو ؛

سر مڱي، سر گهري، سر رِي ٿئي نه صلاح

ٻيجل عطائي نه، بلڪ ماهر سر ندي نواز هو. هن کي پنهنجي فن تي پورو ڀروسو هو. فني ڄاڻ ۽ خوبين جي ڪري، هن جي طلب ۽ تنوار وڌيڪ مؤثر ۽ پختي ٿي وئي. جڏهن.گرنار جي گهٽين ۾ تنبوري جي تند ۽ تار، رون رون ۽ رس گڏجي گونجڻ لڳا ته محل جون دريون کلي ويون. دايون ۽ ٻايون شهزادا ۽ شهزاديون راڻي ۽ بادشاهه سڀ چارڻ جي چنگ جي راڳ ۽ آلاپ کي سڻڻ لاءِ بيتاب ٿيڻ لڳا.

جاجِڪ جهونا ڳڙهه ۾، ڪو عطائي آيـــو،

تنهن ڪامل ڪڍي ڪينرو، ويهي وڄايو،

شهر   ســـڄو ئي  سُـــر سين تـــندن  تــپايو،

دايون    درمانديون  ٿــــــيون،   ٻاين   ٻاڏايو،

چارڻ   ٿي   چايو ،   ته   ماري   آهي   مڱڻو.

 (2 ـ1)

شاهي حڪم سان ٻيجل کي ڏياچ آڏو پيش ڪيو ويو. ڏياچ منگتي جي ساز جي ساراهه ڪندي چيو ته تنهنجي سرندي ته منهنجي من ۾ مانڌاڻ مچائي ڏنو آهي. خبر ناهي ته اها ڪهڙي ڪشش ۽ سوز تنهنجي سرندي ۾ سمايل آهي، جو آءُ چاهيان ٿو ته تنهنجي هر بکيا کي مان ڏيان. چارڻ ته سر جو سوالي هو، تنهن سر جي سئن

هنئين. ڏياچ ٻيجل جي اهڙي انوکي طلب تي سرهائيءَ سان وراڻيو ؛

جاجــڪ! تو جـــهار، ڏهــه ڏهه ڀيرا  ڏياچ چئي،

جنــهن ۾ مال نه مِـرِءَ جيترو، تنهن تون طمعدار،

جي اچئي ڪم ڪپار، ته ويهه  ڀيرا وڍي ڏيئين.

 (3 ـ 6)

جيتوڻيڪ سورٺ، ٻيجل کي انهي ءَ گهر کان روڪڻ لاءِ سوين لالچون ۽ سوغاتون آڇيون، منٿون ۽ ميڙون ڪيون، نياڻين جو ننگ وڌائين، پر منگتو هڪ ئي پير تي اها صدا هڻندو رهيو ته، مٿي ريءَ ملوڪ جي، چارڻ نه چرندو،جيئن ته راءِ ڏياچ ساز ۽ آواز جو عاشق، سورهيه ۽ سخي مرد ۽ مخالف انيراءِ سندس سخاوتي روين کان چڱيءِ پر واقف هو. هن سندس اهڙي خاصيت مان فائدو وٺندي، ٻيجل جهڙي  ماهر سرندي نواز کي، سندس سروٺڻ لاءِ منتخب ڪيو ۽ اهو انتخاب هر لحاظ سان پورو هو. شاهه سائين انهي ءَ نڪتي کي هيٺينءَ طرح نروار ڪيو آهي ؛

موٽي مڱڻهار، شال  م  اچين  ڪڏهـــين،

اٺئي پهر اجل جو، ڪنڊو منجهه  ڪپار،

جُھ  تو  سڀ  ڄمار،  هنيا  ڇٽ  پٽن  تي .

(2 ـ 15)

هن بيت ۾، مڱڻهار، مڱڻهار ناهي، پر اهو مڱڻهار جي حيثيت کان اڳتي وڌي هڪ اهڃاڻ ٿي ٿو وڃي. عام مڱڻهار خطرناڪ ناهي، ان کي اجل جو ڪنڍو منجهه ڪپار ناهي اهو مڱڻهار ڇٽ، پٽن تي هڻي نٿو سگهي. رڳو هڪڙو فنڪار ٻيجل ئي آهي، جيڪو فنڪار جو اهڃاڻ آهي، جيڪو وري وري ٿو اچي ۽ ڇٽ پٽن تي ٿو هڻندو رهي. اهو صحيح معنيٰ ۾ فنڪار آهي جنهن آڏو تاج، تخت يا حڪو مت  ڪا به معنيٰ نٿيون رکن.(1)

بيت جي ظاهري سچوئيشن مطابق اهو ڪلاڪار وري وري اچي ٿو اهو ڪلاڪار سپر طاقت جو ڊپلوميٽ به تي سگهي ٿو جنهن کي پنهنجي ڄاڻ ۽ فن تي عبور آهي. ان جي آڏو ڪو به تخت يا حڪومت ڊاهڻ ڏائي هٿ جو کيل آهي (2)

جيئن ٻيجل انيراءَ جي اشاري تي پنهنجي فني صلاحيت سان ڏياچ جي تخت کي اونڌو ڪري ڇڏيو. اهڙا ڪردار ۽ اهڙا انسٽرومينٽ (ساز) جيڪي ڪنهن حڪومت يا ملڪ کي مليا ميٽ ڪري سگهن، تن سڀني کي ٻيجل ۽ سندس سرندي سان علامتائي (SYMBOLIZED) سگهجي ٿو ؛ ڇو ته سڀئي سپر طاقتون ۽ سڀ طاقتور ماڻهو پنهنجي مقصد جي حاصلات لاءِ بين الاقوامي توڙي اخلاقي پابنديون اورانگهڻ لاءِ پنهنجا ڇاڙتا ۽ ايجنٽ استعمال ڪرڻ ۾ ڪا قباحت محسوس نه   ڪنداآهن.

انيراءِ ظالم قوت ۽ ظلمت جو اهڃاڻ هو، جنهن جي روش ڪنهن به طرح اجتماعي ڪانه هئي ؛ پر هن انفرادي مقصد لاءَ اهڙا حربا هلايا جن سان وقتي طور هن کي اهڙي ڪاميابي ملي، جيڪا ڪنهن مضبوط بنيادن تي ٻڌل ڪانه هئي. اهڙيون تخريبي قوتون، هر دور ۾ اينديون رهنديون ۽ پنهنجي مقصد لاءِ ٻيجل جهڙن ماهر فنڪار، سائنسدانن، ڪيميادانن ۽ ٻين کوڙ سارن شعبن جي ماهرن کان، محسوساتي يا غير محسوساتي طور تخريبڪاريءَ جو ڪم ڪرائينديون رهنديون.

ڏياچ ان جي برعڪس سادگي، پاڪائي ۽ سخاوت جي سمبل ۾ پيش ٿيو آهي جنهن کي پنهنجي وچن نڀائڻ ۽ سخاوت ڪرڻ ۾  مڪتي ((salvation   نظر اچي ٿي. هن جي آڏو سر، ملڪ ۽ حڪومت ڪا حيثيت نٿا رکن. اهڙا اعليٰ انسان به هر دور ۾ ايندا رهندا ۽ پنهنجي عمل ۽ ساک سان دنيا کي سماجي سورن (SOCIAL  UN   REST) کان بچائڻ لاءِ جتن ڪندا رهندا.

سورٺ هڪ اهڙو اهڃاڻ آهي، جيڪو ڏياچ جهڙن ڪردارن جي حفاظت لاءِ ساڻن گڏ گڏ ڪم ڪندو رهندو آهي ۽ جڏهن هو ڪوشش جي باوجود چڱائي ۽ طاقت جي سرچشمي کي بچائي نه سگهندو آهي ته پوءِ پاڻ به اهڙي ماحول ۾ رهڻ بدران، ان سان گڏجي مڪتي کي ترجيح ڏيندو آهي.

ٻيجل جي ڪردار کي لطيف سائين اهڙي علامت ۾ پيش ڪيو آهي، جيڪو پنهنجي فن، فڪر ۽ معلومات مان ناجائز فائدو حاصل ڪرڻ کان ڪيٻائي نٿو، هو هڪ ماهر سرندي نواز آهي، جنهن کي سُر تي مڪمل  مهارت  آهي. اهو فنڪار پنهنجو فن ٽڪن تي وڪڻي، انساني بهتري بجاءِ تخريبي سرگرمين ۾ شامل ٿي ٿو وڃي. ٻيجل جو ڪردار عام مڱڻهار کان مٿي هڪ علامتي روپ ۾ نروار ٿيو آهي. هو مهان شخص راءِ ڏياچ جي سخاوت ۽ سماجي ڀلائيءِ واري راڄ کان راضي نه آهي، بلڪ هو دشمن قوتن جو ڇاڙتو ۽ ٽڪن تي وڪاڻل آهي، ان ڪري راءِ جي راڄ کي ختم ڪرڻ جي ڪڍ آهي.

تاريخي طور تي ڏسبو ته سنڌ ۾ هي داستان سمن جي سماجي ۽سياسي ڊپلوميٽ روين جي ڪري مشهور ٿيو. سما حڪمران خاص ڪري راءِ ڏياچ سخاوت ۾ مشهور هو ۽ اهڙي قسم جي دان ڏيڻ جا واقعا کيس پسند هوندا هئا. شاهه سائين هن سر ۾ سورٺ کان وڌيڪ ڏياچ کي انهي ڪري اجاگر ڪيو آهي، جو هڪ ته شاهه صاحب وٽ موسيقي جي اهميت اتم هئي ۽ ٻيو ته ٻيجل ان دور جو اهڙو ته جاجڪ هو، جيڪو پنهنجي فن ذريعي هر ڪنهن  ڪم کي تڪميل تي پهچائي پئي سگهيو. هونئنءَ ته ماهر فنڪارن ۽ موسيقارن کان سنڌ ڪڏهن به خالي ڪانه رهي آهي، پر ٻيجل جهڙو با اعتماد فنڪار، جيڪو پنهنجي فن ذريعي شاهن جا ڇٽ پٽن تي هڻڻ جو گر ڄاڻي پيو، تنهن ڀٽائيءَ کي موهي  وڌو. ٻئي پاسي ڏياچ جهڙي  جهوناڳڙه جي وڏي حاڪم، ساز ۽ موسيقي تي موهت ٿي، دنيا جون ساريون خوشيون ۽ خوبصورتيون ڇڏي، سر جهڙي وڏي دان ڏيڻ ۾ ڪا هٻڪ محسوس ڪانه ڪئي ته اها ڳالهه به ڀٽائي ءَ کي ڏاڍي وڻي. انهن واقعن ۽ سببن جي ڪري هن فخري طور راڳ جي رس ۽ اثر جي قوت کي محسوس ڪيو ۽ سندس اعليٰ فهم، راڳ جي نوعيت بابت اهو نڪتو نروار ڪيو ته راڳ اهو جو دلين تي اثر ڪري. (3)

لطيف سائين چاهي ها ته سورٺ جي سونهن سوڀيا ۽ قرباني سان گڏ سندس درد ۽ فراق جو ذڪر به ڪري ها، پر هر هر سندس ذهن تي ٻه اهم ڪردار حاوي رهيا ۽ پاڻ جذباتي طور انهن ڪردارن سان اهڙو ته منسلڪ ٿي ويو، جو پنهنجي هڪ اهم سورميءَ سورٺ جي ڪردار جي اها ڊرامائي تشڪيل ڪري نه سگهيو ۽ نه وري انهن جذبن کي لفظن جو روپ ڏئي سگهيو، جيڪي سورٺ جي من ۾ ڏياچ جي ڏهاڳ وقت پيداٿيا. پر ٻين شاعرن وٽ انهن جذبن جو اظهار ملي ٿو ؛

سورٺ مڱڻهار کي، جــال ڀري جانا،

اسـين ٻـئي، ٻه ڄڻا، ٻيجل جا ٻانها،

ڇڏ تندن جا طعنا، موٽي وڃ تون منگتا! (4)

مطلب ته هي قصو سخاوت، همت، حوصلي ۽ سورهيائيءَ جو اهڙو مثال هو، جو اڄ به هر سنڌي ۽ هر مقصدي ماڻهو، ڏياچ جي اهڙي عمل تي فخر ٿو محسوس ڪري. لطيف سائين جون ڇهه لوڪ ڪهاڻيو ن پيار جي عنوان تي مشتمل آهن، پر هڪ ئي ڪهاڻي سورٺ، موسيقي ءَ سان پيار جي عنوان تي ٻڌل آهي.

هرعورت جي ڪهاڻي هونئن ته انسانيت جي ماءُ جي ڪهاڻي ءَ طور بيان ڪري سگهجي ٿي، پر هتي سورٺ جو روپ هڪ اهڙي سنڌي عورت جو روپ آهي، جيڪا راڄ ماتا (جيڪا راءِ ڏياچ جي اصل ماءُ آهي) کان هڪ قدم اڳتي وڌي. ٻيجل جي ٻانهي بڻجڻ چاهي ٿي ؛ پر ڏياچ تي ڏِ نگو ڏينهن ڏسڻ نٿي چاهي. اها سورٺ ئي آهي جيڪا جڏهن پنهنجي ور کي بنهه بچائي نٿي سگهي ته پوءِ پاڻ به ڏياچ جي ڏولي سان ستي بڻجي ٿي.

اصل ۾ اهي ٻئي ڪردار سنڌ ڌرتيءَ جا لازوال، نرالا ۽ حيرت انگيز ڪردار آهن. هڪ پاسي ڏياچ سخاوت جي ساک رکڻ لاءِ ساز ۽ وچن تي سر ڏنو ته ٻئي پاسي سورٺ پنهنجي پتي ۽ پيار جي خاطر جيئري ستي بڻجي پاڻ ملهايو.

جيڪا ڌرتي موسيقي سان محبت ڪري ٿي، سخاوت کي سونهن سمجهي ٿي، وچن کي حڪم ۽ پيار کي امر ڄاڻي ٿي، اها ڪابه قرباني ڏيڻ کان ڪڏهن ڪين ڪيٻائيندي آهي ۽ اها حيثيت سورٺ ۽ ڏياچ ماڻي، سدائين لاءِ امرٿي ويا.

تند  تمهاريءَ  تان،  ڪهيو  سـو  قـبول  پـيو،

سر  ته  آهي  سٽ  ۾،  ٻيو  ڪي  مڱج  دان،

خاڪ مٽي ڪابان، ڪاٽيا پوءِ ڪجهه نهين.

 

حوالا

 (1) عباسي تنوير ؛ شاهه لطيف جي شاعري شاهه لطيف ثقافتي سوسائٽي،ڪراچي، 1976 ع، ص 146

(2) سڌايو غلام نبي، ڊاڪٽر ؛ شاهه جي شاعري ءِ ۾ علامت نگاري ، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز 1992 ع ص357

(3) بلوچ نبي بخش خان،ڊاڪٽر ؛ سنڌي موسيقي جي مختصر تاريخ ڀٽ شاه ٽقافتي مرڪز 1978 ع ص 153

(4) مرليڌر جيٽلي ؛ اوائلي شايع ٿيل لوڪ ڪهاڻيون (راِ ڏياچ جي لوڪ ڪهاڻي) اصل ڀرتيه سنڌي ساهتيه پريشد، انديا، ص 55

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com